Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, November 15, 2019

ڇا مولانا جو پلان بِي، فيس سيونگ آهي؟

https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%da%87%d8%a7-%d9%85%d9%88%d9%84%d8%a7%d9%86%d8%a7-%d8%ac%d9%88-%d9%be%d9%84%d8%a7%d9%86-%d8%a8%d9%90%d9%8a%d8%8c-%d9%81%d9%8a%d8%b3-%d8%b3%d9%8a%d9%88%d9%86%da%af-%d8%a2%d9%87%d9%8a%d8%9f/

ڇا مولانا جو پلان بِي، فيس سيونگ آهي؟

ٻن هفتن تائين وفاقي گادي واري شهر ۾ ڌرڻي کي ڪا موٽ نه ملي، ته مولانا فضل الرحمان جنهن گذريل چئن مهينن کان سڄي 

ملڪ ۾ سياسي گوڙ پيدا ڪري وڌوهو. تنهن پلان بِي جو اعلان ڪري ٽپڙ ويڙهيا. سندس خالي هٿ اٿڻ جو ڪارڻ اهو پيو ڄاڻايو وڃي ته کيس ڪنهن ڏاڍي جي پُٺ نه 
هئي. معنيٰ ته اهو سڀ اسڪرپٽ ٿيل نه هو. خير اڳتي هلي جڏهن راوي روايت ڪندا، معاملن جي کوٽائي ٿيندي تڏهن وڃي پڪ 

ٿيندي ته اهو اسڪرپٽ جو حصو هو يا نه؟ آزادي مارچ هڪ اهڙي موڙ تي وڃي پهتو هو جو صفا بند گهٽي اچي ويئي هئي. ان ڪري هڪ تشريح اها به ڏني پئي وڃي ته مک شاهراهن کي بند ڪرڻ واري پلان بِي جو اعلان فيس سيونگ آهي.

اهو مارچ ملڪي تاريخ جو بهرحال هڪ وڏو واقعو هو، جنهن جا ڪي ترت ته ڪي وري ڊگهي پنڌ جا اثر نڪرڻ اڻ ٽر آهي. ايندڙ چند ڏينهن تائين بحث جو موضوع اهو رهندو ته مولانا پاڻ توڙي مجموعي طور ملڪ جي جمهوري تحريڪ ان ڌرڻي ۾ ڇا کٽيو ڇا هارايو؟ 
تجزيه نگار چون ٿا ته مولانا جي خالي هٿين واپسي مان لڳي ٿو ته ساڻس ٺڳي ٿي آهي. 
هڪ خيال اهو به آهي ته جي يو آءِ (ايف) جي هن فيصلي سان حڪومت کي فائدو ٿيندو ۽ اپوزيشن ڪمزور ٿيندي. هاڻي اهو تاثر بيهندو ته اپوزيشن وڌ ۾ وڌ ايترو ئي احتجاج ڪري سگهي ٿي جو اسلام آباد ۾ وڃي ڌرڻو هڻي ويهي. پر جڏهن ڌرڻي جو ڪارڊ به استعمال ٿي چڪو ۽ ان کي سگهارين ڌرين لفٽ نه ڪرائي، ڳالهه نه ٻڌي ويئي، سواءِ ان جي جو چوڌري شجاعت حسين کي بظاهر ڳالهين لاءِ موڪليو ويو. پر اهو به مولانا کي ڪجهه ڳالهيون ٻڌائي ۽ ڪجهه معاملا سمجهائي آيو. 

اهڙين حالتن ۾ باقي هر احتجاج بي اثر ٿيندو. يا وري ان کان وڏو، سخت يا وري انوکو احتجاج ٿئي جو وس وارا عملدار ٻڌن. پر اهو خيال پنهنجي جاءِ تي رهندو ته جيڪي به ٿيو سو خوب ٿيو. حڪومت کي ڪنهن ته چئلينج ڪيو. ڪو ته ميدان ۾ لٿو.
اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر ڪجهه حقيقتن کي رد نٿو ڪري سگهجي. هي ڪنهن اڪيلي پارٽي جو وڏو ۾ وڏو شو هو. ماڻهن جي شرڪت جي حوالي سان ماضي جي مارچن کان وڏو هو. هي ماضي وارن احتجاجن کان ان ڪري مختلف هو جو آخر تائين پرامن رهيو. نه ڪنهن پوليس واري کي پٿر لڳو نه ڪنهن احتجاجي جو مٿو ڦاٽو. 
هن ڌرڻي ۾ ماڻهن جي وڏي انگ سان گڏ ان کي پرامن ۽ منظم رکڻ دوران اهو به ثابت ٿيو ته “مارچ پرامن به ٿي سگهي ٿو.مولانا فضل الرحمان ڪو شدت پسند ڪونهي” جيئن ڌرڻي کان اڳ ورديون پاتل مولوين کي هڪ وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو هو.

آزاري مارچ جا تڪڙ ۾ سامهون آيل ٽي وڏا سبق اول اهو ته مولانا عالمي برادري کي سمجهائي نه سگهيو ته هو ڇا چاهي ٿو، يا اهو ته عالمي برادري مٿس اعتبار نه ڪيو. ان کي ايئن به وٺي سگهجي ٿو ته عالمي ۽ خطي جي صورتحال مولانا جي حق ۾ نه هيون. جو هو موجوده حڪومت خلاف تحريڪ جي اڳواڻي ڪري اها ڪامياب ٿي وڃي. ان ۾ افغان مسئلي کان وٺي، آءِ ايم ايف، آمريڪا، چين ۽ انڊيا تائين جا معاملا شامل آهن. 
ساڳي ريت هو پنهنجي ٻن وڏين اتحادين پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ کي به سمجهائي نه سگهيو جيڪي کيس “هچي مچي ڪري” رڳو حوصلو وڌائي رهيون هيون. ٻيو اهو ته پندرنهن سورنهن مهينن جي اندر ڪنهن چونڊيل حڪومت کي ختم ڪرڻ آسان ناهي. ڪنهن به حڪومت کي غير مقبول ٿيڻ يا عوام جي مڪمل بيزاري لاءِ وقت گهربل هوندو آهي.ان سان گڏوگڏ حڪومت جي ساٿاري ڌرين کي به اڃان تائين آسرو هوندو آهي، سي ايڏي تڪڙ ۾ ان مان هٿ نه ڪڍنديون آهن. 
ٽئين ڳالهه اها ته جيڪڏهن ايترو جلدي عمران خان جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو ته هو “سياسي شهيد” ٿي ويندو. ۽ همدردي جو ڪارڊ کڻي ايندو ته، “مون کي ڪم نه ڪرڻ ڏنو ويو. ٽي چار سال ڏيو ها ته الائجي ڇا ڇا ڪري ڏيکاريان ها.” ان ڪري آزادي مارچ واري تحريڪ کي وقت کان اڳ “نابالغي” واري تحريڪ قرار ڏنو پيو وڃي.
ملڪي معيشت جو معاملو گهڻو ڌيان لهڻي. سگهارين ڌرين طرفان مولانا سان ڳالهيون هلائيندڙ چوڌري شجاعت حسين ان کي انهن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته موجوده ملڪي حالتن ۾ ڇهن مهينن ۾ ڪوبه وزيراعظم ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. “صاحب اقتدار” ڌرين کي کپي ته اهي پنهنجي سگهه مهانگائي ۽ بيروزگاري تي خرچ ڪن. 
غالبا چوڌري شجاعت “صاحب اقتدار” کي اهو پيغام ڏيڻ پيو گهري ته ”معاشي مسئلن تي اٿندڙ تحريڪ حڪومت لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. شڪر آهي جو مولانا جي تحريڪ ۾ اهو اشو ايترو مضبوطي سان نه کنيو ويو هو. ان ۾ رڳو سياسي مخالفت هئي. تنهنڪري عوام جا وسيع تر حلقا ان سان ڳنڍجي نه سگهيا.”
مارچ ۾ مڃيو ويو ته مولانا فضل الرحمان پاڪستاني سياست جو اهم جز آهي. پر انهي مڃتا جو فوري طور کيس ڪو فائدو نه مليو. 
فوري طور نواز شريف کي فائدو مليو. حڪومت بيمار اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پرڏيهه موڪلڻ لاءِ تيار ٿي. جيئن ته مولانا ڌرڻو ختم پئي ڪيو تنهن ڪري نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ ڦاسي پيو. اها حڪومت جي انهن ڪوششن جو حصو هئي ته پنجاب مولانا جي تحريڪ کان پري رهي. 
ساڳي صورتحال پيپلزپارٽي سان به آهي. جنهن جا ٽي مکيه معاملا آهن. يعني سنڌ حڪومت، آصف زرداري جي بيماري ۽ قيادت خلاف ڪيس- گڏيل اپوزيشن جي رهبر ڪاميٽي جي ڇٽيءَ جي باوجود جي يو آءِ توڙي پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ کي حڪومت ڌار ڌار هينڊل ڪيو، گڏيل ڳالهيون نه ڪيون. شايد پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ڪنهن اهڙي پيڪيج جو حصو نه پيون بڻجڻ گهرن جيڪو مولانا سان ڳالهين ذريعي تيار ٿيو هجي.
جي يو آءِ بي پلان تحت ملڪ جا مُک رستا بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. جيڪڏهن اها ڌمڪي رڳو عزت بچائڻ ۽ بند گليءَ مان گهُت هڻڻ لاءِ ناهي ته ان سان عام زندگي متاثر ٿيندي. معاملو تشدد ۽ ٽڪراءُ ۾ وڃي سگهي ٿو. اهڙو ٽڪراءُ جيڪو ملڪ جي مختلف حصن ۾ هڪ ئي وقت ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورت ۾ نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ حڪومت جا مخالف توڙي اتحادي ڪهڙي موٽ ڏيندا؟ 
اها صورتحال مولانا کي سياسي طور اڪيلو ڪري سگهي ٿي. ان جو هڪ اظهار ايئن سامهون آيو آهي ته سنڌ حڪومت جنهن وڏي لاڏ ڪوڏ سان مولانا کي آزادي مارچ تي اسلام آباد لاءِ روانو ڪيو هو تنهن چئي ڇڏيو آهي ته ڪنهن کي روڊ بلاڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ٻيو اهو ته پلان بِي جي پنجاب وٽان به ڪنهن اثرائتي موٽ جو آسرو ڪونه ٿو لڳي. 
هن وقت تائين اطلاع اهي آهن ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي پختون آبادي وارا علائقا پلان بي ڏي ويندي نظر اچن ٿا. جهڙي طرح جنرل ضياءُ الحق ايم آر ڊي تحريڪ کي ملڪ گير جمهوري تحريڪ کي سنڌ جي تحريڪ بڻائي ڇڏيو هو. لڳي ٿو ته جي يو آءِ جي تحريڪ کي پختونن جي تحريڪ بڻايو پيو وڃي. 
Fazal, Dharna- 2019

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home