Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, November 01, 2019

آزادي مارچ: عمران حڪومت لاءِ پهريون سياسي چئلينج!

آزادي مارچ: عمران حڪومت لاءِ پهريون سياسي چئلينج!: آزادي مارچ: عمران حڪومت لاءِ پهريون سياسي چئلينج!


آزادي مارچ: عمران حڪومت لاءِ پهريون سياسي چئلينج!

آزادي مارچ عمران خان حڪومت لاءِ پهريون سياسي چئلينج آهي. مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت مخالف سياسي ڌريون گڏ ٿي رهيون آهن، ان کي خاص طور تي ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين جي حمايت حاصل آهي. هن آزادي مارچ کي عملي طرح عمران خان حڪومت خلاف جرئت وارو قدم سمجهيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ جو پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ پنهنجي قيادت جي گرفتارين، سزا يا ڪيس جي باوجود حڪومت خلاف ڪا تحريڪ هلائڻ ۾ هٻڪ جو شڪار رهيون. ان جو وڏو سبب اهو ڏنو پئي ويو ته رياست جا ڪي سگهارا ادارا جيڪي عمران خان جي حڪومت پٺيان بيٺا آهن سي ڪاوڙجي نه پون.
ڏٺو وڃي ته عمران خان حڪومت جي مخالفت رڳو سياسي پارٽين جي مخالفت ناهي. ان جا معاشي سبب ۽ خود ڪپتان خان جا حيثيت کان وڌيڪ ڪيل واعدا آهن. هن اهو تاثر ڏنو هو ته “ڪرپشن ذريعي ڦريل دولت” اقتدار ۾ ايندي ئي واپس ملڪ آندي ويندي. جيئن سندس حڪومت ايندي ته پرڏيهه مان ڊالرن جي بارش ٿيڻ لڳندي. بٽڻ دٻائڻ ۽ فيصلي ڪرڻ شرط ان تي عمل ٿي ويندو. پر ايئن نه ٿي سگهيو. نه “ڦريل دولت” واپس آئي، نه ڊالرن جو مينهن وُٺو. اها سڄي تصوراتي دنيا هئي جنهن جو زميني حقيقتن سان ڪو تعلق نه هو. پر هن آئيڊيا کي عالمي مالياتي ادارن کان وٺي ملڪي ادارن تائين ويندي ملڪ جي وچولي يا اڀرندڙ طبقي تائين وڪرو ڪيو ويو.
سياسي طور تي اها ڳالهه اهم آهي ته ٻن وڏين پارٽين جي عوام کان بيگانگي عمران خان کي جڳهه ڏني. عمران خان ملڪ ۾ موجود ٻن جماعتن واري نظام کي “واري وٽي وارو نظام” چئي مخالفت ڪئي. اهي ٻئي جماعتون گذريل ٽن ڏهاڪن کان حڪومت ۾ هيون ان ڪري انهن جون ماڻهن مان پاڙون پٽڻ ڪو سولو ڪم نه هو. ان مقصد لاءِ هن وڏا وڏا نعرا ڏنا. وچولي طبقي کي پاڻ ڏي ڇڪيو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيڪو طبقو پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ پيدا ڪيو هو، اهو ئي سندن مخالف ٿي بيٺو. هن وچولي طبقي جو خيال هو ته صرف ان کي ئي جڳهه ملي. سندن خيال هو ته ڪارروائي صرف مٿئين طبقي خلاف ٿيندي. ان سان گڏوگڏ سمنڊ پار پاڪستانين به عمران خان جي حمايت ڪئي. هن ڪجهه خواب وڪيا ڪجهه پرڏيهه مان ڏوڪڙن جو آسرو ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ اولهه وارن ملڪن جهڙو نظام آڻي سگهجي ٿو بس رڳو حڪومت ۾ هڪ دفعو رڳو هڪ چڱو ماڻهو اچي ويهي. کين اندازو نه ته هو لامحدود ايجنڊا، محدود حڪمت عملي ۽ محدود طاقت جي وسيلي ممڪن ناهي. عمران خان شروعات عام ماڻهو جي زندگي تبديل ڪرڻ جي ڪئي. مستقبل جو ايجنڊا ڏنو، پاليسين کي درست ڪرڻ ۽ ڊگهي عرصي تائين معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جا قصا ٻڌايا.
پر زميني حقيقتون ڪجهه مختلف هيون. جڏهن عمران خان حڪومت ۾ آيو ته اٿندي ئي سندس اُپائن جو شڪار سندس حامي وچولو طبقو ٿيو. معيشت جي ڊاڪومينٽيشن، ٽيڪس، پاڪستاني رپئي جي ملهه ۾ ڪمي سبب بدترين مهانگائي جو طوفان اچي ويو. وچولي طبقي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آءِ ايم ايف جي پاليسين خود هن طبقي جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. معيشت دانن جو خيال آهي ته ملڪ جون موجوده مالي ۽ معاشي پاليسيون جاري رهيون ته وچولو طبقو وڏي حد تائين گهٽجي ويندو ۽ هن وقت ان طبقي ۾ بيٺل ماڻهن جو وڏو انگ هيٺئين طبقي ۾ هليو ويندو. هن وچولي طبقي کي پنهنجي لاءِ مارڪيٽ ۾ جيترو اسپيس گهرجي ۽ آزادي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو گهرجي، اهي خطري ۾ پئجي ويا آهن. ايئن تحريڪ انصاف جي حمايت لاءِ نڪتل طبقو پنهنجي گهرن ڏي هليو ويو آهي. هن وقت جڏهن تحريڪ انصاف خلاف سڄي ملڪ ۾ هلچل متل آهي تڏهن اهو ميدان مان گم آهي.
اهو تاثر ڏنو ويو هو ته نواز شريف وڏوا وڏا منصوبا جوڙي پرڏيهه مان قرض ورتو. ان سان عارضي طور معيشت کي هٿي ملي پر انهن منصوبن وسيلي ڪا به اهڙي شيءِ نه ٺهي سگهي جيڪا ملڪ جي روانگي واپار کي هٿي ڏيئي. انهيءَ معاشي پاليسي تي سياسي طور اهو نعرو پڪو ڪيو ويو هو ته گذريل ٽن ڏهاڪن کان سياست ٻن پارٽين جي چوڌاري پئي گهمي. اهائي ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي.
جيئن عمران خان حڪومت ۾ آيو ته اوچتو لڳو ته ملڪي معيشت جو ٽائيٽينڪ آئيس برگ سان ٽڪرجڻ وارو آهي. پاڪستان کي پرڏيهي واپار ۾ گهاٽو ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ پاڪستان مان روانگي واپار گهٽ ۽ پرڏيهه مان گهرايل شيون وڌيڪ آهن. نتيجي ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا صفا هيٺئين سطح تي آهن. ڄڻ پاڪستان کُٽل کاتو هو، جنهن ۾ قرض جي واپسي جو به دم نه هو. حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ عمران خان کي آئيڊيا ئي نه هو ته سياسي ۽ معاشي طور تي زميني حقيقتون ڇا آهن ۽ انهن کي ڪيئن منهن ڏجي، ان بابت ڪو پلان ئي نه هو. هاڻي هو پاڻ به پريشان آهي ۽ کيس اقتدار ۾ آڻيندڙ سنگت به ته اهو نسخو نه پيو هلي. تحريڪ انصاف جي حمايت ڪندڙ پوءِ اهي کڻي ڪٿي به هجن، گذريل سال تائين ان سان گڏ بيٺا هئا پر هاڻي آهستي آهستي انهن پنهنجي فيصلي ۽ راءِ تي نظرثاني ڪرڻ شروع ڪئي آهي.
اڄ جي دنيا ۾ اها مڃيل ڳالهه آهي ته ڪو هڪ فرد يا ادارو کڻي ڪيترو ئي سمجهدار يا طاقتور هجي پر هڪ نظام کي هلائڻ لاءِ سمورن ادارن جو هجڻ ضروري آهي، ان کان سواءِ ڊگهي عرصي تائين سياسي توڙي معاشي نظام کي هلائي نٿو سگهجي. ملڪ لاءِ جمهوريت ضروري آهي، سا تيستائين نه هلندي جيستائين ان ۾ مخالفت ۽ ميڊيا آزاد نه هوندي. اڄ جڏهن معاملن تي هڪ ٻي نظر وڌي پئي وڃي تڏهن اهو ضروري آهي ته سڀ کان پهرين ملڪ جي سياست ۽ معيشت کي درپيش بنيادي تضاد کي ڳوليو وڃي. ان تضاد کي صحيح طرح سان حل نٿو ڪيو وڃي ته اهو بحران وقتي طور ته ٽري سگهي ٿو پر ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ لامارا ڏيندو رهندو ۽ وقفي وقفي سان مشڪل صورتحال پيدا ڪندو رهندو.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home