Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, November 29, 2019

بلاول جا دڙڪا ۽ مهيني جي مهلت ڪهڙو اثر ڏيکاريندي؟


بلاول جا دڙڪا ۽ مهيني جي مهلت ڪهڙو اثر ڏيکاريندي؟

پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وزيرن جي ڪارڪردگي تي خوش ناهي. وزيرن سان ٿيل گڏجاڻي ۾ ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪجهه وزيرن کي دڙڪا به مليا. مجموعي طور اهو تاثر جڙي ٿو ته پارٽي چيئرمين وزيرن جي ڪارڪردگي تي ڄڻ عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ان بعد اهي به ڳالهيون هُليون ته ڪابينا ۾ ردو بدل ڪئي پئي وڃي. بهرحال ڪجهه مددگار کنيا ويا آهن، پر ڪابينا ۾ ردو بدل جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ترديد ڪئي آهي. بلاول طرفان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ سٺي ڳالهه ليکي ويندي، ڇاڪاڻ جو سڄي ملڪ ۾ سنڌ واحد صوبو آهي جتي پيپلزپارٽي اڃان پير کوڙي بيٺي آهي ۽ ان جي صوبائي حڪومت به آهي، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي بنياد تي پارٽي ٻين صوبن ۾ وري ڪا جڳهه ڳولي سگهي ٿي، شرط اهو آهي ته سنڌ ۾ ان جي طرز حڪومت ۽ ڪارڪردگي مثالي بڻجي.
زميني حقيقتون اهي ئي آهن جن جو ڪنهن حد تائين ذڪر بلاول ڀٽو به ڄاڻايل ميٽنگ ۾ ڪيو آهي، مطلب ته ڪنهن جو به ڪم نٿو ٿئي، ايتري قدر جو ايم پي ايز جا به ڪم نٿا ٿين. سوال اهو آهي ته ڪم مان ڇا مراد آهي؟ ڪا نوڪري؟ ڪا ترقياتي رٿا، ڪا بدلي؟ يا ان قسم جو ڪو ٻيو ڪم؟ جيڪڏهن هڪ پارٽيءَ جو سربراهه ڪم کي انهن معنائن ۾ وٺي ٿو ته اها ننڍي نظر آهي، اصل ۾ حڪمراني جو اهڙو نظام ۽ طرز رائج ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ نوڪري هجي يا بدلي، يا وري ڪو ترقياتي منصوبو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ميرٽ تي ٿي وڃڻ گهرجي، ان کان هٽي ذاتي بنيادن تي ڪم ڪرائڻ ذاتي ڪم جي دائري ۾ اچي ٿو، جيڪو پراڻي اليڪٽيبل واري ٿيوري کي مضبوط ڪري ٿو ته ماڻهن جا ذاتي ڪم ڪرائبا ته اثر رسوخ به ٿيندو، هر پولنگ کٽائڻ لاءِ ڪو ماڻهو به ملي ويندو. پيپلزپارٽي پاڻ کي عوامي پارٽي سڏائي ٿي، تازي بيان ۾ بلاول به ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته پوءِ ان کي عوامي سطح تي، سنڌ جي هر ماڻهو لاءِ سوچڻ گهرجي، هر ماڻهو کي پنهنجو ماڻهو سمجهي ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ايئن نٿو ڪيو وڃي ته رڳو انهن ماڻهن جا ڪم ٿيندا جن جي وزيرن يا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز تائين رسائي هوندي. ان ڳالهه کي ايئن به وٺي سگهجي ٿو ته ڪو به ايم پي اي يا وزير پنهنجي تڪ جي ڪيترن ماڻهن جي اپروچ ۾ ٿي سگهي ٿو؟ هو چاهي تڏهن به هو ڪيترن ماڻهن تائين پهچي سگهي ٿو؟ ظاهر آهي ته وڏي ۾ وڏي ڪوشش جي باوجود اهو دائرو چند سئو ماڻهن کان شايد ئي وڌي سگهي، ڳالهه ذاتي ڪمن جي نه پر اجتماعي ڪمن ۽ اجتماعي ڀلائي جي آهي. آخر اهڙو سسٽم ڇو ٿو جوڙيو وڃي جنهن تحت ڪنهن به ماڻهو جو تيستائين ڪم نٿو ٿئي جيستائين هو ڀوتار جي حضور ۾ حاضر نٿو ٿئي. اهو صحيح آهي ته پارٽي کي ماڻهن سان گڏ بيهڻ گهرجي، پر پارٽي تڏهن آهي جڏهن ماڻهن جي قيادت ڪري ۽ انهن جي سوچ تبديل ڪري.
بلاول ڀٽو سنڌ جي وزيرن بابت ناخوش هجڻ جو اظهار اهڙي موقعي تي ڪيو آهي، جڏهن ملڪ ۾ شديد سياسي بحران آهي، ڪي سياسي پنڊت اِن هائوس تبديلي جي ته ٻيا وري نئين سر چونڊن جي ڳالهه پيا ڪن. نيون چونڊون کڻي نه به ٿين، پر ان ڳالهه جو قوي امڪان آهي ته مڪاني ادارن جون چونڊون ٿين، جن جي مدت هونئن قانوني طور پوري ٿي چڪي آهي پر ملڪ جي سياسي بحران سبب ڪا به ڌر ڊپ وچان مڪاني چونڊن واري پٿر کي چورڻ لاءِ تيار ناهي، پر لڳي ٿو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اهي چونڊون ڪرائڻيون پونديون، اهڙي صورت ۾ پيپلزپارٽي هر امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي تياري جي موڊ ۾ آهي.
پارٽي چيئرمين جون هدايتون پنهنجي جاءِ تي پر صوبائي وزيرن جو موقف به ڏاڍو اهم آهي، هو چون ٿا ته وٽن ڪي اختيار ئي ناهن. پارٽي 2008ع کان سنڌ ۾ مرڪزيت واري نظام هيٺ فيصلا ڪري ۽ حڪومت هلائي رهي آهي، رڳو اهي ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي جنهن جي هدايت پارٽي قيادت ڏي ٿي، جيڪڏهن پنهنجي طور تي ڪو ماڻهو يا اسيمبلي ميمبر ڪا تجويز ڏي ٿو ته کيس وزير ۽ سيڪريٽري وٽان اهو ئي جواب ٿو ملي ته، “مٿان کان چَورايو.” وزيرن جو چوڻ آهي ته ڪو ننڍي ۾ ننڍو فيصلو، ايتري قدر جو سندن کاتي جي ضلعي آفيسر کي بدلي ڪرڻ به سندس وس ۾ ناهي، ڪڏهن ڪڏهن پارٽي جي حلقن مان ئي اهي ڳالهيون اينديون آهن ته ڪيترن فيصلن ۾ وڏي وزير وٽ به اختيار نه هوندا آهن، هو اعليٰ قيادت جي هدايت يا فيصلي جو منتظر هوندو آهي.
پارٽي جي اندرين ذريعن موجب سيد عبدالله شاهه آخري وڏو وزير هو جنهن وٽ اختيار به هئا ۽ پارٽي قيادت کان ڳالهه مڃائي به وٺندو هو. هتي ته نه سائين عبدالله شاهه آهي ۽ نه وري محترمه بينظيرڀٽو واري پارٽي قيادت، پارٽي وارا چون ٿا ته اصل ۾ پارٽيءَ جو تنظيمي ماڊل تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ پارٽي ڪارڪن ۽ عهديدار جي وصف ئي تبديل ٿي وئي آهي، ان ڪري صوبي جي عهديدارن ڪابينا جي ميمبرن کان وٺي هيٺ تائين ساڳئي ماڊل تي عمل ڪيو پيو وڃي، اهو ئي سبب آهي جو وزيرن جي چونڊ به اهليت يا صلاحيت جي بدران لابين ۽ ذاتي اثر رسوخ جي بنياد تي ٿئي ٿي. اصل ۾ ان سڄي اپروچ تي نظرثاني ڪرڻ ۽ پارٽي کي اهڙي نموني منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي جهڙي محترمه جوڙي هئي. بلاول ڀٽو جا وزيرن کي دڙڪا ۽ مهيني جي مهلت ڏسجي ته ڪهڙو ٿي اثر ڏيکاري؟ اها کڻي اثر نه به ڏيکاري تڏهن به في الحال پارٽي جا ڪارڪن ۽ آئون سوڌو ماڻهو خوش ضرور ٿي ويا ته ڪم نه ڪيائون ته کين داٻا ته مليا.

Labels: , , , ,

Friday, June 19, 2015

بلاول ڀٽو زرداريءَ جي تقرير جا مختلف پهلو 30 ڊسمبر 2013ع

بلاول ڀٽو 

زرداريءَ جي 

تقريرجا مختلف 

پهلو

سهيل سانگي
سومر 30 ڊسمبر 2013ع

اڄ انتهاپسندن خلاف ڪو سياسي ليڊر ٻَڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي. سمورا سياستدان طالبان سان هر حال ۾ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آتا آهن. ملڪي ماحول ۾ لڳي ٿو ته، انتهاپسندي جو خوف ڇانيل آهي. تڏهن بلاول ڀٽو جي انتها پسندن خلاف چِٽن لفظن ۾ ڳالهه ڄڻ فضا ۾ تازي هوا جو جهوٽو آهي. ڄڻ انتهاپسندن کي ڪنهن لَلڪاري وڌو آهي. سندس ماءُ ۽ گذريل چونڊن ۾ سندس پارٽي پڻ انهيءَ انتهاپسندي جو شڪار ٿي هئي. اهو صحيح آهي ته، اهڙو ”اعلانِ جنگ“ سندس زندگيءَ کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو. بلڪل ائين جيئن سندس ماءُ سان ٿيو، اها به انتها پسندن جي خطري باوجود بهادريءَ سان بيٺي رهي. 

بلاول ڀُٽي جي  هن چِٽي اعلان، اهڙين سياسي پارٽين ۽ ڌرين لاءِ به گَس ڪڍيو آهي، جيڪي نفسياتي يا سياسي دٻاءُ سبب انتهاپسندن جي مخالفت وارو ڪردار ادا ڪرڻ کان لنوائي رهيون هيون. هي پاڪستان جي سياست ۾ هڪ اختلافي نوٽ جيان آهي، ڇاڪاڻ جو هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ سموريون پارٽيون بشمول پيپلز پارٽيءَ جي، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ طالبان سان ڳالهين وارو اعلان نامو منظور ڪري چڪيون هيون. ائين هِيءَ تقرير بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ۽ پارٽيءَ جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اختيار ڪيل موقف کان هٽڻ آهي. ٻنهي صورتن ۾ اهو هڪ سٺو سنئوڻ آهي.
سندس تقرير اڳين تقريرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ميچوئر هئي. لفظن جي چونڊ، ادائگي ۽ انداز به گهڻو بهتر هو. 

هڪ حوالي سان سندس اها تقرير اڳين تقريرن جو ٿوري فرق سان تسلسل هو. گذريل تقريرن ۾ هن نواز شريف، الطاف حسين ۽ عمران خان تي ڪڙن لفظن ۾ تنقيد ڪئي هئي. هن ڀيري اهو چيو ته، نه اسين جمهوريت کي ڊي ريل ڪنداسين ۽ نه ئي وري ٻئي ڪنهن کي ڊي ريل ڪرڻ ڏينداسين، ڄڻ نواز شريف کي خاطري هئي ته، کيس پنهنجو وارو وڄائڻ ڏنو ويندو. ساڳئي وقت هي اهو موقف هو، جيڪو آصف علي زرداريءَ جو رهيو آهي. البت ساڳيءَ طرح هن ڀيري ايم ڪيو ايم جي لغڙ جو به ذڪر ڪونه هو، جنهن کي پارٽيءَ جي نوجوان سربراهه گذريل ڀيري ’ڪاٽا‘ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. عمران خان بدستور سندس تِيرن جو نشان رهيو، ته چئن لوٽن سان سونامي نٿو اچي سگهي. اسان سنڌ جي سرحدن تي سوناميءَ کي روڪي ڇڏيو آهي.

بلاول جي تقرير جي ٻن پهلوئن تي خاص طور تي سنڌ ۾ وڌيڪ ڇَنڊ ڇاڻ ٿي رهي آهي. پهرين اها ته، مئي 2013ع وارين چونڊن ۾ پارٽيءَ جي باقي صوبن ۾ صاف ٿيڻ جو الزام هن پنجابي اسٽيبلشمينٽ تي هنيو آهي. ائين چئي پارٽيءَ جي خراب ڪارڪردگي، سُٺي حڪمراني نه هجڻ، ڪرپشن وغيره جي معاملن تي پردو وجهي رهيو آهي. 

پنجابي اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار پنهنجي جاءِ تي، پر خود اهي ئي ڏوهه ڪري پارٽيءَ ان اسٽيبلشمينٽ يا عدليه کي بُل ٺاهي ڏنو. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي قيادت انهن ٽنهي ڳالهين ۾ صاف سُٿري بيهي ها، ته اسٽيبلشمينٽ کڻي ڪيترو به چاهي ها، ماڻهن کي پارٽيءَ کان ڪٽي نه سگهي ها. پارٽيءَ جي نوجوان چيئرمين کي هن معاملي جو ٻيهر جائزو وٺڻ ۽ وڌيڪ حقيقت پسند ٿيڻ جي ضرورت آهي. آخر ڪيستائين پنجاب جي سازش ڳڻبي ۽ همدرديءَ جو ووٽ وٺبو، همدرديءَ جي بنياد تي ووٽ آخر ڪيستائين؟

ٻِي ڳالهه سنڌ جا معاملا آهن، جن بابت نه بلاول ڀٽو ۽ نه ئي وري آصف زرداريءَ جي تقرير ۾ عڪس ملي ٿو. هن وقت پيپلز پارٽي سياست توڙي اقتدار ۾ رڳو ۽ رڳو سنڌ جي ڪُلهي جي ڪري بيٺي آهي. باقي سمورن صوبن مان چونڊن جي حد تائين ته صفايو ٿي ويو آهي. ان حوالي سان سنڌ جو ڪو ذڪر ۽ فڪر، يا ڪو احوال ٿيڻ ضروري هو. پر هتي هڪ دفعو وري پنجاب جي نفسياتي دٻاءُ يا ڊَپ سبب بِنهه هڪ لفظ به نه ڪُڇيو ويو.

اها چڱي ڳالهه آهي ته، پارٽيءَ جي سربراهه کي پارٽيءَ جي ڪارڪنن جي ناراضگيءَ بابت ڄاڻ آهي، جنهن جو هن پنهنجي تقرير ۾ حوالو ڏنو آهي. پر ان جو حوالو ڏيڻ ڪافي ناهي. هن وقت جڏهن مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻ ڏانهن وڃن پيون، تڏهن انهن ڪارڪنن ۽ انهن جي سوچ، جذبن ۽ اُمنگن کي انهن چونڊن ۾ ڪيترو شامل ڪيو ويو آهي؟ اهو هڪ عملي پهلو ۽ عملي سوال آهي. آئون سمجهان ٿو ته، بلاول ڀٽو جي لاءِ ان کان وڌيڪ بهتر ڪو موقعو نه ملندو، جو هو پارٽيءَ جي ناراض ڪارڪنن کي واپس پارٽيءَ جي مکيه وهڪري ۾ سلهاڙي بيهاري.

اڄ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي. ماڻهن کي ڪٿي به گورننس نظر نٿي اچي. ماڻهو چاهين ٿا ته، کين پيئڻ جو صاف پاڻي ملي، رستو ۽ نالِي ملي، اسڪول ۾ ماستر هجي، سرڪاري اسپتال ۾ دوا هجي، انهن سڀني ڳالهين کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪنهن الڳ وڏي رقم جي ضرورت ناهي. حڪمتِ عملي، گورننس ۽ نيڪ نيتيءَ سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ به شايد ماڻهن کي نوڪريءَ جي ايتري ضرورت ناهي. مٿاهون طبقو يا وچولو طبقو تعليم ۽ دوا کڻي خانگي شعبي مان حاصل ڪري وٺي ٿو. پر ان لاءِ امن امان جو مسئلو آهي. ڦُرون، اغوا، ڀنگ، ڌاڙا هن طبقي جو جيئڻ حرام ڪيو ويٺا آهن.

اڄ جي دنيا ۾ جڏهن ڄاڻ به عام آهي، ته ميڊيا به مضبوط، تڏهن رڳو بهادريءَ جا ٻول ڪيتري قدر ڪم ڏيندا، لازمي طور تي ڪو متبادل گس، ڪو متبادل نظام ڏيڻو پوندو. اهڙا منصوبا ۽ پروگرام جيڪي ماڻهن جي معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن ۾ ڪو ڦيرو آڻي سگهن، ڪو سڌارو آڻي سگهن. 

جيڪڏهن اڄ نواز شريف جي حڪومت آهي، ته عام ماڻهو لاءِ ڪهڙو فرق پيو آهي. ساڳيءَ طرح سان جيڪڏهن سڀاڻي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ايندي ته اها پارٽيءَ جي اڳئين حڪومت کان ڪيئن مختلف هوندي؟ بلاول کي اهو سڀ ثابت ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن هو اهو ثابت نٿو ڪري سگهي ۽ ڪو متبادل نٿو ڏيئي سگهي، ته سندس اها بهادري ڪنهن ڪم جي نه رهندي ۽ سندس گجگوڙ هلڪي ٿي ويندي.

Labels: , , , ,

Wednesday, February 05, 2014

سندھ فیسٹیول سیاست یا موئن جو دڑو کا تحف٭۔۔۔



موئن جو دڑو پر سندھ فیسٹیول کی افتتاحی تقریب کے انعقاد نے رائے عامہ کو پیپلز پارٹی پر تنقید کی دعوت دے دی ہے۔ میڈیا سے سوشل میڈیا تک اور عام گفتگو میں یہی موضوع زیر بحث ہے۔اس موقع پر کراچی سمیت بعض شہروں میں احتجاجی بھی ہوا، موبائل فون پر مسیج بھی چلے اور سوشل میڈیا میں گرما گرم بحث چھڑی ہوئی ہے۔

سب سے بڑا اعتراض یہ ہے کہ اتنی بڑی تقریب کے انعقاد سے پانچ ہزار سال پرانی تہذیب کے آثاروں کو نقصاب پہنچے گا جو پہلے ہی زبون حالت میں ہیں۔

ایک تنقید یہ بھی ہے کہ ثقافت اور سندھیت کے نام پر پیپلز پارٹی اپنے نئے چہرے بلاول بھٹو زرادری کو متعارف کرانا چاہتی ہے ۔تعجب کی بات ہے کہ سندھ میں غذائیت کی کمی، امن و امان، صحت، تعلیم کی تباہ کن صورتحال ہے۔ جس نے لوگوں کا جینا دوبھر کردیا ہے۔ لیکن ان مسائل کو ایک طرف رکھ کر ثقافت کو زندہ کرنے کا نعرہ دیا جارہا ہے۔

شاید یہ چاروں سوال مشکل ہیں کیونکہ ان کا تعلق گورننس سے ہے۔ اور گورننس کو ٹھیک کرنا بلاول بھٹو یا پیپلز پارٹی کے بس کی بات نہیں لگتا لہٰذا ثقافت کے نام پر لوگوں کے دلوں میں جگہ تلاش کی جارہی ہے۔

بلاول بھٹو نے اس پروگرام کے ذریعے سندھ میں مذہبی انتہاپسندی کو روکنے کا دعویٰ کیا ہے۔لیکن حقیقت تو یہ ہے کہ انتہا پسندی اور تشدد میں اضافہ اس وجہ سے ہوا ہے کہ گورننس ختم ہوگئی ہے۔ اور گورننس کے فقدان کی وجہ سے ہی لوگ اسلامی قوانین وغیرہ میں پناہ ڈھونڈ رہے ہیں۔

اس فیسٹیول سے موئن جو دڑو کوا فائدہ پہنچے گا؟ تقریب میں جن لوگوں کو بلایا گیا تھا ان کو غالبا ان آثار کی اہمیت اور زبون حالی دونوں کا پتہ ہے۔ نہ باہر سے کسی ایسے ادارے یا حکومت کے نمائدنے کو بلایا گیا جو اس ثقافتی ورثے کے تحفظ میں مدد کرے اور نہ ہی غیرملکی میڈیا کو خاص طور بلایا گیا جو اس مہم میں مدد دے۔ تقریب پر پچہتر سے پچاسی کروڑ روپے تک کی رقم خرچ کی گئی۔ یہ ایک خطیر رقم ہے جو ان آثار کے تحفظ کے لیے استعمال کی جاسکتی تھی۔ موئن جو دڑو کو جشن کی نہیں تحفظ کی ضرورت ہے۔جو پہلے ہی تباہی کے کنارے پر پہنچ چکے ہیں۔ پانچ ہزار سال پرانی تہذیب کے آثار اس دہانے پر جا پہنچے ہیں کہ یہ ایک بار پھر صفحہ ہستی سے مٹ جائیں گے اور اس مرتبہ اس کے نشانات بھی نہیں ملیں گے۔ ہمیں صرف تاریخ کی کتابوں میں اس کاذکر اورچند تصاویر ہی ملیں گی۔

موئن جو دڑو اعلیٰ رہن سہن کا شاہکار بھی ہے۔پختہ دیواروں، گلیاں باتھ روم، دو منزلہ مکانانت جن میں دو کمرے ایک دوسرے سے منسلک، منظم آب رسانی اور نکاسی انتظام، جو کہ بہت ہی تہذیب یافتہ شہری آبادی کا جیتا جاگتاثبوت ہے۔ مذہبی تقریبات کے اجتماعی غسل خانہ، اناج کا گودام، اسمبلی ہال، بڑے بڑے مکانات، گرڈ سسٹم روڈ، اور نکاسی آب کا ایسا نظام جو شاید ہند و پاک میں آج بھی ایک خواب ہو۔

یونیسکو نے اسی کے عشرے میں ان آثار کو عالمی ورثے قرار دیا تھا۔ فن تعمیر اور شہری منصوبہ بندی کی اس انوکھی مثال کا کبھی جامع سروے بھی نہیں کیا گیا جس سے اندازہ ہوسکے کہ یہ شہر کتنے میل میں پھیلا ہوا تھا۔ ماہرین کا خیال ہے کہ بمشکل دس فیصد حصے کی کھدائی کی گئی ہے۔ لہٰذا تاریخ کے کئی خزانے ابھی تک زمین میں مدفون ہیں۔

جرمن محقق مائیکل جانسن نے جان مارشل کی فیلڈ بک میں اس قدیم شہر سے برآمد ہونے والے تین ہزار نوادرات کا پتہ لگایا تھا جن میں سے بیشتر غائب ہیں۔ جو نوادرات میوزیم میں محفوظ کئے گئے تھے وہ بھی وہاں محفوظ نہیں ۔ کئی مہریں میوزیم کی دیوار توڑ کر چوری کرلی گئیں۔ ستر کی دہائی میں ذوالفقار علی بھٹو کی سربراہی میں اس عالمی ورثے کو بچانے کے لیے ملکی

سطح پر ایک کمیٹی تشکیل دی گئی۔ انیس سو چوہتر میں یونیسکو کی مدد سے موئن جو دڑو بچانے کے لیے ماسٹر پلان بنایا گیا۔ ان آثار کی بچاؤ مہم کو بعض سیاسی جوہات کی بنا پر بھی دھچکا لگا۔ ضیاء الحق نے عالمی مہم روک دی۔ نواز شریف حکومت میںآئے تو انہوں نے موئن جو دڑو اتھارٹی ہی ختم کردی۔

جرمن اسکالر نے پاکستان کے حکام کی بے احتیاطی کو دیکھتے ہوئے چند برس پہلے کہا تھا کہ اگر اس بڑی دریافت کو محفوظ نہیں رکھ سکتے تو اس کی قیمت لگائیں، ایک ڈالر ایک اینٹ کے حساب سے ہم خرید کرتے ہیں۔

مقامی صحافی عبدالحق پیرزادو کا کہنا ہے نوے کے عشرے میں جاپانی حکومت نے تجویز دی تھی کہ دس برس تک یہ سائٹ ان کے حوالے کی جائے، وہ اس سائٹ کو شیشے سے ڈھانپ دیں گے اس سے یہ آثار بارشوں، سورج کی تپش اور ہوا وغیرہ سے محفوظ رہ سکیں گے۔ ان کا کہنا ہے کہ پاکستان حکومت نے جاپان کی تجویز کو قبول کرنے کے بجائے فرمائش کی کہ یہ رقم اس کے حوالے کی جائے۔

وقفے وقفے سے موئن جو دڑو کا دورہ کرنے والے ماہرین کا کہنا ہے ہر بار انہیں زیادہ افسوس ہوتا ہے۔ شہر کے نچلے علاقے میں عمارتوں اور گھروں کے نشانات زیادہ واضح ہیں۔ متوسط اور نچلے طبقے کے لوگوں کی دیواریں جھک گئی ہیں اور گر رہی ہیں۔ زیر زمین آبی نمکیات اینٹوں کو کھا رہی ہیں۔ جو کھدائی سے پہلے مضبوط اور صحٰح سلامت تھیں۔ ان دیواروں کو لکڑی کے پشتوں کے ذریعے کھڑا کیا گیا ہے۔ جو کہ زیادہ دن تک نہیں چل سکتے۔شہر کے اوپر کے حصے میں دیواریں گر چکی ہیں دوسری گرنے کے دہانے ہیں۔

زیرزمین پانی اور اس میں شامل نمکیات کے علاوہ بارشیں بھی دیواروں کو زبردست نقصان پہنچا رہی ہیں جو صرف اوپر کی سطح پراثرانداز ہوتی اس کے علاوہ بارش کا پانی کھڑا بھی ہو جاتا ہے۔ ان آثارکی گزشتہ دو سال میں سالانہ مرمت بھی نہیں ہوئی۔ لے دے کر چند ملازمین اس کی جھاڑو لگا کر صفائی کرتے ہیں اس کے علاوہ کوئی کام نہیں کیا جارہا ہے۔

تعجب کی بات ہے کہ موئن جو دڑو کی کوئی ویب سائٹ نہیں۔ اس سے بھی زیادہ افسوس کی بات یہ ہے کہ یہاں نہ انٹرنیٹ کی سہولت ہے اور نہ ہی ٹیلیفون کی۔ حد تو یہ ہے موئن جو دڑو کے میوزیم اور اس کی حفاظت کے لیے قائم آفیس میں بھی فون کی سہولت نہیں۔ یونیسکو کے ماہرین کی بھی یہی رائے ہے کہ دیواریں اور اینٹیں گل سڑ رہی ہیں۔ لہٰذا اس ورثے کو بچانے کے لیے فوری اقدامات کی ضرورت ہے۔

ماہر آثار قدیمہ عاصمہ ابراہیم مایوس ہیں۔ ان کا کہنا ہے کہ کسی بھی محکمے کے پاس نہ مہارت ہے اور نہ ہی جذبہ ۔ جس تیزی سے چیزیں خراب ہو رہی ہیں اسکو دیکھتے ہوئے کہا جاسکتا ہے کہ یہ بمشکل اگلے بیس سال تک قائم رہ سکے۔ اب حکام کے پاس دو ہی آپشن ہیں۔ ایک یہ کہ اسکو تباہ ہوتے ہوئے دیکھیں، یا پھر اس کو ڈاکومنٹ کرکے واپس زمین میں دفن کردیں۔ جب تک اس کو محفوظ کرنے کے اقدامات اور وسائل نہیں کئے جاتے۔

کیا اس پس منظر میں بلاول بھٹو کا یہ قدم موئن جو دڑو کو بچا سکتا ہے؟

Labels: , , , ,