Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

حڪمرانن جي بدليل ترجيحن سبب پيدا ٿيل بحران


حڪمرانن جي بدليل ترجيحن سبب پيدا ٿيل بحران

سهيل سانگي

اربع 19 مارچ 2014ع

ملڪ ۾ ٻه ئي وڏا مسئلا ڇانيل آهن. پهريون طالبان جو ۽ ٻيو ٿر ۾ ڏڪار جو. ٿر واري ڏڪار وري صوبي توڙي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موجود ڏڪارن ۽ ڏکين حالتن کي سامهون آڻي ڇڏيو آهي. پنجاب جي چولستان وارو علائقو، جنهن جو وزير اعظم ٿر جي دوري دوران ڏاڍو ڇاتيءَ تي هٿ هڻي ذڪر ڪري رهيو هو، اُتي به ڏُڪار ظاهر ٿي پيو آهي. ميڊيا ۾ ڏُڪار ۽ بدحالي يا وري طالبان سان ڳالهين جو چوٻول گذريل ٻن هفتن کان هلي رهيو آهي. اهي ٻئي مسئلا ملڪ جي سڄي سياسي توڙي معاشي صورتحال کي پڌرو ڪري وجهن ٿا. طالبان وارو معاملو دهشتگردي، امن و امان يا وري سيڪيورٽيءَ سان واڳيل آهي. اهو معاملو گذريل هڪ ڏهاڪي کان هلي پيو. ڏڪار يا بدحاليءَ جو معاملو ڄڻ اوچتو ڌماڪي سان ظاهر ٿيو آهي، جنهن لاءِ هاڻي سمورا سرڪاري توڙي غير سرڪاري حلقا متفق آهن ته ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ٿيڻ ۽ خراب انتظام ڪاري يا حڪمراني جي تسلسل سبب اها صورتحال پيدا ٿي آهي، جيڪا هاڻي صحت، غذائيت ۽ معيشت تي اثر انداز ٿيندي سماجيت ۽ سياست تائين وڃي پهتي آهي. اصل ۾ اسان وٽ ڪيترن سالن کان حڪومت جو سمورو ڌيان سيڪيورٽي (حفاظت ۽ دفاعي) معاملن تي رهيو آهي. نتيجي ۾ ملڪ توڙي سماج جا ٻيا سياسي، مالي توڙي انتظامي معاملا ترجيح ۾ پوئتي رهيا. هاڻي حالت اها وڃي بيٺي آهي ته، ڪو معمولي يا ننڍو واقعو به سڌو سنئون ڊزاسٽر بڻجي وڃي ٿو. گذريل سال واري ارڙي هجي، گيسٽرو يا وري ٿر جي موجوده ڏُڪار يا وري صحت ۽ تعليم کاتي جي صورتحال، امن امان وارو ڊزاسٽر هاڻي ٻهراڙين ۾ به کليل نموني نظر اچي ٿو. جتي ننڍي وڏي لاقانونيت ۽ ڏوهه کان وٺي وڏن ڏوهن تائين جو رواج عام ٿي ويو آهي. بلڪل خير سلا جهڙي ڳالهه لڳندي آهي. قصو ڪجهه هن ريت آهي ته، ملڪ کي اٿندي ئي خاص مقصدن لاءِ سيڪيورٽي رياست بڻايو ويو. حالانڪه قائد اعظم ان کي عام ماڻهوءَ جي ڀلي ۽ خدمت واري رياست يا ويلفيئر اسٽيٽ بنائڻ پئي چاهيو. 11 آگسٽ 47ع واري تقرير ۾ ان جو بنهه چٽو عڪس ملي ٿو. اسان پنجاهه واري ڏهاڪي جي شروع ۾ ئي عالمي توڙي علائقائي حوالي سان آمريڪي بلاڪ جو حصو بڻجي وياسين. اتان ئي ويلفيئر بدران سيڪيورٽيءَ وارا معاملا اهم ٿي ويا. آمريڪي اتحاد ۾ وڃڻ لاءِ جواز سيڪيورٽي معاملن کي بڻايو ويو. ائين سيڪيورٽي رياست جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو. 58ع جي مارشل لا جو ڪوبه قانوني ۽ اخلاقي جواز نه هو. ڪنهن جوڳي قانوني جواز جي کوٽ هئي، جنهن تڏهوڪي عسڪري اسٽيبلشمينٽ کي مجبور ڪيو ته، اها پنهنجي حڪمراني کي جائز قرار ڏيڻ ۽ قابل قبول بنائڻ لاءِ ڪي نوان طريقا ڳولي. ان ڳولا ۾ رياست جو ڪردار جيڪو 40ع واري ٺهراءَ يا قائد اعظم جي تقريرن ۾ هو، سو ڳجهه ڳوهه ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اها ويلفيئر اسٽيٽ جي بدران سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي ويئي. انهيءَ ”قومي سلامتي“ جي نالي ۾ عوام جمهوريت ۽ حقن تان هٿ کڻڻ سميت گهڻو ڪجهه ڀوڳيو. 65ع واري جنگ، ڪارگل وارو واقعو ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه رياست جي انهي ڪردار کي برقرار ۽ قبوليت ڏيڻ لاءِ پاڙيسرين سان جهيڙا رهيا. فوج جو سربراهه اڳي ته اسيمبلي توڙي صدر ۽ وزير اعظم کي هٽائيندو هو پر 3 نومبر 2007ع تي اها صورتحال بيٺي جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي به هٽايو ويو. ستر واري ڏهاڪي جي آخري مارشل لا هڻندڙ هٿ ٺوڪيا ”نظرياتي سرحدن“ جا محافظ بڻجي ويٺا، انهن اهو فرض ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي مقرر ڪيو. پوءِ انهن خدائي فوجدار سڏرائيندڙ مذهبي پارٽين جو سهارو ورتو. اهي جماعتون چونڊن يا سول حڪمراني ۾ ته ماڻهن کي قابل قبول نه پي رهيون، تن کي اهو وجهه به مليو ۽ کين اها ڳالهه ڀانءَ به پئي. ائين انهن وري پنهنجو رجعت پسنداڻو ايجنڊا اڳتي وڌايو. مٿان وري جو افغانستان واري جنگ لڳي ته سڄي دنيا جا جهادي اچي اسان وٽ ويٺا، ته جيئن سوويت يونين کي اتان ڀڄائجي، جيڪا بنيادي طرح آمريڪي ايجنڊا هئي پر اسان کي اسلامي بڻائي وڪرو ڪئي وئي. انهن جهادين ۽ افعانستان جي پرائي جنگ اڳتي هلي ملڪ اندر يا اندروني سلامتي جا مسئلا پيدا ڪري وڌا، جن جو ذڪر گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان عسڪري حلقا به ڪري رهيا آهن. جوهري پروگرام جي ڪري آمريڪا ۽ ان جي يورپي اتحادين جي پاليسي وري عسڪري حلقن کي ڪاوڙائي وڌو ۽ انهن ۾ آمريڪي مخالفت وارو عنصر اچڻ لڳو. جهادي، جيڪي ڪالهه تائين افغانستان ۾ پئي وڙهيا، سي وري اسان جي ”حڪمتِ عملي وارو اثاثو“ بڻجي ويا. هاڻي انهن جا ڪيترائي گروپ آهن، جيڪي پنهنجي ليکي ملڪ ۾ به ڪارروايون ڪن ٿا ۽ سندن ڪارروايون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ملڪ جي اندروني ثقافتي، سماجي ۽ فڪري رواداري واري تاڃي پيٽي کي ٽوڙينديون آهن يا وري ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي ڌڪ رسائيندا آهن. هاڻي اهي گروپ رڳو ملڪ لاءِ اندروني طور بيروني طور سلامتي جو مسئلو بڻجي ويا آهن. پاڪستان جي معيشت تي گهري نظر رکندڙ قيصر بنگاليءَ جو چوڻ آهي ته، ڀٽي صاحب جي ڏينهن ۾ رياست جي ڪردار ۾ سوشل ويلفيئر واري پاسي ٿورو لاڙو آيو هو، ڪن انگن اکرن موجب قيصر بنگالي جي ڳالهه صحيح به ٿي سگهي ٿي. هڪ حد تائين بينظير ۽ نواز شريف جي شروع واري حڪومتن ۾ به ائين ٿيو هو. پر هن ڀيري ته نواز شريف پابند بڻيل آهي ته، هو طالبان واري معاملي کي حل ڪندو. يعني سيڪيورٽي اسٽيٽ وارو جزو سندس اولين ترجيح هوندي. ائين واقعي لڳي به ٿو. دفاعي بجيٽ وڌي آهي ۽ سماجي ڀلائيءَ واري شعبي لاءِ گهٽ رقمون آهن، اهي ڳالهيون پراڻيون لڳن ٿيون. هاڻي ته خود ملڪ اندر امن و امان ۽ سلامتي واري صورتحال تي ايڏيون وڏيون رقمون خرچ ٿي رهيون آهن، جيڪي ڪنهن صوبي جي ترقياتي پروگرام جي برابر آهن. وزير اعظم نواز شريف هجي يا سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه، انهن ٻنهي جيترا امن امان يا سلامتي بابت اجلاس ڪيا هوندا، ان جي حصي پتي جيترا اجلاس به ترقياتي ڪمن يا سٺي حڪمراني لاءِ نه ڪيا هوندا. ڊفينس آف پاڪستان آرڊيننس بعد ڳجهن ادارن جو نيٽ ورڪ وڌايو ۽ مضبوط ڪيو پيو وڃي. صوبن سان خفيه ڄاڻ جي شيئرنگ لاءِ الڳ ڊائريڪٽوريٽ قائم ٿي رهي آهي. ميڊيا ۾ رپورٽون آهن. پاڪستان دنيا ۾ ٽئين نمبر تي هٿيار خريد ڪندڙ وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي (انڊيا پهرئين نمبر تي آهي). سنڌ حڪومت جو سمورو ڌيان ڪراچيءَ جي واقعن تي آهي، جتي آپريشن ڪي گهڻا ٺوس نتيجا نه ڏيئي رهيو آهي، سنڌ جي ڪيتري بجيٽ انهي آپريشن، رينجرز جي ڊيوٽي ۽ امن امان سان واڳيل مدن تي خرچ ٿي رهي آهي. اهو هڪ وڏو انگ آهي. بلوچستان ۾ اڻ اعلانيه ڪارروايون هلندڙ آهن، اتي جي بجيٽ ۽ وسيلا به عام ڀلي وارن ڪمن تي خرچ نه ٿي رهيا آهن ۽ اتي جي حڪومت جي ترجيح ۽ توجهه به امن امان سان واڳيل مسئلن ڏي هجڻ ڪري عام ڀلي واري سياسي سوچ به نه هئي. وفاقي حڪومت جو به اهو ئي معاملو آهي. وزير اعظم کي يا طالبان سان ڳالهين بابت يا وري ڪراچي جي واقعن بابت اچڻو وڃڻو پوي پيو. ملڪ اهڙي سيڪيورٽي رياست ٿي ويو آهي، جتي جا نه وسيلا عام ڀلي وارن ڪمن لاءِ پيا بچن ۽ نه وري حڪومت جي ترجيح، توجهه ۽ وقت انهن ڪمن لاءِ آهي، جيڪڏهن عوام ۽ ان جا مسئلا گهٽ ترجيح رکن ٿا، ته پوءِ انتظاميه طرفان ڪوتاهي، نااهلي ۽ ڪرپشن جا اڻ کٽ ۽ وڏا سلسلا ٺهي پون ٿا. نتيجي ۾ هر هنڌ عملي طرح وسيلن، انتظامن، ترجيح جو ڏڪار عام نظر اچي ٿو. ٿر ته رڳو وڏو مثال بڻيو آهي.

Labels: ,

Wednesday, February 05, 2014

سندھ فیسٹیول سیاست یا موئن جو دڑو کا تحف٭۔۔۔



موئن جو دڑو پر سندھ فیسٹیول کی افتتاحی تقریب کے انعقاد نے رائے عامہ کو پیپلز پارٹی پر تنقید کی دعوت دے دی ہے۔ میڈیا سے سوشل میڈیا تک اور عام گفتگو میں یہی موضوع زیر بحث ہے۔اس موقع پر کراچی سمیت بعض شہروں میں احتجاجی بھی ہوا، موبائل فون پر مسیج بھی چلے اور سوشل میڈیا میں گرما گرم بحث چھڑی ہوئی ہے۔

سب سے بڑا اعتراض یہ ہے کہ اتنی بڑی تقریب کے انعقاد سے پانچ ہزار سال پرانی تہذیب کے آثاروں کو نقصاب پہنچے گا جو پہلے ہی زبون حالت میں ہیں۔

ایک تنقید یہ بھی ہے کہ ثقافت اور سندھیت کے نام پر پیپلز پارٹی اپنے نئے چہرے بلاول بھٹو زرادری کو متعارف کرانا چاہتی ہے ۔تعجب کی بات ہے کہ سندھ میں غذائیت کی کمی، امن و امان، صحت، تعلیم کی تباہ کن صورتحال ہے۔ جس نے لوگوں کا جینا دوبھر کردیا ہے۔ لیکن ان مسائل کو ایک طرف رکھ کر ثقافت کو زندہ کرنے کا نعرہ دیا جارہا ہے۔

شاید یہ چاروں سوال مشکل ہیں کیونکہ ان کا تعلق گورننس سے ہے۔ اور گورننس کو ٹھیک کرنا بلاول بھٹو یا پیپلز پارٹی کے بس کی بات نہیں لگتا لہٰذا ثقافت کے نام پر لوگوں کے دلوں میں جگہ تلاش کی جارہی ہے۔

بلاول بھٹو نے اس پروگرام کے ذریعے سندھ میں مذہبی انتہاپسندی کو روکنے کا دعویٰ کیا ہے۔لیکن حقیقت تو یہ ہے کہ انتہا پسندی اور تشدد میں اضافہ اس وجہ سے ہوا ہے کہ گورننس ختم ہوگئی ہے۔ اور گورننس کے فقدان کی وجہ سے ہی لوگ اسلامی قوانین وغیرہ میں پناہ ڈھونڈ رہے ہیں۔

اس فیسٹیول سے موئن جو دڑو کوا فائدہ پہنچے گا؟ تقریب میں جن لوگوں کو بلایا گیا تھا ان کو غالبا ان آثار کی اہمیت اور زبون حالی دونوں کا پتہ ہے۔ نہ باہر سے کسی ایسے ادارے یا حکومت کے نمائدنے کو بلایا گیا جو اس ثقافتی ورثے کے تحفظ میں مدد کرے اور نہ ہی غیرملکی میڈیا کو خاص طور بلایا گیا جو اس مہم میں مدد دے۔ تقریب پر پچہتر سے پچاسی کروڑ روپے تک کی رقم خرچ کی گئی۔ یہ ایک خطیر رقم ہے جو ان آثار کے تحفظ کے لیے استعمال کی جاسکتی تھی۔ موئن جو دڑو کو جشن کی نہیں تحفظ کی ضرورت ہے۔جو پہلے ہی تباہی کے کنارے پر پہنچ چکے ہیں۔ پانچ ہزار سال پرانی تہذیب کے آثار اس دہانے پر جا پہنچے ہیں کہ یہ ایک بار پھر صفحہ ہستی سے مٹ جائیں گے اور اس مرتبہ اس کے نشانات بھی نہیں ملیں گے۔ ہمیں صرف تاریخ کی کتابوں میں اس کاذکر اورچند تصاویر ہی ملیں گی۔

موئن جو دڑو اعلیٰ رہن سہن کا شاہکار بھی ہے۔پختہ دیواروں، گلیاں باتھ روم، دو منزلہ مکانانت جن میں دو کمرے ایک دوسرے سے منسلک، منظم آب رسانی اور نکاسی انتظام، جو کہ بہت ہی تہذیب یافتہ شہری آبادی کا جیتا جاگتاثبوت ہے۔ مذہبی تقریبات کے اجتماعی غسل خانہ، اناج کا گودام، اسمبلی ہال، بڑے بڑے مکانات، گرڈ سسٹم روڈ، اور نکاسی آب کا ایسا نظام جو شاید ہند و پاک میں آج بھی ایک خواب ہو۔

یونیسکو نے اسی کے عشرے میں ان آثار کو عالمی ورثے قرار دیا تھا۔ فن تعمیر اور شہری منصوبہ بندی کی اس انوکھی مثال کا کبھی جامع سروے بھی نہیں کیا گیا جس سے اندازہ ہوسکے کہ یہ شہر کتنے میل میں پھیلا ہوا تھا۔ ماہرین کا خیال ہے کہ بمشکل دس فیصد حصے کی کھدائی کی گئی ہے۔ لہٰذا تاریخ کے کئی خزانے ابھی تک زمین میں مدفون ہیں۔

جرمن محقق مائیکل جانسن نے جان مارشل کی فیلڈ بک میں اس قدیم شہر سے برآمد ہونے والے تین ہزار نوادرات کا پتہ لگایا تھا جن میں سے بیشتر غائب ہیں۔ جو نوادرات میوزیم میں محفوظ کئے گئے تھے وہ بھی وہاں محفوظ نہیں ۔ کئی مہریں میوزیم کی دیوار توڑ کر چوری کرلی گئیں۔ ستر کی دہائی میں ذوالفقار علی بھٹو کی سربراہی میں اس عالمی ورثے کو بچانے کے لیے ملکی

سطح پر ایک کمیٹی تشکیل دی گئی۔ انیس سو چوہتر میں یونیسکو کی مدد سے موئن جو دڑو بچانے کے لیے ماسٹر پلان بنایا گیا۔ ان آثار کی بچاؤ مہم کو بعض سیاسی جوہات کی بنا پر بھی دھچکا لگا۔ ضیاء الحق نے عالمی مہم روک دی۔ نواز شریف حکومت میںآئے تو انہوں نے موئن جو دڑو اتھارٹی ہی ختم کردی۔

جرمن اسکالر نے پاکستان کے حکام کی بے احتیاطی کو دیکھتے ہوئے چند برس پہلے کہا تھا کہ اگر اس بڑی دریافت کو محفوظ نہیں رکھ سکتے تو اس کی قیمت لگائیں، ایک ڈالر ایک اینٹ کے حساب سے ہم خرید کرتے ہیں۔

مقامی صحافی عبدالحق پیرزادو کا کہنا ہے نوے کے عشرے میں جاپانی حکومت نے تجویز دی تھی کہ دس برس تک یہ سائٹ ان کے حوالے کی جائے، وہ اس سائٹ کو شیشے سے ڈھانپ دیں گے اس سے یہ آثار بارشوں، سورج کی تپش اور ہوا وغیرہ سے محفوظ رہ سکیں گے۔ ان کا کہنا ہے کہ پاکستان حکومت نے جاپان کی تجویز کو قبول کرنے کے بجائے فرمائش کی کہ یہ رقم اس کے حوالے کی جائے۔

وقفے وقفے سے موئن جو دڑو کا دورہ کرنے والے ماہرین کا کہنا ہے ہر بار انہیں زیادہ افسوس ہوتا ہے۔ شہر کے نچلے علاقے میں عمارتوں اور گھروں کے نشانات زیادہ واضح ہیں۔ متوسط اور نچلے طبقے کے لوگوں کی دیواریں جھک گئی ہیں اور گر رہی ہیں۔ زیر زمین آبی نمکیات اینٹوں کو کھا رہی ہیں۔ جو کھدائی سے پہلے مضبوط اور صحٰح سلامت تھیں۔ ان دیواروں کو لکڑی کے پشتوں کے ذریعے کھڑا کیا گیا ہے۔ جو کہ زیادہ دن تک نہیں چل سکتے۔شہر کے اوپر کے حصے میں دیواریں گر چکی ہیں دوسری گرنے کے دہانے ہیں۔

زیرزمین پانی اور اس میں شامل نمکیات کے علاوہ بارشیں بھی دیواروں کو زبردست نقصان پہنچا رہی ہیں جو صرف اوپر کی سطح پراثرانداز ہوتی اس کے علاوہ بارش کا پانی کھڑا بھی ہو جاتا ہے۔ ان آثارکی گزشتہ دو سال میں سالانہ مرمت بھی نہیں ہوئی۔ لے دے کر چند ملازمین اس کی جھاڑو لگا کر صفائی کرتے ہیں اس کے علاوہ کوئی کام نہیں کیا جارہا ہے۔

تعجب کی بات ہے کہ موئن جو دڑو کی کوئی ویب سائٹ نہیں۔ اس سے بھی زیادہ افسوس کی بات یہ ہے کہ یہاں نہ انٹرنیٹ کی سہولت ہے اور نہ ہی ٹیلیفون کی۔ حد تو یہ ہے موئن جو دڑو کے میوزیم اور اس کی حفاظت کے لیے قائم آفیس میں بھی فون کی سہولت نہیں۔ یونیسکو کے ماہرین کی بھی یہی رائے ہے کہ دیواریں اور اینٹیں گل سڑ رہی ہیں۔ لہٰذا اس ورثے کو بچانے کے لیے فوری اقدامات کی ضرورت ہے۔

ماہر آثار قدیمہ عاصمہ ابراہیم مایوس ہیں۔ ان کا کہنا ہے کہ کسی بھی محکمے کے پاس نہ مہارت ہے اور نہ ہی جذبہ ۔ جس تیزی سے چیزیں خراب ہو رہی ہیں اسکو دیکھتے ہوئے کہا جاسکتا ہے کہ یہ بمشکل اگلے بیس سال تک قائم رہ سکے۔ اب حکام کے پاس دو ہی آپشن ہیں۔ ایک یہ کہ اسکو تباہ ہوتے ہوئے دیکھیں، یا پھر اس کو ڈاکومنٹ کرکے واپس زمین میں دفن کردیں۔ جب تک اس کو محفوظ کرنے کے اقدامات اور وسائل نہیں کئے جاتے۔

کیا اس پس منظر میں بلاول بھٹو کا یہ قدم موئن جو دڑو کو بچا سکتا ہے؟

Labels: , , , ,