Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

جمهوريت جو مستقبل وري داءُ تي....؟ 16 جنوري 2013ع


جمهوريت جو مستقبل وري داءُ تي....؟

سهيل سانگي

اربع 16 جنوري 2013ع
اسلام آباد ۾ علامه طاهرالقادري جڏهن لانگ مارچ جي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو ته جلسي واري هنڌ کان چند والن جي پنڌ تي واقع سپريم ڪورٽ هڪ اهڙو فيصلو ڏنو آهي، جنهن سان موجوده چونڊيل حڪومت جو خاتمو ٿيندي نظر اچي ٿو. عدالت رينٽل پاور ڪيس ۾ وزير اعظم راجا پرويز اشرف جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ۾ ويٺل جج صاحبان ان ڳالهه کان بخوبي آگاهه هوندا ته لانگ مارچ جي اسلام آباد ۾ موجودگي ۽ ان جي مطالبن جي پس منظر ۾ اهو فيصلو ڪهڙي معنى رکي ٿو ۽ ان جا موجوده صورتحال ۽ ايندڙ وقت تي ڪهڙا اثر پوندا. اهو ئي سبب آهي جو تجزيه نگار هن فيصلي کي لانگ مارچ جي مقصدن سان جوڙي رهيا آهن. سندن خيال آهي ته علامه قادري دعوى مطابق جڏهن لکين ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيو ۽ اهو انگ هزارن ۾ وڃي بيٺو ته حڪومت ۽ نظام کي ڊاهڻ لاءِ اها طاقت ناڪافي هئي، ۽ اها کوٽ تازي فيصلي پوري ڪري ڇڏي آهي. ڪن تجزيه نگارن موجب اهڙي غير محسوس مداخلت هونئن به ٿيڻي هئي.
نگران حڪومت ٺاهڻ لاءِ فوج ۽ عدليه جي مشاورت وارو علامه جو مطالبو آئين کان مٿڀرو آهي، ساڳيءَ ريت اليڪشن ڪميشن جي ٻيهر جوڙجڪ جي به آئين ۽ قانون ۾ گنجائش ناهي. ٽيون مطالبو اُميدوارن جي اهليت وارو آهي۽ آخري ٻن مطالبن تي عمل ڪرڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته چونڊون ملتوي ٿين. نگران سيٽ اپ اهڙو اچي جيڪو ڊگهي عرصي تائين هلي.
اهي رڳو ڪي ٻه واقعا ناهن، جن ملڪ جي سياست جو رُخ متعين ڪيو آهي. ڪوئيٽا ۾ هزارا شيعن جي احتجاج کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهين دوران به هڪ ليڊر اهو مطالبو ڪيو ته ڪوئيٽا ۾ آخر فوج ڇو نٿي گهرائي وڃي، مطلب ڪوئيٽا واري واقعي کي انهن قوتن پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
عدالت جي فيصلي حڪومت لاءِ ڏاڍي ڏکي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي هن کان اڳ هڪ وزير اعظم جي قرباني ڏيئي چُڪي آهي، عدالت ٻئي وزير اعظم جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو آهي. ائين پيپلز پارٽيءَ جو اهو طعنو وري سچو ٿيڻ ڏي پيو وڃي ته ’اسان کي عدالتن مان ڪڏهن به انصاف نه مليو آهي.‘ پيپلز پارٽي عدالتي فيصلي تي عمل ڪري ٿي، تڏهن به ڏچي ۾، جيڪڏهن نٿي ڪري ته ڏچو هيڪاري وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻ جو عدالتي فيصلو نه مڃڻ جي صورت ۾ رياست جي ٻن مکيه ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جو سوال پيدا ٿي پوندو. نتيجي ۾ عسڪري اسٽيبلشمينٽ کي مداخلت جو موقعو ملي ويندو.
علامه لانگ مارچ کي خطاب دوران ذري گهٽ اها خوشخبري ڏيندو رهيو ته اجهو سڀ ڪجهه تبديل ٿيڻ وارو آهي. هن لانگ مارچ هميشه لاءِ عدم استحڪام ۽ غير يقيني حالتن لاءِ گس ٺاهي ڇڏيو آهي. ڪابه حڪومت اچي، ان خلاف جيڪڏهن 50/60 هزار ماڻهو وڃي ڌرڻو هڻن ته ان حڪومت کي وڃڻو پوندو. اها هڪ نئين رسم ٺهي ويندي.
ڪالهه واري ڪالم ۾ مون لکيو هو ته لانگ مارچ عوام کي نه پر اسٽيبلشمينٽ کي Motivate ڪرڻ لاءِ ٿيندا رهيا آهن.  انهن لانگ مارچن جي ڪاميابي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن اسٽيبلشمينٽ ان جي حمايت ڪري. ان ڪري سمورين ترديدن ۽ وضاحتن جي باوجود هاڻي علامه جي لانگ مارچ جي حقيقت عوام آڏو پڌري ٿي چُڪي آهي ته هن لانگ مارچ جي پويان در اصل ڪير آهن.
جيئن مهينو کن اڳ مون لکيو هو ته پاڪستان جي سياست ۽ ٿيندڙ چونڊن جو افغان سوال سان گهرو تعلق آهي. اڄ اها ڳالهه وري به دهرائڻ چاهيندس ته ملڪ جي موجوده حالتن جو به افغان سوال سان تعلق آهي. ايندڙ سال آمريڪي فوجون افغانستان مان وڃڻيون آهن، ان حوالي سان آمريڪا هتي اهڙو سيٽ اپ چاهي ٿو، جنهن کي هڪ ئي بٽن سان هلائي سگهي، جيڪو جمهوري حڪومت جي موجودگيءَ ۾ هن لاءِ ڏکيو ٿي پوي ٿو، ڇاڪاڻ جو ٽن چئن ڌرين کي سمجهائڻو ۽ مڃائڻو پوندو آهي. ان حوالي سان پرڏيهي اخبارن ۾ ڇپجندڙ اطلاع ۽ تجزيه صحيح ٿا لڳن ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ڪجهه شين تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ اهي گڏجي ڪا تبديلي چاهين ٿيون. اڄ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ حالتون انهيءَ جو تسلسل آهن.
پاڪستان جي تاريخ ۾ اها ڳالهه ياد رکي ويندي ته چونڊيل حڪومت تي اوڏيءَ مهل وار ڪيو ويو،  جڏهن ان جي مدت پوري ٿيڻ ۾ ست هفتا مس هئا. ملڪي تاريخ ۾ اها ڳالهه به رڪارڊ تي رهندي ته ملڪ جون مکيه سياسي ڌريون هڪ ٻئي سان سمورن اختلافن جي باوجود هڪ طرف آهن، ته وري اسٽيبلشمينٽ ۽ علامه قادريءَ ٻئي طرف آهن. ان باوجود ايڏو  وڏو قدم کنيو پيو وڃي، جيڪو نه رڳو جمهوري حڪومت کي ختم پيو ڪري، بلڪه جمهوري عمل کي به وڏو هاڃو رسائي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ اها عجيب ڳالهه به رڪارڊ تي رهندي ته ميڊيا، عام ماڻهو ۽ سياسي حلقن تائين،  ان جي پوري آگاهيءَ جي باوجود  ته علامه جا مقصد ڪهڙا آهن ۽ پويان ڪير آهي،  پران هوندي به هو مقصد ماڻڻ ڏانهن  هليو ويو.
سمورين سياسي ڌرين جي ذميواري آهي ته ملڪ جي درپيش غير جمهوري چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏاهپ ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪن ۽ ان جو باقاعده اظهار به ڪن. حڪومت کي گهرجي ته اها فوري طور تي قومي اسيمبليءَ جي چونڊن جو اعلان ڪري ته فلاڻي تاريخ تي چونڊون ڪرايون وينديون ۽ فلاڻي تاريخ تي نگران سيٽ اپ اچي ويندو. ائين ڪرڻ سان حڪومت، مخالف ڌر جي جماعتن ۾ موجود شڪ ۽ غير يقينيءَ  واري صورتحال کي ختم ڪري سگهندي. اها ڳالهه جمهوري تسلسل ۽ عمل کي جاري رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

Labels: , , , ,

’راند’ جا نوان شرط طئه ڪرڻ لاءِ لڳايل بازار .. 15 جنوري 2013ع

  ’راند’ جا نوان شرط طئه ڪرڻ لاءِ لڳايل بازار

سهيل سانگي


اڱارو 15 جنوري 2013ع
چوڌري شجاعت جي ٽياڪڙي به ڪم نه آئي....علامه قادري لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو. شايد رڳو اسلام آباد تائين لانگ مارچ جي ڳالهه هجي ها ته حڪومت ايتري ڊنل نه هجي ها پر التحرير چوڪ بنائڻ واري ڳالهه حڪومت توڙي سياسي ڌرين کي پريشان ڪري ڇڏيو. اها به پريشاني هئي ته طالبان يا ٻي ڪا اهڙي ويڙهاڪ ڌر ڪا ڪارروائي ڪري وجهي ۽ رتو ڇاڻ ٿي پوي. ان صورت ۾ لانگ مارچ ته شايد حڪومت جو ڪجهه بگاڙي سگهي يا نه، پر رتو ڇاڻ ضرور لوڏي وجهي ها. هاڻي ته حڪومت ۽ علامه جي وچ ۾ ٺاهه به ٿي ويو آهي. هاڻي نه چاليهه لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جي ڳالهه آهي ۽ نه التحرير اسڪوائر جي.
اڃا ملڪ لانگ مارچ جي طوفان مان گذري رهيو هو ته ڪوئيٽا ۾ شيعه برادري سان تعلق رکندڙ هزاره قبيلي جي 86 ماڻهن جو قتل ٿيو ۽ ان خلاف لاش رکي ٽن ڏينهن تائين ڌرڻو لڳو، هزاره برادريءَ جي ماڻهن پنهنجا مطالبا ۽ ڏک وزير اعظم آڏو رکيا پئي. هڪ شيعه تنظيم جي اڳواڻ جو زور هو ته بلوچستان جي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽا کي فوج حوالي ڪيو وڃي. عجيب ڳالهه آهي ته بلوچستان لاءِ اتان جا رهواسي توڙي سڄي ملڪ جون سياسي ڌريون اهو مطالبو ڪري رهيون آهن ته بلوچستان ۾ آپريشن بند ڪري فوج کي بيرڪن ۾ گهرايو وڃي، ايف سي، جيڪا فوج جي ماتحت آهي، سا پنهنجون ڪارروايون روڪي. ان موقعي تي صوبائي گاديءَ واري شهر لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جو مطالبو سياسي بحث جو موضوع ئي تبديل ڪري ڇڏي ٿو، جيڪو هاڻ فوج واپس آڻڻ جي بدران فوج گهرائڻ جو مطالبو يا موضوع بڻجي وڃي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته بلوچستان جي مقبول سياسي ڌرين جي پارلياماني سياست کان دوري ۽ ”اصلي توڙي نقلي“ مينڊيٽ رکندڙ ڌرين جي اسيمبلين ۽ حڪومت ۾ موجودگيءَ سبب هڪ وڏو خال نظر اچي ٿو، پر اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته عوام کي ”ڊليور“ ڪرڻ جي حوالي سان موجوده صوبائي حڪومت جو وڃڻ توڙي گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ برابر ئي آهن. بلوچستان جا امن امان سان واسطو رکندڙ معاملا اڳ به صوبائي حڪومت جي هٿ وس نه هئا ۽ انهن کي وفاقي ادارا ئي ڏسي رهيا هئا، پر پوءِ به ڪوئيٽا ۾ فوج گهرائڻ جي بدران گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ڪجهه گهٽ نقصانڪار اپاءُ لڳي ٿو. ان هوندي به اهو نقصان پنهنجي جاءِ تي آهي ته فوج واپس آڻڻ جي بدران فوج گهرائڻ جو مطالبو ٿي رهيو آهي. هتي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ تمام ضروري آهي ته حڪومت جي کڻي ڪا ڪوتاهي ۽ نا اهلي وغيره ضرور هوندي پر ان خراب حڪمرانيءَ جي سزا جمهوري عمل ۽ عوام کي نه ملڻ گهرجي
.
سو ڳالهه لانگ مارچ جي پئي هلي، ته ڪوئيٽا وارا واقعا علامه جي لانگ مارچ سان گڏجي پيا آهن. لانگ مارچ ڪڏهن ٿيندا آهن، ڪيئن ڪامياب ٿيندا آهن؟ اهو دلچسپ اڀياس آهي. سياست ۾ لانگ مارچ جو رواج چيني ڪميونسٽ اڳواڻ مائوزي تنگ 1934ع ۾ وڌو، جڏهن چيانگ ڪائي شيڪ جي خلاف لڙائيءَ ۾ ڪميونسٽن جي ريڊ آرمي پوئتي هٽي پنهنجون صفون نئين سر جوڙيون. ڪميونسٽن ڇهه هزار ميلن جو سفر ڪري پنهنجو انقلابي مرڪز ڏکڻ مان اتر چين ۾ منتقل ڪيو. ان لانگ مارچ جون ڪيئي ڪاميابيون آهن. اهو لانگ مارچ سياسي طور ماڻهن کي قائل ڪرڻ سان گڏوگڏ گوريلا جنگ پڻ هو. اهو مارچ چين ۾ آمريت جي خاتمي ۽ سوشلسٽ نظام رائج ڪرڻ لاءِ هو. تاريخ ۾ ٻيو لانگ مارچ جيڪو گهڻو مشهور ٿيو، سو مولانا عبدالحميد ڀاشانيءَ جو هو، جيڪو هن مارچ 1976ع ۾ بنگلاديش ۾ ڪيو هو. بنگلاديش ٺهڻ کان اڳ مولانا ڀاشاني پاڪستاني سياست ۾ هڪ وڏو نالو هو. مولانا ڀاشاني اهو مارچ فرخا ڊيم ٺاهڻ واري ڀارتي فيصلي خلاف ڪيو هو، ڇاڪاڻ جو بنگلاديش کي ڊپ هو ته ائين ڪرڻ سان هي ملڪ غير آباد ٿي ويندو. هن ڊيم لاءِ ڀارت پدما نديءَ جو پاڻي گنگا نديءَ ۾ وجهڻ پئي گهريو. چيو وڃي ٿو ته هن لانگ مارچ جي پويان بنگلاديش جي حڪومت هئي. هونئن به لانگ مارچ وڏي پئسي، تحرڪ ۽ تنظيم ڪاريءَ جو ڪم آهي.
پاڪستان کي به ٽن لانگ مارچن جو تجربو آهي. پهريون لانگ مارچ محترمه بينظير ڀٽو نومبر 92ع ۾ ڪيو، جڏهن سندس حڪومت ختم ڪري سندس جاءِ تي تڪراري چونڊن جي ذريعي نواز شريف کي حڪومت ۾ آندو ويو هو ۽ نواز شريف محترمه خلاف مختلف ڪيس شروع ڪيا. هن لانگ مارچ ۾ پوليس ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ چڪريون ٿيون، اسلام آباد کي سيل ڪيو ويو، محترمه جي گهر جي ٻاهران پڻ ڪانڊيدار تارون وڇائي سندس ٻاهر نڪري پنڊيءَ ۾ پهتل لانگ مارچ تائين پهچڻ ناممڪن بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر هوءَ جيالن جي پاڇي ۾ رڪاوٽون ٽوڙي پنڊيءَ پهچي ويئي. هن مارچ جي پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي. محترمه بينظير ڀٽو ٻيو مارچ نواز شريف حڪومت خلاف ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان ڪيو. سنڌ ۾ قومپرستن ۽ خيبر پختونخوا ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ سندس ساٿ ڏنو. محترمه سنڌ- پنجاب سرحد تي ڌرڻو هنيو. اي اين پي ۽ پي پي ولي خان جي اڳواڻيءَ ۾ اٽڪ واري پل تي ڌرڻو هنيو. اهو ڌرڻو ننڍن صوبن جو نواز شريف خلاف احتجاج هو ۽ سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جو اتحاد پڻ. پاڪستان جون ٽيون لانگ مارچ 2008ع ۾ نواز شريف جنرل مشرف جي هٿان برطرف ٿيل 60 ججن جي بحاليءَ لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي موجوده حڪومت جي خلاف ڪيو هو. لاهور مان شروع ڪيل لانگ مارچ اڃا اڌ رستي ۾ ئي هو ته آرمي چيف جو فون آيو ته سندس مطالبا مڃيا ويا آهن ۽ هو پنهنجو احتجاج ختم ڪري. ٿيو به ائين. پهرئين مارچ جو نتيجو پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ سامهون آيو پر ٽئين مارچ جو نتيجو ته صفا 24 ڪلاڪن اندر اچي ويو هو. هاڻي چوٿون مارچ علامه قادريءَ جو آهي، ڏسجي ان جو نتيجو مختلف ٿو نڪري يا نه؟ ان کان اڳ شيعا مسلڪ جي ماڻهن پڻ اسي واري ڏهاڪي ۾ لانگ مارچ جي ڪوشش ڪئي هئي. هو شيعه -سني فرقن تي هڪ جهڙو زڪوات جو نظام لاڳو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا. پر اهو مارچ ڪو گهڻو رنگ ڏيکاري نه سگهيو. پاڪستان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته مارچ اهو ئي ڪامياب ٿيندو آهي، جنهن کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هوندي آهي ۽ مارچ ڪري اسٽيبلشمينٽ جي مدد حاصل ڪئي ويندي آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته لانگ مارچ جو مقصد عوام کي متحرڪ يا قائل ڪرڻ نه پر اسٽيبلشمينٽ کي متحرڪ ۽ قائل ڪرڻ هوندو آهي ته اها مداخلت ڪري ۽ پوءِ ائين ٿيندو به آهي.
علامه قادري اهڙي موقعي تي لانگ مارچ ڪري رهيو آهي، جڏهن پيپلز پارٽي جي آئيني مدت پوري ڪرڻ ۾ رڳو 59 ڏينهن وڃي رهيا آهن. ان بعد نگران حڪومت اچڻي آهي، جيڪا ٽن مهينن اندر چونڊون ڪرائي هلي ويندي. ان صورتحال ۾ علامه قادري ٽن اهم مطالبن سان لانگ مارچ ڪري رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ، نگران حڪومت ٺاهڻ ۾ فوج ۽ عدليا جو مشورو ۽ چونڊن ۾ اميدوارن جي اهليت واري شرط تي سختيءَ سان عمل - اهي سڀ وڏيون فرمائشون آهن. آئين ۾ اهڙي ڪابه گنجائش ڪانهي جو راتو رات اهو سڀ ڪجهه ٿي وڃي، هو ائين ڇو پيو چوي؟ علامه جي دعوى آهي ته هو اهو ڪجهه عوام جي لاءِ ڪري رهيو آهي. عوام جن پارٽين کي چونڊيو آهي يعني پيپلز پارٽي، نواز ليگ، عوامي نيشنل پارٽي وغيره ..... نه انهن مان ۽ نه وري ملڪ ۾ موجود ٻين پارٽين طرفان جيڪي چونڊن ۾ حصو نه وٺنديون رهيون آهن ۽ لڳاتار سياسي عمل جو حصو رهيون آهن، اهڙو ڪو مطالبو ٿي رهيو آهي. پارليامينٽ ۾ ويٺل توڙي ان کان ٻاهر موجود سياسي ڌرين جو خيال آهي ته انهن حالتن ۾ علامه جي ڪُڏي وچ ۾ پوڻ سان ماڳهين پر امن طور هڪ جمهوري حڪومت کان ٻي جمهوري حڪومت کي اقتدار جي منتقلي خطري ۾ پئجي ويئي آهي ۽ جمهوري تسلسل ۾ رخنو پئجي ويو آهي. جيڪڏهن وقت سر چونڊون ٿي وڃن ٿيون ته فوج يا اسٽيبلشمينٽ سميت ڪنهن جي ٽياڪڙيءَ جي ضرورت نه پوندي، ائين هڪ جمهوري عمل ۽ ان جو تسلسل ٺهي ويندو ۽ پڪو ٿي ويندو. سياسي ڌرين کي به پڪ ٿي ويندي ته جمهوري عمل سان بهتر تبديلي اچي سگهي ٿي. پر ائين ٿو لڳي ته هي بازار راند جا نوان شرط طئي ڪرڻ لاءِ لڳائي پئي وڃي

.
لانگ مارچ ۾ ڪيترا ماڻهو شريڪ آهن؟ ان جي ڪامياب هجڻ جا ماڻ ۽ ماپا ڪهڙا آهن؟ ان کان هٽي ڪري اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته بهرحال ان جا اثر دور رس پوڻا آهن. ملڪ جي سياست، حڪمراني، طاقت جا محور ۽ توازن جي تبديليءَ جي لاءِ نوان رستا نڪرندا. ان سان گڏوگڏ ملڪ اندر هڪ دفعو ٻيهر مذهبي سياست ۽ نعرو داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ جو علامه اهو لانگ مارچ پنهنجي رجسٽرڊ پارٽي پاڪستان عوامي تحريڪ جي جهنڊي هيٺ ڪرڻ جي بدران مذهبي تنظيم منهاج القرآن جي جهنڊي هيٺ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪا غير سرڪاري تنظيم (اين جي او) طور حڪومت وٽ رجسٽر ٿيل آهي. دور رس نتيجا ته پوءِ جي ڳالهه آهي، لانگ مارچ جا موجوده حالتن تي به سڌي طرح اثر پيا آهن ۽ سياسي صف بنديون انهن اثرن کان بچي نه سگهيون آهن. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي کي ويجهو آيون آهن، ان کان علاوه ٻين جماعتن جي به سياسي پوزيشن هڪ ٻئي جي ناتن جي حوالي سان مضبوط ٿي آهي. ڄڻ ته علامه کان علاوه باقي سمورين جماعتن کي موجوده منظر نامي مان فائدو مليو آهي. دور رس نتيجا ڪهڙا ٿا ٿين، انهن تي پاڪستان جي سياسي رانديگرن جي ڪهڙي اڳ نظر هئي، جو هاڻي کين فڪر ٿيندو!
ايم ڪيو ايم جي پوزيشن ۾ تبديلي آئي آهي. اڃا الطاف حسين ”ڊرون حملا“ ڪري بس مس ٿو ڪري، جنهن ۾ چوي ٿو ته هر حال ۾ ايم ڪيو ايم مارچ ۾ شامل ٿيندي پر 18 ڪلاڪن اندر ايم ڪيو ايم يو ٽرن وٺي ٿي. (هاڻي وري متحده علامه قادريءَ جي مطالبن جي حمايت ڪندي حڪومت کان اهي مطالبا پورا ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي) ڇا هي سياسي ڏاهپ جي کوٽ آهي؟ يا وري ماڻهن جو اهو چوڻ درست ثابت پيو ٿئي ته ايم ڪيو ايم ڪيڏي به مهل ڪوبه فيصلو ڪري سگهي ٿي. ڪئين سوال اٿن ٿا. ڇا اها پارٽي رڳو ردِ عمل جي سياست ڪري ٿي؟  علامه جي آمد ۽ ان جو ساٿ ڏيڻ جي نتيجي ۾ سودي بازيءَ تي ايم ڪيو ايم لانگ مارچ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان گورنر هائوس ۾ ڪيو. الطاف حسين پنهنجي تقرير ۾ گورنري کسجڻ جو حوالو ڏنو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته موجوده گورنر برقرار رهندو، اهو هاڻي نگران سيٽ اپ ۾ به تبديل نه ٿيندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته گذريل چونڊن ۾ گورنر جو ڪردار تڪراري رهيو هو. ڪراچيءَ ۾ ووٽرن جي تصديق ۽ تڪ بنديءَ وارا معاملا به اڌ ۾ رهجي ويا آهن. ان صورتحال تي اي اين پي جو چوڻ آهي ته چونڊن بابت انهن ٻن معاملن کي مفاهمتي عمل ڳڙڪائي ويو. حڪومت سنڌ ۾ مڪاني ادارن واري نظام تي ايم ڪيو ايم جي ڳالهه مڃي ورتي آهي. اهو نظام في الحال سپريم ڪورٽ جي سهاري تي روڪيل آهي، ڇاڪاڻ جو ڪورٽ منع نامو ڏنو آهي. ايم ڪيو ايم وانگر مسلم ليگ (ق) به موقعي جو فائدو ورتو ۽ پنهنجا معاملا اُڪلايا. قاف ليگ پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ کان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرائي ورتي. نگران سيٽ اپ لاءِ پيپلز پارٽيءَ نواز شريف جون ڳالهيون وڏي حد تائين مڃي ورتيون. اهي ٻئي جماعتون پنهنجي سياست بازيءَ لاءِ هاڻي هڪ ٻئي تي گهٽ تنقيد ڪري رهيون آهن ۽ ٽارگيٽ ڪرڻ لاءِ وٽن علامه موجود آهي. علامه ته هونئن به ٻين جي ’ڀلي‘ لاءِ آيو آهي ۽ وهندڙ گنگا مان اسان جي سياسي جماعتن جيڪڏهن هٿ ڌوتا ته ڪهڙو هرج آهي؟ اصل ڳالهه سياست بدلجڻ، سياسي مطالبا ۽ نعرا بدلجڻ، طاقت جو توازن ۽ محور بدلجڻ جي آهي. ڏسجي ته علامه جو زور انهن کي ڪيترو بدلائي سگهي ٿو.

Labels: , , , ,

طاهرالقادري جي اصل ايجنڊا، اسٽيبلشمينٽ ۽ عوام . جنوري 2013ع

طاهرالقادري جي اصل ايجنڊا، اسٽيبلشمينٽ ۽ عوام

سهيل سانگي

خميس 3 جنوري 2013ع
علامه طاهر القادري جي اوچتي داخلا  ۽ لاهور ۾ وڏي سياسي شو، سياست ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. علامه جا مطالبا، شرط ۽ ان ڏانهن حڪومت جي ٻن اتحادين جي ساٿ هيڪاري صورتحال کي منجهائي ڇڏيو آهي. ماڻهو اڃا تائين اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته ايترا سال ڪئناڊا ۾ رهندڙ ماڻهوءَ جي سڏ تي لکين ماڻهو گڏ ڪيئن ٿيا؟ عين نگران حڪومت جي ٺهڻ ۽ چونڊن ڪرائڻ جي موقعي تي سندس پهچڻ جي پويان اصل مقصد ڪهڙا آهن؟ جيڪڏهن علامه جو سياسي نظريو ايترو مقبول ۽  تنظيم اڪيلي سر  ايتري مضبوط هئي ته ايترن سالن تائين ان جو ڪو اظهار ۽ عمل آخر ڇو سامهون اچي نه سگهيو؟ عام بحثن ۾ اڪثر ڌرين جو خيال آهي ته هي سڀ اڪيلي علامه قادري جو ڪمال ناهي،  ان جي پويان ڪي سگهارا ادارا ۽ ڌريون موجود آهن
.
پاڪستان جي سياست ڪا ايتري سولي ڪونهي، جيتري بظاهر نظر اچي ٿي. ان جا پنڌ ۽ پيچرا به گهڻا آهن ته ان ۾ روپ ۽ ٻهروپ  گهڻا آهن. هر نئين سياسي موڙ تي سگهاريون ڌريون، جيڪي سياست ۽ حڪومت کي پنهنجي ماتحت رکڻ گهرن ٿيون ۽  ملڪ جون گهرو توڙي پرڏيهي پاليسي پنهنجي مرضي جي رکڻ گهرن ٿيون، سي ڪڏهن ڪنهن شڪل ۾ ته ڪڏهن ڪنهن ڪيمو فلاج ۾ ڪو نئون تاش جو پتو ميدان ۾ لاهينديون آهن
.
سال کن اڳي عمران خان جي سونامي اچي رهي هئي، ان کي به لاهور توڙي ڪراچي ۾ وڏا وڏا جلسا ڪري ڏنا ويا. پر هن ’ انقلابي‘ به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. هاڻي ان سونامي جا ڪڪر هٽي چڪا آهن. هاڻي علامه طاهر القادريءَ جو ’انقلاب‘ اڳيان آيو آهي، جي عمران خان جو انقلاب سونامي هو،  ته ڇا علامه جو ’انقلاب‘  تباهه ڪندڙ  طوفان آهي؟  هن جو مقصد اهو پيو ٻڌايو ۽ ڏيکاريو وڃي ته سندس مقصد موجوده ڪرپٽ سياستدانن کان ملڪ جي جان ڇڏائڻ آهي. ڪرپشن اڄ جي سياسي ۽ معاشي نظامن جو ايئن حصو آهي، جيئن دنيا ۾ وياج ۽ سيڙپڪاري. اهو نعرو ته ڏاڍو خوبصورت آهي، خاص ڪري پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي حڪمراني ۽ ان جي طريقن جو بُرو حال هجي، پر ان مان جان ڇڏائڻ ايڏو آسان ڪونهي.  اهو ڪنهن هڪ  يا ٻن ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ان لاءِ ملڪ جي بنيادي ٽن چئن ادارن ۽ سسٽم جو ٺيڪ هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪرپشن جي ڳالهه آهي، ته شايد عمران ان ڏس ۾ بهتر ماڻهو ٿي سگهي ٿو. ڇا علامه صاحب ايئن ڪري سگهي ٿو؟ وڊيو، تقريرون ۽ مواد هاڻي انٽرنيٽ تي ۽ خود ميڊيا ۾ موجود آهي، سو علامه جو مختلف پروفائيل ظاهر ڪري ٿو، ته هو مختلف معاملن تي ڪڏهن هڪڙو ڪڏهن ٻيو ۽ وقت اچڻ تي ٽيون موقف اختيار ڪندو رهيو آهي.

 پاڪستان جي سياست ۽ ان جي محرڪ جزن Dynamics تي نظر رکندڙ تاريخ دانن ۽ تجزيه نگارن جو خيال آهي، ته لڳي ٿو ته ملڪ جا سگهارا ادارا پراڻن سياستدانن مان ٿڪجي پيا آهن يا اهو ته اهي سياستدان پنهنجي الڳ حيثيت ٺاهي ويا آهن ۽ رياست، سياست ۽ پرڏيهي معاملن جي مڪينزم کي سمجهي ويا آهن، ان ڪري ڪيتري معاملن ۾ پنهنجي هلائين ٿا، تنهن ڪري انهن پراڻن ۽ تجربيڪار سياستدانن مان جان ڇڏائي وڃي ۽ ڪي نوان سياسي رانديگر ميدان ۾ لاٿا وڃن. پر اهو سڀ ڪجهه غير محسوس طريقي سان ڪيو وڃي، جو برائي انهن بادشاهه گر ڌرين جي کاتي ۾ نه اچي. ساڳئي وقت تي اهو به لڳي ته سڀ ڪجهه قانوني ۽ سياسي طريقي سان ٿيوآهي. ان لاءِ ڪڏهن بنگلاديشي ماڊل ته ڪڏهن وري مصري ماڊل جون ڳالهيون اڳيان آنديون وڃن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ علامه قادريءَ جو ڪردار ڏاڍو اهم بڻجي ٿو، جيڪو اها رٿ ڏي ٿو ته چونڊون تيستائين نه ڪرايون وڃن، جيستائين چونڊن بابت سڌارا نٿا آندا وڃن. يعني اهڙا سڌارا جيڪي پراڻن سياستدانن جا رستا روڪي سگهن. 

جيڪڏهن واقعي ايئن آهي ته  اهڙي تبديليءَ واري منصوبي کي رڳو ملڪي سگهارين ڌرين جي ئي نه، پر ڪن سگهارن ملڪن جي ضرور حمايت حاصل هجڻ گهرجي. اهي سگهارا ملڪ، جيڪي وچ اوڀر کان وٺي ڏکڻ ايشيا تائين خاص پلان رکن ٿا ۽ هتي جي سياسي معيشيت ۽ سماجي زندگيءَ کي پنهنجي ماتحت رکڻ گهرن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ ان جا پاليسي ساز ادارا ايڪيويهين  صديءَ کي ايشيا ۽ پيسفڪ جي صدي سڏائيندا رهيا آهن 
.
اڄ پاڪستان جي صورتحال اها ئي آهي، جيڪا 1977ع ۾۽ 80ع واري ڏهاڪي جي شروع ۾ هئي. آمريڪا ۽ ٻيون اولهه واريون ڌريون مذهبي انداز واري سياست ۽ سياسي ڪلچر کي پروان چاڙهڻ گهرن ٿيون. پر هن منظر نامي ۾ روايتي مذهبي ڌريون آئوٽ آهن، ڪجهه ماڊريٽ ۽ ماڊرن قسم جون ڌريون سامهون آيل آهن، جيڪي سياسي ۽ ثقافتي طور اولهه وارن ملڪن کي به قابل قبول آهن. انهن ملڪن جو شايد خيال آهي ته مذهبي رنگ پاڪستان ۾ وڌيڪ آهي، جنهن کي هو پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا. گستاخيءَ جي حوالي سان ڪارٽونن ۽ فلم جي ٺهڻ ۽ ان خلاف ٿيل احتجاج کي جڏهن اڄوڪي منظر نامي ۾ ڏسجي ٿو، ته ڏاڍو عجيب محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ اهو سڀ ڪجهه اڄوڪي صورتحال جي ڪري هجي. عجيب ڳالهه آهي ته پرڏيهي هٿ، جيڪي هڪ دفعو وري مذهب جي نالي کي استعمال ڪرڻ گهرن ٿا، تن کان اها ڳالهه وسري ويئي آهي ته افغان جنگ دوران ايئن ڪرڻ بعد نتيجو ڇا نڪتو هو
.
علامه قادريءَ جو چوڻ آهي، ته هو  اسيمبلين ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن بابت آئين جي ڪن شقن تي مڪمل طور عمل ڪرڻ کان اڳ چونڊون ٿيڻ نه ڏيندو. هن ڊسمبر جي پڇاڙيءَ ۾ پرڏيهه مان لاهور پهچڻ تي جڏهن اهو الٽيميٽم ۽ ڊيڊ لائين ڏني، تڏهن 17 ڏينهن باقي هئا. عجيب ڳالهه آهي  ته هڪ پاسي آئين جي شقن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو آهي ته ٻئي طرف آئين جي ڪن شقن تي عمل ڪرڻ کان روڪڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. آئين جي ارڙهين ترميم موجب نگران حڪومت، حڪمران جماعت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل مشوري سان ٺهڻي آهي، پر علامه جو چوڻ آهي ته مشوري ۾ عدليه ۽ فوج کي به شامل ڪيو وڃي. آئين ۾ ڪٿي به اهڙو ذڪر ناهي ته عدليه ۽ فوج جو به ڪو حڪمراني جي معاملن ۽ سياست ۾ دخل هوندو. بلڪه اهو آئين جي شقن ۽ روح جي خلاف آهي. جيڪڏهن واقعي علامه ايئن چاهي ٿو ته پوءِ هو 73ع جو آئين ختم ڪرڻ ۽ نئين آئين جي ڳالهه ڇو نٿو ڪري؟

هو هڪ دفعو اهو سڌو مطالبو ڪري ته ڏسي ته کيس خبر پئجي ويندي ته گهڻي ويهين سئو آهي. مولانا قادري چواڻي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ضروري ناهن. هي فارمولا به ڪو نئون ڪونهي، ايوب خان به عام چوندن کان ڀڄڻ لاءِ سياستدانن خلاف ڳالهايو ۽ ”ايبڊو“ ۽ ”پروڊا“ جهڙا قانون آندا. ملڪ ۾ بنيادي جمهوريتن جي نالي ۾ نئون سياسي نظام ۽ نئين قيادت مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر کيس وري به ساڳين سياستدانن سان گڏ ويهڻو پيو. ان سڄي چڪر ۾ ٻيو ڪجهه ڪونه ٿيو، پر قوم جا پورا ڏهه سال ضايع ٿي ويا. ماڻهن کي جڏهن موقعو مليو ته هنن ايوب خان ۽ سندس هٿرادو جوڙيل ۽ مڙهيل نظام کي اڇلائي ڦٽو ڪيو. يحى خان به سياست کي ٺيڪ ڪرڻ جا ساڳيا ’ نيڪ خيال‘  کڻي آيو. هن چونڊون ته ڪرايون پر نتيجا نه مڃيا، ڇاڪاڻ جو اهي نتيجا کيس ’هاڪاري‘ نه لڳا. نتيجو اهو نڪتو جو اڌ ملڪ هٿن مان ويو. 
جولاءِ 77ع ۾ جنرل ضياءِ الحق اسلام جي سپاهي هجڻ جي دعوى ڪري آيو. ضياءِ ملڪ جي گهرو توڙي پرڏيهي پاليسيءَ سان اهو حشر ڪيو، جو اهي زخم اڄ ٽيهه سال گذرڻ بعد به نه ڇٽا آهن. ضياءَ الحق به ملڪ ۾ نئون سياسي نظام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. غير جماعتي چونڊون، آئين ۾ انتها درجي جون ترميمون وغيره وغيره. نيٺ کيس پراڻي نظام ڏي ئي وڌڻو پيو. قوم کي تڏهن ڇوٽڪارو مليو جڏهن هو جهاز جي حادثي ۾ مري ويو
.
ان بعد اڌ جمهوري دور رهيو، جنهن ۾ به ساڳيا هٿ سرگرم رهيا. نه ڪنهن حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ نه ئي ڪو جمهوري ۽ سياسي نظام پوريءَ طرح ٺهي سگهيو. هڪ دفعو وري سياستدانن ۽ سياسي نظام کي  ٺيڪ ڪرڻ لاءِ جنرل مشرف ميدان ۾ آيو. هن ماڳهين اقتدار ۽ اختيارين کي هيٺئين سطح تي لاهڻ جي نالي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪجهه به تبديل نه ٿي سگهيو. هن به ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين کي سياست ۽ حڪومت کان ٻاهر رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ٻيو ڪجهه نه ٿيو، عوام پنهنجي محبوب ليڊر بينظير ڀٽو کي وڃائي ويٺو ۽ مشرف کي ملڪ ڇڏڻو پيو. ته ملڪ ۽ عوام کي ’نجات ڏياريندڙ‘ مشرف جڏهن ملڪ ڇڏيو ته پويان معيشت، سياست، ادارا تباهه هئا ۽ ملڪ ۾ دهشت گرديءَ جو راڄ هو ۽ ملڪ عالمي قوتن جي ماتحتيءَ ۾ هليو ويو هو. 

ايئن ڏٺو وڃي، ته وڏو عرصو فوجي حڪومتون رهيون،  انهن ئي ملڪ جي سياسي نظامن کي ٺاهڻ ۽ ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر علامه ان معاملي تي ماٺ آهي. هن وقت تائين علامه قادريءَ سان گڏ رڳو اهي ڌريون گڏ بيهي سگهيون آهن، جن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي   اسٽيبلشمينٽ  جي سياست ڪنديون آهن. علامه قادريءَ جي حڪمتِ عملي ۽مطالبا اهي  اشارا ڏيئي رهيا آهن ۽ عام بحث به اهو آهي ته هن جي پويان ڪٿي فوجي اسٽيبلشمينٽ آهي.  اها ڳالهه ايتري وڌي ويئي، جو فوج جي ترجمان کي وضاحت ڪرڻي پئي ته علامه قادريءَ جي سياست وغيره سان فوج جو تعلق ڪونهي.
عجيب ڳالهه آهي جو ايم ڪيو ايم جنهن پي پيءَ سان ’ڪڏهن جدا نه ٿيڻ جا واعدا‘ پئي ڪيا، سا به علامه قادريءَ واري مارچ جو حصو بڻجي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جو چوڻ آهي ته اها جاگيردارن جي خلاف آهي ۽ هي انقلابي مارچ  هن نظام جي خلاف آهي. جاگيردار ڪير آهن؟ ايم ڪيو ايم ته 88ع کان وٺي اڄ تائين سمورين حڪومتن جو، خاص ڪري مشرف دور کان وٺي اڄ سوڌو حڪمران ڌر ئي رهي آهي، ٻين لفظن ۾ اهو ته انهن جاگيردارن سان گڏ ويٺل رهي آهي ۽ سمورن فيصلن ۽ پاليسين جو حصو رهي آهي.
ارڙهين ترميم، جنهن تحت نگران حڪومت حڪمران پارٽي ۽ مخالف ڌر جي صلاح مشوري سان ٺهڻي آهي، ايم ڪيو ايم ان جي حامي ۽ قبول ڪندڙ رهي آهي، ان کي اوڏيءَ مهل خيال ڪونه آيو. ساڳيءَ طرح چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرريءَ ۾ به هنن جي صلاح شامل آهي. راتو رات ان کي الهام ٿي ويو ته ارڙهين ترميم به غلط، چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري به درست ناهي وغيره وغيره.اصل ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي عجيب و غريب موقف جي ڪري سياسي اڪيلائپ ۾ هلي ويئي هئي. ڪراچيءَ ۾ ووٽر لسٽن جي چڪاس ۽ نئين سر تڪ بندي، مسلسل ٿيندڙ قتل جي واقعن، ڀتا خوري وغيره جي نه رڪجڻ وارا معاملا بنياد بڻجي رهيا هئا. ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو به اچي ويو هو. ساڳيءَ طرح پنهنجي وڏي اتحادي پيپلز پارٽيءَ کي مڪاني نظام  سبب پنهنجي تڪن ۽ ووٽرن ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. ايتري اڪيلائپ جو ان کي ’ڪهڙو پاڪستان کپي‘ وارو ريفرينڊم ۽ سپريم ڪورٽ خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻي وارا سڏ به واپس وٺڻا پيا، جو انهن ٻنهيءَ لاءِ ملڪ جي سياسي ڌرين ۽ ادارن وٽان کيس حمايت ۽ موٽ نه ملي. علامه قادريءَ ڄڻ ايم ڪيو ايم جي ضمانت ڪرائي وڌي ۽ اها هڪ حد تائين مکيه سياسي وهڪري ۾ اچي رهي آهي
.
شهري سياست تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته هي شهري جماعت پنهنجو احتجاج هڪڙن مطالبن لاءِ ڪندي آهي، پر سندس در اصل ٻيا مطالبا هوندا آهن، جيڪي مڃرائيندي آهي. طاهر القادريءَ کي پنهنجي هيڊ ڪوارٽر نائن زيرو تي سڏائڻ تي پيپلز پارٽي کي به ڪاوڙ لڳي. ان مڪاني ادارن واري قانون ۾ ترميمون ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. هوڏانهن گهرو وزير رحمان ملڪ صدر زرداري جو نياپو کڻي الطاف حسين سان ملڻ لاءِ لنڊن ويل آهي. اڪثر تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم هن مارچ ۾ شرڪت نه ڪندي، ڇاڪاڻ جو مڪاني نظام، ووٽر لسٽن ۽ نئين سر تڪ بنديءَ وارن معاملن ۾ کيس گهربل حمايت ملي ويندي
.
بهرحال هي وقت آهي ته ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون جيڪي اقتدار ۽ پارليامينٽ جو حصو آهن ۽ هي سڄو سانگ انهن جي ئي خلاف رچايو ويو آهي، محسوس ڪن ته اهو سڀ ڪجهه سڄي نظام جي تڏا ويڙهه آهي، ڇا اهي اڃا به هڪ ٻئي جي مخالفت ۽ سياست بازي ڪنديون يا هن نظام کي بچائينديون؟

Labels: , , , , , , ,

Friday, April 03, 2015

حڪومت – اسٽيبلشمينٽ وڇوٽين جو عمران ۽ قادري کي فائدو ٿيندو؟ 02 جولاءِ 2014


سھیل سانگی
حڪومت – اسٽيبلشمينٽ وڇوٽين جو عمران ۽ قادري کي فائدو ٿيندو؟ اربع 02 جولاءِ 2014ع
ملڪ ۾ لڳاتار اهڙا ۽ ايترا واقعا رونما ٿي رهيا آهن، جو عام ماڻهو ته ڇڏيو پر چڱي خاصي پڙهيل لکيل ماڻهن کي به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته صورتحال ڇا ٿيڻ واري آهي؟ ڪهڙي واقعي جو اڳ وارن واقعن سان ڪهڙو تعلق آهي؟ هڪ ئي وقت ڄڻ ٽي چار قسم جا وهڪرا وهي رهيا آهن. ان معاملي کي ميڊيا وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪنهن ننڍي واقعي کي وڏو ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو يا اينڪرپرسن ان جي تشريح ڪجهه اهڙي ڪن ٿا، جو اصل حقيقتون گم ٿي وڃن ٿيون. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي، جو ملڪ جي حاڪم طبقن جي پاڻ ۾ ايڊجسٽ مينٽ نٿي ٿئي. ڪنهن کي اقتدار ۽ اختيار توڙي وسيلن ۾ ڪيترو حصو ملڻ گهرجي، ان جو ڪو پائيدار حل ۽ نظام به موجود ناهي. اقتدار، اختيار ۽ معيشت جي پراڻي ورڇ ڪيئي ڀيرا رد ٿي چُڪي آهي، پر هاڻي جاگيردار، واپاري يا صنعتڪار پنهنجون شڪليون تبديل ڪري ڇڏيون آهن. خود انهن طبقن ۾ به ڪجهه نوان گروپ سامهون آيا آهن. ائين نوان طبقا، نوان سياسي ۽ معاشي مظهر سامهون آيا آهن، جيڪي نه رڳو پنهنجي اڪوموڊيشن گهرن ٿا، بلڪ پنهنجو ”صحيح“ حصو پتي به گهرن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ بحراني صورتحال بڻيل آهي ۽ ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ کليل شڪل ۾ نظر اچي ٿو. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ ان ٽڪراءَ کي حل ڪرڻ جو ائين ئي وڏو نسخو هو، جيئن 1973ع وارو آئين ڪنهن زماني ۾ هو. بدليل صورتحال ۾ نئون آئين ڏيڻ بدران چارٽر آف ڊيموڪريسي جو رستو اختيار ڪيو ويو، پر هن نسخي ۾ ٻه اهم ادارا عدليه ۽ عسڪري ڌر ٻاهر هئا، ٽيون اهم شعبو ميڊيا جو هو، سوبه ڄڻ هن نسخي ۾ شامل نه هو. مشرف جي اقتدار ۽ ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ هن نسخي تي دٻاءُ پوڻ لڳو، جيڪي ڌريون توڙي ادارا هن نسخي کان ٻاهر رهجي ويا، هئا، تن زور لڳائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي پراڻي حيثيت جي بحالي يا فارمولي ۾ پنهنجي لاءِ “مناسب جڳهه“ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. مختلف لاهين چاڙهين جي باوجود پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ان قصي ۾ هڪ صفحي تي رهيون. گذريل سال جون چونڊون جيڪي هاڻي ڪنٽرولڊ چونڊو چيون وڃن ٿيون، تن هڪ نئين صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. عمران خان جو فيڪٽر مينڊيٽ سان سامهون آيو، جيڪو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ طئي ٿيل گيم جو حصو نه هو. ظاهر آهي ته اهو ڪمال انهيءَ فارمولي کان ٻاهر رهجي ويل ڌرين جو هو. ائين اهي ڌريون گڏ ٿيڻ لڳيون، جيڪي چارٽر آف ڊيموڪريسي جي خلاف هيون. انهن ڌرين جي گڏ ٿيڻ علائقي ۾ بدلجندڙ صورتحال ۽ طالبان جي وڌيل رول جي ڪري ملڪ ۾ ساڄي ڌر جي ردِ عمل (رائيٽ ري ايڪشن) جو خطرو وڌي ويو. بهرحال ساڄي ڌر جون اهي قوتون اڃا تائين ڪنهن اهڙي ٺاهه تي متفق نه ٿي سگهيون آهن، انهن جا مفاد ان حد تائين گڏيل آهن، جيستائين جو موجوده حڪومت ۽ ان سان گڏوگڏ هن سيٽ اپ کي تبديل نه ڪري وٺن. اهي قوتون اختيارن جي ورڇ مهل ماڳهين هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ان ڪري عمران خان، چوڌري برادران ۽ علامه قادري جو هڪ ٻئي سان تعاون ضرور آهي، پر اتحاد ڪونهي. ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ کليل نموني هلندڙ سال تڏهن سامهون آيو، جڏهن مشرف جي جان ڇڏڻ وارو سوال ٿيو. پر هن ٽڪراءَ جو سبب رڳو مشرف نه هو، ڪجهه ٻيا سبب ۽ مظهر به ڪارڻ هئا. مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ آءِ ايس آءِ جي ڀيٽ ۾ جيو جو ساٿ ڏيڻ، اتر وزيرستان ۾ آپريشن شروع نه ڪرڻ ۽ انڊيا سان واپار وارن معاملن تي دفاعي ادارو ۽ نواز حڪومت هڪ ٻئي کان پري بيٺل رهيا. ان مان اهو تاثر اڀريو ته فوج سڌي يا اڻ سڌي طرح اقتدار تي قبضو ڪرڻ گهري ٿي، يا پنهنجي من پسند ماڻهن تي ٻڌل نگران حڪومت جوڙڻ گهري ٿي. پر اهو تاثر درست نه هو، ڇاڪاڻ جو نه پنجاب پنهنجي قيادت تبديل ڪرڻ پيو گهري ۽ نه ئي وري دفاعي ادارا گذريل سال جي چونڊن ۾ جيڪو ”اتفاق راءِ“ پيدا ٿيو آهي، تنهن کي ختم ڪرڻ گهرن ٿا. ها اهو ضرور آهي ته فوج پنهنجي حيثيت ضروري رکڻ ۽ مڃائڻ گهري ٿي، پر انهي اتفاق راءِ کي ٽوڙڻ جي قيمت تي نه- جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هيستائين اهو سڀ ڪجهه ٿي چڪو هجي ها، جنهن جو خدشو ڏيکاريو پئي ويو. سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ سافٽ پاور جي اصول تي عمل پيرا آهي. اها پردي جي پويان رهي معاملا هلائڻ گهري ٿي (ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن کيس ڪي ڌريون ۽ ڪردار گهربل هوندا آهن). اها سول حڪومت کي پنهنجي حدن ۾ رکڻ ۽ فيصلا پنهنجي تابع رکڻ گهري ٿي. اهو ئي جديد دور جو ڏاڍو آزمايل فارمولا آهي، جنهن زرداري دور ۾ به ڏاڍا سٺا نتيجا ڏنا- زداري کي اهو فارمولا پيپلز پارٽي جي ماضي جي تجربي ۽ سندس تعلق پنجاب مان نه هجڻ يا پنجاب ۾ سندس نمائندگي نه هجڻ ڪري سمجهه ۾ اچي ويو. نواز شريف کي اها ڳالهه وري دير سان پئي سمجهه ۾ اچي. اسٽيبلشمينٽ جي انهيءَ حڪمت عملي جي پويان دفاعي اداري جي قيادت جي ڏاهپ پنهنجي جاءِ تي، پر ڪي زميني حقيقتون به آهن (1) علائقي جي حالتن، ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي ۽ طالبان واڌو ٻن صوبن ۾ رياست کان دوري جي تحريڪن جي ڪري بهرحال دفاعي اداري کي سياسي اتفاق راءِ، رياستي ادارن ۽ ميڊيا جي حمايت جي ضرورت آهي. ان لاءِ سياسي نظام يعني چونڊيل حڪومت ضروري آهي، پوءِ کڻي ان حڪومت تي سئو تهمتون ڇو نه هجن. ظاهر آهي ته انهيءَ ڪم لاءِ عمران خان هجي يا طاهر القادري ٻنهي مان ڪو به فٽ ڪونه ٿو بيهي. دفاعي ادارا ملڪي سالميت وغيره جي حوالي سان ڪجهه مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. ان حڪمت عملي مطابق سياسي جماعتن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۽ قومي ادارن مان عدليه ۽ ميڊيا کي ٻاهر رکي اهي مقصد حاصل نٿا ڪري سگهجن. عمران خان ۽ قادري سياسي تقسيم جا حامي آهن، جڏهن ته هتي سياسي اتحاد گهربل آهي. وڌيڪ اهو ته عمران خان سمورين ڪوششن باوجود ملڪ گير يا مين اسٽريم جي پارٽي نه بڻجي سگهيو آهي. وڌ ۾ وڌ سندس تماشائي طبعيت مين اسٽريم پريشر گروپ جي شڪل اختيار ڪئي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وڌيڪ اهم آهن. علامه قادري جي آچر ڏينهن لاهور ۾ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس به ان کي وڏي سياسي وهڪري ۾ شامل نه ڪري سگهي، پر ڪانفرنس آل پارٽيز جي بدران اسٽبلشمينٽ جي اڳواڻن ۽ اتحادين جي ڪانفرنس بڻجي وئي. قومي سياسي وهڪري جي ٻن مکيه پارٽين يعني نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سان گڏوگڏ اي اين پي ۽ جي يو آءِ به ان ۾ شريڪ نه ٿيون. ٻيو اهو ته عمران خان پڻ علامه قادري سان گڏ هلڻ کان لنوائي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هو ڪنهن به ”انقلاب“ ۾ ثانوي پوزيشن ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهي. عمران خان هڻي هڻي هاڻي ان هنڌ تي وڃي بيٺو آهي ته موجوده حڪومت جو خاتمو اچڻ گهرجي ۽ نيون چونڊون ٿيڻ گهرجن، پر هو علامه قادري جي غير آئيني اپاءَ کان پاڻ کي پري رکي ٿو. بهرحال هو اهو سمجهي ٿو ته علامه قادري موجوده يا پيپلز پارٽي-نواز ليگ فارمولي کي ٽوڙڻ ۾ ڪم اچي سگهجي ٿو. هو اهو ڪم ڪري سگهي ٿو جيڪو 9 ستارن واري پاڪستان قومي اتحاد جي تحريڪ ضياءُ الحق لاءِ ڪيو هو. ان کي سنجيدگي وچان يا کل ڀوڳ ۾ تجزيه نگار چون ٿا ته علامه قادري جو وزيراعظم عمران خان آهي. لڳي ٿو ته عمران خان پنهنجو رول تبديل ڪيو آهي. تجزيه نگار ان ڳالهه تي متفق آهن ته جيتوڻيڪ هو پنڊي جي پيداوار آهي، پر پوءِ به هاڻي هو ڪجهه پنهنجون ڳالهيون به ڪرڻ لڳو آهي. ان حد تائين ته ٺيڪ آهي ته عمران خان جا اڪثر قدم عسڪري ڌرين کي فائدو ڏين ٿا، پر اهو نٿو لڳي ته اهي عسڪري ڌريون عمران خان کي وزيراعظم به بڻائي وٺنديون. اڄ جي عسڪري اسٽيبلشمينٽ آئيني، قانوني، سياسي ۽ سماجي صورتحال ۾ انتهاپسندن کان پاسو ڪري ٿي، ڇاڪاڻ جو هو انهن معاملن ۾ انتهاپسندي ڏي وڃي نه ٻين کي ۽ نه ئي وري پنهنجو پاڻ کي امتحان ۾ وجهڻ گهري. هو نظام ۾ پنهنجي طاقت برقرار رکڻ چاهي ٿي، ان لاءِ حڪومت توڙي ٻين ڌرين کي داٻي ۾ ضرور رکڻ گهري ٿي.

Labels: , ,