Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, December 27, 2019

ذڪر هڪ ديومالائي ڪردار سان ٿيل ملاقاتن جو!

ذڪر هڪ ديومالائي ڪردار سان ٿيل ملاقاتن جو!


بينظير ڀٽو جو نالو ۽ تصوير اڄ به سڄي ملڪ جي پوئتي پيل ماڻهن لاءِ مزاحمت جو اهڃاڻ آهي. هوءَ هئي ته ملڪ گير پارٽي جي ڪرشماتي ليڊر پر سنڌ جو ماڻهو هن جو پاڻ سان خاص رشتو ۽ ناتو سمجهي ٿو. هڪ مزاحمت ڪندڙ اڪيلي ڇوڪري، بقول حبيب جالب جي “ايڪ نهتي لڙڪي” ڀٽي جي ڌيءُ، جنهن وڙهندي وڙهندي مزاحمت ڪندي جان ڏني. سنڌ جو ماڻهو هن سان پيار ڪري ٿو، اهو سوچڻ بنا ته ان مان کيس ڪو ذاتي فائدو ملندو به يا نه، ماڻهو بينظير سان ڪو حساب ڪتاب نٿا ڪن، هو سمجهن ٿا ته هوءَ سندن حقن جو دفاع ڪندڙ راڻي هئي. سنڌ جو ماڻهو سمجهي ٿو ته محترمه جو قتل ڄڻ سندن خوابن جو قتل آهي، هو پاڻ کي زخمي سمجهن ٿا. سنڌ جا اهي ماڻهو جيڪي سندس زندگي ۾ سياسي مخالف هئا، يا اهي جيڪي پيپلز پارٽي جي مخالفت ڪن ٿا، سي به هاڻي بينظير جي خلاف ڪو اکر ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن.
پيءُ جو لاش، ماءُ جو اداس چهرو، بي وطن ڀاءُ جو خون، اباڻي گهر آڏو ٻئي ڀاءُ جو قتل، جيل جون ڪال ڪوٺڙيون، فوجين جا پهرا، بيوس عوام، جيل ۾ قيد پٺين تي ڦٽڪا کائيندڙ سندس ڪارڪنن جون اذيتون… اهو سڀ ڪجهه کيس ورثي ۾ مليو. هن سنڌ جي شهر شهر جو دورو ڪيو، شايد ئي ڪو اهڙو علائقو هجي جتي بينظير جي پيرن جا نشان نه هجن، جيڪو به ماڻهو جدوجهد ۾ مصروف هو، ان سان ملاقات ڪيائين.
منهنجون به محترمه سان ڪجهه يادون وابسته آهن.
منهنجي پهرين ملاقات ساڻس تڏهن ٿي جڏهن چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار تان هٽائڻ بعد جنرل ضياءُ، ميان احمد رضا قصوري جي قتل ڪيس ۾ کيس گرفتار ڪيو هو، ۽ هوءَ پنهنجي ماءُ نصرت ڀٽو سان گڏ ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ضياءُ خلاف مهم هلائڻ لاءِ نڪتي هئي. تڏهن آئون حيدرآباد ۾ سنڌ نيوز اخبار سان واڳيل هيس. هوءَ حيدرآباد ۾ پريس ڪلب جي “ميٽ دي پريس” پروگرام ۾ آئي هئي. هوءَ يونيورسٽي جي شاگردياڻي پئي لڳي. آڪسفورڊ ۽ هارورڊ يونيورسٽي جي مغربي تعليم ۽ انگلينڊ ۾ رهائش جي باوجود کيس مشرقي لباس پهريل هو. هن تفصيل سان پرجوش انداز سان ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڳالهايو.، مٿي تي ڏاڍي تميز سان پوتي پيل هيس، سندس ڳالهين ۾ عزم ۽ ڪاوڙ جو اظهار هو، تڏهن خبر نه هئي ته هڪ سنهڙي سيپڪڙي ڇوڪري ايندڙ سالن ۾ ايڏي “خطرناڪ” ٿي ويندي جو کيس مارڻو پوندو. اهو به ته وڏن نازن سان پليل ڀٽو جي وڏ گهراڻي جي ٻارڙي مارشل لا جون اذيتون ۽ جيل به ڪاٽي ويندي. ها اهو ضرور لڳو پئي ته هيءَ ڇوڪري جيڪڏهن پير جهلي سياست ۾ اچي ٿي ته واقعي ملڪ جي سياست بدلجي ويندي.
محترمه سان ٻي ملاقات 1982ع ۾ ٿي، جڏهن مشهور ڪميونسٽ ڪيس عرف عام ڄام ساقي ڪيس ۾ هوءَ بچاءُ جي شاهد طور آئي. هي ڪيس ڪرنل محمد عتيق جي سربراهيءَ ۾ فوجي ڪورٽ ۾ هليو، جنهن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي پروفيسر جمال نقوي، بدر ابڙو، شبير شر، ڪمال وارثي، امر لال ۽ آئون جوابدار طور هئاسين. بچاءُ جي شاهدن جي ڊگهي لسٽ هئي جنهن ۾ سمورا چوٽيءَ جا جمهوريت پسند سياستدان ۽ اڳواڻ شامل هئا.
هوءَ ٽي ڏينهن فوجي عدالت ۾ آئي. ڪميونسٽن جي بچاءُ لاءِ پهرين ڏينهن سندس بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو. هن ٻڌايو ته، “آئون فوجي عدالتن کي نٿي مڃان، ان ڪري نه پئي اچڻ چاهيم پر ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي اها ڳالهه وڻي ته فوجي عدالتن کي مڃي هو به ڪو نه ٿو، پر هي هڪ فورم آهي، جنهن کي استعمال ڪرڻ گهرجي. مون محسوس ڪيو ته هونئن به فوجي عدالت ۽ مارشل لا جي قيدي کي دفاع ۽ مدد جي ضرورت هوندي آهي.”
پهرين ڏينهن جڏهن عدالتي ڪارروائي نه هلي ته محترمه اسان جوابدارن ۽ انهن جي گهروارن سان ٻه ٽي ڪلاڪ ويٺي رهي ۽ ڳالهيون ڪندي رهي. هن اسان جوابدارن لاءِ سگريٽ، چاڪليٽ ۽ بسڪوٽ به آندا هئا. هن ڪيس جا تفصيل “وڏي جوابدار” ڄام ساقي کان ورتا. اسان جي گهروارن سان هڪ هڪ ڪري ڳالهايائين، هن اهو به دلچسپي سان پڇيو ته جيل ۾ ڪهڙيون حالتون آهن؟ اتي ڪيئن ٿا رهو؟ هن اسان جي گهروارن کي ٻڌايو ته هي اڪيلا نه پيا وڙهن، پوري ملڪ جو عوام مارشل لا خلاف وڙهي پيو، جلدي تحريڪ اٿڻ واري آهي.
هو بچاءُ جي شاهد طور نه آئي هئي، ڄڻ اسان قيدين سان ملاقات لاءِ آئي هئي. هن اسان جي لاءِ ڪتاب به موڪليا. هن ڪامريڊ ڄام ساقي سان الڳ به ملاقات ڪئي، سياسي حالتن تي ڳالهايو. فوجي عدالت جي ٻن فوجي آفيسرن ڪرنل محمد عتيق ۽ ڪيپٽن افتخار جليس ۽ هڪ سويلين مئجسٽريٽ حبيب الله ڀٽو جي حالت به ڏسڻ وٽان هئي. محترمه جي اُتي موجودگي اسان جي لاءِ اعزاز ۽ آٿت جي ڳالهه هئي پر خود اهي ڪورٽ جا آفيسر به پنهنجي لاءِ خوشقسمتي سمجهي رهيا هئا.
بي بي سي جو نمائندو آئين هور شلوار قميص پائي اسان جي عزيزن سان گڏ عدالت ۾ ويٺو هو، جيئن محترمه بيان لاءِ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته هن پنهنجو ٽيپ رڪارڊر آن ڪيو. ان جي آواز ڪرنل عتيق جا ڪن کڙا ڪيا ۽ چيو ته، “بي بي سي جي نمائندي کي ٻاهر ڪڍو.” ڳالهيون ٿيون، محترمه جو ۽ اسان جو موقف هو ته هي ڪا ڪلوزڊ ڪورٽ ڪونهي، اوپن آهي، ان جو بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي، ڀل ماڻهن کي خبر پوي ته محترمه ڪورٽ ۾ ڇا ڳالهايو آهي. ڪرنل عتيق چيو ته، “اڄ رات جڏهن بي بي سي تان انٽرويو شروع ٿيندو ته محترمه پنهنجي بيان ۾ چيو……ته ان جي چند گهڙين بعد آئون ڪوارٽر گارڊ ۾ هوندس.” ايئن صحافي کي عدالت مان ڪڍڻ بعد ڪارروائي شروع ٿي.
محترمه سان ٽئين ملاقات تڏهن ٿي جڏهن آئون عوامي آواز جو ايڊيٽر هوس. محترمه سنڌي ايڊيٽرن يعني مون کي، علي قاضي ۽ فقير محمد لاشاري مرحوم کي غير رسمي ڳالهه ٻولهه لاءِ گهرايو هو. ملاقات ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو مرحوم سان گڏ ٿي. سنڌي ايڊيٽرن سان اها ملاقات صبح يارهين وڳي شروع ٿي، جيڪا شام پنجين وڳي تائين جاري رهي. محترمه تڏهن اپوزيشن ۾ هئي. ان ملاقات ۾ هن ڪيترائي تفصيل ٻڌايا، خطرن ۽ خدشن کان آگاهه ڪيو. ان بعد جڏهن هوءَ وزيراعظم ٿي، پوءِ وري اپوزيشن ۾ آئي تڏهن به ڪيتريون ملاقاتون ٿيون.
هوءَ هڪ ليجنڊ ۽ ديومالائي ڪردار هئي، سندس ڪهاڻي نسل در نسل منتقل ٿيندي رهندي.
Benazir Bhutto, December 27, 2019, Jam Saqi Case

Labels: , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home