Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

بلاول ڀٽو زرداريءَ جي تقرير جا مختلف پهلو 30 ڊسمبر 2013ع

بلاول ڀٽو 

زرداريءَ جي 

تقريرجا مختلف 

پهلو

سهيل سانگي
سومر 30 ڊسمبر 2013ع

اڄ انتهاپسندن خلاف ڪو سياسي ليڊر ٻَڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي. سمورا سياستدان طالبان سان هر حال ۾ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آتا آهن. ملڪي ماحول ۾ لڳي ٿو ته، انتهاپسندي جو خوف ڇانيل آهي. تڏهن بلاول ڀٽو جي انتها پسندن خلاف چِٽن لفظن ۾ ڳالهه ڄڻ فضا ۾ تازي هوا جو جهوٽو آهي. ڄڻ انتهاپسندن کي ڪنهن لَلڪاري وڌو آهي. سندس ماءُ ۽ گذريل چونڊن ۾ سندس پارٽي پڻ انهيءَ انتهاپسندي جو شڪار ٿي هئي. اهو صحيح آهي ته، اهڙو ”اعلانِ جنگ“ سندس زندگيءَ کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو. بلڪل ائين جيئن سندس ماءُ سان ٿيو، اها به انتها پسندن جي خطري باوجود بهادريءَ سان بيٺي رهي. 

بلاول ڀُٽي جي  هن چِٽي اعلان، اهڙين سياسي پارٽين ۽ ڌرين لاءِ به گَس ڪڍيو آهي، جيڪي نفسياتي يا سياسي دٻاءُ سبب انتهاپسندن جي مخالفت وارو ڪردار ادا ڪرڻ کان لنوائي رهيون هيون. هي پاڪستان جي سياست ۾ هڪ اختلافي نوٽ جيان آهي، ڇاڪاڻ جو هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ سموريون پارٽيون بشمول پيپلز پارٽيءَ جي، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ طالبان سان ڳالهين وارو اعلان نامو منظور ڪري چڪيون هيون. ائين هِيءَ تقرير بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ۽ پارٽيءَ جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اختيار ڪيل موقف کان هٽڻ آهي. ٻنهي صورتن ۾ اهو هڪ سٺو سنئوڻ آهي.
سندس تقرير اڳين تقريرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ميچوئر هئي. لفظن جي چونڊ، ادائگي ۽ انداز به گهڻو بهتر هو. 

هڪ حوالي سان سندس اها تقرير اڳين تقريرن جو ٿوري فرق سان تسلسل هو. گذريل تقريرن ۾ هن نواز شريف، الطاف حسين ۽ عمران خان تي ڪڙن لفظن ۾ تنقيد ڪئي هئي. هن ڀيري اهو چيو ته، نه اسين جمهوريت کي ڊي ريل ڪنداسين ۽ نه ئي وري ٻئي ڪنهن کي ڊي ريل ڪرڻ ڏينداسين، ڄڻ نواز شريف کي خاطري هئي ته، کيس پنهنجو وارو وڄائڻ ڏنو ويندو. ساڳئي وقت هي اهو موقف هو، جيڪو آصف علي زرداريءَ جو رهيو آهي. البت ساڳيءَ طرح هن ڀيري ايم ڪيو ايم جي لغڙ جو به ذڪر ڪونه هو، جنهن کي پارٽيءَ جي نوجوان سربراهه گذريل ڀيري ’ڪاٽا‘ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. عمران خان بدستور سندس تِيرن جو نشان رهيو، ته چئن لوٽن سان سونامي نٿو اچي سگهي. اسان سنڌ جي سرحدن تي سوناميءَ کي روڪي ڇڏيو آهي.

بلاول جي تقرير جي ٻن پهلوئن تي خاص طور تي سنڌ ۾ وڌيڪ ڇَنڊ ڇاڻ ٿي رهي آهي. پهرين اها ته، مئي 2013ع وارين چونڊن ۾ پارٽيءَ جي باقي صوبن ۾ صاف ٿيڻ جو الزام هن پنجابي اسٽيبلشمينٽ تي هنيو آهي. ائين چئي پارٽيءَ جي خراب ڪارڪردگي، سُٺي حڪمراني نه هجڻ، ڪرپشن وغيره جي معاملن تي پردو وجهي رهيو آهي. 

پنجابي اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار پنهنجي جاءِ تي، پر خود اهي ئي ڏوهه ڪري پارٽيءَ ان اسٽيبلشمينٽ يا عدليه کي بُل ٺاهي ڏنو. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي قيادت انهن ٽنهي ڳالهين ۾ صاف سُٿري بيهي ها، ته اسٽيبلشمينٽ کڻي ڪيترو به چاهي ها، ماڻهن کي پارٽيءَ کان ڪٽي نه سگهي ها. پارٽيءَ جي نوجوان چيئرمين کي هن معاملي جو ٻيهر جائزو وٺڻ ۽ وڌيڪ حقيقت پسند ٿيڻ جي ضرورت آهي. آخر ڪيستائين پنجاب جي سازش ڳڻبي ۽ همدرديءَ جو ووٽ وٺبو، همدرديءَ جي بنياد تي ووٽ آخر ڪيستائين؟

ٻِي ڳالهه سنڌ جا معاملا آهن، جن بابت نه بلاول ڀٽو ۽ نه ئي وري آصف زرداريءَ جي تقرير ۾ عڪس ملي ٿو. هن وقت پيپلز پارٽي سياست توڙي اقتدار ۾ رڳو ۽ رڳو سنڌ جي ڪُلهي جي ڪري بيٺي آهي. باقي سمورن صوبن مان چونڊن جي حد تائين ته صفايو ٿي ويو آهي. ان حوالي سان سنڌ جو ڪو ذڪر ۽ فڪر، يا ڪو احوال ٿيڻ ضروري هو. پر هتي هڪ دفعو وري پنجاب جي نفسياتي دٻاءُ يا ڊَپ سبب بِنهه هڪ لفظ به نه ڪُڇيو ويو.

اها چڱي ڳالهه آهي ته، پارٽيءَ جي سربراهه کي پارٽيءَ جي ڪارڪنن جي ناراضگيءَ بابت ڄاڻ آهي، جنهن جو هن پنهنجي تقرير ۾ حوالو ڏنو آهي. پر ان جو حوالو ڏيڻ ڪافي ناهي. هن وقت جڏهن مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻ ڏانهن وڃن پيون، تڏهن انهن ڪارڪنن ۽ انهن جي سوچ، جذبن ۽ اُمنگن کي انهن چونڊن ۾ ڪيترو شامل ڪيو ويو آهي؟ اهو هڪ عملي پهلو ۽ عملي سوال آهي. آئون سمجهان ٿو ته، بلاول ڀٽو جي لاءِ ان کان وڌيڪ بهتر ڪو موقعو نه ملندو، جو هو پارٽيءَ جي ناراض ڪارڪنن کي واپس پارٽيءَ جي مکيه وهڪري ۾ سلهاڙي بيهاري.

اڄ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي. ماڻهن کي ڪٿي به گورننس نظر نٿي اچي. ماڻهو چاهين ٿا ته، کين پيئڻ جو صاف پاڻي ملي، رستو ۽ نالِي ملي، اسڪول ۾ ماستر هجي، سرڪاري اسپتال ۾ دوا هجي، انهن سڀني ڳالهين کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪنهن الڳ وڏي رقم جي ضرورت ناهي. حڪمتِ عملي، گورننس ۽ نيڪ نيتيءَ سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ به شايد ماڻهن کي نوڪريءَ جي ايتري ضرورت ناهي. مٿاهون طبقو يا وچولو طبقو تعليم ۽ دوا کڻي خانگي شعبي مان حاصل ڪري وٺي ٿو. پر ان لاءِ امن امان جو مسئلو آهي. ڦُرون، اغوا، ڀنگ، ڌاڙا هن طبقي جو جيئڻ حرام ڪيو ويٺا آهن.

اڄ جي دنيا ۾ جڏهن ڄاڻ به عام آهي، ته ميڊيا به مضبوط، تڏهن رڳو بهادريءَ جا ٻول ڪيتري قدر ڪم ڏيندا، لازمي طور تي ڪو متبادل گس، ڪو متبادل نظام ڏيڻو پوندو. اهڙا منصوبا ۽ پروگرام جيڪي ماڻهن جي معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن ۾ ڪو ڦيرو آڻي سگهن، ڪو سڌارو آڻي سگهن. 

جيڪڏهن اڄ نواز شريف جي حڪومت آهي، ته عام ماڻهو لاءِ ڪهڙو فرق پيو آهي. ساڳيءَ طرح سان جيڪڏهن سڀاڻي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ايندي ته اها پارٽيءَ جي اڳئين حڪومت کان ڪيئن مختلف هوندي؟ بلاول کي اهو سڀ ثابت ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن هو اهو ثابت نٿو ڪري سگهي ۽ ڪو متبادل نٿو ڏيئي سگهي، ته سندس اها بهادري ڪنهن ڪم جي نه رهندي ۽ سندس گجگوڙ هلڪي ٿي ويندي.

Labels: , , , ,

Friday, April 03, 2015

ٿر جي ڏڪار تي ٿيندڙ سياست: 15 نومبر 2014ع

ٿر جي ڏڪار تي ٿيندڙ سياست !
ڇنڇر 15 نومبر 2014ع

بعد از خرابيءِ سيار سنڌ ڪابينا مٺيءَ ۾ اجلاس ڪري، ڄڻ ڏڪار کي ٿر مان ڀڄائي ڇڏيو ۽ ٿر جي ماڻهن تي وڏو احسان ڪري ڇڏيو. اجلاس جي بريفنگ ۽ فيصلن جو گهرو مطالعو ماڳهين حڪومت جي وڌيڪ پت وائکي ڪري ڇڏي ٿو. سُٺي حڪمرانيءَ جي نشاني اوڏي مهل چِٽي ٿي وئي، جڏهن پتو پيو ته ٿر جي ڏڪار لاءِ رکيل رقم مان اڌ رقم مس خرچ ٿي سگهي آهي. حڪومت ۽ چونڊيل عيوضين جون اوڏي مهل به اکيون نه کُليون، جڏهن بريفنگ ۾ ئي ٻُڌايو ويو ته سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ٿر لاءِ 17 ارب 66 ڪروڙ رپيا رکيل هئا، پر ان مان هن وقت تائين ست ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا آهن. حڪومت جي سنجيدگيءَ جو اهو عالم آهي، جو ٿر ۾ ڇهه مهينا اڳ جيڪي ڊاڪٽر ۽ استاد ڀرتي ڪيا ويا، انهن کي اڃا تائين پگهارون به نه مليون آهن.

 اجلاس جنهن ۾ ٻن وزيرن مخدوم جميل الزمان ۽ منظور وساڻ شرڪت نه ڪئي، ڇاڪاڻ جو هو حڪومت لاءِ، حڪومت انهن لاءِ تڪراري بڻيل آهي. مخدوم جميل ۽ سندس ڀاءُ مخدوم عقيل الزمان خلاف ست مهينا اڳ ڏڪار جون تباهه ڪاريون ظاهر ٿيڻ تي قدم کنيو ويو هو. منظور وساڻ وري تڪراري رپورٽ سبب ”گڊ بوڪس“ ۾ نه ٿو لڳي. ڪابينا جي فيصلي موجب ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو بل سومر ڏينهن اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو، ان بل جو مسودو ماهرن، آفيسرن ۽ چونڊيل عيوضين تي ٻڌل ڪميٽيءَ ٽي مهينا اڳ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو هو. 
ڪميٽي ڏڪار پاليسيءَ جو مسودو به گهڻو اڳ حڪومت کي ڏنو هو، پر ان کي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڳالهه نه ٿي ڪئي وڃي. شايد ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي ان ڪري ٺاهي پئي وڃي، جو ان لاءِ بجيٽ ۾ 50 ڪروڙ رپيا رکيل آهن. ڏڪار پاليسي آڻڻ جي صورت ۾ حڪومت مجبور ٿي ويندي ته اُها ڏڪاريلن کي ڪجهه ڏي. ترقياتي ڪمن ۾ ته ڪميشنون آهن. حڪومت سنڌي ميڊيا کي ليکڻ لاءِ تيار نه هئي. ڏڪار جو معاملو ان ڪري ٻيهر ياد آيو آهي، جو مين اسٽريم ميڊيا، اسيمبليءَ اندر اپوزيشن ۽ ڪجهه ٻين جماعتن اُن کي سوڙهو ڪيو. تعجب جي ڳالهه آهي ته رليف لاءِ رکيل گهٽ رقم خرچ ٿيڻ، ڪرپشن، رليف جو سامان ضايع ٿيڻ ۽ ٻين اهڙن معاملن جو ڪابينا ڪو به نوٽيس نه ورتو ۽ صرف ڏيکارڻ خاطر فيصلا ڪيا. حڪومتي حلقن وٽان هڪ ئي ساهه ۾ ٻه ڳالهيون چيون پيون وڃن. 
حڪومت مڃي ٿي ته ٿر ۾ ڏڪار آهي. اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته 15 آگسٽ بدران ٻه مهينا دير سان ڏڪار ڊڪليئر ڇو ڪيو ويو. حڪومت چوي ٿي ته ٻار ڏڪار سبب نه پيا مرن، اُن لاءِ داين هٿان ڄم کي ڪارڻ ڄاڻايو پيو وڃي. حڪومت عالمي اداري طرفان غذائيت جي کوٽ واري رپورٽ تي غور ڪرڻ ۽ پيٽ وارين عورتن جي غذائيت نه هجڻ واري معاملي تي ويچارڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن داين هٿان ڄم ٿيڻ ئي ٻارن جي موت جو ڪارڻ آهي ته اُن لاءِ به حڪومت ئي ذميوار آهي، جيڪا ويم جون سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ 650 ليڊي هيلٿ ورڪرز سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪرايون آهن. زميني حقيقتون حڪومتي دعوى کي رد ڪن ٿيون. اهو موقف ته ٻارن جو مرڻ ڏڪار سان نه، پر صحت سان واڳيل آهي، اهو عقل جي ڏاهن کي ڪير سمجهائي ته ٻارن ۾ صحت جو معاملو حمل دوران شروع ٿئي ٿو، ان بعد ماءُ جي ٿڃ سان واڳيل آهي. هڪ بُکايل ۽ گهٽ خوراڪ واري ماءُ ۾ ڪيتري ٿڃ ٿي سگهي ٿي؟ 

ٿر ۾ بلاشبه طبي سهولتن جي کوٽ آهي، پر اها حڪومت جيڪا پي پي ايڇ آءِ جي ذريعي هڪ ڳوٺاڻي صحت مرڪز کي ايتري بجيٽ ڏي ٿي، جيڪا ڪنهن وزير جي ٿر جي هڪ دوري جي خرچ کان به گهٽ آهي. دراصل حڪومت ان مان ٻه فائدا وٺڻ گهري ٿي، هڪ اهو ته صحت جو اشو سڄي صوبي ۾ آهي، ان ڪري ٿر ۾ ان جو هجڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي. ان ڪري سڄي غير معمولي صورتحال کي معمولي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ٻيو اهو ته جيئن ته اهو معاملو صحت سان واڳيل آهي ۽ صحت واري وزارت گذريل 15 سالن کان ايم ڪيو ايم وٽ آهي، ان ڪري اها ذميواري حڪومت يا پيپلز پارٽي جي نه، پر ايم ڪيو ايم تي اچي ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته حڪومت ان کي هروڀرو سياسي بڻائي، حڪومت بمقابله ايم ڪيو ايم ڪرڻ گهري ٿي ته جيئن اها تنقيد کان بچي سگهي. هاڻي ٻئي جماعتون ڏي جواب، وٺ جواب ۾ لڳي ويون آهن، ٿر جو معاملو ڇُٽو. ايم ڪيو ايم کي وري وجهه لڳو، اها پنهنجي سياست کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ان کي ڪوٽا سسٽم سان ڳنڍي رهي آهي. ائين غريب ٿرين ۽ ڏڪار تي سياست ٿي رهي آهي، جنهن ۾ حڪومت توڙي ايم ڪيو ايم ٻنهي جو ڀلو ٿي رهيو آهي. 

سوال آهي ته ڇا پيپلز پارٽي ٿر ۾ صحت جون سهولتون پهچائڻ جي جڏهن ڪا ڪوشش ڪئي ته ڇا ايم ڪيو ايم ان ۾ رنڊڪون وڌيون؟ اهڙو ڪو به رڪارڊ ڪو نه ٿو ملي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ائين ڪيو به ته صحت جي شعبي ۾. خيرپور، نوابشاهه يا لاڙڪاڻي جي معاملن ۾ ان ائين ڇو نه ڪيو؟ ۽ جيڪڏهن ڪيو، ان جي باوجود حڪومت اهي رٿائون عمل ۾ آڻي ڇڏيون! ٻن منٽن لاءِ کڻي مڃجي ته ايم ڪيو ايم جو رڪارڊ سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ اهڙو رهيو آهي، اُن ٿر لاءِ به ائين ڪيو هوندو، پر اها جماعت ٿر جي ڏڪار جي مستقل حل ڳولڻ يا ٻن اهم شعبن، زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ ته آڏي ٽنگ نه پئي ڏني، انهن شعبن کي ڇو ترقي نه ڏياري وئي؟ جيڪڏهن انهن شعبن کي پيپلز پارٽي ترقي ڏياري ها ته اڄ ڏڪار، اِهي اثر نه ڏيکاري ها. سنڌ ۽ وفاق جي وچ ۾ قومي مالياتي فنڊ جي رقم جاري ڪرڻ تي ڦڏو هلندڙ آهي. 
وفاقي حڪومت سنڌ کي ٻن طريقن سان دٻاءَ ۾ آڻڻ گهري ٿي، هڪ اهو ته ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، ٻيو اهو ته سنڌ پوليو مهم بابت سنجيده ناهي. اهو پوليو افغانين جي ڪري پکڙجي رهيو آهي، جيڪي وفاق جي پاليسين سبب سنڌ ۾ آباد ٿي رهيا آهن. تعجب جي ڳالهه آهي ته انساني المئي کي وفاق ۽ صوبائي قرار ڏنو پيو وڃي. ٿر وانگر ڀارتي صوبي راجسٿان ۾ به ڏڪار ايندا آهن، پر اُتي سٺ واري ڏهاڪي کان قومي مالياتي ڪميشن ڏڪار لاءِ ڌار رقم رکندي آهي. ٿر رڳو سنڌ جو ئي نه، پر پاڪستاني رياست جو به حصو آهي. وفاق چين سان توانائي شعبي لاءِ ٺاهه ڪري رهيو آهي، پر سولر سسٽم رائج ڪرڻ لاءِ سولر پينل ۽ سولر پليٽون مقامي طور ٺهرائڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن وسيلي ماڻهن کي سهولتون به ملنديون ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار به کُلندا. سنڌ حڪومت ٻه سال اڳ هر ضلعي لاءِ خاص ترقياتي پيڪيج ڏنا، پر هن ضلعي کي پسمانده ۽ ڏڪارن جي لپيٽ ۾ هجڻ جي باوجود اهڙو ڪو پيڪيج نه ڏنو ويو. 
ڪجهه ضلعن ۾ يونيورسٽيءَ مٿان يونيورسٽي، اداري مٿان ادارو کوليو ويو، پر ٿر کي ڪو ڪاليج به نه ڏنو ويو. وفاق يوٿ لون اسڪيم تحت به ٿر جي نوجوانن جي مدد ڪري سگهي ٿو ۽ صوبائي حڪومت بينظير اِسڪل ڊولپمينٽ پروگرام ذريعي. ٻئي حڪومتون ٻُڌائين ته هن وقت تائين انهن ٻنهي پروگرامن تحت ٿر کي ڇا مليو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ٿر کي ڇا ڏيڻ گهرن ٿيون؟ ٿر جي ماڻهن سان هڪ سياست حڪومت ڪري رهي آهي، ٻي سياست وفاق ڪري رهيو آهي ۽ ٽئين سياست ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي. ٿر جي اڄوڪي صورتحال ڪيئي ڏهاڪن کان اُن کي نظرانداز ڪرڻ سبب آهي. لڳاتار ڏڪار پوڻ سان وسيلا سُسندا ويا، آبادي وڌندي وئي، حڪومت ترقياتي ڪم خير ڪو ڪيو، اُنهن سڀني ڳالهين المئي کي جنم ڏنو. اڄ حڪومت زميني حقيقتون ۽ ڪوتاهيون مڃڻ بدران ٿر جي معاملي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجي لاءِ ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهي آهي. 
مختلف ڌريون هڪ ٻئي کي هيٺ ڏيکارڻ لاءِ ٿر جي ڏڪار کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جنهن سان انهن سڀني ڌرين جو ته فائدو ٿي رهيو آهي، جو سڀ ذميوارين کان آجيون ٿي وڃن ٿيون، پر ٿر جو ڪو ڀلو نه ٿي رهيو آهي.

Labels: , , , , , , ,

سڀني جون نظرون عدليه ڏانهن 13 اپريل 2014ع


سڀني جون نظرون عدليه ڏانهن
سھیل سانگی
آچر 13 اپريل 2014ع
هن وقت ملڪي قيادت آڏو ٽي وڏا سوال آهن. پهريون طالبان سان ڳالهيون ۽ انهن سان تعلقات، ٻيو اڳوڻي آرمي چيف تي غداريءَ جو ڪيس هلي يا کيس ڪنهن بهاني سان ٻاهر موڪلجي، ٽيون دفاع پاڪستان وارو قانون آهي، جنهن تي پارليامينٽ ۾ بحث ٿي رهيو آهي. ان صورتحال ۾ حڪومت ۽ عسڪري ڌر طرفان آيل موقف اخباري ڪالمن جي زينت بڻيو. ان بعد ٽي وي چئنلز جي اينڪرز جا تبصرا ۽ مباحثا اڃا هلي رهيا آهن. ان ڏس ۾ معاملن کي عدليه ڪيئن ٿي ڏسي، هڪڙو عڪس چيف جسٽس تصدق حسين جيلانيءَ جي جسٽس خلجي عارف جي مان ۾ ڏنل فل ڪورٽ ريفرنس جي موقعي تي ڪيل خطاب ۾ نظر اچي ٿو. چيف جسٽس جي خطاب ۾ ٽي ڳالهيون ڏاڍيون اهم آهن. 1. قومي سلامتيءَ جي نالي شهرين کان آزادي کسي نٿي سگهجي. 2. جمهوريت جو تحفظ عدليه ۽ حڪومت سميت سمورن ادارن جي ذميواري آهي. 3. ڪنهن به اداري کي پنهنجي مقرر ڪيل ڪردار جون حدون نه اورانگهڻ گهرجن. اهڙي ئي موقف جو اظهار اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پنهنجي وقت ۾ ڪندو رهيو آهي. خاص ڪري پيپلز پارٽيءَ جي دورِ حڪومت ۾ جڏهن حڪومت ۽ عسڪري ڌر ۾ ڇڪتاڻ ٿي ۽ دٻاءُ وڌيو، تڏهن عدليه ريگيوليٽر وارو ڪردار ادا ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو. ماضيءَ ۾ جسٽس منير کان وٺي جسٽس انوار الحق تائين ۽ پوءِ وري مشرف واري دور ۾ به عدليه جو رول اهڙو رهيو آهي، جو ان مهم جوئي ڪندڙ عسڪري ڌر جي اڳواڻن جو ساٿ ڏنو. جنرل ايوب، جنرل ضياءَ، توڙي جنرل مشرف کي قانوني طور مڃتا عدليه ڏني، حڪومتن ڊاهڻ واري سندن عمل قانوني هجڻ جو ٺَپو هڻي ڏنو، جنهن بعد جيڪي ڪم ٿيا، سي سڀني جي سامهون آهن. ان ڪري رياست جي هن اهم ٿنڀ جي وڏي اهميت رهي آهي. ڪنهن به مهم جوئي جي صورت ۾ ٺپو هڻي قانوني بنائڻ لاءِ عدليه ڏانهن ئي ڏسڻو پوندو. اها اهم ڳالهه آهي ته، ماضيءَ جي ان سموري رڪارڊ جي باوجود اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي هڪ انڪار عدليه جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو. ان بعد سموريون ڌريون ۽ عام ماڻهو به عدليه ڏانهن ڏسڻ لڳا. اڳي جڏهن صدر کي آئين جي آرٽيڪل 58 بي جي تحت اسيمبلي/حڪومت ٽوڙڻ جا اختيار حاصل هئا، ته صدر ريگيوليٽر طور نه بلڪه خود ايڪٽر طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو هو. اهو آرٽيڪل آئين مان خارج ڪرڻ بعد ادارن توڙي سياسي حوالي سان ڪنهن تڪرار جي صورت ۾ عدليه کي ئي ريگيوليٽر جو ڪردار ادا ڪرڻو پيو پوي. رٽائرڊ جنرل مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ وارو معاملو به ڪيترن ڏينهن کان مختلف رياستي ادارن جي وچ ۾ ”پينگ پانگ“ وارو ٿيندو رهيو. فيصلو ڪرڻ بدران هڪ ٻئي ڏانهن اُڇلائيندا رهيا.ان لاءِ وزارتِ داخلا سان رجوع ڪري وري معاملو عدالت جي ڪٽهڙي ۾ اُڇلايو. ائين عدليه تي دٻاءُ وڌيو. اها ڳالهه هاڻي ڍڪيل نه رهي آهي ته، ملڪ اندر ادارن جي وچ ۾ سرد جنگ هلي رهي آهي. جيڪا ڪڏهن ڪڏهن گرمي اختيار ڪري ويندي آهي. مشرف جي معاملي ۾ دراصل حڪومت مُونجهاري جو شڪار آهي، هو انهيءَ کان ڊنل آهي ته، متان ان جي ڪنهن عمل جي ڪري سياسي عمل ئي ختم نه ٿي وڃي. نواز ليگ کي 99ع وارو تجربو آهي، ڪيئن ان جي ڪجهه فيصلن عسڪري ڌر کي ناراض ڪري وڌو هو، جو مشرف جي غير موجودگي هوندي به باقي جنرلن سندس حڪومت ڊاهي ڇڏي. ان بعد 9- 10 سال جمهوري ۽ سياسي عمل شروع ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پيو هو. عسڪري ڌر ۽ حڪومت جي وچ ۾ سرچاءُ لاءِ ڪي ڌريون سرگرم آهن. اسلام آباد جا حلقا چون ٿا ته، وزيرِ دفاع خواجه آصف اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي، جو مخالف ڌر ۾ هجي. سعد رفيق به ڄڻ پنهنجي موقف تي قائم آهي. عدليا ۾ اها به شق آهي ته، پي پي او تحت ٿيندڙ گرفتاريون انساني حقن جي ڀڃڪڙي هوندي، انهيءَ قانون تحت عدليا جا مجموعي طور اختيار گهٽبا. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو گرفتار ٿيندو، ته اوير سوير معاملو عدليه ۾ ئي ايندو. ائين گم ٿيل ماڻهن جي هڪ وڏي لسٽ ٺهي ويندي. عدليه، جنهن وٽ گهڻن ڪيسن جو وزن ته آهي ئي، پر اهڙن معاملن جو وزن به وڌندو ۽ دٻاءُ به پوندو. بظاهر سياسي ڌريون اهو چون ٿيون ته، پارليامينٽ سپريم آهي، جيڪڏهن ان کي واقعي سياسي ڌريون سپريم سمجهن ٿيون، ته پوءِ اُتي ڪو اتفاقِ راءِ جوڙين پر ائين نه پيو ٿئي. سمورا معاملا پارليامينٽ ۾ طئي ٿيڻ بدران عدليه ڏانهن وڃي رهيا آهن. ائين ايندڙ وقت ۾ عدليه تي وزن ۽ دٻاءُ به وڌندو ۽ ان جو رول به نهايت اهم ٿي ويندو. عدليه رڳو عام ماڻهوءَ جي يا گم ٿيلن جي انساني حقن جي ئي نه، پر ادارن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ به ڪو رول ادا ڪرڻ لاءِ ڌريون ان ڏانهن ڏسنديون. ائين سمورن ماڻهن ۽ ادارن جون اکيون عدليه ڏانهن هونديون.

Labels: , , ,

ٿر: ڪوتاهيءَ کان ڪيترو ڀڄبو؟ 26 مارچ 2014ع


ٿر: ڪوتاهيءَ کان ڪيترو ڀڄبو؟
سهيل سانگي
اربع 26 مارچ 2014ع
ٿر جي ڏُڪاريل ماڻهن جون اکيون سنڌ اسيمبليءَ جي سومر ڏينهن واري اجلاس ۾ هيون ته، اُتي ڏُڪاريل حالتن، غير منصفاڻي امداد جي ورهاست، صحت جي سهولتن ۽ هن ريگستان ۾ هر ٻئي سال پوندڙ ڏُڪار بابت ڪنهن پاليسي جوڙڻ تي بحث ٿيندو- ڪو فيصلو ٿيندو. ڪو اهڙو فيصلو ڪيو ويندو، جيڪو کين مستقبل ۽ زندگيءَ بابت اُميد ڏياريندو. کين آٿت ڏيندو، ته نه ٻيلي توهان اڪيلا ڪونه آهيو. سنڌ گدڙن ڪانه کاڌي آهي. ڪوتاهي ۽ بدانتظاميءَ جي ڏوهارين کان ضرور پُڇاڻو ڪيو ويندو. پر جڏهن اجلاس جي ڪارروائي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿي، ته آسوندن جون آسون ڏُڪاريل ڏيهه تي لامارا ڏيندڙ اُڀ جي سُڃن ڪڪرن جهڙيون ثابت ٿيون، جيڪي آيا ته سهي، پر وٺي ڪا ڦڙي به نه- ماڳهين انهن مائرن کي رنجايو ويو، جن جون هنجون گلن جهڙن ٻارڙن کان خالي ٿيون، جن جون لوليون زبان تي ئي اٽڪيل رهيون. ڀلا ڪنهن کي ويساهه ايندو ته، هِي جيڪو ڳالهائين پيا، سي ٿر واسي ۽ ٿر جا نمائندا آهن يا وري 80ع واري ڏهاڪي ۾ پيل ڏڪار جي موقعي تي مارشل لائي سول بيورو ڪريسيءَ جي ڊپٽي ڪمشنر ضياءَ اسلام جو نئون روپ آهن، جنهن چيو هو ته، ٿر ۾ ڏڪار ڪونهي. ٿريا بئراج واري علائقي مان لابارا ڪري، ڪڻڪ جون ٻوريون ڀري وڃي رهيا آهن. يا وري آمر مشرف جا نوان خليفا آهن، جنهن جي ماڻهن 1999ع ۽ 2000ع واري ڏڪار کي به پهرين ڪو نه مڃيو هو ۽ ٿر ۾ ڏڪار ۽ بکن وگهي پکڙيل بيماريءَ کي ميڊيا جو پکڙيل وائرس سڏيو هو. پر زميني حقيقتون ڏٽن، لٻاڙن، غلط بيانن سان تبديل نه ٿينديون آهن. تڏهن به وقت جي حڪومت کي مڃڻو پيو هو ۽ ڏڪار تسليم ڪري امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻيون پيون هيون. اسين پنهنجي چونڊيل عيوضين ۽ اقتدار جي نشي ۾ مست مسند نشين حڪمرانن آڏو ادب جا هٿ ٻڌي ڪجهه سوال ڪرڻ چاهينداسين.1، ڇا اهو صحيح آهي ته، ٿر هڪ وارياسو علائقو آهي، فصل، گاهه پٺو برسات تي ٿئي ٿو؟ اهو فصل ٿر واسين جي روزي ۽ گاهه تي پلجندڙ چوپايو مال سندن روزگار آهي. 2، جيڪڏهن هڪ سال تائين برسات نه پوي، فصل نه ٿئي، گاهه به نه اُڀري ته اتي انسانن توڙي جانورن لاءِ کاڌ خوراڪ ٿي سگهي ٿي؟ 3، جيڪڏهن ڪنهن علائقي جي 80 سيڪڙو آبادي هڪ سال تائين بيروزگار ۽ ڪم ڪار کان وانجهيل رهي، ته اُتي جي معيشت، صحت ۽ سماجيات جي صورتحال ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ٿر ۾ ته ائين ئي ٿيو آهي. ڪو ذرو به عقل رکندڙ انهيءَ صورتحال کي معمول جون حالتون چئي سگهي ٿو؟ حڪومت جا عيوضي ۽ ڍنڍورچي وڏي فخر سان چون ٿا ته، ٻار ٻين هنڌن تي به مرن پيا. ڄڻ ٿر ۾ ٻار مئا ته، ڪا فڪر جي ڳالهه ناهي. گڏيل قومن جي ادارن جون رپورٽون ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ، صحت جي سهولتن جي اڻهوند ۽ حامله عورتن ۽ ٿڃ پياريندڙ مائرن جي حالت بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿيون. جيڪڏهن ڏُڪاريل ڏيهه ۾ سانحي واري صورتحال ميڊيا ۾ رپورٽ نه به ٿئي، تڏهن به اهي رپورٽون سرڪار جي پت، ان جي ڪارڪردگي ۽ دعوائن کي وائکو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. اهڙين حالتن ۾ ٻار، جيڪي هونئن ئي گهٽ مزاحمتي قوت رکندڙ آهن، سي آسانيءَ سان بيمارين جو شڪار ٿي اجل جي گود ۾ هليا ٿا وڃن. حڪومت کي انهيءَ ڳالهه تي به ڏک آهي ته، ٿر ۾ رڳو ٻار پيا مرن، جوان ۽ پوڙها ڇو نه پيا مرن. واهه سائين واهه! ڇا ته اسان عيوضي چونڊيا آهن ۽ ڇا ته انهن عوامي عيوضين حڪومت ٺاهي آهي، جيڪا جمهوريت ۽ عوامي هجڻ جو پلي ڪارڊ پنهنجي ڳچيءَ ۾ لَٽڪائي هلي پئي پر پنهنجي جوهر ۾ نه جمهوري ٿي لڳي ۽ نه ئي عوامي. اڳي رڳو نوڪر شاهي پنهنجي ڪوتاهي ڪانه مڃيندي هئي، پر هاڻي مُنهن جي پڪائيءَ جو نئون دور شروع ٿيو آهي، عوامي ماڻهو ۽ سياستدان ڪوتاهي مڃڻ لاءِ تيار ناهن. ڊپٽي ڪمشنر مقرر تاريخ گذرڻ جي ٽن مهينن تائين ڏڪار بابت سرڪار کي رپورٽ ڪانه موڪلي (اها سازش به ٿرين ۽ ميڊيا جي ٿي لڳي). ان رپورٽ جي هڪ مهيني بعد ڊزاسٽر اٿارٽي صوبائي حڪومت کي خط لکي آگاهه ڪيو پر حڪومت ۽ چونڊيل عيوضين جي ڪن تي جونءَ به ڪانه سُري. تن ڏينهن ۾ ميڊيا ۾ گوڙ ٿيو ته، پوءِ حڪومت فيصلو ڪيو ته ٿر ۾ ڇهن مهينن لاءِ مفت ڪڻڪ ورهائي ويندي. پر عمل ڪونه ڪيو ويو. اها ڪنهن جي ڪوتاهي هئي؟ وري ڊسمبر ۾ اشو ٿيو ته، ٻيهر 60 هزار ڪڻڪ جي ٻورين جو اعلان ڪيو ويو. اها ڪڻڪ به ٽن مهينن تائين گودامن ۾ پئي رهي. واضح رهي ته، ميڊيا اهي سموريون حقيقتون پهرئين ڏينهن کان لڳاتار رپورٽ ڪندي رهي. ڏُڪار وگهي هزارن جي تعداد ۾ رڍون مرڻ شروع ٿيون، ان جي هڪ هفتي بعد ميڊيا رپورٽ ڪرڻ شروع ڪيو. تيستائين سرڪار جا سمورا کاتا، انهن جا عملدار ۽ اسان جا عيوضي سُتا رهيا، ميڊيا جي رپورٽن بعد کين سجاڳي ٿي. جڏهن ٻارڙا مرڻ لڳا ته، ميڊيا رڳو هڪ سرڪاري اسپتال جا انگ اکر پيش ڪيا، ته ميڊيا هائيپ سڏيو ويو. اسپتال ۾ ٿيل ٻارن جي موت ۽ انهن جي بيمارين بابت ٿر توڙي ميڊيڪل يونيورسٽين جا ماهر ڊاڪٽر متفق آهن ته، ٻارن جو موت، ٻارڙن ۽ مائرن ۾ غذا جي کوٽ سبب ٿيو آهي ۽ انهيءَ کوٽ جي پويان سبب ڏُڪار آهي. پر اسان جي حڪومت ۽ عيوضي ڏيڍ ڏاها ٿيو ويٺا آهن، جيڪي ماهر ڊاڪٽرن جي راءِ کي به رد ٿا ڪن. اهو سلسلو جيڪو گذريل آگسٽ کان شروع ٿيو، سو ظاهر ڪري ٿو ته، هڪ ٻئي پٺيان ڪوتاهين جو سلسلو آهي. هاڻي حڪومت ۽ چونڊيل عيوضي پنهنجي انهيءَ هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ جُهونتون ڏيئي رهيا آهن، چونڊيل ايوان جو تقدس پائمال ڪندي اتي غلط بياني ڪري رهيا آهن. همراهه سِينو تاڻي اها ڳالهه به ڪن ٿا ته، ٿر مان ماڻهو چڱي انگ ۾ هر سال بيراجي علائقي ڏانهن لڏ پلاڻ ڪن ٿا ۽ هاڻي به ائين ڪيائون ته ڪو هرج ڪونهي. ساڃهه وند ماڻهو اها ڳالهه چوڻ ته پري، پر ٻڌندي به ندامت ٿا محسوس ڪن ته، هن ايڪويهين صديءَ ۾ چڱي خاصي آبادي رڳو روزگار لاءِ لڏ پلاڻ ڪري ٿي. سا به هڪ اهڙي علائقي جي، جتي قيمتي گرينائيٽ آهي، چيني مٽي آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته جن جي پيرن هيٺان ڪارو سون آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، هڪ سئو سالن تائين ملڪ جي توانائيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو. سرڪاري ڏيڍ ڏاها چون ٿا ته، حڪومت خلاف ٿر جي حوالي سان سازش ٿي رهي آهي. ڏاڍي کِل جهڙي ڳالهه آهي، ڪاش ٿر واسي اهڙي ڪنهن سازش ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هجن ها!! جي هجن ها ته، حڪومت کي هوند انهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ جي همت ئي نه ٿئي ها. ها، جيڪڏهن واقعي ڪا سازش ٿي آهي ته، اها حڪومت پنهنجي پاڻ سان ڪئي آهي، جنهن جي ڪوتاهين، ناانصافين ۽ نااهلين جي ڍڳ ٿيڻ بعد اهو ڌماڪو ٿيو آهي. رڳو مٺيءَ جا هڪ ٻه صحافي ميڊيا جا ڪي ٻه ٽي ادارا ئي نه، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ، رياستي ادارا، گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ادارن جي راءِ ۽ زميني حقيقتون هڪ پاسي آهن، ته وري حڪومت جي غلط بياني ۽ ”سازش جو انڪشاف“ ٻئي طرف آهي. اهي ته قِصا ٿيا وڏي خرچ ۽ وڏي ڏاهپ جا، جنهن جي، لڳي ٿو ته، حڪومت وٽ جهجهي اڻهوند آهي. انهن سمورن واقعن بعد حڪومت رڳو تعلقي اسپتالن تائين به ٻار ۽ عورتن جي بيمارين جو هڪ ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ڪري سگهي آهي. ميڊيڪل ٽيمون پري پري جي ڳوٺن تائين موڪلي نه سگهي آهي. کاڌ خوراڪ جي شين جا آيل امدادي پيڪيٽ ماڻهن تائين نه پهچائي سگهي آهي.حڪومت هن وقت تائين سرڪاري طور پهتل في ڪٽنب 50 ڪلو ڪڻڪ جي ورهاست کي انصاف ڀريو نه ڪري سگهي آهي، جو وفاقي حڪومت طرفان موڪليل امدادي پيڪٽ ارباب غلام رحيم پنهنجن ماڻهن کي ڏنا ۽ پيپلز پارٽيءَ وارن ڪڻڪ پنهنجن ماڻهن کي ڏني. ان کان به وڌيڪ سنجيده سوال اهو آهي ته، حڪومت ٿر بابت ڪا پاليسي، ڪو پلان به نه ٺاهي سگهي آهي. ورنه صوبي ۾ چار اهڙا شهر آهن، جتي يونيورسٽيءَ جي مٿان ٻي، ٽي ۽ چوٿين يونيورسٽي ٺاهي رهي آهي. پر ٿر ۾ يونيورسٽي ته پري جي ڳالهه، انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليج به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ٻن مکيه شهرن ۾ اهڙيون سرڪاري بلڊنگون موجود آهن، جتي رڳو هڪ اعلان سان ڇاڇري ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽي/ڪاليج ۽ مٺي ۾ ميڊيڪل ڪاليج کولي سگهجي ٿو. ٿر ڄاوا ڊاڪٽر بيکا رام ۽ ڊاڪٽر ڀواني شنڪر، ڊاڪٽر خانجي، ڊاڪٽر پرڌان ۽ ٻيا ڊزن کن ماڻهو بنا پگهار پنهنجون خدمتون آڇڻ لاءِ تيار آهن. حڪمرانن ۽ عيوضين جي حضور ۾ هڪ دفعو وري ادب جا هٿ ٻڌي گذارش ڪنداسين ته، ٻيلي ڏاها ٿيو، اکيون نه پوريو ۽ نه ئي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهو. ڪوتاهي ٿي سا ٿي، هاڻي ته مڙس ماڻهو ٿي ان جو ازالو ڪريو.

Labels: , , , ,

ڪوئلي جي رٿائن جو لاڀ ٿر جي ماڻهن کي ملڻ گهرجي


ڪوئلي جي رٿائن جو لاڀ ٿر جي ماڻهن کي ملڻ گهرجي

سهيل سانگي

اڱارو 28 جنوري 2014ع

22 سالن کان ٿر جي ماڻهو کي خواب ڏيکاريو پيو وڃي ته هن ريگستان ۾ 175 ارب ٽن اعليٰ قسم جو ڪوئلو موجود آهي، جيڪو ٻن وڏن تيل پيدا ڪندڙ ملڪن ايران ۽ سعودي عرب جي تيل جي گڏيل ذخيرن جي برابر آهي ۽ اهو به ته هن ڪاري سون جي استعمال سان هڪ لک ميگاواٽ بجلي ٻه سئو سالن تائين ٺاهي سگهجي ٿي پر هر ڀيري هي سپنو ساڀيان ٿيندي رهجي وڃي ٿو، ڪڏهن تيل واري لابي ته ڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جا حامي ته وري ڪڏهن صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جو جهيڙو يا وري پئسن جي کوٽ ۽ پرڏيهين کي نه سهڻ وارو رويو وچ ۾ اچي وڃي ٿو، ڪاري سون جا اهي ذخيرا ٿر جي ماڻهن لاءِ سانوڻيءَ جي ان بادل جيان ٿي ويا آهن، جيڪي ڀرجي ته اچن ٿا پر وسن نٿا، ماڻهو آسمان ۾ اکيون وجهيو مينهن ڦڙي لاءِ واجهائيندا رهن ٿا ۽ اهي بادل ٿر تي ڪارو ڏڪار ڇڏي گذري وڃن ٿا. ڪوئلو لڀڻ کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو 1994ع ۾ پنهنجي ٻئي دور حڪومت ۾ ٿهاريو هاليپوٽو ۾ ٿر ڪول فيلڊ جو افتتاح ڪيو، هن ڪوئلي مان سمنڊ جي ڪناري تي ڪيٽي بندر وٽ نئين اڏجندڙ شهر ويجهو بجلي گهر ٺاهڻو هو، پر سندس حڪومت ختم ٿيڻ تي نواز شريف حڪومت ۾ اچڻ شرط ڪيٽي بندر توڙي ٿر ڪول پروجيڪٽ ٻئي رٿائون رد ڪري ڇڏيون، ان بعد سالن تائين اهو معاملو سرد خاني ۾ هليو ويو، بجليءَ جي وڌندڙ کوٽ ۽ ڪجهه ٻين سببن ڪري ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ لاءِ وري سرگرمي شروع ٿي. خود مشرف جي سربراهي ۾ ڪميٽي به ٺهي، پر اهو ڪوئلو نه نڪتو، سو نه نڪتو. پيپلز پارٽي جي گذريل دور ۾ ايٽمي توانائيءَ جو ماهر ڊاڪٽر ثمر مبارڪ ڪرشمو ڪري ڏيکارڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو، سندس آئيڊيا اهو هو ته زير زمين ڪوئلي کي گئس ۾ تبديل ڪري استعمال ڪجي. سندس پائلٽ پروجيڪٽ وارو اهو ڪرشمو به اڃا تائين ڪو اثر نه ڏيکاري سگهيو آهي، حالانڪ سندس واعدو هو ته ٽن سالن ۾ يعني 2013ع ۾ هو اهو ڪم ڪري ڏيکاريندو. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ چواڻي ته کيس هڪ ارب رپين کان مٿي رقم کپي، جيڪا نه سنڌ حڪومت ۽ نه ئي وفاقي حڪومت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وزير اعظم گيلاني ڪيترائي دفعا پنهنجي تقرير ۾ ٿر جي ڪوئلي جا حوالا ڏيندو رهيو، ان بعد پيپلز پارٽي جو ٻيو وزير اعظم راجا پرويز اشرف به ٿر ڪول فيلڊ گهمي ويو، پر نتيجو ٻُڙي رهيو. هاڻي بدليل حالتن ۾ نواز شريف 31 جنوريءَ تي ڪوئلي ڪڍڻ جو افتتاح ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. پرڏيهي ناڻي جي کوٽ، تيل مان ٺهندڙ بجليءَ جي مهانگائي سبب حڪومت وٽ ان کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نه بچي آهي ته اها ڪوئلي کي بجلي ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪري. رڳو ايترو ئي نه پر پنجاب 2009ع کان پاڻ وٽ ڪوئلي تي هلندڙ 6 بجلي گهر ٺاهڻ جو هوم ورڪ مڪمل ڪري چيني ۽ جرمن ڪمپنين سان معاهدا ڪيا ويا آهن، پنجاب پنهنجي سالٽ رينج مان ڪوئلو ڪڍي ۽ بلوچستان جي چمالنگ علائقي مان ڪوئلو حاصل ڪري بجلي گهر هلائڻ گهري ٿو، جنهن لاءِ بلوچستان حڪومت سان ٺاهه به ٿي ويو آهي، ان سان گڏو گڏ گڏاڻي وٽ ڪوئلي تي هلندڙ 10 بجلي گهر ٺاهڻ لاءِ قطر ۽ چين سان ٺاهه ڪري چڪو آهي، گڏاڻي جا اهي بجلي گهر پنجاب ٺهرائي رهيو آهي، جتي امپورٽ ٿيل ڪوئلو استعمال ڪيو ويندو. ان کان علاوه ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ پڻ پراڻا بجلي گهر ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ لاءِ رقم ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. انهن بدليل حالتن ۾ پنجاب جي ان شعبي ۾ وڌندڙ سرگرمين تي سمورن حلقن ۾ چوٻول ٿيو، نواز شريف جي وفاقي حڪومت سنڌ کي نظر انداز ڪرڻ ۽ سنڌ حڪومت ڪجهه نه ڪرڻ واري تنقيد هيٺ اچي ويئي. هي آهي اهو پسمنظر، جنهن ۾ هڪ دفعو وري ٿر جي ماڻهن کي ڪاري سون جا خواب ڏيکارڻ لاءِ سنڌ حڪومت آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻنهي کي ٿهاريو هاليپوٽو ۾ وٺي وڃي رهي آهي، نواز شريف تي سنڌ ۾ سخت تنقيد ٿيندي رهي آهي ته 90ع واري ڏهاڪي ۾ حڪومت ۾ اچڻ بعد هن ٿر جي ڪوئلي ۽ ڪيٽي بندر رٿائن سميت سنڌ جا سمورا پروجيڪٽ رد ڪيا هئا، هينئر اهو سونهري موقعو آهي ته هو پاڻ تان اها تنقيد هٽائي، يعني ”رند ڪي رند رهي، هاٿون سي جنت ڀي نه گئي“. ٿر جي ماڻهن کي اڃا به پڪ ڪانهي ته هي پروجيڪٽ واقعي عمل ۾ اچي به ويندو، لڳي ٿو ته ٿر ڪول پروجيڪٽ به ڪالاباغ ڊيم جيان آهي، جنهن تي هر ڪا ڌر اچي سياست ڪري ٿي، ڪن کي لالچ ڏني وڃي ٿي، ڪن کي خواب ڏيکاريا وڃن ٿا ته ڪن کي وري ڊيڄاريو وڃي ٿو.ٿر جي ڪوئلي واري پروجيڪٽ جي حوالي سان ڪئين واقعا ۽ قصا آهن. هي پروجيڪٽ جيئن ته قومي اهميت وارو آهي، ان ڪري ان لاءِ وفاقي حڪومت 60 سيڪڙو پئسا ڏيڻا ڪيا هئا، ساڳئي وقت سيڙپڪارن وفاقي حڪومت کان گارنٽي گهري هئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽي پنج سال حڪومت ۾ رهي، ان به نه اها رقم ڏني ۽ نه ئي وري گارنٽي ڏني، چيني ڪمپنيءَ سالن تائين ڪم ڪرڻ بعد جڏهن بجليءَ جو اگهه ڏنو ته ان کي وڌيڪ اگهه چئي رد ڪيو ويو، حالانڪ اهو في يونٽ تي چند پئسن جو فرق هو، پر وفاق ۾ ويٺل لابين چيني ڪمپنيءَ کي ڀڄائڻ ٿي چاهيو، ان ڪري اهو اگهه رد ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ حڪومت توڙي عام ماڻهو ان اگهه کان ٽيڻ چوڻ تي بجليءَ جو اگهه ڀري رهيا آهن. ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني پنهنجو هڪ پلانٽ ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ چاهي ٿي، ان لاءِ بن قاسم پورٽ تي هڪ نئين جيٽي جوڙي پئي وڃي، سنڌ حڪومت ۾ اهو افعال ڪونهي ۽ وفاقي حڪومت ائين ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي ته ڪي اي ايس سي توڙي گڏاڻي ۾ ٺهندڙ ڏهن بجلي گهرن کي پابند بڻائي ته اهي ڪوئلو امپورٽ ڪرڻ بدران ٿر جو ڪوئلو وٺن. حالانڪ هڪ نئين جيٽي ٺاهڻ ۽ ڪوئلو امپورٽ ڪرڻ لاءِ وڏي رقم ۽ پرڏيهي ناڻو درڪار هوندو، جنهن سان نه رڳو بجلي اوتري سستي پيدا نه ٿي سگهندي، بلڪ ساڳئي وقت تي ملڪ جي پرڏيهي ناڻي وارن ذخيرن تي به دٻاءُ پوندو، اينگرو ڪمپني، جيڪا هاڻي ٿر ۾ پروجيڪٽ شروع ڪري رهي آهي، ان جون به ڊگهيون فرمائشون آهن، ان جو چوڻ آهي ته کيس ڄامشوري وارو بجلي گهر به ڏنو وڃي، عجب تماشو آهي، نئين پروجيڪٽ شروع ڪرڻ لاءِ ٺهيل ٺڪيل اثاثا هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ٿر جا ماڻهو ڪوئلي وارو پروجيڪٽ شروع ٿيڻ چڱي ڳالهه آهي. چون ٿا ته ان سان ملڪ کي وڏو فائدو رسندو، ان کان علاوه ٿر جي ماڻهن کي ڪاري سون جي حوالي سان جيڪو خوشحاليءَ جو خواب ڏيکاريو پيو وڃي، سو به هڪ پاسي ٿيندو. سوال اهو آهي ته اهو خواب پورو ٿيندو يا ٽٽندو؟ جيئن ته ڪوئلو کليل کڏن Open pitsذريعي ڪڍيو ويندو، يعني جتي جتي ڪوئلو ڪڍيو ويندو، اتي 300 فوٽن تائين اونهي کوٽائي ڪئي ويندي، ڄڻ سڄي زمين جي تهه کي اونڌو ڪيو ويندو، ان سان زير زمين پاڻي جا ذخيرا به بري طرح متاثر ٿيندا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، چوپايو مال، پکي پکڻ سڀ متاثر ٿيندا، چوپائي مال لاءِ جهنگ ختم ٿي ويندو، ان کان علاوه سندن ڳوٺ، گهر، ٻنيون، آسائشي زمين، گوءچر به متاثر ٿيندا، اهڙين حالتن جي باوجود حڪومت انهن متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ ڪابه پاليسي نه جوڙي آهي، حڪومت چوي ٿي ته ڳوٺ متاثر نه ٿيندا. ممڪن آهي ته پلان موجب ڪجهه ڳوٺن کي ۽ گهرن کي به ڊاٺو وڃي، پر جنهن ڳوٺ جي ماڻهن جون ٻنيون، مال، رستا ۽ گس، آسائشي زمين، گوءچر، ڪاٺيون وغيره ختم ٿي وينديون، سو ڳوٺ به گهيري ۾ اچي ويندو ۽ ان ڳوٺ جا ماڻهو لڏ پلاڻ لاءِ مجبور ٿي ويندا. ان رٿا سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحاليءَ واري پاليسي جوڙڻ لاءِ هڪ ڪمپنيءَ کي ٺيڪو ڏنو ويو، پر ٽن سالن کان پوءِ اها پاليسي آخري شڪل اختيار نه ڪري سگهي آهي، ڊرافٽ پاليسي تي محدود پيماني تي ٻڌڻيون ٿيون، جنهن ۾ مقامي ماڻهن سخت اعتراض واريا، هن پاليسي جوڙڻ ۾ ڪنهن به مقامي ماڻهوءَ کي شامل نه ڪيو ويو هو. حڪومت بنا ڪنهن بحاليءَ واري پاليسيءَ جي پروجيڪٽ شروع ڪري رهي آهي، حڪمران چون ٿا ته اڳتي هلي ڏٺو ويندو. اها هر ڪنهن کي ڄاڻ آهي ته اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟ حڪومت رڳو متاثر ٿيندڙ ٻنين جا پئسا ڏيڻ جي حامي ڀري ٿي. ان لاءِ انگريزن جي دور جي ٺهيل 1848ع واري لئنڊ ايڪوزيشن ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪري رهي آهي، ماڻهن کي نوٽيس ڏنا ويا آهن ته کاتا تبديل ڪرايو، هي سامراجين جو ٺهيل قانون آهي، جن کي ماڻهو نه پر زمين ۽ وسيلا گهربل هئا ۽ تڏهن حقن جو ڪو تصور ئي ڪونه هو. اڄ جو دور حقن جو دور آهي، ڇا هن قانون تحت توهان ماڻهن کي انهن جي وسيلن، اثاثن ۽ آسائشن کان محروم ڪري سگهو ٿا؟ ”سرڪار مائي باپ آهي، اها ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، گهوٽڪي، دادو ۽ بدين جا گڙنگ به تيل ۽ گئس ڪمپنين سان نه پڄي سگهيا، ٿر جو ماڻهو ته جيتامڙو آهي“ هي هڪ ٿري دانشور جو چوڻ آهي، ٿر جو ماڻهو کڻي ڪمزور هجي پر ميڊيا، ساڃاهه وند ماڻهو ۽ اڄ حقن واري دنيا شايد ايتري ڪمزور ڪانهي. ٿر جو ماڻهو ڪوئلي ڪڍڻ ۾ ارهو ڪونهي، ان جي اها فرمائش آهي ته ان جي پيرن هيٺان جيڪڏهن زمين ڪڍي وڃي ٿي ته ان کي ڪو ته حصو ڏيو، مٿي لڪائڻ جي جڳهه، جيئري رهڻ جو حق ۽ وسيلا ڏيو، ڇاڪاڻ جو مختلف علائقن جي ماڻهن مان گهڻن جون نعمتون ۽ وسيلا، سر زمين تي زمين مٿي آهن، پر ٿر جي ماڻهن جا وسيلا زير زمين آهن، اهي وسيلا انهن جا آهن، انهن کي ان جو لاڀ ملڻ گهرجي. هي قومي ملڪي منصوبو آهي ۽ ٿر جو ماڻهو هن قوم جو حصو آهي ۽ هن ملڪ جو شهري آهي، ٻئي جو گهر ساڙي ڏياري ڪرڻ بعد ڪو ڏيئو هن جي گهر ۾ ٻارڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

Labels: , , , , ,

شهيد ڀُٽي جي سياست جو عوامي انداز ۽ هاڻوڪي پيپلز پارٽي 05 جنوري 2014ع

شهيد ڀُٽي جي سياست جو عوامي انداز ۽ هاڻوڪي پيپلز پارٽي
آچر 05 جنوري 2014ع
 سھیل سانگی
 
مشهور صحافڻ اوريانا فلاسي ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڏوراپو ڏنو ته، ”اندرا گانڌي کيس اهڙو ماڻهو سمجهي ٿي، جنهن تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي. هو صبح جو هڪڙي ڳالهه ڪري ٿو ته شام جو ٻي.“ ڀُٽي صاحب اُن جي موٽ ۾ اوريانا کي ٻڌايو ته، سياستدان جو ڪم آهي ته هو نيون ڳالهيون ڪري ته جيئن ڪو هن جي شخصيت کي آسانيءَ سان سمجهي نه سگهي ۽ هرو ڀرو منفي پهلو ڳولي نه سگهي. ڀُٽي صاحب کيس اهو به چيو ته، ”آئون گهڻن ماڻهن سان ملندو آهيان، گهڻو پڙهندو آهيان، ان ڪري پنهنجي سوچ تبديل ڪندو رهندو آهيان.“ ڀٽي صاحب جي ڪرشماتي ۽ پراسرار شخصيت کي بيان ڪرڻ لاءِ شايد ان کان بهتر جملا نه ملن. ڀٽو جيئرو هو ته تڏهن به ڪرشماتي ۽ پراسرار هو، مرڻ کانپوءِ به ائين ئي آهي. هن جي ڦاهي چڙهڻ کي چوٽيهه سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر ڀٽو فيڪٽر جي ان خاصيت تان نه پردو کڄي سگهيو آهي ۽ نه اها ختم ٿي سگهي آهي. ملڪ جا صدر ۽ وزير اعظم هن کان اڳ به هئا ۽ پوءِ به ٿيا پر جهڙي نموني سان ڀٽي صاحب جي شخصيت پاڪستان جي تاريخ ۾ قدآور بڻيل آهي، ڀٽو فيڪٽر جو يا ملڪ جي سياست تي اثر آهي، سو زائل نه ٿي سگهيو آهي. هڪڙيون ڌريون اڄ به يا ”پِرو پيپلز پارٽي“ آهن ته وري ٻيون ”اينٽي پيپلز پارٽي“ آهن. هو ٻن متضاد ڳالهين کي کڻي هلندو هو. مثال طور: هن نعرو سوشلزم جو هنيو پر سوشلسٽن جي نظر ۾ هن سوشلزم آڏو بند ٻڌو. هن هارين جي ڳالهه ڪئي پر پاڻ سان وڏيرا کنيائين. پاڻ کي جديديت واري نظريي سان واڳيل رکندي وچ اوڀر جي عرب بادشاهن کي پاڻ سان جوڙي ورتائين. پاڪستان جي سياست، معيشت، سماجيت وغيره ۾ سندس ڪردار ۽ حصو نه وسارڻ جوڳو رهندو. هن سماج جي بنيادن ۾ ڪجهه اهڙيون شيون وڌيون، جن کي آسانيءَ سان ڪڍي نٿو سگهجي. ضياءَ جا اپاءُ گهڻو منفي هئا، جڏهن ته ڀٽي صاحب جا اپاءُ مجموعي طور سماج جي حوالي سان مثبت هئا. مزيدار ڳالهه اها آهي ته ان کان پوءِ ضياءَ الحق توڙي سندس باقيات سمورا زور لڳائڻ جي باوجود انهن بنيادن جون پاڙون پٽي نه سگهي آهي. ڀٽو صاحب پهريون سياستدان آهي، جنهن سڄي ملڪ ۾ ۽ هيٺين سطح تي سياسي هلچل هلائي ۽ عام ماڻهوءَ تائين پهتو، عام ماڻهوءَ کي احساس ڏياريائين ته هو اهم آهي. سينيئر صحافي آءِ اي رحمان قبائلي علائقن ۾ ڀٽي صاحب جي لڪل تصوير جو تازو پنهنجي ڪالم ۾ ذڪر ڪيو آهي، جيڪا هڪ ڏورانهين علائقي جي هڪ همراهه جي اوطاق ۾ لڳل هئي. اهو همراهه نه پيپلز پارٽيءَ جو هو، نه ان جو ووٽر، هن اها تصوير رڳو ان ڪري لڳائي هئي، جو ڀٽو صاحب سندس ڳوٺ آيو هو. يعني ڀٽي صاحب جو اچڻ نشانبر بڻجي ويو. هو عوام سان ڪيئن رجوع ڪندو هو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ ڪيئن ويهي رهندو هو، ان جا هزارين مثال آهن ۽ ملڪ جي اڪثر ماڻهن وٽ اهڙن واقعن جا ڌار ڌار قصا آهن. ڀٽو صاحب شملا ٺاهه ڪرڻ ويو پئي ته سنڌ جو دورو ڪيائين. هن سانگهڙ ۽ دادوءَ ۾ جلسن کي خطاب ڪندي عوام کي ملڪ جي صورتحال ٻڌائي ۽ ساڻن صلاح ڪيائين ۽ پڇيائين ته، هيءَ صورتحال آهي، توهان ٻڌايو ته ڇا ڪجي؟ آئون نئين دهلي اندرا گانڌيءَ سان ڳالهين لاءِ وڃان يا نه وڃان؟ ڪو ٺاهه ڪري اچان يا نه ڪري اچان؟ اهو سياسي ڪميونيڪيشن جو عجيب ۽ اعلى طريقو هو. ساڳئي طرح بنگلاديش منظور ڪرڻ تي به هن ماڻهن سان مشاورت ڪئي ته ٻڌايو، بنگلاديش منظور ڪريان يا نه؟ هڪ ٻيو دلچسپ واقعو سجاول جي جلسي جو آهي. 70ع وارين چونڊن ۾ ڀٽو صاحب ٺٽي ضلعي مان به بيٺو هو ۽ چونڊ کٽي هئائين. جلسي کي خطاب ڪندي هن ماڻهن جا ٿورا مڃيا ۽ کانئن پڇيو ته، ٻڌايو توهان کي ڇا کپي؟ ڪهڙي شئي توهان کي ڏيان؟ ميڙ مان آواز آيو ته اسان کي آغا شاهي ڊپٽي ڪمشنر کپي. آغا شاهي تڏهن پرڏيهي کاتي جو صلاحڪار هو، هن پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنري ۽ ڊپٽي ڪمشنريءَ وارو دور هن ضلعي ۾ گذاريو هو، ماڻهن سان چڱو هليو هو، ان ڪري ماڻهو سندس واپس مقرريءَ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. ڀٽي صاحب کين وراڻيو ته، ”بابا، هو مون وٽ پرڏيهي معاملا سنڀالي پيو، ان کي ڪيئن اتان فارغ ڪري هيڏانهن موڪليان؟“ ميڙ مان ڪنهن چيو ته، ”سائين، نه ڏيڻو اٿوَ ته اها ڳالهه ڪريو.“ ڀٽي ماڻهن کي ٻڌايو ته آغا شاهي کي ڊپٽي ڪمشنر ڪري ٺٽي موڪليم ته منهنجو پرڏيهي ناتن وارو ڪم سڄو رُلي ويندو. ٻيو ڪجهه گهرو. ماڻهن کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته سندن فيصلو ڪيڏو صحيح آهي، جو جنهن ماڻهوءَ لاءِ هو مطالبو ڪري رهيا آهن، سو ڀٽي صاحب جا به پرڏيهي معاملا سنڀالي ويٺو آهي، يعني ڀٽي صاحب جي ۽ اسان جي سوچ هڪ ليول جي آهي. ڀٽي صاحب جي باري ۾ سندس ساٿي ۽ سنڌ ۾ اهم وزارتن جا قلمدان رکندڙ عبدالوحيد ڪٽپر مرحوم ٻه واقعا ٻڌايا. هن ٻڌايو ته، ڀٽو صاحب پاڻ ڪرپٽ ڪونه هو، ان ڪري ڪنهن کي ڪرپشن جي همت ئي ڪانه ٿيندي هئي. سندس چواڻي ته، وٽس جيل، صحت سميت چار اهم کاتا هئا، پر پگهار ايتري ڪانه هئي جو چئن ٻارن کي ڪنهن سٺي اسڪول ۾ تعليم ڏياري سگهجي. سو پيار علي الانا مرحوم، جيڪو تڏهن وزير تعليم هو، تنهن سان ڳالهه ڪيم ته يار پگهار وڌايو يا ٻارن کي اسڪالرشپ ڏيو. ائين چئي هن الانا کي ٻارن جي اسڪالرشپ لاءِ درخواست به ڏني. الانا اعتراض ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ائين ڪيوسين ته ماڻهو چوندا ته وزير اقربا پروري پيا ڪن ۽ ماڳهين فلڊ گيٽ کلي پوندو، جيڪو بند ئي نه ڪري سگهنداسين. پوءِ الانا ڪٽپر جي ٻارن لاءِ آغا خان ٽرسٽ مان تعليم جي خرچ جو بندوبست ڪرايو. جيڪڏهن هن واقعي کي ڏسجي ٿو ته ڪرپشن ڪيئن ممنوع بڻيل هئي ۽ وزير پنهنجي ٻارن جي تعليم جو خرچ نه پيو ڀري سگهي ۽ ٻيو وزير وري اقربا پروري کان پيو ڀڄي. اڄ ته خود انهيءَ پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ وزيرن جا ٻار جيڪي سهولتون غير قانوني طور ماڻين ٿا، سا ته وڏي ڳالهه آهي، پر ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي هر ضلعي ۾ جيڪي اختيار، فنڊ ۽ سهولتون مليل آهن، تن بابت سوچي نٿو سگهجي. جيڪڏهن اقربا پروريءَ واري ڳالهه تي اچجي ته وزيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي خاندانن جا ٻار ۽ رشتيدار سڌو آفيسر گريڊ ۾ ڀرتي ٿين ٿا، سڻڀن عهدن تي اچن ٿا. ڪو ايم اين اي آهي ته سندس پٽ، ڀاڻيجو، ڀائيٽو ايم پي اي آهي، وري ضلعي ۾ مڪاني ادارن ۾ به ساڳئي خاندان کي ورسايو پيو وڃي. عبدالوحيد ڪٽپر ڪچهريءَ ۾ هڪ ٻيو مزيدار واقعو ٻڌايو. ڪراچي ميونسپل ورڪرز يونين جو هڪ عهديدار ڀٽي صاحب جو سخت نقاد ۽ مخالف هو. ورڪرز جي جلسي ۾ هن ڀٽي صاحب ۽ پيپلز پارٽيءَ تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته غريبن جي ٻڌي نٿي وڃي. ڀٽي صاحب کيس ٻانهن مان جهلي ڪرسيءَ تي ويهاريو ۽ پاڻ هيٺ ويٺو ۽ چيائين ته هاڻ ڳالهائي ۽ پوءِ اهو عيسائي ملازم آخري دم تائين پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل رهيو. هن واقعي جو ٻيو حصو هي آهي ته سندس ڌيءَ انٽر پاس ڪئي، پر مارڪون گهٽ هجڻ ڪري کيس داخلا نه ملي سگهي. عبدالوحيد ڪٽپر جي صلاح تي هن ڀٽي صاحب اڳيان دانهيو ۽ گوڙ ڪيو ته غريب ماڻهو ميرٽ تي ان ڪري نٿو اچي، جو وٽس اهي سهولتون ڪونه آهن. ڀٽي صاحب فوري طور آرڊر ڪڍيو ته ڇوڪريءَ کي فوري طور داخلا ڏني وڃي. هي ٻئي انفرادي عمل آهن، جن جي موٽ مثبت طريقي سان ڏني ويئي. ڇا پيپلز پارٽيءَ جي موجوده قيادت ۽ ان جي وزيرن مان ڪڏهن ڪنهن ائين ڪيو آهي، جو هڪ عام ماڻهوءَ کي ائين عزت ڏني هجي يا ان جي جائز مطالبي تي ائين موٽ ڏني هجي. وزيرن سان رڳو ملاقات لاءِ جيئن ماڻهن کي اسيمبلي، آفيسن ۽ انهن جي گهرن تائين ڊوڙڻو پوي ٿو ۽ اتي به ڪا ڄاڻ سڃاڻ ناهي، اثر رسوخ ناهي ته خالي هٿين موٽڻو پوي ٿو، سو خود پيپلز پارٽيءَ جو نئون ٺهندڙ رڪارڊ آهي. هاڻ ته اها صورتحال آهي ته جي ڪنهن با اثر ماڻهوءَ جو واسطو، تعلق ۽ سفارش هٿ نٿي اچي، ته ڪو عام ماڻهو وزيرن سان ملڻ جو رخ به ڪونه ٿو ڪري. هو ته هو پيپلز پارٽيءَ جو قائد ۽ ان جي سياست ۽ ماڻهن سان سندس ورتاءُ، پر اڄ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت، شهر ۽ ضلعي جي قيادت ته پري جي ڳالهه، ان جي صوبائي ڪائونسل يا ڪميٽيءَ جي ميمبرن سان به نٿي ملي، ان لاءِ وٽس نه ٽائيم آهي ۽ نه حڪمت عملي. نتيجي ۾ عوام ۽ پارٽي، توڙي پارٽي ورڪرن ۽ قيادت جي وچ ۾ خلا آهي، وڏي وڇوٽي آهي، انهيءَ وڇوٽيءَ جو فائدو مفادپرست ۽ ٺيڪي تي ڪم ڪرائيندڙ وٺن ٿا، اتان ڪرپشن جو دروازو کلي وڃي ٿو. جيڪڏهن پارٽي قيادت ورڪرن ۽ عام ماڻهن سان ڳانڍاپو نٿي رکي ته کيس پوءِ ڀوتارن تي ڀاڙڻو پوي ٿو. نتيجي ۾ اڄ عام ماڻهن کي پارٽيءَ ۾ آڻڻ ۽ ميمبر سازي ڪرڻ، نوان ماڻهو ڳولي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي بدران ڀوتارن جي ڀرتيءَ وارو سلسلو زورن تي آهي. اها پيپلز پارٽي، جنهن جي ٽڪيٽ لاءِ وڏيرا، مير، پير جتيون پيا گسائيندا هئا، اڄ خود پيپلز پارٽي جي قيادت انهن وڏيرن جي اوطاقن تي سلامي ڀري رهي آهي، سندن جائز ناجائز سڀ مطالبا مڃي رهي آهي. عوام ۽ ورڪرن سان ڳانڍاپي جي صورت ۾ انهن ڀوتارن کي ڊپ رهندو هو، ڇاڪاڻ جو پارٽيءَ وٽ متبادل موجود هو، پر هاڻي پارٽي اهو متبادل پنهنجي حڪمت عملي ۽ ائپروچ جي نتيجي ۾ وڃايو آهي. پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ناراض ورڪرن جي ڳالهه، پارٽيءَ کي ٻيهر منظم ڪرڻ جي ڳالهه ته ڪئي آهي پر عملي طور تي ان جو ڪو قدم يا عڪس ڪونه ٿو ملي، ڇاڪاڻ جو مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ ڳولي ڳولي ووٽرن ۽ ڀوتارن کي هٿ ڪيو ويو آهي. سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن ”سنڌ ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو؟“ جو پوتاميل ڪيو وڃي ٿو، ته لڳي ٿو ته ان کان پوءِ سنڌ وڃايو ئي وڃايو آهي، ترقيءَ ۾، سياسي شعور ۾، ماڻهن جي حڪومت تائين رسائيءَ ۾، گورننس ۾، تعليم ۾، زراعت ۾، صنعتڪاريءَ ۾ به وڃايو آهي. هاڻي هڪ بنهه منفي حوالي سان تبديل ٿيل ۽ ورهايل سماج ۾ اسين رهون پيا، جنهن ۾ ڪير ڪنهن جو ڪونهي، ذاتي مفاد، ذاتي سهولتون، ذاتي تڪ، ذاتي اثر ۽ ترجيح رکن ٿا. پارٽي، ماڻهو ۽ ماڻهن جي خدمت، ماڻهن جي ترقي، انهن کي ڪجهه ملي، اهو سڀ ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي. پيپلز پارٽيءَ جا وزير ۽ اسيمبلي ميمبر به ذاتي طور نوڪريون وٺڻ، ترقياتي ڪم ڪرائڻ، پنهنجا پنهنجا تڪ ٺاهڻ م رڌل آهن، اجتماعي ايجنڊا گهڻو ڌڪجي وئي آهي. اڄ ڀٽي صاحب جو ورثو اهو سڀ ڪجهه نٿو مڃيو وڃي، جيڪي مٿي بيان ڪري آيا آهيون، رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ، حڪومت ۾ اچڻ، ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٿيڻ ئي سڀ ڪجهه رهجي ويو آهي.

Labels: , , , , ,

Friday, April 25, 2014

ايم ڪيو ايم جي اقتدار ۾ واپسي ۽ سنڌ ۾ بدلجندڙ سياسي صفبندي

 سھیل سانگی
ايم ڪيو ايم جي اقتدار ۾ واپسي ۽ سنڌ ۾ بدلجندڙ سياسي صفبندي

ايم ڪيو ايم جي اقتدار ۾ واپسي ۽ سنڌ ۾ بدلجندڙ سياسي صفبندي سهيل سانگي ايم ڪيو ايم جو حڪومت ۾ شامل ٿيڻ ٺُپ حيرت جي ڳالهه ناهي. گذريل سال وارين چونڊن بعد اهو ئي پئي لڳو ته، اها ڪيڏي به مهل حڪومت ۾ شامل ٿي ويندي پر ڪجهه اهڙا واقعا خود ان پارٽي جي اندر توڙي ڪراچيءَ ۾ ٿيا، جنهن ڪري ان جي حڪومت ۾ شموليت ۾ دير ٿي ويئي. گذريل سڄو سال ڄڻ اها جماعت اندروني طور ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهي، جتي هڪ کان وڌيڪ لاڙا ۽ گروپ سرگرم هئا. جيتوڻيڪ اهي اختلاف ۽ لاڙا ختم نه ٿيا آهن، پر ڪنهن حد تائين لڳي ٿو ته، ٿڌا ضرور ٿي ويا آهن. ان کان علاوه لنڊن ۾ هلندڙ ڪيسن وارو معاملو به جهڪو ٿيو آهي. جيتوڻيڪ چونڊن بعد پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبليءَ ۾ واضح اڪثريت هوندي به ايم ڪيو ايم لاءِ پنهنجون دريون ۽ دروازا کُليل رکيا، پر ايم ڪيو ايم تڪڙ ۾ ان آڇ جو فائدو نه ورتو، ڇاڪاڻ جو اسلام آباد هر حال ۾ ڪراچيءَ اندر آپريشن ڪرڻ پئي گهريو. ايم ڪيو ايم لاءِ اهو ڏکيو پئي ٿيو ته اها اهڙي حڪومت جو حصو بڻجي، جيڪا ميٽرو پوليٽن شهر ۾ ڏوهن ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪري رهي هجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته، هن آپريشن بابت وفاقي حڪومت هن جماعت کي به اعتماد ۾ ورتو هو. اهي ٻئي جماعتون هڪٻئي کي پنهنجون فطري اتحادي به سڏينديون رهيون آهن، ته وري ساڳئي وقت تي هڪ ٻئي تي الزام تراشي به ڪنديون رهيون آهن. ايتريقدر جو ان بيان بازيءَ ۾ الطاف حسين ۽ بلاول ڀٽو زرداري به پنهنجا جوهر ڏيکاريا. الطاف حسين جڏهن سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي، ته بلاول ڀٽو قوم پرستيءَ جو مشهور نعرو: ”مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون“ هنيو. ائين هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ٿيندي رهي، صورتحال اڳتي وڌندي رهي. وچ ۾ هڪ اهڙو دور به گذريو، جڏهن ايم ڪيو ايم نواز ليگ جي وفاقي حڪومت کي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پيپلز پارٽيءَ کي اهو پتو ڏيکاريو ويو ته، اها جيڪڏهن نواز ليگ سان ٺهي نٿي هلي، ته پوءِ خود پيپلز پارٽيءَ اندر ڪو فارورڊ بلاڪ ٺهي سگهي ٿو، ڪي فارورڊ بلاڪ ۾ اچي ويندا ۽ ائين ڄام صادق ٽائيپ حڪومت ٺاهي سگهجي ٿي. پر اهو خيال پَچي نه سگهيو. نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي، هڪ ٻئي جون پَهاجون سهي، پر هڪ ٻئي لاءِ ضرورت به آهن، جنهن جو اندازو هاڻي ٻنهي ڌرين کي ٿي رهيو آهي. نواز ليگ اهو پئي چاهيو ته، پيپلز پارٽي وفاق ۾ فرينڊلي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري ۽ سينيٽ ۾ پنهنجي اڪثريت کي ان حد تائين ڌِڪي ڀِت سان لڳائڻ به نه پئي گهريو، جو اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن سندس حڪومت خلاف ڪو قدم کڻي، ته پيپلز پارٽي ان کي استعمال ڪري. پيپلز پارٽيءَ جو اهو مسئلو هو ته، ان خلاف وفاق ۾ گذريل حڪومت ۾ ڪيل ڪمن بابت پڇاڻو نه ٿئي ۽ ساڳيءَ طرح سنڌ اندر نواز ليگ يا وفاقي حڪومت مداخلت نه ڪري. ائين نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي هڪ ٻئي کي اهو اسپيس ڏنو. ٻن وڏين پارٽين طرفان هڪ ٻئي کي اسپيس ڏيڻ جي نتيجي ۾ ننڍين پارٽين جو ڪردار گهٽجي ويو. گهٽجندڙ اهميت جو فارمولا وري سنڌ اندر فنڪشنل ليگ ۽ قوم پرستن تي به لاڳو ٿيو، جنهن مان نواز ليگ صفا هٿ ڪڍي وئي. ايتريقدر جو نواز ليگ سنڌ مان به هٿ ڪڍي ويئي ۽ اتي پنهنجي پارٽي منظم نه پئي ڪري. ائين سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ کي فري هينڊ ملي ويو. ان هڪ هٽيءَ کي ڏسندي سمورا ننڍيرا ۽ وڏيرا هن جماعت ڏانهن ڊوڙون پائڻ لڳا. ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت ٿيڻ تي ڪو تعجب نه ٿيڻ جي باوجود اهو سوال پنهنجي جاءِ تي آهي ته، آخر هن وقت ان جي شموليت ڇو ٿي؟ چيو پيو وڃي ته، بادشاهه گر آصف علي زرداريءَ جي اها ڪاريگري آهي جو هو ايم ڪيو ايم کي پنهنجي فولڊ ۾ وٺي آيو آهي. هن وقت، جڏهن اسلام آباد اندر ادارن جي وچ ۾ هلندڙ جنگ تيز تر ٿي ويئي آهي ۽ پيپلز پارٽي به نواز ليگ سان گڏ بيهي سياسي ڌرين جي گڏجڻ ۽ سياسي عمل کي جاري رکڻ جو اشارو ڏنو آهي، ان عرصي دوران ئي ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت ٿي آهي. يعني سياسي صفبنديءَ ۾ تبديلي اچي رهي آهي. اهڙي موقعي تي سنڌ جي ٻن اهم پارٽين جو گڏجڻ چڱي ڳالهه لڳي ٿي، ته جيئن سنڌ هڪ آواز ٿي ڳالهائي سگهي. ان مفروضي بابت سوال جو جواب اڌورو رهي ٿو ته، آخر اهي ڪهڙا مسئلا ۽ معاملا آهن، جيڪي هن اتحاد جي ذريعي حل ٿي سگهندا؟ آپريشن جي باوجود ڪراچي ۾ ڏوهن جا واقعا جاري آهن ۽ انهن جي نوعيت ۾ به ڪا خاص تبديلي يا پيش رفت نظر ڪونه ٿي اچي. ڇا ايم ڪيو ايم کي ٻيهر حڪومت ۾ آڻڻ سان ڪراچيءَ جي امن ۾ ڪو فرق پوندو؟ ڪنهن به طرح سان ان ۾ ڪا گهٽتائي ايندي؟ انهيءَ جو امڪان گهٽ ٿو لڳي، ڇاڪاڻ جو جڏهن کان ايم ڪيو ايم ٺهي آهي، تڏهن کان اها هر ڌر سان گڏ حڪومت ۾ رهي آهي، پر ڪراچيءَ جون حالتون بهتر بڻجڻ بدران وڌيڪ خراب ئي ٿينديون رهيون آهن. ها اهو ضرور لڳي ٿو ته، شايد ڪراچيءَ ۾ آپريشن ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ آپريشن بعد جيڪو ماحول ٺهندو، ان ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي پوزيشن ٺاهي سگهي ٿي ۽ آپريشن جو حصو بڻجڻ جي ڊپ کان هو حڪومت ۾ نه اچي رهي هئي. اها رڪاوٽ به دور ٿيڻ واري آهي. ساڳئي وقت پنهنجن ماڻهن کي اهو به ڏيکاري سگهي ٿي ته، آپريشن ختم ڪرائڻ ان جي ڪاميابي آهي. اها ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ته، ايم ڪيو ايم هن ڀيري گهٽ حصي تي راضي ٿي ويئي آهي. ماضيءَ ۾ ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ۽ ان جون فرمائشون ڊگهيون رهيون آهن، جيڪي وڏي حد تائين پوريون به ٿينديون رهيون آهن. ان ڏس ۾ خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته، مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻ ڏانهن وڃن پيون. ايم ڪيو ايم وڏو حصو يا هن وقت ڇڏيل حصو، انهن چونڊن ۾ وٺندي. ڪي حلقا ايم ڪيو ايم جي واپسيءَ کي مڪاني ادارن جي چونڊن سان ڳنڍي رهيا آهن. بهرحال، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ شامل ٿي رهي آهي، ان کي هاڻي حڪومتي ڌر جو ئي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ائين نه ٿئي جو ماضيءَ جيان حڪومت ۾ رهندي به مخالف ڌر بڻي بيٺي هجي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وري ڇو گڏ ٿيون آهن؟ ان بابت اهي ٻئي جماعتون پنهنجي ماڻهن کي ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ جا ماڻهو پوءِ اهي شهري علائقي ۾ رهندا هجن يا ٻهراڙين ۾، اهي چاهين ٿا ته، کين ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن شرطن تحت اها شموليت ٿي آهي؟ ان مان عام ماڻهوءَ کي ڇا ملندو؟ سنڌ جي حالتن تي ڪهڙو فرق پوندو؟ ياد رهي ته هِيءَ ڪا نئين سياست بازي آهي.

Labels: , , ,

Wednesday, February 05, 2014

تھر کے خواب اور کوئلہ


گزشتہ بائیس سال سے تھر کے لوگوں کو کیا کیاخواب دکھائے جا رہے ہیں کہ اس ریگستان میں 175ارب ٹن اعلیٰ معیار کا کوئلہ موجود ہے، یہ مقدار دو بڑے تیل پیدا کرنے والے ممالک سعودی عرب اور ایران کے تیل کے مشترکہ ذخائر کے برابر ہے۔ یہ بھی کہ اس کالے سونے کے استعمال سے ایک لاکھ میگاواٹ بجلی دو سو سال تک پیدا کی جاسکتی ہے۔لیکن ہر مرتبہ یہ خواب شرمندہ تعبیر ہوتے ہوتے رہ جاتا ہے۔ کبھی تیل کی لابی، تو کبھی کالاباغ ڈیم کے حامی، تو کبھی وفاق اور صوبائی حکو مت کے درمیان تنازع یا پھر رقم کی عدم موجودگی آڑے آجاتی ہے۔ کالے سونے کے ذخائر نکالنا تھر کے لوگوں کے لیے بادلوں کی طرح ہوگئے ہیں جو ہر مرتبہ آتے تو ہیں مگر برستے نہیں۔ جیسے ہر مرتبہ لوگ بارش کے لیے آسمان میں آنکھیں ڈالے بیٹھے رہتے ہیں اسی طرح لوگ حکومت کے اعلان سنتے رہتے ہیں۔

بینظیر بھٹو نے 1994ء میں تھاریو ہالے پوٹو کے قریب تھر کول فیلڈ کا افتتاح کیا اور اس کوئلے سے سمندر کے کنارے کیٹی بندر کے پاس بجلی گھر قائم کرنے کا اعلان کیا، مگر نواز شریف نے حکومت میں آکر اس منصوبہ کو سرد خانے میں ڈال دیا۔ جنرل مشرف نے بجلی کے بحران اور بعض دیگر وجوہات کی بنا پر تھر کے کوئلے میں ہاتھ ڈالا۔ ان کی سربراہی میں ایک کمیٹی بھی تشکیل دی گئی۔ مگر بیل منڈھے نہیں چڑھی۔ پیپلز پارٹی کے گزشتہ دور حکومت میں جوہری تونائی کے ماہر ڈاکٹر ثمر مبار ک کرشمے کا دعویٰ کر کے میدان میں آئے کہ وہ تین سال میں زیر زمین ہی کوئلے کو گیس میں تبدیل کر کے استعمال کی ترکیب سے پائلٹ پروجیکٹ شروع کر سکتے ہیں۔ تین سال 2013ء میں مکمل ہوگئے لیکن یہ پائلٹ پروجیکٹ بھی عمل میں نہیں آسکا۔ ان کا کہنا ہے کہ انہیں ایک ارب روپے کی ضرورت ہے جو نہ وفاقی حکومت دے رہی ہے اور نہ ہی سندھ حکومت۔ وزیر اعظم یوسف رضا گیلانی نے کئی مرتبی تھر کوئلے کو یاد کیا۔ لیکن کوئی عملی شکل نہیں نکال سکے۔ ان کے بعد آنے والے پیپلز پارٹی کے وزیر اعظم راجا پرویز اشرف نے تھر فیلڈ کا دورہ کیا اور ایک مرتبہ پھر تھر کے لوگوں کو آسرا دیا۔ مگر نتیجہ صفر رہا۔

تبدیل شدہ حالات میں نواز شریف 31 جنوری کو کوئلہ نکالنے اور اس سے بجلی گھر بنانے کا افتتاح کرنے جا رہے ہیں ۔آج تھر کا کوئلہ دوبارہ یاد آنے کے محرکات یہ ہیں:

الف) زرمبادلہ کی کمی تیل سے پیدا کی جانے والی بجلی کی مہنگائی کے باعث حکومت کے پاس کوئی چارہ نہیں تھا کہ وہ کوئلے کا آپشن اپنائے۔ (

ب) پنجاب 2009ء سے اپنے صوبے میں کوئلے سے بجلی تیار کرنے کے چھ بجلی گھروں پر ہوم ورک مکمل کرچکا ہے۔ وزیر اعلیٰ پنجاب کے حالیہ بیان کے مطابق اب ان پر کام شروع کیا جا چکا ہے اور چینی اور جرمن کمپنیوں سے معاہدے کئے جارہے ہیں۔ پنجاب اپنے سالٹ رینج سے کوئلہ نکالنے کیساتھ ساتھ بلوچستان کے چمالنگ کے مقام سے روزانہ 2400 ٹن کوئلہ حاصل کرکے بجلی گھر چلانے کا معاہدہ کرچکا ہے۔

ت) گڈانی میں کوئلے پر چلنے والے دس بجلی گھر بنانے کے لیے قطر اور چین سے معاہدے ہو چکے ہیں۔ یہ بجلی گھر پنجاب حکومت قائم کر رہی ہے جن میں درآمد شدہ کوئلہ استعمال کیا جائے گا۔

ث) ایشین ترقیاتی بینک پرانے بجلی گھر کوئلے پر شفٹ کرنے کے لیے بھی بھاری رقم فراہم کر رہا ہے۔ یعنی تھر کا کوئلہ استعمال نہیں کیا گیا لیکن ملک میں ڈیڑھ درجن بجلی گھر کوئلے پر بنائے جارہتے تھے ۔ یہ تمام بجلی گھر درآمد شدہ کوئلے پر ہی بنائے جارہے تھے۔ اس صورتحال نے کئی سوالات کھڑے کردیئے۔ مزید برآں یہ کہ نواز شریف کی وفاقی حکومت کی جانب سے سندھ کو نظر انداز کرنے پر مختلف حلقوں میں تنقید ہوئی ۔ اور سندھ حکومت بھی زیر تنقید آئی کہ وہ کچھ نہیں کررہی۔یہ ہے وہ پس منظر جس میں ایک بار پھر تھر کے لوگوں کے خواب زندہ کر لیے گئے اور سندھ حکومت اکتیس جنوری کو وزیر اعظم نواز شریف اور آصف زرداری کو تھاریو ہالے پوٹو لے کر جارہی ہے۔

نواز شریف پر سندھ میں یہ بھی سخت تنقید ہوتی رہی ہے کہ 90 کی دہائی میں انہوں نے کیٹی بندر، تھر کول سمیت سندھ کے بعض ترقیاتی منصوبے منسوخ کردیئے تھے۔ ان کے لیے یہ سنہری موقع تھا کہ وہ یہ تنقید دھو ڈالیں۔ یعنی رند کے رند رہے ہاتھوں سے جنت نہ گئی۔

تھر کے لوگوں کو ابھی تک یقین نہیں کہ اس پروجیکٹ پر واقعی عمل ہوگا۔ تھر کول بھی کالاباغ ڈیم کی طرح ہوگیا ہے۔ جس پر ہر فریق سیاست کر رہا ہے۔ کسی کو لالچ، کسی کو آسرا تو کسی کو خواب اور کسی کو اس سے ڈارایا جارہا ہے۔

تھر کول پروجیکٹ کے حوالے سے کئی کہانیاں ہیں۔ چونکہ یہ پروجیکٹ قومی اہمیت کا حامل ہے لہٰذا وفاقی حکومت نے 60 فیصد رقم فراہم کرنے کا اعلان کیا تھا۔ اس کے ساتھ سرمایہ کاروں کو مطلوبہ گارنٹی بھی دینے کا فیصلہ کیا تھا۔ ستم ظریفی یہ ہے کہ پیپلز پارٹی پانچ سال حکومت میں رہی لیکن اس نے مطلوبہ رقم فراہم کی اور نہ ہی گارنٹی دی۔ چینی کمپنی کے برسوں تک کام کرنے کے بعد بجلی کا نرخ دیا وہ بھی سرسری طور پر مسترد کردیا گیا۔ حالانکہ یہ نرخ آج کی صورتحال کو دیکھتے ہوئے کوئی زیادہ نہیں تھا۔ حالانکہ آج ہم تین اور چار گنا زیادہ نرخ ادا کر رہے ہیں۔

کراچی الیکٹرک سپلائی کارپوریشن اپنا ایک بجلی گھر کوئلے پر شفٹ کرنا چاہتی ہے۔ اس مقصد کے لیے بن قاسم پورٹ پر ایک نئی جیٹی بھی تعمیر کی جارہی ہے۔ سندھ حکومت میں اتنا نہیں کر سکی کہ وہ کے ای ایس سی اور گڈانی میں زیر تعمیر دس بجلی گھروں کو پابند بنائے کہ وہ درآمد شدہ کوئلے کے بجائے تھر کا کوئلہ استعمال کریں۔ یوں امپورٹ پر خرچ ہونے والی بڑی رقم بچ جائے گی۔ اور بجلی کی لاگت میں بھی کمی واقع ہوگی۔ اینگروکمپنی جو تھر میں کول پروجیکٹ شروع کر رہی ہے اس کی فرمائش ہے کہ اسے جامشورو کا بجلی گھر بھی بیچ دیا جائے۔ تعجب کی بات ہے کہ نئے پروجیکٹ شروع کرنے والی کمپنی کی آنکھ بنے بنائے اثاثوں پر ہے۔

کوئلے کا پروجیکٹ شروع ہونا اچھی بات ہے۔ کہا جارہا ہے کہ اس سے اس کے ساتھ ساتھ تھر کے لوگوں کو برسوں سے دکھائے جانے والے خواب کی حقیقت کیا ہے اس کا بھی پتہ لگے گا۔ تھر میں کوئلہ اوپن پٹopen pit کے ذریعے نکالا جائے گا۔ یعنی ایک وسیع علاقے میں تین سے چار سو فٹ تک کھدائی ہوگی۔ اس سے زیر زمین پانی کے ذخائر بری طرح سے متاثر ہونگے۔ درخت ، پودے، پرندے اور مال مویشی کے لیے مطلوبہ ماحول ختم ہو جائے گا۔ یہ بات قابل ذکر ہے کہ مویشی پالنا تھر کے لوگوں کا دوسرے نمبر پر ذریعہ روزگار ہے۔ اس کے علاوہ متاثرہ علاقے میں گھر، گاؤں، کھیت اور آسائشی زمین بھی متاثر ہوگی جو کہ یہاں کے غریب لوگوں کے جینے کے اہم وسائل ہیں۔ اس صورتحال کے باوجود متاثرہ لوگوں کی بحالی کے لیے کوئی پالیسی نہیں بنائی گئی ہے۔ جب کہ پوری دنیا میں تیل، گیس ، کوئلے اور دیگر معدنیات کی کھدائی کے لیے متاثرہ علاقوں میں بنائی جاتی ہے ۔ سٹلمنٹ پالیسی بنانے کا ٹھیکہ ایک نجی کمپنی کو دیا گیا تھا، جو کہ تین سال میں بھی یہ پالیسی نہیں بنا پائی ہے۔ اس حوالے سے اس کمپنی نے بعض سماعتیں کیں جن میں مجوزہ پالیسی کو لوگوں نے مسترد کردیا تھا۔ اب حکومت برطانوی راج کے قانون لینڈ اکیوزیشن ایکٹ مجریہ 1848 کے تحت لوگوں سے زمینیں لے رہی ہے۔ سامراجیوں کا بنایا ہوا قانون ہے جس کا مرکز لوگ نہیں بلکہ زمین اور وسائل تھے۔ یہ اس زمانے کا قانون ہے جب انسانی حقوق کا کوئی تصور ہی نہیں تھا۔ تھر کے لوگ کوئلہ نکالنے پر ناخوش نہیں۔ ان کی صرف اتنی سی فرمائش ہے کہ یہ زیر زمین وسائل ان کے ہیں اور وہ بھی اس قوم کا حصہ ہیں اور اس ملک کے شہری ہیں۔ انہیں اور نہیں کم از کم اپنے وسائل میں تو حصہ دیا جائے۔

Labels: , , , , , ,

سندھ فیسٹیول سیاست یا موئن جو دڑو کا تحف٭۔۔۔



موئن جو دڑو پر سندھ فیسٹیول کی افتتاحی تقریب کے انعقاد نے رائے عامہ کو پیپلز پارٹی پر تنقید کی دعوت دے دی ہے۔ میڈیا سے سوشل میڈیا تک اور عام گفتگو میں یہی موضوع زیر بحث ہے۔اس موقع پر کراچی سمیت بعض شہروں میں احتجاجی بھی ہوا، موبائل فون پر مسیج بھی چلے اور سوشل میڈیا میں گرما گرم بحث چھڑی ہوئی ہے۔

سب سے بڑا اعتراض یہ ہے کہ اتنی بڑی تقریب کے انعقاد سے پانچ ہزار سال پرانی تہذیب کے آثاروں کو نقصاب پہنچے گا جو پہلے ہی زبون حالت میں ہیں۔

ایک تنقید یہ بھی ہے کہ ثقافت اور سندھیت کے نام پر پیپلز پارٹی اپنے نئے چہرے بلاول بھٹو زرادری کو متعارف کرانا چاہتی ہے ۔تعجب کی بات ہے کہ سندھ میں غذائیت کی کمی، امن و امان، صحت، تعلیم کی تباہ کن صورتحال ہے۔ جس نے لوگوں کا جینا دوبھر کردیا ہے۔ لیکن ان مسائل کو ایک طرف رکھ کر ثقافت کو زندہ کرنے کا نعرہ دیا جارہا ہے۔

شاید یہ چاروں سوال مشکل ہیں کیونکہ ان کا تعلق گورننس سے ہے۔ اور گورننس کو ٹھیک کرنا بلاول بھٹو یا پیپلز پارٹی کے بس کی بات نہیں لگتا لہٰذا ثقافت کے نام پر لوگوں کے دلوں میں جگہ تلاش کی جارہی ہے۔

بلاول بھٹو نے اس پروگرام کے ذریعے سندھ میں مذہبی انتہاپسندی کو روکنے کا دعویٰ کیا ہے۔لیکن حقیقت تو یہ ہے کہ انتہا پسندی اور تشدد میں اضافہ اس وجہ سے ہوا ہے کہ گورننس ختم ہوگئی ہے۔ اور گورننس کے فقدان کی وجہ سے ہی لوگ اسلامی قوانین وغیرہ میں پناہ ڈھونڈ رہے ہیں۔

اس فیسٹیول سے موئن جو دڑو کوا فائدہ پہنچے گا؟ تقریب میں جن لوگوں کو بلایا گیا تھا ان کو غالبا ان آثار کی اہمیت اور زبون حالی دونوں کا پتہ ہے۔ نہ باہر سے کسی ایسے ادارے یا حکومت کے نمائدنے کو بلایا گیا جو اس ثقافتی ورثے کے تحفظ میں مدد کرے اور نہ ہی غیرملکی میڈیا کو خاص طور بلایا گیا جو اس مہم میں مدد دے۔ تقریب پر پچہتر سے پچاسی کروڑ روپے تک کی رقم خرچ کی گئی۔ یہ ایک خطیر رقم ہے جو ان آثار کے تحفظ کے لیے استعمال کی جاسکتی تھی۔ موئن جو دڑو کو جشن کی نہیں تحفظ کی ضرورت ہے۔جو پہلے ہی تباہی کے کنارے پر پہنچ چکے ہیں۔ پانچ ہزار سال پرانی تہذیب کے آثار اس دہانے پر جا پہنچے ہیں کہ یہ ایک بار پھر صفحہ ہستی سے مٹ جائیں گے اور اس مرتبہ اس کے نشانات بھی نہیں ملیں گے۔ ہمیں صرف تاریخ کی کتابوں میں اس کاذکر اورچند تصاویر ہی ملیں گی۔

موئن جو دڑو اعلیٰ رہن سہن کا شاہکار بھی ہے۔پختہ دیواروں، گلیاں باتھ روم، دو منزلہ مکانانت جن میں دو کمرے ایک دوسرے سے منسلک، منظم آب رسانی اور نکاسی انتظام، جو کہ بہت ہی تہذیب یافتہ شہری آبادی کا جیتا جاگتاثبوت ہے۔ مذہبی تقریبات کے اجتماعی غسل خانہ، اناج کا گودام، اسمبلی ہال، بڑے بڑے مکانات، گرڈ سسٹم روڈ، اور نکاسی آب کا ایسا نظام جو شاید ہند و پاک میں آج بھی ایک خواب ہو۔

یونیسکو نے اسی کے عشرے میں ان آثار کو عالمی ورثے قرار دیا تھا۔ فن تعمیر اور شہری منصوبہ بندی کی اس انوکھی مثال کا کبھی جامع سروے بھی نہیں کیا گیا جس سے اندازہ ہوسکے کہ یہ شہر کتنے میل میں پھیلا ہوا تھا۔ ماہرین کا خیال ہے کہ بمشکل دس فیصد حصے کی کھدائی کی گئی ہے۔ لہٰذا تاریخ کے کئی خزانے ابھی تک زمین میں مدفون ہیں۔

جرمن محقق مائیکل جانسن نے جان مارشل کی فیلڈ بک میں اس قدیم شہر سے برآمد ہونے والے تین ہزار نوادرات کا پتہ لگایا تھا جن میں سے بیشتر غائب ہیں۔ جو نوادرات میوزیم میں محفوظ کئے گئے تھے وہ بھی وہاں محفوظ نہیں ۔ کئی مہریں میوزیم کی دیوار توڑ کر چوری کرلی گئیں۔ ستر کی دہائی میں ذوالفقار علی بھٹو کی سربراہی میں اس عالمی ورثے کو بچانے کے لیے ملکی

سطح پر ایک کمیٹی تشکیل دی گئی۔ انیس سو چوہتر میں یونیسکو کی مدد سے موئن جو دڑو بچانے کے لیے ماسٹر پلان بنایا گیا۔ ان آثار کی بچاؤ مہم کو بعض سیاسی جوہات کی بنا پر بھی دھچکا لگا۔ ضیاء الحق نے عالمی مہم روک دی۔ نواز شریف حکومت میںآئے تو انہوں نے موئن جو دڑو اتھارٹی ہی ختم کردی۔

جرمن اسکالر نے پاکستان کے حکام کی بے احتیاطی کو دیکھتے ہوئے چند برس پہلے کہا تھا کہ اگر اس بڑی دریافت کو محفوظ نہیں رکھ سکتے تو اس کی قیمت لگائیں، ایک ڈالر ایک اینٹ کے حساب سے ہم خرید کرتے ہیں۔

مقامی صحافی عبدالحق پیرزادو کا کہنا ہے نوے کے عشرے میں جاپانی حکومت نے تجویز دی تھی کہ دس برس تک یہ سائٹ ان کے حوالے کی جائے، وہ اس سائٹ کو شیشے سے ڈھانپ دیں گے اس سے یہ آثار بارشوں، سورج کی تپش اور ہوا وغیرہ سے محفوظ رہ سکیں گے۔ ان کا کہنا ہے کہ پاکستان حکومت نے جاپان کی تجویز کو قبول کرنے کے بجائے فرمائش کی کہ یہ رقم اس کے حوالے کی جائے۔

وقفے وقفے سے موئن جو دڑو کا دورہ کرنے والے ماہرین کا کہنا ہے ہر بار انہیں زیادہ افسوس ہوتا ہے۔ شہر کے نچلے علاقے میں عمارتوں اور گھروں کے نشانات زیادہ واضح ہیں۔ متوسط اور نچلے طبقے کے لوگوں کی دیواریں جھک گئی ہیں اور گر رہی ہیں۔ زیر زمین آبی نمکیات اینٹوں کو کھا رہی ہیں۔ جو کھدائی سے پہلے مضبوط اور صحٰح سلامت تھیں۔ ان دیواروں کو لکڑی کے پشتوں کے ذریعے کھڑا کیا گیا ہے۔ جو کہ زیادہ دن تک نہیں چل سکتے۔شہر کے اوپر کے حصے میں دیواریں گر چکی ہیں دوسری گرنے کے دہانے ہیں۔

زیرزمین پانی اور اس میں شامل نمکیات کے علاوہ بارشیں بھی دیواروں کو زبردست نقصان پہنچا رہی ہیں جو صرف اوپر کی سطح پراثرانداز ہوتی اس کے علاوہ بارش کا پانی کھڑا بھی ہو جاتا ہے۔ ان آثارکی گزشتہ دو سال میں سالانہ مرمت بھی نہیں ہوئی۔ لے دے کر چند ملازمین اس کی جھاڑو لگا کر صفائی کرتے ہیں اس کے علاوہ کوئی کام نہیں کیا جارہا ہے۔

تعجب کی بات ہے کہ موئن جو دڑو کی کوئی ویب سائٹ نہیں۔ اس سے بھی زیادہ افسوس کی بات یہ ہے کہ یہاں نہ انٹرنیٹ کی سہولت ہے اور نہ ہی ٹیلیفون کی۔ حد تو یہ ہے موئن جو دڑو کے میوزیم اور اس کی حفاظت کے لیے قائم آفیس میں بھی فون کی سہولت نہیں۔ یونیسکو کے ماہرین کی بھی یہی رائے ہے کہ دیواریں اور اینٹیں گل سڑ رہی ہیں۔ لہٰذا اس ورثے کو بچانے کے لیے فوری اقدامات کی ضرورت ہے۔

ماہر آثار قدیمہ عاصمہ ابراہیم مایوس ہیں۔ ان کا کہنا ہے کہ کسی بھی محکمے کے پاس نہ مہارت ہے اور نہ ہی جذبہ ۔ جس تیزی سے چیزیں خراب ہو رہی ہیں اسکو دیکھتے ہوئے کہا جاسکتا ہے کہ یہ بمشکل اگلے بیس سال تک قائم رہ سکے۔ اب حکام کے پاس دو ہی آپشن ہیں۔ ایک یہ کہ اسکو تباہ ہوتے ہوئے دیکھیں، یا پھر اس کو ڈاکومنٹ کرکے واپس زمین میں دفن کردیں۔ جب تک اس کو محفوظ کرنے کے اقدامات اور وسائل نہیں کئے جاتے۔

کیا اس پس منظر میں بلاول بھٹو کا یہ قدم موئن جو دڑو کو بچا سکتا ہے؟

Labels: , , , ,

Tuesday, January 28, 2014

Muzakrat ka rag


Labels: , , ,

Honourary Degrees


Labels: , , ,