Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, October 12, 2019

هڪ دفعو وري سعوديه جي ثالثي؟

PPP, Fazal, Saudia mediation, PMLN, 2019 

سعوديه جي حڪومت ۽ اپوزيشن پارٽين ۾ ثالثي؟

نيٺ اپوزيشن جون مُک جماعتون مولانا فضل الرحمان واري نقطي تي وڃي پهتيون آهن. ان ۾ مولانا جو ڪمال پنهنجي جاءِ تي پر وڏو ڪمال حڪومت جو آهي، جنهن اپوزيشن جي ٻن وڏين جماعتن جا گس بند ڪري ڇڏيا. هن کان اڳ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ڌرڻي جي تاريخ اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ زور ڀري رهيون هيون. ان ۾ ڪجهه نومبر مهيني جون نزاڪتون هيون ته وري ڪجهه ماڻهن ۾ حڪومت مخالف جذبا وڌڻ لاءِ گهربل وقت هو. ان سان گڏو گڏ اها ڳالهه اهم هئي ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ تحريڪ جي قيادت ۽ ان کان پوءِ ٿيندڙ اثر ۽ نتيجا پنهنجي پنهنجي هٿ ۾ رکڻ پئي گهريا.
هاڻي پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چوي ٿو ته اسان جا سڀ رستا بند ڪيا ويا آهن. هاڻي وٽن مولانا فضل الرحمان سان سهڪار ڪرڻ جو ئي رستو بچيو آهي. ساڳي صورتحال نواز ليگ جي آهي. نواز شريف کي چوڌري شگر ملز واري ڪيس ۾ به ملوث ڪيو ويو آهي. سندس پارٽي جو موقف اهو آهي ته پارٽي کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي. ٻئي طرف پراڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ باوجود گرفتار اسيمبلي ميمبرن کي ايوان ۾ نٿو آندو وڃي. حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ نواز ليگ پنجاب ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين تان استعيفا ڏيڻ جو فيصلو پئي ڪري.
خيبرپختونخواهه جي وزيراعليٰ چيو پئي ته هو ڪنهن کي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ ڪونه ڏيندو. ڪير هتان لنگهي ته ڏيکاري. اصل ۾ جي يو آءِ پنهنجي ڌرڻي جي شروعات سنڌ جي شهر سکر مان ڪرڻ ڏي وڃي پئي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي اها خبر هئي، ان ڪري هن شينهن ٿيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. حڪمت عملي اها آهي ته سنڌ ۽ پنجاب کي به سرگرم ڪجي ۽ ڌرڻي ۾ شامل ڪجي. بلاول ڀٽو سنڌ حڪومت ۽ پارٽي جي صوبائي قيادت کي هدايتون ڏيئي چڪو آهي ته جي يو آءِ کي ان ڪم ۾ هر ڪا مدد ڪئي وڃي.
مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جي ڪاميابي ۽ ناڪامي بابت تجزيه نگار ۽ سياسي اڳواڻ مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن. سندن خيال آهي ته اهو ڌرڻو حڪومت کي هٽائي نه سگهندو. ڏٺو وڃي ته ڪوبه هڪ ڌرڻو يا هڪ تحريڪ ڪنهن به حڪومت کي هٽائي نه سگهندي آهي. لڳاتار ننڍيون وڏيون تحريڪون هلنديون آهن. ان ذريعي حڪومت ايڪسپوز ٿيندي ۽ پوئتي هٽندي ويندي آهي ۽ نيٺ اهو فيصلائتو موڙ ايندو آهي جو ان کي وڃڻو پوندو آهي. ان سڄي عمل ۾ ڪابه حڪومت هجي، پنهنجا حامي ۽ اتحادي وڃائيندي رهندي آهي. ساڳئي وقت حڪمران طبقي کي به پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ هو اهو ڏسندو آهي ته ڪو ٻيو به آپشن موجود آهي. ان ڪري اهو چوڻ ته ڇاڪاڻ ته “وڏيون ڌريون” حڪومت سان گڏ بيٺل آهن، تنهن ڪري ڪجهه نه ٿيندو. ايترو صحيح ناهي. اهي ڌريون به آخر ڪيترو ساٿ ڏينديون. جڏهن اهڙيون وڏيون تحريڪون هلنديون آهن ته اهي حڪومت کي ڀلي ڪيرائي نه سگهن پر زخمي ضرور ڪري ڇڏينديون آهن. ان ڪري اهڙين تحريڪن جي پنهنجي هڪڙي اهميت آهي. ان ذريعي جيڪڏهن حڪومت زخمي يا ڪمزور ٿئي ٿي ۽ جيتري به پوئتي هٽي ٿي اها سياسي ڌرين جي ڪاميابي آهي.
هن سڄي منظر نامي ۾ هڪ نئين ڳالهه شامل ٿي آهي، سا اها ته مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ سعودي عرب جي سفير سان ملاقات ڪئي آهي. خبرون آهن ته سعودي سفارتڪار سان هڪ اعليٰ سرڪاري عهديدار به ملاقات ڪئي آهي. حڪومت جنهن ڪالهه تائين مولانا فضل الرحمان کي ڊيڄاريو پئي ۽ داٻا پئي ڏنا تنهن نيٺ ٽياڪڙي لاءِ هڪ غير ملڪ کي شامل ڪيو. اسلام آباد مان ايندڙ خبرن موجب سعودي سفير سومر ڏينهن اسلام آباد پهتو هو. چيو پيو وڃي ته هو هلندڙ هفتي دوران ئي واپس وطن ويندو. پنهنجي رپورٽ سعودي بادشاهه کي پيش ڪندو. اها ڳالهه به اهم آهي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ وزيراعظم عمران خان ته سعوي عرب وڃي رهيو آهي. تجزيه نگارن جو چون ٿا ته، “اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته سعوديه مخالف سياسي جماعتن جي وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.”هي ڪو پهروين ڀيرو ناهي جو سعودي عرب پاڪستان جي سياسي معاملن ۾ وچ ۾ پيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي خلاف جڏهن نون ستارن واري پي اين اي جي تحريڪ هلي هئي ته سعودي سفير ٽياڪڙي ڪري حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين جي ميز تي آندو هو. مشرف جي دور ۾ جڏهن نواز شريف کي جهاز جي اغوا واري ڪيس ۾ سزا آئي تڏهن به سعودي عرب سندس “ضمانت” ڪرائي ۽ کيس پاڪستان مان سعودي عرب نيو ويو جتي هو شاهي مهمان ٿي رهيو. وري جڏهن نواز شريف لنڊن مان زوري پاڪستان اچڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس گرفتار ڪيو ويو هڪ دفعو وري سعوديه کيس پاڪستان مان وٺي ويو. اهڙي ٽياڪڙي جا مضبوط مثال موجود آهن.
سعودي عرب جو مولانا فضل الرحمان تي ته مذهبي حوالي سان اثر آهي ئي پر نواز شريف جو به محسن رهيو آهي. ممڪن آهي ته هڪ دفعو وري سندس “ضمانت” ڪرائي وجهي، اهو ئي سبب آهي جو شهباز شريف خميس ڏينهن نواز شريف سان جيل ۾ رٿيل ملاقات نه ڪئي. کيس هن ملاقات ۾ ڌرڻي ۾ شموليت بابت پارٽي جي سفارشن کان آگاهه ڪرڻو هو ۽ آخري فيصلو نواز شريف کي ڪرڻو آهي. مولانا فضل الرحمان ۽ سعودي سفير جي ملاقات جو اڃان ڪو نتيجو نه نڪتو آهي. ان ڪري نواز ليگ به ڌرڻي ۾ شموليت بابت پنهنجي باقاعده گڏجاڻي ۾ ڀرپور شموليت جو اعلان نه ڪيو آهي.
پيپلزپارٽي جا سعودي عرب سان ڪي پرجوش ناتا نه رهيا آهن. سعودي جي ثالثي مولانا فضل الرحمان کان اڳتي وڌي نواز شريف تائين به ويندي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پيپلزپارٽي وري گڏيل عرب امارتن وارو چينل استعمال ڪندي، جنهن سان ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري تائين پارٽي جي قيادت جا ويجها ناتا رهيا آهن. انهن ملڪن موجوده حڪومت جي دور ۾ پاڪستان جي مالي مدد ڪئي ۽ تيل به اوڌر تي ڏنو. جيڪڏهن سعوديه جي ثالثي ڪم ڏيکاري ٿي ته رڳو حڪومت جون فرمائشون پوريون نه ٿينديون، بلڪه ان پيڪيج ۾ مولانا فضل الرحمان، نواز شريف ۽ آصف زرداري لاءِ به ڪجهه موجود هوندو. جيڪڏهن اهو ڪم ٿي وڃي ته چئبو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي کسيل سياسي حيثيت بحال ڪرائي وٺندو. پر هاڻوڪو مولانا ڳرو ٿي پوندو. پوءِ اهو وزن نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي به کڻڻو پوندو

Labels: , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home