Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, January 18, 2020

ڇا حڪومت جونيئر پارٽنرز جا مطالبا مڃي وٺندي؟


ڇا حڪومت جونيئر پارٽنرز جا مطالبا مڃي وٺندي؟


پارليامينٽ ۾ تازو ٿيل قانون سازي ملڪ جي سياسي حالتن ۾ تبديلي آندي آهي. مسلم ليگ نواز ۽ پيپلزپارٽي بابت حڪمرانن جي رويي ۾ تبديلي آئي آهي، جيتوڻيڪ انهن ٻنهي پارٽين توڙي حڪمرانن جا هڪٻئي ۾ اڃا به ڪم ڦاٿل آهن، ٻئي مخالف ڌر جون پارٽيون جيڪي “غير” هيون تن کي ته پرچايو ويو، پر جيڪي “پنهنجا” هئا، اهي رٺا ويٺا آهن. “پنهنجا” اهي جن حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏنو ته اها حڪومت ٺاهي سگهي، اڄ انهن کي جونيئر پارٽنر سڏيو پيو وڃي.
حڪومت کان رسڻ جي شروعات ايم ڪيو ايم ڪئي جو سندس وزارت ۾ ويٺل خالد مقبول صديقي استعيفيٰ جو اعلان ڪيو، پر حڪومت کان الڳ ٿيڻ يا ان جو ساٿ نه ڏيڻ جي اعلان جي همت نه ساري سگهيو. گڏيل حڪومت ۾ اتحاد جو وڏو اهڃاڻ بڻيل قاف ليگ جا تحفظات به سامهون آيا. اقتدار ۾ خاص ڪري موجوده حڪومت ۾ پنجاب هميشه وڏو اهم چونڊ تڪ رهيو آهي. بلوچستان عوامي پارٽي جي ميمبرن به چپ ڊولا ڪرڻ شروع ڪيا. اهي ٽئي جماعتون اختيار ڌڻين کي ايترو ويجهيون آهن جو ڪو به سياسي وسيلو پنهنجي وس نه اٿن.
گڏيل حڪومت ۾ پنج پيٽي کاتيدار يا جونيئر پارٽنر جماعتون يعني ايم ڪيو ايم، بلوچستان عوامي پارٽي، جي ڊي اي، بلوچستان نيشنل پارٽي، جي ڊي اي جون قومي اسيمبلي ۾ 19 سيٽون آهن. انهن جي مطالبن جو تت اهو ٿو بيهي ته ساڻن ڪيل واعدا نڀايا وڃن. حڪومت لاءِ خطري جو گهنڊ ان ڪري آهي جو انهن جونيئرن جي سيٽن جو ڪل تعداد حڪومت ڪيرائڻ لاءِ گهربل سيٽن کان ٻيڻ تي آهي. اهو سمجهندي حڪمران جماعت تحريڪ انصاف رٺلن سان ڳالهيون شروع ڪيون آهن. حڪومت اهو تاثر ڏئي رهي آهي ته اتحادين جون شڪايتون سندن تڪن ۾ ترقياتي ڪمن بابت آهن، ان لاءِ کين فنڊز گهرجن.
حڪومت جي اعليٰ عهديدارن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار، بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ، تحريڪ انصاف جي سگهاري ليڊر جهانگير ترين، وزيراعظم جي مشير ارباب شهزاد، ق ليگ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي. ق ليگ وزارتن ۾ مڪمل اختيار ۽ ترقياتي فنڊن جو مطالبو ڪيو ۽ ڌمڪي ڏني ته هڪ هفتي اندر مطالبا نه مڃيا ويا ته ڌماڪو ٿيندو. ق ليگ جو پنجاب ۾ هڪ وزارت جو حساب اڳ به رهيل آهي.
گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) به وفاقي حڪومت کان ناراض آهي. جي ڊي اي جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت لاءِ گهڻو اهم ناهي، جو وٽس مرڪز ۾ ٻه ٽي سيٽون آهن. انهن ميمبرن مان به هر هڪ پنهنجي حساب سان آهي ۽ پنهنجي طور تي سياسي ٺاهه يا سودي بازي ڪندو آهي. باقي سنڌ ۾ جي ڊي اي کي ڪا عوامي مقبوليت به حاصل ناهي. ها ايترو ضرور آهي ته ان جي سنڌ ۾ سياسي حيثيت ضرور آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي موجودگي ۾ جيئن ايم ڪيو ايم جو رول گهٽجي ويو آهي، تيئن اتي جي ڊي اي جو به ڪو رول نه بچيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جون اهي ڌريون ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙي نه سگهيون آهن. گذريل نومبر ۾ جڏهن فضا ۾ وڏي گهماگهمي ۽ غير يقيني حالتون هيون، تڏهن پير پاڳاري اشارو ڏنو ته جي ڊي اي حڪومت کان ناراض آهي ۽ حڪومت جي حمايت ڪرڻ بابت نظرثاني ڪرڻ ڏي وڃي پئي. هن پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي مايوس ڪيو آهي. هاڻي جي ڊي اي ترجمان چيو آهي ته اسان جا تحفظات برقرار آهن، اسين به حڪومت کان ڪاوڙيل آهيون. اسين حڪومت جي ڪيل واعدن کي پاڙڻ جو ڪجهه ڏينهن انتظار ڪنداسين. هن مطالبي طور اها ڳالهه رکي ته سنڌ کي ترقياتي رٿائون ۽ نوجوانن کي روزگار گهرجي. ڊاڪٽر فهميده مرزا جي اڳواڻي ۾ جي ڊي اي جي وفد جهانگير ترين جي سربراهي ۾ حڪومتي ٽيم سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر فهميده مرزا به فنڊ نه ڏيڻ جي شڪايت ڪئي ۽ اضافو اهو ڪيو ته سنڌ بابت ٿيندڙ فيصلن ۾ اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي. جهانگير ترين جي ڊي اي کي به خاطري ڪرائي، سرڪاري ٽيم جو چوڻ آهي ته جي ڊي اي ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪو مسئلو حل طلب نه رهيو آهي.
حڪومت اتحادين کي پرچائڻ وارو مشن جاري رکندي بلوچستان نيشنل پارٽي جي جهانزيب جمالديني ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي. بي اين پي پنهنجو 6 نڪاتي ايجنڊا رکيو، جنهن ۾ گم ٿيل ماڻهن کي هٿ ڪرڻ، گوادر ۾ 95 سيڪڙو ليبر ۽ 50 سيڪڙو هنرمند (اسڪلڊ) ليبر بلوچستان مان کڻڻ، غير مقامي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي گوادر جو مستقل پتو درج نه ڪرڻ، کين اتي ووٽ جو حق نه ڏيڻ جا مطالبا رکيا. حڪومتي ٽيم کين پڪ ڏياري ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ 5 سئو گم ٿيلن جو پتو لڳايو ويندو، گوادر ۾ بلوچ مزدورن جو وڏو حصو رکڻ، غير مقامي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي گوادر جو مستقل پتو نه لکڻ ۽ اتي ووٽ جو حق نه ڏيڻ بابت قانون سازي جو واعدو ڪيو.
متحده قومي موومينٽ ناراضگي جو اظهار ته ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ پارٽي اندر اختلاف سامهون اچي ويا. خالد مقبول صديقي وزارت تان استعيفيٰ ڏني ليڪن وزارت لاءِ ٻيو اميدوار امين الحق حڪومت سان رابطي ۾ آهي. امين الحق چوي ٿو ته اسد عمر سان ٿيل ملاقات ۾ سڀ جا تحفظات هن آڏو رکيا ويا، هاڻي اسد جو نياپو آيو آهي ته اهي تحفظات وزيراعظم تائين پهچايا ويا آهن، هڪ ٻن ڏينهن ۾ وري اسد عمر سان ملاقات ٿيڻ واري آهي. هن کان اڳ ايم ڪيو ايم سان جهانگير ترين ڳالهائيندو هو، پر هاڻي نئين سال ۾ اهو ٽاسڪ اسد عمر کي ڏنو ويو آهي. هوڏانهن ايم ڪيو ايم قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم کي پنهنجي ڪوٽا مان مڃڻ لاءِ تيار ناهي، بلڪه اها ان تجويز جي به مخالفت ڪري رهي آهي ته فروغ نسيم کي سنڌ جو گورنر ٺاهي، ايم ڪيو ايم جا سمورا معاملا عشرت العباد وانگر ان جي حوالي ڪيا وڃن. چيو وڃي ٿو ته فروغ نسيم اها دعويٰ ڪئي آهي ته اهڙا اختيار ملڻ بعد هو ايم ڪيو ايم جي سمورن ڌڙن کي گڏ ڪري سگهي ٿو. ان دعويٰ جي ٽوڙ طور پي ايس پي جو موقف آيو آهي ته ڪراچي ڪو هڪ ٻولي ڳالهائيندڙن جو شهر ناهي، اتي ٻيهر لساني سياست نه آندي وڃي. پي ايس پي جو اهو به الزام آهي ته متحده قومي موومينٽ تي اڳوڻي ايم ڪيو ايم حقيقي واري عامر خان قبضو ڪري ورتو آهي. پي ايس پي اهو به چوي ٿي ته ميئر ڪراچي وسيم اختر ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ٿيڻ وارو هو، ان ڪري ايم ڪيو ايم بچاءُ بند طور اڳواٽ پريشر وجهي رهي آهي. اهي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ملڪ جي تبديل ٿيل حالتن ۾ سڀني ڌرين فائدو ورتو. جونيئر پارٽنر چاهين ٿا ته انهي مان کين به فائدو ملڻ گهرجي، ان ڪري اهي ساڻن ڪيل واعدن تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڇا حڪومت لاءِ اهو ممڪن آهي ته اها جونيئر اتحادين جا مطالبا پورا ڪري؟ بلوچستان نيشنل پارٽي جا اهڙا مطالبا آهن جن جو تعلق عسڪري ڌرين ۽ اختيار رکندڙن جي بنيادي پاليسي سان آهي. ان لاءِ عمران خان حڪومت ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي. گم ٿيل ڪجهه ماڻهن کي هٿ ڪري ڏيڻ ۽ عسڪري ڌريون مدد ڪري سگهن ٿيون. ايئن بي اين پي جو آرمي ايڪٽ جي ترميم تي ڏنل ووٽ کي سجايو قرار ڏئي سگهجي ٿو.
مخالف جماعتن جي پيش ڪيل مطالبن ۾ ٻه مطالبا سڌي طرح عمران خان سان تعلق رکن ٿا. هڪڙو ق ليگ جو مطالبو ته وزارت کي اختيار ڏيو، ٻيو فهميده مرزا جو مطالبو ته سنڌ بابت فيصلن ۾ اعتماد ۾ وٺو وغيره. مطلب انهن جو تعلق وزيراعظم جي طرز حڪمراني سان آهي. اهي مطالبا به پورا نه ٿي سگهندا، ڇاڪاڻ جو وزيراعظم عمران خان مشاورت يا اجتماعي فيصلن جو عادي ناهي، هو پنهنجي طبيعت ۽ فيصلن ۾ مرڪزيت پسند ۽ آمراڻو انداز رکندڙ آهي.
ٻيو اهم معاملو ترقياتي فنڊ ڏيڻ آهي، عمران خان حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ توڙي پوءِ بار بار چئي چڪو آهي ته چونڊيل نمائندن کي فنڊ ڏيڻ سياسي رشوت آهي ۽ اهو پيسو صحيح نموني استعمال نٿو ٿئي. هونئن ترقياتي فنڊ ڏيڻ جي شروعات ضياءُالحق ڪئي هئي، تڏهن افغان جنگ جي ڪري جام ڊالر ۽ ريال پئي آيا. جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان يوٽرن به وٺي ٿو ته به خزانو ته خالي آهي، وڌيڪ اهو ته آءِ ايم ايف اهڙن معاملن تي خرچ ڪرڻ جي اجازت ڏيندو؟ ان ڪري نٿو لڳي ته جونيئرن جا مطالبا عملي طرح سان واقعي مڃيا ويندا ۽ ان تي عمل ٿيندو. ها اهو ضرور ٿيندو ته ڪاميٽيون ٺاهيون وينديون، خاطريون ڏياريون وينديون. انهن مطالبن کي اصولي طور مڃيو ويندو.
PTI, GDA, MQM, pahenji Akhbar, 2020 

Labels: , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home