Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, November 29, 2019

بلاول جا دڙڪا ۽ مهيني جي مهلت ڪهڙو اثر ڏيکاريندي؟


بلاول جا دڙڪا ۽ مهيني جي مهلت ڪهڙو اثر ڏيکاريندي؟

پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وزيرن جي ڪارڪردگي تي خوش ناهي. وزيرن سان ٿيل گڏجاڻي ۾ ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪجهه وزيرن کي دڙڪا به مليا. مجموعي طور اهو تاثر جڙي ٿو ته پارٽي چيئرمين وزيرن جي ڪارڪردگي تي ڄڻ عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ان بعد اهي به ڳالهيون هُليون ته ڪابينا ۾ ردو بدل ڪئي پئي وڃي. بهرحال ڪجهه مددگار کنيا ويا آهن، پر ڪابينا ۾ ردو بدل جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ترديد ڪئي آهي. بلاول طرفان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ سٺي ڳالهه ليکي ويندي، ڇاڪاڻ جو سڄي ملڪ ۾ سنڌ واحد صوبو آهي جتي پيپلزپارٽي اڃان پير کوڙي بيٺي آهي ۽ ان جي صوبائي حڪومت به آهي، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي بنياد تي پارٽي ٻين صوبن ۾ وري ڪا جڳهه ڳولي سگهي ٿي، شرط اهو آهي ته سنڌ ۾ ان جي طرز حڪومت ۽ ڪارڪردگي مثالي بڻجي.
زميني حقيقتون اهي ئي آهن جن جو ڪنهن حد تائين ذڪر بلاول ڀٽو به ڄاڻايل ميٽنگ ۾ ڪيو آهي، مطلب ته ڪنهن جو به ڪم نٿو ٿئي، ايتري قدر جو ايم پي ايز جا به ڪم نٿا ٿين. سوال اهو آهي ته ڪم مان ڇا مراد آهي؟ ڪا نوڪري؟ ڪا ترقياتي رٿا، ڪا بدلي؟ يا ان قسم جو ڪو ٻيو ڪم؟ جيڪڏهن هڪ پارٽيءَ جو سربراهه ڪم کي انهن معنائن ۾ وٺي ٿو ته اها ننڍي نظر آهي، اصل ۾ حڪمراني جو اهڙو نظام ۽ طرز رائج ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ نوڪري هجي يا بدلي، يا وري ڪو ترقياتي منصوبو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ميرٽ تي ٿي وڃڻ گهرجي، ان کان هٽي ذاتي بنيادن تي ڪم ڪرائڻ ذاتي ڪم جي دائري ۾ اچي ٿو، جيڪو پراڻي اليڪٽيبل واري ٿيوري کي مضبوط ڪري ٿو ته ماڻهن جا ذاتي ڪم ڪرائبا ته اثر رسوخ به ٿيندو، هر پولنگ کٽائڻ لاءِ ڪو ماڻهو به ملي ويندو. پيپلزپارٽي پاڻ کي عوامي پارٽي سڏائي ٿي، تازي بيان ۾ بلاول به ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته پوءِ ان کي عوامي سطح تي، سنڌ جي هر ماڻهو لاءِ سوچڻ گهرجي، هر ماڻهو کي پنهنجو ماڻهو سمجهي ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ايئن نٿو ڪيو وڃي ته رڳو انهن ماڻهن جا ڪم ٿيندا جن جي وزيرن يا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز تائين رسائي هوندي. ان ڳالهه کي ايئن به وٺي سگهجي ٿو ته ڪو به ايم پي اي يا وزير پنهنجي تڪ جي ڪيترن ماڻهن جي اپروچ ۾ ٿي سگهي ٿو؟ هو چاهي تڏهن به هو ڪيترن ماڻهن تائين پهچي سگهي ٿو؟ ظاهر آهي ته وڏي ۾ وڏي ڪوشش جي باوجود اهو دائرو چند سئو ماڻهن کان شايد ئي وڌي سگهي، ڳالهه ذاتي ڪمن جي نه پر اجتماعي ڪمن ۽ اجتماعي ڀلائي جي آهي. آخر اهڙو سسٽم ڇو ٿو جوڙيو وڃي جنهن تحت ڪنهن به ماڻهو جو تيستائين ڪم نٿو ٿئي جيستائين هو ڀوتار جي حضور ۾ حاضر نٿو ٿئي. اهو صحيح آهي ته پارٽي کي ماڻهن سان گڏ بيهڻ گهرجي، پر پارٽي تڏهن آهي جڏهن ماڻهن جي قيادت ڪري ۽ انهن جي سوچ تبديل ڪري.
بلاول ڀٽو سنڌ جي وزيرن بابت ناخوش هجڻ جو اظهار اهڙي موقعي تي ڪيو آهي، جڏهن ملڪ ۾ شديد سياسي بحران آهي، ڪي سياسي پنڊت اِن هائوس تبديلي جي ته ٻيا وري نئين سر چونڊن جي ڳالهه پيا ڪن. نيون چونڊون کڻي نه به ٿين، پر ان ڳالهه جو قوي امڪان آهي ته مڪاني ادارن جون چونڊون ٿين، جن جي مدت هونئن قانوني طور پوري ٿي چڪي آهي پر ملڪ جي سياسي بحران سبب ڪا به ڌر ڊپ وچان مڪاني چونڊن واري پٿر کي چورڻ لاءِ تيار ناهي، پر لڳي ٿو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اهي چونڊون ڪرائڻيون پونديون، اهڙي صورت ۾ پيپلزپارٽي هر امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي تياري جي موڊ ۾ آهي.
پارٽي چيئرمين جون هدايتون پنهنجي جاءِ تي پر صوبائي وزيرن جو موقف به ڏاڍو اهم آهي، هو چون ٿا ته وٽن ڪي اختيار ئي ناهن. پارٽي 2008ع کان سنڌ ۾ مرڪزيت واري نظام هيٺ فيصلا ڪري ۽ حڪومت هلائي رهي آهي، رڳو اهي ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي جنهن جي هدايت پارٽي قيادت ڏي ٿي، جيڪڏهن پنهنجي طور تي ڪو ماڻهو يا اسيمبلي ميمبر ڪا تجويز ڏي ٿو ته کيس وزير ۽ سيڪريٽري وٽان اهو ئي جواب ٿو ملي ته، “مٿان کان چَورايو.” وزيرن جو چوڻ آهي ته ڪو ننڍي ۾ ننڍو فيصلو، ايتري قدر جو سندن کاتي جي ضلعي آفيسر کي بدلي ڪرڻ به سندس وس ۾ ناهي، ڪڏهن ڪڏهن پارٽي جي حلقن مان ئي اهي ڳالهيون اينديون آهن ته ڪيترن فيصلن ۾ وڏي وزير وٽ به اختيار نه هوندا آهن، هو اعليٰ قيادت جي هدايت يا فيصلي جو منتظر هوندو آهي.
پارٽي جي اندرين ذريعن موجب سيد عبدالله شاهه آخري وڏو وزير هو جنهن وٽ اختيار به هئا ۽ پارٽي قيادت کان ڳالهه مڃائي به وٺندو هو. هتي ته نه سائين عبدالله شاهه آهي ۽ نه وري محترمه بينظيرڀٽو واري پارٽي قيادت، پارٽي وارا چون ٿا ته اصل ۾ پارٽيءَ جو تنظيمي ماڊل تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ پارٽي ڪارڪن ۽ عهديدار جي وصف ئي تبديل ٿي وئي آهي، ان ڪري صوبي جي عهديدارن ڪابينا جي ميمبرن کان وٺي هيٺ تائين ساڳئي ماڊل تي عمل ڪيو پيو وڃي، اهو ئي سبب آهي جو وزيرن جي چونڊ به اهليت يا صلاحيت جي بدران لابين ۽ ذاتي اثر رسوخ جي بنياد تي ٿئي ٿي. اصل ۾ ان سڄي اپروچ تي نظرثاني ڪرڻ ۽ پارٽي کي اهڙي نموني منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي جهڙي محترمه جوڙي هئي. بلاول ڀٽو جا وزيرن کي دڙڪا ۽ مهيني جي مهلت ڏسجي ته ڪهڙو ٿي اثر ڏيکاري؟ اها کڻي اثر نه به ڏيکاري تڏهن به في الحال پارٽي جا ڪارڪن ۽ آئون سوڌو ماڻهو خوش ضرور ٿي ويا ته ڪم نه ڪيائون ته کين داٻا ته مليا.

Labels: , , , ,

Thursday, January 03, 2019

تحريڪ انصاف سنڌ ۾ ڇا ٿي ڪرڻ چاهي؟

تحريڪ انصاف سنڌ ۾ ڇا ٿي ڪرڻ چاهي؟


ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽن ۽ مني لانڊرنگ جي چڪاس لاءِ سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي جي رپورٽ بعد ملڪي سياست ۾ آيل طوفان اڃا ختم نه ٿيو آهي. اها جي آءِ ٽي جي رڳو رپورٽ هئي جيئن خود سپريم ڪورٽ به چيو آهي ته رپورٽ ۾ ”شڪي“ طور ڄاڻايل ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڊگهو قانوني سفر اڃا طئي ڪرڻو آهي

 هن رپورٽ جو اڃا سپريم ڪورٽ پاڻ
 جائزو وٺندي پر تحريڪ انصاف جي حڪومت کي بنهه تڪڙ هئي جو هن سپريم ڪورٽ جي چوڻ کان اڳ 172 ڄڻن جا نالا اِي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيا. هن رپورٽ تي عدالت جي اسڪروٽني ۽ عدالتي حڪمن بنا حڪومت ڪيئن اهي قدم کنيا ۽ انهن جي قانوني حيثيت ڪهڙي بيهي ٿي، هي وڏا سوال آهن.

هن رپورٽ تي حڪومت جي بنهه گهڻي تڪڙ مان لڳو ته حڪومت عدليه جو ڪم پاڻ ڪري رهي آهي، جڏهن ته ان کان اڳ ڪيئي ڪم جيڪي حڪومت کي ڪرڻا هئا تن لاءِ اها عدليه جي محتاج رهي.جنهن ڳالهه سڄو سياسي بحران پيدا ڪيو، سو هو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ ڏيڻ ،کائنس استعيفيٰ جو مطالبو ڪرڻ، پيپلز پارٽي جي 22 ميمبرن جون وفاداريون تبديل ڪرائي صوبي ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جون ڪوششون ۽ گورنر راڄ جون ڌمڪيون! ان لاءِ گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزيرن ۽ پارٽي اڳواڻن مهم شروع ڪري ڏني.سپريم ڪورٽ جڏهن ان قصي جو نوٽيس ورتو ۽ وارننگ ڏني ته جيڪڏهن گورنر راڄ لڳو ته اهڙي حڪم کي هڪ منٽ ۾ اڏائي ڇڏبو، تنهن بعد ڪجهه ٺاپر آئي، 

پر وفاقي حڪومت پنهنجي ان ئي هوڏ تي بيٺل رهي جو عدالت جڏهن سنڌ جي وڏي وزير جو نالو لسٽ ۾ هجڻ تي وفاقي ڪابينا جي اهڙي فيصلي تي نظرثاني لاءِ چيو ته ان نظرثاني لاءِ ڪميٽي جوڙي ورتي. هتي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ جي آهي ته عدالت وفاقي ڪابينا جي انهيءَ فيصلي کي مڪمل طور رد نه ڪيو، بهرحال حڪومت طرفان عدالتي هدايتن تي گوٿ ناٿ ان ڳالهه کي هيڪاري هٿي ڏني ته احتساب واري اهڙي قدم جي پويان ڪي سياسي مقصد آهن، لسٽ تي نظرثاني به تڪڙي نه ڪئي وئي آهي. ان ڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سنڌ ۾ اهو کيل ختم ٿي ويو آهي.

تحريڪ انصاف سنڌ جو پاڻي ڪڇي ورتو، ان سنڌ ۾ چونڊيل حڪومت ڊاهڻ کان اڳ سوچيو ئي نه هو ته هوءَ ڇا ڪرڻ وڃي پئي، پيپلز پارٽي جي رڳو هڪ صوبي ۾ حڪومت ناهي پر اها ملڪ جي ٽئين وڏي پارٽي آهي، جيڪا قومي اسيمبلي سان گڏ سينيٽ ۾ به اثرائتو وجود رکي ٿي. اهڙي صورت ۾ حڪومتون ٽوڙي ۽ وري ٺاهڻ هڪ خطرناڪ مظهر آهي.

سنڌ حڪومت کي ٽوڙڻ لاءِ وفاقي حڪومت رابطا سازي شروع ڪئي ته پيپلز پارٽي وفاق کي ڌمڪي ڏني، بلاول ڀٽو چيو ته وڏو زرداري موڪل ڏئي ته مرڪز ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ڊاهي ڏيکاريون، يعني توهان اسان جي حڪومت ڊاهيو ته اسان توهان جي حڪومت ٿا ڊاهيون. احتساب جنهن جا وڏا هوڪا پئي ڏنا ويا سو الائي ڪيڏانهن ويو؟ سياست بازي شروع ٿي وئي، اها صورتحال خود وفاقي حڪومت شروع ڪئي نه ته ان کان اڳ آصف علي زرداري ڀلي داٻا پئي ڏنا پر سياسي بحران واري صورتحال پيدا نه پئي ٿي. 
مراد علي شاهه خلاف مهم ۽ اڪثريتي پارٽي جي بدران اقليتي ۽ پسند جي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ڳالهه ڳچي ۾ وجهي ڇڏي.ڄڻ 90 جي ڏهاڪي واري سياست کي جيارڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، جنهن ۾ سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جا پير پيون ڪڍن. پي ٽي آءِ چاهيو پي ته سنڌ ۾ ڄام صادق علي ماڊل واري حڪومت ٺاهي وڃي، اڪثريتي پارٽي کي نظرانداز ڪري ننڍن ننڍن گروپن کي ملائي سياسي انجنيئرنگ سان هٿ ٺوڪيو سيٽ اپ ٺاهيو وڃي.گورنر راڄ يا وري اڪثريتي پارٽي کان زوري حڪومت کسي نئين جوڙ جڪ، جيڪا پنهنجي جوهر ۾ غير جمهوري آهي، ان خلاف سنڌ ۾ راءِ ٺهي. روايتي توڙي سوشل ميڊيا تي شور ٿيو، آصف علي زرداري جا خانڳڙهه، ڪشمور وارا دورا پنهنجي جاءِ تي، پر عدالتي ريمارڪس به تحريڪ انصاف جي ڦوڪڻي مان ڪنهن قدر هوا ڪڍي. پوءِ پيپلز پارٽي جي شڪي ميمبر جون وضاحتون شروع ٿي ويون ته فنڪشنل ليگ به اعلان ڪيو ته اها پيپلز پارٽي جي حڪومت ٽوڙڻ وارين ڪوششن جو حصو نه بڻبي.

تحريڪ انصاف ميدان ۾ سٺي حڪمراني ،عوام جي حقن ۽ تبديلي جي نعري سان لٿي پر پوءِ سمورو زور 2013 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي تي لڳايو، يعني ماڻهن کي ڪنهن واضح پروگرام جي بدران هڪ نقطي تي ميڙاڪا ڪيا، ٻين لفظن ۾ اهي سڀ ڌرڻا ان لاءِ هئا ته اسان کي حڪومت ڇو نه ملي. 
ڌانڌلين واري مهم لاڀائتي نه ٿي پر تيستائين پاناما ليڪس جو ڍڪڻ کلي ويو جنهن تي هن نواز شريف حڪومت کي گهيري ۾ آندو، تحقيقات ۽ ڪيس هلايا، نيٺ نواز شريف ۽ سندس پارٽي کي آئوٽ ڪيو ويو. هن سڄي پلاننگ ۾ سڀ کان پهرين نواز شريف کان وزيراعظم جو عهدو کسيو ويو پوءِ پارٽي ۾ اختيار! هاڻي اهو ساڳيو نتيجو سنڌ ۾ پيپلز پارٽي تي به آزمايو پيو وڃي، ضروري ناهي ته هر نتيجو هر وقت ۽ هر ڪنهن لاءِ استعمال ڪجي ۽ ان مان ساڳيا نتيجا حاصل ٿي سگهن، جيڪڏهن آصف علي زرداري ۽ سندس خاندان جو ئي احتساب ڪرڻو هو ته سنڌ حڪومت کي وچ ۾ڇو آندو ويو؟ ڇا اهو سٺو نه هو ته قانوني طريقي سان احتساب جو عمل جاري رکجي ها ۽ خود سنڌ حڪومت کي موقعو ڏجي ته پنهنجي قيادت خلاف ڪارروائي تي ڪهڙو رد عمل ٿي ڏئي، وفاقي حڪومت تڪڙ ۾ پيپلز پارٽي لاءِ ڄڻ سهولت ڪري ڇڏي.

هي وڏو سوال آهي ته تحريڪ انصاف سنڌ ۾ سياسي تحرڪ کي اڻٽر ڇو بڻايو؟ اهو درست آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ عددي لحاظ کان ٻي وڏي پارٽي آهي پر عوامي ۽ مقبوليت جي سطح تي ڪمزور ناهي، اها ڳالهه به چئي پئي وڃي ته عام چونڊن جا ڪراچي وارا نتيجا انجنيئرنگ جو نتيجو آهن، هوڏانهن شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي تقسيم در تقسيم جي باوجود اڃا تائين اها سوچ موجود آهي. 
صوبي جي ٻن وڏن شهرن کي ڇڏي پيپلز پارٽي پنهنجي جاءِ نه ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڪٿي ڪا جاءِ آهي يا ڪو حلقو آهي ته به تحريڪ انصاف جي حق ۾ ناهي يا وري پي ٽي آءِ جي ان تحريڪ ۾ سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ان ڪري تحريڪ انصاف جو سنڌ ۾ حڪومت مٽائڻ وارو قدم سياسي انجنيئرنگ ٿي سگهي ٿو پر ان کي عوام وٽان قبوليت نه ملندي. پي ٽي آءِ ملڪ جي ٻئين نمبر وڏي صوبي جو ڪنٽرول ڇو ٿي رکڻ چاهي؟ ان سان انهن خدشن کي هٿي ملي ٿي ته اها ملڪ اندر هڪ پارٽي وارو نظام آڻڻ گهري ٿي.

اسٽيبلشمينٽ کي هميشه مضبوط مرڪز ئي سٺو لڳندو آهي، مالي يا انتظامي خودمختياري کيس ڪو گهڻو وڻندي ناهي، ڪڏهن ڪڏهن ته ماگهين اهي ئي شيون ملڪي سلامتي خلاف هجڻ جو طعنو ڏنو ويندو آهي. اهڙي قسم جا اظهار ڪيترائي ڀيرا ماضي بعيد توڙي حال ۾ ٿيندا رهيا آهن، پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ ڪجهه ٻيون پارٽيون ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ جو حصو وٺنديون آهن، تحريڪ انصاف تن ڏينهن ۾ پارليامينٽ ۾ اها حيثيت نه پئي رکي ان ڪري اها پنهنجي پاڻ کي ان جو پابند به نٿي سمجهي ۽ نه وري ڪڏهن ان صوبي جي مالي ۽ انتظامي حقن لاءِ ڳالهايو آهي. هي سڄو ماحول ٺهيل آهي ۽ لڳاتار اشارا پيا ملن ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي ايندي ۽ ارڙهين ترميم ۾ به ڦير ڦار ٿيندي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي پنهنجي قيادت خلاف حڪومتي ڪاررواين ۽ احتساب جي عمل کي پاڻ ۾ ڳنڍي پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، مرڪزي حڪومت پنهنجي لاءِ هيڪاري تڏهن ڏکيائي ڪئي جڏهن ان احتساب سان گڏ سياست کي ملايو.

https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%D8%AA%D8%AD%D8%B1%D9%8A%DA%AA-%D8%A7%D9%86%D8%B5%D8%A7%D9%81-%D8%B3%D9%86%DA%8C-%DB%BE-%DA%87%D8%A7-%D9%BF%D9%8A-%DA%AA%D8%B1%DA%BB-%DA%86%D8%A7%D9%87%D9%8A%D8%9F/

Labels: , , , ,