Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, January 24, 2020

اٽي جي اگهه ۾ جهليل پي ٽي آءِ حڪومت!


اٽي جي اگهه ۾ جهليل پي ٽي آءِ حڪومت!


هاڻي تبديلي سرڪار وٽ ڪهڙو جواب آهي؟ اٽو مهانگو ٿي ويو. کنڊ جو بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي. هيل تائين جيڪي به مسئلا هئا يا جن حڪومت جي دور ۾ ڪر کنيو انهن لاءِ ماضيءَ جي حڪومتن کي ذميوار سڏيو پئي ويو. پر ڪڻڪ ۽ اٽي جي بحران جو ڇا ڪندؤ؟ عمران خان کي حڪومت ۾ آئي هاڻي ڏيڍ سال کان مٿي ٿي ويو آهي. ماضي جي حڪومتن ته اسٽاڪ ۾ اضافي ڪڻڪ ڇڏي هئي، بلڪه انهن حڪومتن جي دور ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافو ٿي رهيو هو. ڪاريگري چئبي جو 2018ع جي آخري ٽماهي کان جون 2019ع تائين 6 لک ٽن ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪئي ويئي. جيتوڻيڪ گذريل سال جولاءِ ۾ ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ تي پابندي هئي پر پوءِ به آڪٽوبر ۾ 48 هزار ٽن ڪڻڪ ٻاهر موڪلي ويئي. سستي اگهه تي ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪري هاڻي حڪومت ٽي لک ٽن ڪڻڪ مهانگي اگهه تي امپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خيال آهي ته فيبروري جي وچ ڌاري جهاز ڪراچي پهچي ويندو. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيتري ڪڻڪ ايڪسپورٽ ٿي؟ اهڙو فيصلو ڇو ڪيو ويو؟ حڪومت ڪڻڪ جو اسٽاڪ پاڻ وٽ ان ڪري به رکندي آهي ته جيئن ذخيرو ڪندڙ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن کي وجهه نه ملي جو اهي کاڌ خوراڪ جو ضروري اسم مارڪيٽ مان گم ڪري اگهه وڌائي ڇڏين. اهڙي صورت ۾ منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پنهنجو اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ آڻيندي آهي. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي کوٽ رهي جيڪا سٺ واري ڏهاڪي تائين جاري رهي تان جو ايوب خان واري “سبز انقلاب” زرعي پيداوار ۾ مجموعي طور ضابطو آندو. پر پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏينهن ۾ به ڪڻڪ ۽ کنڊ جي مارڪيٽ ۾ موجودگي ۽ خريداري تي نظر رکي وئي. ڀٽو حڪومت جي شروعاتي سالن ۾ کنڊ ۽ گيهه راشن ڪارڊ تي ملندا هئا.
عمران خان حڪومت اثر ڄاڻڻ بنا اهڙيون پاليسيون جوڙيون جو هاڻي ان جا سبب ۽ جوابدار ڳولڻ لاءِ ايف آءِ اي کي ذميواري ڏني وئي آهي. عجيب ڳالهه اها آهي جو هن حڪومت ۾ ٿيل فيصلن ۽ پاليسين لاءِ جاچ ڪندڙ اداري کي اڳيان آندو ويو آهي. ڇا حڪومتي سطح تي واسطيدار ادارا اهو نه پيا ڏسي سگهن؟ ان معاملي ۾ پارليامينٽ کي ڇو نٿو اعتماد ۾ ورتو وڃي؟ ۽ ڇا واسطيدار پارلياماني ڪاميٽين ذريعي معاملي کي نٿو ڏسي سگهجي؟ ايف آءِ اي کي جاچ ڏيڻ جو مطلب ٿيو ته معاملو حڪومت جي وس ۾ ڪونهي يا وري حڪومت هروڀرو ڪنهن کي ٽارگيٽ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان معاملي کي سياسي بڻائڻ گهري ٿي. مٿان وري ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو ڇا ڪجي جنهن چيو آهي ته 2019ع ۾ وڌيڪ ڪرپشن ٿي آهي.
سچي ڳالهه اها آهي ته ماڻهو اڃان تائين تيل، گيس، بجلي ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ واري صدمي مان نڪتا ئي نه هئا ته اٽو آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. انقلابي شاعر حبيب جالب ايوب خان جي ڏينهن ۾ شعر لکيو هو ته،
“بيس روپي هي من آٽا
ڦر ڀي هي سناٽا.”
سو هاڻي ته اٽو 50 رپيا في ڪلو مان وڌي 70 رپيا ٿي ويو آهي. يعني ڪلو تي ويهه رپيا وڌي ويو آهي. ڇا ان تي به سناٽو (خاموشي) رهندي؟
هن کان اڳ مخالف ڌر ۽ حڪومت وچ ۾ لڪ لڪوٽي ٿيندي رهي. مخالف ڌر ڪنهن نه ڪنهن طرح سان عوام کي اٿارڻ ۽ اڀارڻ جي ڪوشش ڪندي رهي پر عام ماڻهن کي سمورو معاملو سياسي پئي لڳو. يعني اهو ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ پنهنجي کل بچائڻ ۽ موجوده حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ حيلا هلائي رهيون آهن. مٿان وري ڪرپشن جو بيانيو ذهن ۾ چٽو رهيو. ماڻهو اهو پئي سمجهيا ته “ڏاند کي چور گهر به وهڻو ۽ ساڌ جي گهر به وهڻو.” سو ماڻهن حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ هلندڙ لڙائيءَ کي پنهنجي لڙائي نه سمجهي رهيا هئا. جيڪا هن کان اڳ مهانگائي ٿي، بحران آيا تن کي عمران خان حڪومت اٽڪل بازي سان ماضيءَ جي حڪومتن جي کاتي ۾ لکائي ڇڏيو پر ڪڻڪ ۽ اٽي ۾ جيئن عام ماڻهو جهليو پيو آهي. تيئن حڪومت به جهلجي ويئي آهي، هاڻي عام ماڻهو حڪومت جي مخالفت ۾ ڌر بڻجي ويو آهي.
هي سڀ ڪجهه اهڙي موقعي تي ٿي رهيو آهي جڏهن خود حڪمران اتحاد جيڪو تحريڪ انصاف، قاف ليگ، ايم ڪيو ايم، بي اين پي تي ٻڌل آهي، تنهن ۾ پڻ ڏار پئجي رهيا آهن. ڌر ڌڻين کي گهڻي ويجهڙائپ رکندڙ ۽ پنجاب ۾ عمران خان حڪومت لاءِ ٿنڀ ٿوڻِي بڻيل قاف ليگ نئين حڪمت عملي جوڙي لابنگ تيز ڪري ڇڏي آهي. اپوزيشن کي وجهه ملي رهيو آهي ته اهي ماڻهن کي موبلائيز ڪن.
ڪڻڪ جي کوٽ وارو مامرو تحريڪ انصاف کي حڪومت ۾ آڻيندڙن کي اهو پيغام ڏئي رهيو آهي ته يا ته سڀني کي کڻي هڪ صفحي تي بيهاريو يا صفحن کي ڳنڍي بائينڊنگ ۽ ويلڊنگ ڪري پڪا پاٺا چاڙهي ڇڏيو، جيئن تازو پارليامينٽ ۾ ٿيل قانون سازي جي موقعي تي ڪيو ويو هو. پر تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ پاليسيون جوڙڻ توڙي پاليسين تي عمل ڪرائڻ جي صلاحيت شڪي آهي. سياسي معاملا هجن معاشي توڙي قانون سازي، ڪٿي ته ڪو ڪم حڪومت پنهنجي هٿ ۽ سگهه سان ڪري، آخر ڪيستائين ڪو صفحا ڳنڍيندو ۽ سڀني کي سوڙهو ڪندو رهندو؟
چون ٿا ته ايوب خان جو عوامي سطح تي زوال “ويهه رپيا مڻ اٽو” سبب ٿيو هو خود ڀٽو حڪومت جي مخالفت ۾ جيڪي معاشي ڪارڻ اڀريا تن ۾ کاڌ خوراڪ واريون شيون مهانگيون اهم نقطو هو. بينظير حڪومت کي به معاشي صورتحال نهوڙيو. ڪڻڪ جي کوٽ کي حڪومت کڻي پورو به ڪري پر اٽي جي وڌيل اگهه کي ڪيئن واپس آڻيندي؟ پي اين اي تحريڪ “ستر جي سطح تي قيمتون آڻڻ” جي نعري هيٺ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيو هو. ڇا حڪومت ايندڙ وقت ۾ اٽي جي راشننگ ڪندي؟ جي ايئن ٿيو ته سمجهو ته پاڪستان گهڻو ترقي ڪري ويو آهي. اهو واپس سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ بيٺو آهي جڏهن اٽو ۽ کنڊ راشن ڪارڊ تي ملندي هئي.





https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%d8%a7%d9%bd%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%d8%a7%da%af%d9%87%d9%87-%db%be-%d8%ac%d9%87%d9%84%d9%8a%d9%84-%d9%be%d9%8a-%d9%bd%d9%8a-%d8%a2%d8%a1%d9%90-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa/

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home