Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Sunday, May 15, 2016

Why people's protests fail? Sohail Sangi



Awami Ahtjaj kamyab chho nathha theyn? 
 Daily Kawish 

Labels: ,

Friday, April 03, 2015

...۽ تاريج جو هڪ باب بند ٿي ويو! 09 ڊسمبر 2014ع

...۽ تاريج جو هڪ باب بند ٿي ويو!
اڱارو 09 ڊسمبر 2014ع
 سھیل سانگی
اڄ مون کي سمجهه ۾ اچي ويو ته تاريخ جو باب ڪيئن بند ٿيندو آهي. هونئن پڙهندو يا ٻُڌندو رهندو هوس، پر ڪامريڊ سوڀي جي وڇڙي وڃڻ اها ڳالهه سمجهائي ڇڏي. هڪ اڏول ماڻهو، سالم هوش حواس سان 94 سالن جي عمر ۾ به ائين بيٺو هو، جيئن مون کيس چاليهه سال کن اڳ ڏٺو هو. جذبا جوان، ڳالهه ٻولهه ۾ چٽائي ۽ رواني، فڪر ۾ پُختگي ۽ ڪميٽمينٽ. ڪامريڊ سان منهنجي پهرين ملاقات ڪامريڊ ڄام ساقي سان گڏ ٿي، تڏهن آئون ڪاليج ۾ پڙهندڙ ٻار هئس، ان بعد ڀٽو دور ۾ نذير عباسي سان گڏ ڪامريڊ سان ملڻ لاءِ وياسين. پارٽيءَ جي تنظيم، تاريخ، سياسي صورتحال، ايندڙ وقت جي حڪمت عمليءَ تي ڊگهيون ڪچهريون ٿيون. 

گذريل سال ڊسمبر ۾ پنهنجي ٻارن دانيال، ارباز، شيراز ۽ دانش کي موهن جو دڙو گهمائڻ وٺي ويس. تاريخي آثار گهمڻ مهل مون ٻارن کي ٻُڌايو ته، ”هي تاريخي آثار آهن، واپس لاڙڪاڻي هلي، توهان کي زندهه تاريخ سان ملاقات ڪرائينداسين.“ اسين مهمان ته بشير چانڊيو جا هئاسين، پر محمد علي پٺاڻ سڄو وقت گڏ هو. منهنجي انهيءَ خواهش تي محمد علي پٺاڻ چيو ته، ”بلڪل ڪچهري رکون ٿا.“ 

خبر تڏهن پئي ته اسين مچ ڪچهري لڳايو ويٺا هئاسين، جو ڪامريڊ سوڀو، محمد علي پٺاڻ کي ساڻ ڪري اچي نڪتو. منهنجي شرمساريءَ جي حد هئي، وڏو بزرگ، مارڪسي مفڪر هن عمر ۽ ايتري سيءَ ۾ هتي اچي پهتو آهي. چيومانس ته، ”ڪامريڊ هي توهان ڇا ڪيو؟ آئون توهان وٽ حاضري ڀرڻ لاءِ آيس پئي.“ کِلي چيائين ته، ”محمد علي پٺاڻ ڳالهه ڪئي، سوچيم توهان جو الائي جي شيڊيول ڪيئن هجي، سو هليو آيس.“ اهو منهنجي ۽ منهنجي ٻارن لاءِ يادگار لمحو هو، مون پنهنجو پاڻ کان پُڇيو ته، ”ڇا آئون ان لائق آهيان، جو ڪامريڊ مون سان ملڻ اچي؟“ وڏي ڪچهري ٿي، اسان جو دوست بدر ابڙو به موجود هو. مون ٻارن کي ٻُڌايو هو ته، ”هن زندهه تاريخ سان ملڻ بنا موهن جو دڙو گُهمڻ اڌورو ٿيندو.“ 

شروعات ڪامريڊ جي شروعاتي ذاتي زندگيءَ سان ٿي. اهو منهنجي ٻارن لاءِ ته وڏو سبق، تجربو شيئر ڪرڻ هو، پر اسان جي ڪچهريءَ ۾ موجود باقي شرڪت ڪندڙن لاءِ به هو. ڪامريڊ ٻُڌايو ته، سندس هڪ ڪلاس فيلو نينگري، شانتي نڪيتن ۾ پڙهندي هئي، جنهن کيس ٻُڌايو آهي ته، ”جيڪڏهن پڙهڻو آهي ۽ زندگي جو علم پرائڻو آهي ته شانتي نڪيتن اچو.“ ان بعد ڪامريڊ ڊاڪٽر يا وڪيل ٿيڻ وارو فيصلو ترڪ ڪري رابندر ناٿ ٽئگور جي يونيورسٽي شانتي نڪيتن وڃڻ جو فيصلو ڪيو.

ڪامريڊ ٻُڌايو ته، ”آرٽ، ميوزڪ، فلسفو، تاريخ، ڪلچر، سائنس مطلب ته ڪو اهڙو علم نه هو، جيڪو اُتي نه پڙهايو ۽ سيکاريو پئي ويو.“ ڪامريڊ سوڀي اُتي ڇا سکيو؟ ان جو احوال هن هڪ انٽرويو ۾ هن ريت ڪيو. ”جڏهن پڙهائي پوري ڪري شانتي نڪيتن ڇڏڻ وارو هوس ته هڪ استاد پُڇيو ته، ”هتي ڇا پڙهيو ۽ سکيو؟“ ڪامريڊ وراڻيو ”آئون ٻارن جيان آيو هوس ۽ انسان بڻجي وڃان پيو.“ اتي سندس ملاقات ٽئگور سان به ٿي، جنهن شڪايت ڪئي ته، ”توهان سنڌين بنگالي ماهر آثار قديمه مجمدار کي قتل ڪيو.“ 

ڪامريڊ کيس ٻُڌايو ته، ”ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي مجمدار کي قتل ڪيو هو، جو کين غلط فهمي ٿي هئي ته موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان سون لڌو آهي.“ سندس ان وضاحت ٽئگور تي گهڻو اثر ڪيو ۽ مٿس ”مين فرام موهن جو دڙو“ جو نالو رکيائين. 

ڪامريڊ سوڀي 21 سالن جي عمر ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان فڪر ۽ نظريي سان مرڻ گهڙي تائين واڳيل رهيو. سندس ڪميونسٽ تحريڪ ۾ رول ايترو هو، جو مٿس نالو ”ڪامريڊ“ پئجي ويو. وڏي ڳالهه ته هن ان لفظ جو آخري دم تائين ڀرم رکيو. هن عمر جي آخري حصي ۾ به نه اميد پرستي ڇڏي ۽ نه ئي همت هاري. سوويت يونين جي ٽُٽڻ بعد به کيس پُختو ويساهه هو ته انقلاب ضرور ايندو، ڇاڪاڻ جو سرمائيدار وٽ انسان ذات کي ڏيڻ يا آڇڻ لاءِ ڪا گهڻي شئي ناهي ۽ وٽس ٻي ڪا واٽ به ناهي. 

ورهاڱي مهل ڪيترن ئي همراهن کيس صلاح ڏني ته هو لڏي ڀارت هليو وڃي، پر هن انڪار ڪيو. چيو ته هو هن ڌرتيءَ جو پُٽ آهي، سندس ماضي، حال ۽ مستقبل ان سان ئي ڳنڍيل آهي. لڏي وڃڻ بابت سوچڻ ئي ايترو عذاب ڏيندڙ آهي، جو هو سوچي به نه ٿو سگهي. 

ڪامريڊ کان جڏهن ٻارن سندس صحت جو راز پڇيو ته، هُن ٻڌايو ته هن نه ڪڏهن شراب پيتو، نه ڪوڙ ڳالهايو ۽ نه وري پرائي عورت کي بُري نظر سان ڏٺو. جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهيس، ان تي بيهي رهيس ۽ قائم رهيس. پنجين خوبي جيڪا ڪامريڊ بيان ڪئي، سا هئي پنهنجي فڪر، نظريي سان ڪمٽمينٽ. ايتري قدر جو هن جيڪي لکيو، جيڪي ڳالهايو ۽ جيڪي عمل ڪيو، سو سڀ نظريي سان مطابقت رکندڙ هو. ڪڏهن به ڪو ٿيڙهه يا تضاد نه هو. 

ورهاڱو مذهبي بنياد تي ٿيو، مٿان وري پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ڪميونسٽن خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا. ڪامريڊ سنگت جي صلاح سان پارٽيءَ جي قيادت ۾ نه اچڻ، پر پارٽيءَ ۾ ڪم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر کي گرفتار ڪري پوءِ شهيد ڪيو ويو، تڏهن گرفتار ٿيلن ۾ ڪامريڊ سوڀو به شامل هو، جنهن کي بدنام زمانه اذيت گاهه شاهي قلعي نيو ويو. 

ڀٽو دور ۾ وري سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا ويا. مير غوث بخش برنجو تڏهن بلوچستان جو گورنر هو، تنهن ڀُٽي کي ڳالهه مڃائي ته سوڀي کي گرفتار نه ڪيو وڃي. بشير چانڊيو جي اوطاق تي هن مچ ڪچهريءَ ۾ ڪامريڊ سوڀي حسن ناصر جي گرفتاريءَ واري واقعي بابت به ٻُڌايو. هو ان خيال جو هو ته پارٽيءَ طرفان ان جي جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو رکيون وڃن ها. 

ڪراچيءَ مان منهنجي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار لاءِ اسان ڪامريڊ سان ملاقات ڪئي هئي. ڊگهي ڪچهريءَ بعد ڪامريڊ کي مڃايو هوسين ته هو اخبار ۾ هفتيوار ڪالم لکندو، پوءِ ڪامريڊ ڳالهائيندو هو ۽ محمد علي پٺاڻ اهو لکي اسان کي موڪلي ڏيندو هو، جيڪو ”تاريخ ڳالهائي ٿي“ جي نالي سان شايع ٿيندو هو، بعد ۾ انهن ڪالمن تي ٻڌل ڪتاب پڻ شايع ٿيو. 
هڪ ٻي يادگار ملاقات اسلام آباد ۾ ڪامريڊ روچيرام سان گڏ ٿي هئي، جتي اهي ٻئي جهونا اقليتن جي چونڊن ۾ تبديليءَ لاءِ حڪومت کي قائل ڪرڻ لاءِ آيل هئا. ڊاڪٽر کٽومل ايم اين اي جي ڪمري تي اقليت جي مسئلن جي مختلف پهلوئن تي گهڻو ڪجهه ڳالهايو. ڪامريڊ جو چوڻ هو ته، ”اصل ڳالهه اها ته سوسائٽي ان اشو تي ڪيئن ٿي موٽ ڏي، اها ئي شئي عملي شڪل ۾ بيهندي.“ پاڪستان جي سياسي نظام ڪڏهن به ڪامريڊ کي هضم نه ڪيو. کيس ڪيئي سال روپوش رهڻو پيو يا وري قيد ۾. 1988ع کان پوءِ عام چونڊون به لڙيون، پر ادارن طرفان جوڙ ڪٽ جي حساب کيس چونڊيل ايوانن کان ٻاهر رکيو، بلڪل ائين جيئن گرامچي لاءِ سندس ملڪ جي آمر چيو هو ته، کيس گهٽ ۾ گهٽ 30 سال ماڻهن کان پري رکيو وڃي، تيئن ڪامريڊ سوڀي لاءِ به ڪيو ويو. هو پاڻ چوندو هو ته اسٽيبلشمينٽ کيس ٽمورتي ديو سمجهي ٿي، هڪ ڪميونسٽ ٻيو وري سنڌي، مٿان وري هندو. پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڪميونسٽ تحريڪ ۽ ان جي مختلف محاذن کي منظم ڪرڻ ۾ ڪامريڊ جو وڏو ڪردار رهيو، هو ڪراچيءَ جي مزدورن جو ليڊر ۽ ترقي پسند اديبن جو ساٿي هو. 
سٺ واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ عملي طور تي ڪنهن به حقيقي ڪميونسٽ تحريڪ کي ساڻ نه کڻڻ جو فيصلو ڪيو. ڪامريڊ ان بعد به پنهنجو فطري ۽ ذهني لڳاءُ پارٽي سان واڳيل رکيو ۽ وقت بوقت صلاحون ڏيندو رهيو. ڪيترن ئي موقعن تي پارٽي کائنس خاص طور تي صلاحون وٺندي رهي.ڪامريڊ سوڀو نظريي ۽ فڪر سان والهانه وابستگي رکندڙ هو، اهو رشتو ڪو به دٻاءُ ۽ سختي ٽوڙي نه سگهي. هو هڪ اڏول، قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي رکندڙ، حقيقي معنائن ۾ سياسي ڪارڪنن لاءِ مڪمل رول ماڊل هو. 
ميرا عشق تها گواهي تيري حسن کي ديکهه
 اس گواهي پر قائم رهي هم

Labels: ,

ٿر جي ڏڪار تي ٿيندڙ سياست: 15 نومبر 2014ع

ٿر جي ڏڪار تي ٿيندڙ سياست !
ڇنڇر 15 نومبر 2014ع

بعد از خرابيءِ سيار سنڌ ڪابينا مٺيءَ ۾ اجلاس ڪري، ڄڻ ڏڪار کي ٿر مان ڀڄائي ڇڏيو ۽ ٿر جي ماڻهن تي وڏو احسان ڪري ڇڏيو. اجلاس جي بريفنگ ۽ فيصلن جو گهرو مطالعو ماڳهين حڪومت جي وڌيڪ پت وائکي ڪري ڇڏي ٿو. سُٺي حڪمرانيءَ جي نشاني اوڏي مهل چِٽي ٿي وئي، جڏهن پتو پيو ته ٿر جي ڏڪار لاءِ رکيل رقم مان اڌ رقم مس خرچ ٿي سگهي آهي. حڪومت ۽ چونڊيل عيوضين جون اوڏي مهل به اکيون نه کُليون، جڏهن بريفنگ ۾ ئي ٻُڌايو ويو ته سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ٿر لاءِ 17 ارب 66 ڪروڙ رپيا رکيل هئا، پر ان مان هن وقت تائين ست ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا آهن. حڪومت جي سنجيدگيءَ جو اهو عالم آهي، جو ٿر ۾ ڇهه مهينا اڳ جيڪي ڊاڪٽر ۽ استاد ڀرتي ڪيا ويا، انهن کي اڃا تائين پگهارون به نه مليون آهن.

 اجلاس جنهن ۾ ٻن وزيرن مخدوم جميل الزمان ۽ منظور وساڻ شرڪت نه ڪئي، ڇاڪاڻ جو هو حڪومت لاءِ، حڪومت انهن لاءِ تڪراري بڻيل آهي. مخدوم جميل ۽ سندس ڀاءُ مخدوم عقيل الزمان خلاف ست مهينا اڳ ڏڪار جون تباهه ڪاريون ظاهر ٿيڻ تي قدم کنيو ويو هو. منظور وساڻ وري تڪراري رپورٽ سبب ”گڊ بوڪس“ ۾ نه ٿو لڳي. ڪابينا جي فيصلي موجب ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو بل سومر ڏينهن اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو، ان بل جو مسودو ماهرن، آفيسرن ۽ چونڊيل عيوضين تي ٻڌل ڪميٽيءَ ٽي مهينا اڳ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو هو. 
ڪميٽي ڏڪار پاليسيءَ جو مسودو به گهڻو اڳ حڪومت کي ڏنو هو، پر ان کي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڳالهه نه ٿي ڪئي وڃي. شايد ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي ان ڪري ٺاهي پئي وڃي، جو ان لاءِ بجيٽ ۾ 50 ڪروڙ رپيا رکيل آهن. ڏڪار پاليسي آڻڻ جي صورت ۾ حڪومت مجبور ٿي ويندي ته اُها ڏڪاريلن کي ڪجهه ڏي. ترقياتي ڪمن ۾ ته ڪميشنون آهن. حڪومت سنڌي ميڊيا کي ليکڻ لاءِ تيار نه هئي. ڏڪار جو معاملو ان ڪري ٻيهر ياد آيو آهي، جو مين اسٽريم ميڊيا، اسيمبليءَ اندر اپوزيشن ۽ ڪجهه ٻين جماعتن اُن کي سوڙهو ڪيو. تعجب جي ڳالهه آهي ته رليف لاءِ رکيل گهٽ رقم خرچ ٿيڻ، ڪرپشن، رليف جو سامان ضايع ٿيڻ ۽ ٻين اهڙن معاملن جو ڪابينا ڪو به نوٽيس نه ورتو ۽ صرف ڏيکارڻ خاطر فيصلا ڪيا. حڪومتي حلقن وٽان هڪ ئي ساهه ۾ ٻه ڳالهيون چيون پيون وڃن. 
حڪومت مڃي ٿي ته ٿر ۾ ڏڪار آهي. اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته 15 آگسٽ بدران ٻه مهينا دير سان ڏڪار ڊڪليئر ڇو ڪيو ويو. حڪومت چوي ٿي ته ٻار ڏڪار سبب نه پيا مرن، اُن لاءِ داين هٿان ڄم کي ڪارڻ ڄاڻايو پيو وڃي. حڪومت عالمي اداري طرفان غذائيت جي کوٽ واري رپورٽ تي غور ڪرڻ ۽ پيٽ وارين عورتن جي غذائيت نه هجڻ واري معاملي تي ويچارڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن داين هٿان ڄم ٿيڻ ئي ٻارن جي موت جو ڪارڻ آهي ته اُن لاءِ به حڪومت ئي ذميوار آهي، جيڪا ويم جون سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ 650 ليڊي هيلٿ ورڪرز سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪرايون آهن. زميني حقيقتون حڪومتي دعوى کي رد ڪن ٿيون. اهو موقف ته ٻارن جو مرڻ ڏڪار سان نه، پر صحت سان واڳيل آهي، اهو عقل جي ڏاهن کي ڪير سمجهائي ته ٻارن ۾ صحت جو معاملو حمل دوران شروع ٿئي ٿو، ان بعد ماءُ جي ٿڃ سان واڳيل آهي. هڪ بُکايل ۽ گهٽ خوراڪ واري ماءُ ۾ ڪيتري ٿڃ ٿي سگهي ٿي؟ 

ٿر ۾ بلاشبه طبي سهولتن جي کوٽ آهي، پر اها حڪومت جيڪا پي پي ايڇ آءِ جي ذريعي هڪ ڳوٺاڻي صحت مرڪز کي ايتري بجيٽ ڏي ٿي، جيڪا ڪنهن وزير جي ٿر جي هڪ دوري جي خرچ کان به گهٽ آهي. دراصل حڪومت ان مان ٻه فائدا وٺڻ گهري ٿي، هڪ اهو ته صحت جو اشو سڄي صوبي ۾ آهي، ان ڪري ٿر ۾ ان جو هجڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي. ان ڪري سڄي غير معمولي صورتحال کي معمولي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ٻيو اهو ته جيئن ته اهو معاملو صحت سان واڳيل آهي ۽ صحت واري وزارت گذريل 15 سالن کان ايم ڪيو ايم وٽ آهي، ان ڪري اها ذميواري حڪومت يا پيپلز پارٽي جي نه، پر ايم ڪيو ايم تي اچي ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته حڪومت ان کي هروڀرو سياسي بڻائي، حڪومت بمقابله ايم ڪيو ايم ڪرڻ گهري ٿي ته جيئن اها تنقيد کان بچي سگهي. هاڻي ٻئي جماعتون ڏي جواب، وٺ جواب ۾ لڳي ويون آهن، ٿر جو معاملو ڇُٽو. ايم ڪيو ايم کي وري وجهه لڳو، اها پنهنجي سياست کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ان کي ڪوٽا سسٽم سان ڳنڍي رهي آهي. ائين غريب ٿرين ۽ ڏڪار تي سياست ٿي رهي آهي، جنهن ۾ حڪومت توڙي ايم ڪيو ايم ٻنهي جو ڀلو ٿي رهيو آهي. 

سوال آهي ته ڇا پيپلز پارٽي ٿر ۾ صحت جون سهولتون پهچائڻ جي جڏهن ڪا ڪوشش ڪئي ته ڇا ايم ڪيو ايم ان ۾ رنڊڪون وڌيون؟ اهڙو ڪو به رڪارڊ ڪو نه ٿو ملي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ائين ڪيو به ته صحت جي شعبي ۾. خيرپور، نوابشاهه يا لاڙڪاڻي جي معاملن ۾ ان ائين ڇو نه ڪيو؟ ۽ جيڪڏهن ڪيو، ان جي باوجود حڪومت اهي رٿائون عمل ۾ آڻي ڇڏيون! ٻن منٽن لاءِ کڻي مڃجي ته ايم ڪيو ايم جو رڪارڊ سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ اهڙو رهيو آهي، اُن ٿر لاءِ به ائين ڪيو هوندو، پر اها جماعت ٿر جي ڏڪار جي مستقل حل ڳولڻ يا ٻن اهم شعبن، زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ ته آڏي ٽنگ نه پئي ڏني، انهن شعبن کي ڇو ترقي نه ڏياري وئي؟ جيڪڏهن انهن شعبن کي پيپلز پارٽي ترقي ڏياري ها ته اڄ ڏڪار، اِهي اثر نه ڏيکاري ها. سنڌ ۽ وفاق جي وچ ۾ قومي مالياتي فنڊ جي رقم جاري ڪرڻ تي ڦڏو هلندڙ آهي. 
وفاقي حڪومت سنڌ کي ٻن طريقن سان دٻاءَ ۾ آڻڻ گهري ٿي، هڪ اهو ته ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، ٻيو اهو ته سنڌ پوليو مهم بابت سنجيده ناهي. اهو پوليو افغانين جي ڪري پکڙجي رهيو آهي، جيڪي وفاق جي پاليسين سبب سنڌ ۾ آباد ٿي رهيا آهن. تعجب جي ڳالهه آهي ته انساني المئي کي وفاق ۽ صوبائي قرار ڏنو پيو وڃي. ٿر وانگر ڀارتي صوبي راجسٿان ۾ به ڏڪار ايندا آهن، پر اُتي سٺ واري ڏهاڪي کان قومي مالياتي ڪميشن ڏڪار لاءِ ڌار رقم رکندي آهي. ٿر رڳو سنڌ جو ئي نه، پر پاڪستاني رياست جو به حصو آهي. وفاق چين سان توانائي شعبي لاءِ ٺاهه ڪري رهيو آهي، پر سولر سسٽم رائج ڪرڻ لاءِ سولر پينل ۽ سولر پليٽون مقامي طور ٺهرائڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن وسيلي ماڻهن کي سهولتون به ملنديون ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار به کُلندا. سنڌ حڪومت ٻه سال اڳ هر ضلعي لاءِ خاص ترقياتي پيڪيج ڏنا، پر هن ضلعي کي پسمانده ۽ ڏڪارن جي لپيٽ ۾ هجڻ جي باوجود اهڙو ڪو پيڪيج نه ڏنو ويو. 
ڪجهه ضلعن ۾ يونيورسٽيءَ مٿان يونيورسٽي، اداري مٿان ادارو کوليو ويو، پر ٿر کي ڪو ڪاليج به نه ڏنو ويو. وفاق يوٿ لون اسڪيم تحت به ٿر جي نوجوانن جي مدد ڪري سگهي ٿو ۽ صوبائي حڪومت بينظير اِسڪل ڊولپمينٽ پروگرام ذريعي. ٻئي حڪومتون ٻُڌائين ته هن وقت تائين انهن ٻنهي پروگرامن تحت ٿر کي ڇا مليو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ٿر کي ڇا ڏيڻ گهرن ٿيون؟ ٿر جي ماڻهن سان هڪ سياست حڪومت ڪري رهي آهي، ٻي سياست وفاق ڪري رهيو آهي ۽ ٽئين سياست ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي. ٿر جي اڄوڪي صورتحال ڪيئي ڏهاڪن کان اُن کي نظرانداز ڪرڻ سبب آهي. لڳاتار ڏڪار پوڻ سان وسيلا سُسندا ويا، آبادي وڌندي وئي، حڪومت ترقياتي ڪم خير ڪو ڪيو، اُنهن سڀني ڳالهين المئي کي جنم ڏنو. اڄ حڪومت زميني حقيقتون ۽ ڪوتاهيون مڃڻ بدران ٿر جي معاملي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجي لاءِ ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهي آهي. 
مختلف ڌريون هڪ ٻئي کي هيٺ ڏيکارڻ لاءِ ٿر جي ڏڪار کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جنهن سان انهن سڀني ڌرين جو ته فائدو ٿي رهيو آهي، جو سڀ ذميوارين کان آجيون ٿي وڃن ٿيون، پر ٿر جو ڪو ڀلو نه ٿي رهيو آهي.

Labels: , , , , , , ,

حڪومت – اسٽيبلشمينٽ وڇوٽين جو عمران ۽ قادري کي فائدو ٿيندو؟ 02 جولاءِ 2014


سھیل سانگی
حڪومت – اسٽيبلشمينٽ وڇوٽين جو عمران ۽ قادري کي فائدو ٿيندو؟ اربع 02 جولاءِ 2014ع
ملڪ ۾ لڳاتار اهڙا ۽ ايترا واقعا رونما ٿي رهيا آهن، جو عام ماڻهو ته ڇڏيو پر چڱي خاصي پڙهيل لکيل ماڻهن کي به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته صورتحال ڇا ٿيڻ واري آهي؟ ڪهڙي واقعي جو اڳ وارن واقعن سان ڪهڙو تعلق آهي؟ هڪ ئي وقت ڄڻ ٽي چار قسم جا وهڪرا وهي رهيا آهن. ان معاملي کي ميڊيا وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪنهن ننڍي واقعي کي وڏو ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو يا اينڪرپرسن ان جي تشريح ڪجهه اهڙي ڪن ٿا، جو اصل حقيقتون گم ٿي وڃن ٿيون. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي، جو ملڪ جي حاڪم طبقن جي پاڻ ۾ ايڊجسٽ مينٽ نٿي ٿئي. ڪنهن کي اقتدار ۽ اختيار توڙي وسيلن ۾ ڪيترو حصو ملڻ گهرجي، ان جو ڪو پائيدار حل ۽ نظام به موجود ناهي. اقتدار، اختيار ۽ معيشت جي پراڻي ورڇ ڪيئي ڀيرا رد ٿي چُڪي آهي، پر هاڻي جاگيردار، واپاري يا صنعتڪار پنهنجون شڪليون تبديل ڪري ڇڏيون آهن. خود انهن طبقن ۾ به ڪجهه نوان گروپ سامهون آيا آهن. ائين نوان طبقا، نوان سياسي ۽ معاشي مظهر سامهون آيا آهن، جيڪي نه رڳو پنهنجي اڪوموڊيشن گهرن ٿا، بلڪ پنهنجو ”صحيح“ حصو پتي به گهرن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ بحراني صورتحال بڻيل آهي ۽ ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ کليل شڪل ۾ نظر اچي ٿو. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ ان ٽڪراءَ کي حل ڪرڻ جو ائين ئي وڏو نسخو هو، جيئن 1973ع وارو آئين ڪنهن زماني ۾ هو. بدليل صورتحال ۾ نئون آئين ڏيڻ بدران چارٽر آف ڊيموڪريسي جو رستو اختيار ڪيو ويو، پر هن نسخي ۾ ٻه اهم ادارا عدليه ۽ عسڪري ڌر ٻاهر هئا، ٽيون اهم شعبو ميڊيا جو هو، سوبه ڄڻ هن نسخي ۾ شامل نه هو. مشرف جي اقتدار ۽ ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ هن نسخي تي دٻاءُ پوڻ لڳو، جيڪي ڌريون توڙي ادارا هن نسخي کان ٻاهر رهجي ويا، هئا، تن زور لڳائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي پراڻي حيثيت جي بحالي يا فارمولي ۾ پنهنجي لاءِ “مناسب جڳهه“ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. مختلف لاهين چاڙهين جي باوجود پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ان قصي ۾ هڪ صفحي تي رهيون. گذريل سال جون چونڊون جيڪي هاڻي ڪنٽرولڊ چونڊو چيون وڃن ٿيون، تن هڪ نئين صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. عمران خان جو فيڪٽر مينڊيٽ سان سامهون آيو، جيڪو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ طئي ٿيل گيم جو حصو نه هو. ظاهر آهي ته اهو ڪمال انهيءَ فارمولي کان ٻاهر رهجي ويل ڌرين جو هو. ائين اهي ڌريون گڏ ٿيڻ لڳيون، جيڪي چارٽر آف ڊيموڪريسي جي خلاف هيون. انهن ڌرين جي گڏ ٿيڻ علائقي ۾ بدلجندڙ صورتحال ۽ طالبان جي وڌيل رول جي ڪري ملڪ ۾ ساڄي ڌر جي ردِ عمل (رائيٽ ري ايڪشن) جو خطرو وڌي ويو. بهرحال ساڄي ڌر جون اهي قوتون اڃا تائين ڪنهن اهڙي ٺاهه تي متفق نه ٿي سگهيون آهن، انهن جا مفاد ان حد تائين گڏيل آهن، جيستائين جو موجوده حڪومت ۽ ان سان گڏوگڏ هن سيٽ اپ کي تبديل نه ڪري وٺن. اهي قوتون اختيارن جي ورڇ مهل ماڳهين هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ان ڪري عمران خان، چوڌري برادران ۽ علامه قادري جو هڪ ٻئي سان تعاون ضرور آهي، پر اتحاد ڪونهي. ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ کليل نموني هلندڙ سال تڏهن سامهون آيو، جڏهن مشرف جي جان ڇڏڻ وارو سوال ٿيو. پر هن ٽڪراءَ جو سبب رڳو مشرف نه هو، ڪجهه ٻيا سبب ۽ مظهر به ڪارڻ هئا. مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ آءِ ايس آءِ جي ڀيٽ ۾ جيو جو ساٿ ڏيڻ، اتر وزيرستان ۾ آپريشن شروع نه ڪرڻ ۽ انڊيا سان واپار وارن معاملن تي دفاعي ادارو ۽ نواز حڪومت هڪ ٻئي کان پري بيٺل رهيا. ان مان اهو تاثر اڀريو ته فوج سڌي يا اڻ سڌي طرح اقتدار تي قبضو ڪرڻ گهري ٿي، يا پنهنجي من پسند ماڻهن تي ٻڌل نگران حڪومت جوڙڻ گهري ٿي. پر اهو تاثر درست نه هو، ڇاڪاڻ جو نه پنجاب پنهنجي قيادت تبديل ڪرڻ پيو گهري ۽ نه ئي وري دفاعي ادارا گذريل سال جي چونڊن ۾ جيڪو ”اتفاق راءِ“ پيدا ٿيو آهي، تنهن کي ختم ڪرڻ گهرن ٿا. ها اهو ضرور آهي ته فوج پنهنجي حيثيت ضروري رکڻ ۽ مڃائڻ گهري ٿي، پر انهي اتفاق راءِ کي ٽوڙڻ جي قيمت تي نه- جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هيستائين اهو سڀ ڪجهه ٿي چڪو هجي ها، جنهن جو خدشو ڏيکاريو پئي ويو. سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ سافٽ پاور جي اصول تي عمل پيرا آهي. اها پردي جي پويان رهي معاملا هلائڻ گهري ٿي (ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن کيس ڪي ڌريون ۽ ڪردار گهربل هوندا آهن). اها سول حڪومت کي پنهنجي حدن ۾ رکڻ ۽ فيصلا پنهنجي تابع رکڻ گهري ٿي. اهو ئي جديد دور جو ڏاڍو آزمايل فارمولا آهي، جنهن زرداري دور ۾ به ڏاڍا سٺا نتيجا ڏنا- زداري کي اهو فارمولا پيپلز پارٽي جي ماضي جي تجربي ۽ سندس تعلق پنجاب مان نه هجڻ يا پنجاب ۾ سندس نمائندگي نه هجڻ ڪري سمجهه ۾ اچي ويو. نواز شريف کي اها ڳالهه وري دير سان پئي سمجهه ۾ اچي. اسٽيبلشمينٽ جي انهيءَ حڪمت عملي جي پويان دفاعي اداري جي قيادت جي ڏاهپ پنهنجي جاءِ تي، پر ڪي زميني حقيقتون به آهن (1) علائقي جي حالتن، ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي ۽ طالبان واڌو ٻن صوبن ۾ رياست کان دوري جي تحريڪن جي ڪري بهرحال دفاعي اداري کي سياسي اتفاق راءِ، رياستي ادارن ۽ ميڊيا جي حمايت جي ضرورت آهي. ان لاءِ سياسي نظام يعني چونڊيل حڪومت ضروري آهي، پوءِ کڻي ان حڪومت تي سئو تهمتون ڇو نه هجن. ظاهر آهي ته انهيءَ ڪم لاءِ عمران خان هجي يا طاهر القادري ٻنهي مان ڪو به فٽ ڪونه ٿو بيهي. دفاعي ادارا ملڪي سالميت وغيره جي حوالي سان ڪجهه مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. ان حڪمت عملي مطابق سياسي جماعتن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۽ قومي ادارن مان عدليه ۽ ميڊيا کي ٻاهر رکي اهي مقصد حاصل نٿا ڪري سگهجن. عمران خان ۽ قادري سياسي تقسيم جا حامي آهن، جڏهن ته هتي سياسي اتحاد گهربل آهي. وڌيڪ اهو ته عمران خان سمورين ڪوششن باوجود ملڪ گير يا مين اسٽريم جي پارٽي نه بڻجي سگهيو آهي. وڌ ۾ وڌ سندس تماشائي طبعيت مين اسٽريم پريشر گروپ جي شڪل اختيار ڪئي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وڌيڪ اهم آهن. علامه قادري جي آچر ڏينهن لاهور ۾ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس به ان کي وڏي سياسي وهڪري ۾ شامل نه ڪري سگهي، پر ڪانفرنس آل پارٽيز جي بدران اسٽبلشمينٽ جي اڳواڻن ۽ اتحادين جي ڪانفرنس بڻجي وئي. قومي سياسي وهڪري جي ٻن مکيه پارٽين يعني نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سان گڏوگڏ اي اين پي ۽ جي يو آءِ به ان ۾ شريڪ نه ٿيون. ٻيو اهو ته عمران خان پڻ علامه قادري سان گڏ هلڻ کان لنوائي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هو ڪنهن به ”انقلاب“ ۾ ثانوي پوزيشن ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهي. عمران خان هڻي هڻي هاڻي ان هنڌ تي وڃي بيٺو آهي ته موجوده حڪومت جو خاتمو اچڻ گهرجي ۽ نيون چونڊون ٿيڻ گهرجن، پر هو علامه قادري جي غير آئيني اپاءَ کان پاڻ کي پري رکي ٿو. بهرحال هو اهو سمجهي ٿو ته علامه قادري موجوده يا پيپلز پارٽي-نواز ليگ فارمولي کي ٽوڙڻ ۾ ڪم اچي سگهجي ٿو. هو اهو ڪم ڪري سگهي ٿو جيڪو 9 ستارن واري پاڪستان قومي اتحاد جي تحريڪ ضياءُ الحق لاءِ ڪيو هو. ان کي سنجيدگي وچان يا کل ڀوڳ ۾ تجزيه نگار چون ٿا ته علامه قادري جو وزيراعظم عمران خان آهي. لڳي ٿو ته عمران خان پنهنجو رول تبديل ڪيو آهي. تجزيه نگار ان ڳالهه تي متفق آهن ته جيتوڻيڪ هو پنڊي جي پيداوار آهي، پر پوءِ به هاڻي هو ڪجهه پنهنجون ڳالهيون به ڪرڻ لڳو آهي. ان حد تائين ته ٺيڪ آهي ته عمران خان جا اڪثر قدم عسڪري ڌرين کي فائدو ڏين ٿا، پر اهو نٿو لڳي ته اهي عسڪري ڌريون عمران خان کي وزيراعظم به بڻائي وٺنديون. اڄ جي عسڪري اسٽيبلشمينٽ آئيني، قانوني، سياسي ۽ سماجي صورتحال ۾ انتهاپسندن کان پاسو ڪري ٿي، ڇاڪاڻ جو هو انهن معاملن ۾ انتهاپسندي ڏي وڃي نه ٻين کي ۽ نه ئي وري پنهنجو پاڻ کي امتحان ۾ وجهڻ گهري. هو نظام ۾ پنهنجي طاقت برقرار رکڻ چاهي ٿي، ان لاءِ حڪومت توڙي ٻين ڌرين کي داٻي ۾ ضرور رکڻ گهري ٿي.

Labels: , ,