Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Sunday, October 20, 2019

مولانا جي مارچ جا پلس ۽ مائنس پوائنٽس!



مولانا جي مارچ جا پلس ۽ مائنس پوائنٽس!: مولانا جي مارچ جا پلس ۽ مائنس پوائنٽس!

Plus and Minus Points of long March

Mualna Fazal March, 2019, JUI  

مولانا جي مارچ جا پلس ۽ مائنس پوائنٽس!

چئن مهينن تائين “اسلام آباد لاڪ ڊائون” جو پڙهو گهمائڻ بعد مولانا فضل الرحمان پهرين ڪاميابي اصل مارچ شروع ڪرڻ کان اڳ ئي حاصل ڪري ورتي آهي. هر ڪنهن جي زبان تي انهيءَ مارچ جو ذڪر آهي. هڪ مٿاڇري نظر ۾ ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ متحرڪ جي يو آءِ (ايف) آهي، ٻئي نمبر تي پيپلزپارٽي. نواز ليگ في الحال روڊن توڙي چونڊيل ايوانن ۾ ڏيکاءُ نه ڏيئي رهي آهي پر پوءِ به نواز ليگ اهم آهي. نواز شريف، مولانا کي خط لکيو ته مخالف ڌر جي سمورين پارٽين کي احتجاج ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. اڳوڻي وزيراعظم جي هن خط جي معنيٰ “سانون ڀي لي چل نال وي” ورتي پئي وڃي.
مون کي لڳي ٿو ته عمران خان تي مولانا فضل الرحمان جو ڪو وڏو احسان ڪيل هو جيڪو هن جميعت علماء اسلام جي سربراهه کي مين اسٽيج ڏيئي لاهي ڇڏيو آهي. هو سياسي طور زندهه ۽ اهم ٿي ويو آهي. مين اسٽريم پارٽين کان ميدان خالي ڪرائي ڏنو آهي. اهو ڪم مشرف به ڪيو هو، اهو ٻيو دور هو. هاڻي جيڪڏهن حڪومت مين اسٽريم پارٽين کي ڀت سان لڳائي ٿي ته پوءِ مذهبي جماعتون ئي ميدان ۾ هونديون. رڳو ايترو ئي نه پر خود مذهبي بيانيو به مضبوط ٿي سموري سياست توڙي سماجيت کي تبديل ڪري ڇڏيندو. شايد حڪومت کي اها خبر ناهي ته مذهبي جماعتون معاشري جو اهو حصو آهن جن کي پاڙون هڻڻ جو موقعو مليو ته پوءِ انهن کي انهن طريقن سان هٽائي نٿو سگهجي جن طريقن سان عام سياسي پارٽين کي هٽايو ويندو آهي.
ملڪ جون مکيه پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ڪنفيوز آهن ته آخر معاملي کي ڪيڏانهن نيو پيو وڃي؟ جيئن چيو پيو وڃي ته مارچ اسلام آباد پهچڻ بعد عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ تائين موجود هوندو. يعني هن مارچ جي ڪاميابيءَ کي حڪومت ڪيرائڻ سان مشروط ڪيو پيو وڃي. سوال اهو آهي ته حڪومت ڪيئن تبديل ٿئي. اڄ 58- ٽوبي واري شق آئين ۾ ڪونهي جو صدر حڪومت برطرف ڪري اسيمبليون ٽوڙي ۽ نين چونڊن جو اعلان ڪري. اٺين ترميم جي خاتمي ۽ ارڙهين ترميم بعد صورتحال تبديل ٿيل آهي. اهڙي صورت ۾ ٽي آپشن ٿي سگهن ٿا. حڪمران جماعت رضاڪارانه طور پنهنجو قائد ايوان تبديل ڪري. پر ان لاءِ نه پارٽي تيار ٿيندي ۽ نه ئي وري وزيراعظم پاڻ. ٻي صورت اها آهي ته ڪنهن طرح سان ڪورٽ وچ ۾ اچي، جيئن وزيراعظم گيلاني ۽ نواز ليگ جي دور ۾ نواز شريف سان ٿيو. مطلب حڪمران جماعت کي مجبور ڪيو وڃي ته اها اهڙو قدم کڻي پر ان جو به ڪو هروڀرو امڪان ڪونه ٿو لڳي. ٻنهي صورتن ۾ اِن هائوس تبديلي جو معاملو آهي. ٽئين صورت اها ته وچ مدي وارين چونڊن جي آپشن جي صورت ۾ اپوزيشن ۽ حڪمران جماعت جيڪڏهن نگران وزيراعظم تي متفق نٿيون ٿين ته رڳو وچ مدي واري چونڊن لاءِ موجوده وزيراعظم ئي نگران وزير اعظم ٿي سگهندو. سڀني ڳالهين ۾ ڪابه اهڙي قانوني يا آئيني صورتحال ناهي. ها اهو ضرور آهي ته وڏيون ڌريون جيڪڏهن دٻاءُ وجهنديون ته اهي ڪجهه به ڪرائي سگهن ٿيون. اهو “ڪجهه به ڪرائي سگهڻ” واري معاملي تي وڏو مونجهارو آهي. تڏهن ئي پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي چون ٿيون ته چونڊون فوج جي نگراني ۾ نه ڪرايون وڃن.
بظاهر لڳي ٿو ته جيڪڏهن مولانا، ڪپتان خان کي ملهه ماري ٿو وڃي ته پوءِ پاڻ کي ايندڙ وقت ۾ وزيراعظم لاءِ اميدوار سمجهندو. اها سندس پراڻي خواهش به آهي. هن مشرف دور ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ دفعو اهڙو اظهار ڪيو هو ۽ امريڪي سفير سان به لابنگ جي ڪوشش ڪئي هئي. مولانا کڻي اهميت حاصل ڪري وڃي، پر اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪا مذهبي جماعت ووٽن جي بنياد تي حڪومت ۾ نه اچي سگهي آهي. کڻي مذهبي ڪارڊ ڪيترو ئي پچايو ڇو نه وڃي. اهو حڪومتن کي ڪيرائڻ لاءِ ضرور استعمال ٿيندو آهي، پر ٺاهڻ لاءِ نه! اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ مذهبي جماعتون بطور سياسي جماعت جي ڪمزور ۽ غير متعلقه Irrelevant ٿيون آهن. ان جو هڪ سبب اهو آهي جو جڏهن رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجو قانوني جواز ڄاڻائڻ لاءِ مذهب کي استعمال ڪنديون هجن، ته مين اسٽريم پارٽيون ساڳي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪنديون آهن. نتيجي ۾ مين اسٽريم پارٽين وٽ مذهبي رنگ ۽ ذائقي وارو چورن وڪڻڻ لاءِ گهٽ شيون رهجي وڃن ٿيون. ايئن ڄڻ مذهبي جماعتن کان اهو نعرو کسجي ويندو آهي جيئن ذوالفقار علي ڀٽي سوشلسٽن ۽ ڪميونسٽن کان سوشلزم جو نعرو کسي ورتو.
مولانا جون ڪجهه مائنس پوائنٽس آهن. هو پنهنجي سياسي تحريڪ تڏهن شروع پيو ڪري جڏهن سياست ۾ مذهبي جماعتن جو زوال آهي ۽ “مارڪيٽ” منديءَ جو شڪار آهي. جماعت اسلامي ڪڏهن بااثر مذهبي جماعت هئي. تنهن ضياءُالحق جي حمايت ڪري پنهنجو ڪم لاهي ڇڏيو، کيس پنهنجي قلعي ڪراچي مان بيدخل ٿيڻو پيو. اڄ اها پنهنجي شاگرد ونگ جي سينيئرز جي جماعت بڻجي چڪي آهي. جمعيت علماءِ پاڪستان به “ڊگهي بيماري” بعد جهڙوڪر گذاري ويئي. باقي رهيل جي يو آءِ ايف هئي. جمهوريت واري ڏهاڪي 2008ع کان 2018ع ان جو ڪم به پورو ڪري ڇڏيو.
ايئن به ڪونهي جو جي يو آءِ ايف لاءِ بنهه ڪا گنجائش ناهي. پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ٻڏتر جو شڪار آهن، اهي جيڪڏهن مارچ ۾ شامل نه ٿيون به ٿين ته به مارچ کي سندن سياسي ۽ اخلاقي حمايت حاصل آهي. انهن ٻنهي جماعتن جي تحريڪ ۾ شامل نه ٿيڻ جا سبب مٿي ڄاڻائي چڪا آهيون. اهڙي صورت ۾ جڏهن ٻئي وڏيون پارٽيون ڪنهن هڪ يا ٻئي سبب ڪري روڊن تي اچي تحريڪ هلائڻ جي پوزيشن ۾ نه پيون بيهن، تڏهن مولانا فضل الرحمان ئي آهي جيڪو عمران خان جو آزمايل نسخو کيس ئي کارائي رهيو آهي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ٻنهي جو سياسي بيس خيبر پختونخواه آهي. سو عمران خان مولانا خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ ۾ بنهه ڪا تڪڙ نه ڪندو. مولانا جي لاءِ ٽئين پلس پوائنٽ اها آهي ته هو مدرسن ۽ مارڪيٽ جو ميلاپ ڪرڻ ڏي وڃي پيو. واپاري حڪومت جي مالي ۽ ٽيڪس پاليسين کان بيزار آهن ۽ مدرسن مان طالب نڪري سگهن ٿا. اهو ميلاپ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. ذوالفقار علي ڀٽي خلاف به آخري ڀيرو اهو نسخو آزمايو ويو هو.
سڀني کي خبر آهي ته اقتدار جو رستو پنجاب مان ئي لنگهندو آهي. پر هتي جي يو آءِ جي پوزيشن به ڪمزور آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو پنجاب مان لنگهڻ گهري ٿو ۽ اتان جي مدرسن ۽ واپارين کي جاڳائڻ گهري ٿو. مارچ جو آغاز سنڌ مان ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ صوبائي حڪمران جماعت سهولتڪار بڻبي. يعني مارچ جو آغاز پروقار طريقي سان ٿيندو. هڪ ئي وقت سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي متحرڪ ٿيندا. جنهن سان مولانا ملڪ گير طاقت هجڻ جو تاثر ڏيندو. حڪمت عملي جي حوالي سان سنڌ مان آغاز ڪرڻ ان ڪري به ضروري آهي ته مارچ ۾ وقت جي حوالي سان ڊيگهه ٿيندي. اسلام آباد پهچڻ تائين پنج ست ڏينهن لڳندا. اها ڊيگهه حڪومت تي دٻاءُ ۽ مولانا جي مددگار ڌرين طرفان حڪمت عملي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندي اها ڊيگهه حڪمت عملي جو اهم حصو آهي.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home