Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

بلاول جي معافي ۽ وڏين پارٽين جو مستقبل! پهرين آڪٽوبر 2014


بلاول جي معافي ۽ وڏين پارٽين جو مستقبل!
اربع پهرين آڪٽوبر 2014ع
پيپلز پارٽي کي دير سان احساس ٿيو ته خاص ڪري پنجاب ۾ زمين ان جي پيرن هيٺان نڪري رهي آهي. ان ڪري پارٽي جي سرپرست بلاول ڀٽو جي ذريعي ڪجهه اهم ڳالهيون ۽ فيصلا پارٽي ڪارڪنن تائين پهچايا آهن. هڪ اهو ته بلاول پارٽيءَ جي ناراض ڪارڪنن کان معافي ورتي، گڏوگڏ اهو پڻ ته پارٽي کي ٻيهر منظم ڪيو ويندو. ٻيو اهو ته بلاول ڀٽو پنهنجي ماءُ جي تڪ مان چونڊ وڙهندو. ٽيون اهو ته پارٽي ڇڏيندڙن کي صلاح ته اهي جيڪڏهن پارٽي ڇڏين ٿا (اڻ سڌي طرح اهو اشارو ڏنو آهي) ته اهي عمران خان جي پارٽي ۾ شموليت بدران نواز ليگ ۾ وڃن. چوٿون اهو ته پارٽي 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ وڏو جلسو ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري جي انهن اعلانن کي عام ماڻهو توڙي سياسي خلق ڏاڍي دلچسپي سان ڏسي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پارٽيءَ جو ماڻهن ڏي، ساڳي ريت ماڻهن جو پارٽيءَ ڏي رويو تبديل ٿيو. گذريل سال وارين چونڊن ۾ پارٽي سُڪڙجي ڄڻ رينجل پارٽي ٿي ويئي ۽ رڳو سنڌ تائين محدود ٿي ويئي. پنجاب ۾ پارٽي کي پهتل ان نقصان جي پورائي لاءِ ڪو ٺوس ۽ اثرائتو قدم نه کنيو ويو، ڄڻ پارٽي انهن چونڊن کان اڳ توڙي پوءِ اتي سر زمين کان پري بيٺل رهي. گهڻو اڳ ضرورت هئي ته اتي پارٽي جي بحالي لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي ها. مٿان وري عمران خان جي سياسي نظام تي ڪاهه دوران پارٽي نوا ليگ جي حمايت ۾ ايتري قدر هلي وئي، جو ان پنهنجي پاڻ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. تجزيه نگارن موجب اها نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ هلندڙ ان جنگ ۾ پنهنجي جڳهه نه ٺاهي سگهي. سندن خيال آهي ته سسٽم جي حمايت ڪندي به اهڙو موقف رکي پئي سگهي. نيٺ مجبور ٿي پارٽي بلاول ڀٽو کي پنجاب ۾ ٻوڏ واري پاڻي ۾ لاٿو. عمران خان جڏهن پنهنجي تحريڪ جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ته پارٽي کي ڪمزوري جو وڌيڪ احساس ٿيو. ڪراچيءَ ۽ ان بعد لاهور ۾ مينار پاڪستان واري جلسي وڌيڪ صورتحال کي چٽو ڪري ڇڏيو. پنجاب اندر اهو ماڻهو، جيڪو نواز شريف جي خلاف هو، سو پيپلز پارٽي ۾ هو. هاڻي ان ماڻهو وٽ نواز شريف کي چئلينج ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي قوت، ٻي ڌر چوائس طور سامهون اچي ويندي. پيپلز پارٽي جنهن گذريل پنجن سالن دوران اهو ئي سمجهيو ته عمران خان جي پارٽي دراصل نواز ليگ جي بنيادن کي ڪمزور ڪري رهي آهي، تنهن کي پتو پيو ته اهو کاٽ دراصل سندس ئي جماعت کي لڳي رهيو آهي، جيڪڏهن پنجاب ۾ نواز ليگ سان ڪا ڌر مقابلو ڪري سگهي ٿي ته پيپلز پارٽي ڄڻ غير متعلق ٿي وڃي ٿي. حالانڪه اهڙو اشارو گذريل سال وارين چونڊن ۾ ملي چڪو هو. جڏهن سيٽن توڙي کنيل ڪل ووٽن جي انگ ۾ تحريڪ انصاف هن وڏي صوبي ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويئي هئي. ووٽن بعد هاڻي ڄڻ تحريڪ انصاف نواز ليگ جي مخالفن ۾ وڌيڪ ڪشش جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي. مٿان وري نواز ليگ سان بحران دوران ڳنڍجڻ سان پارٽي کي وڌيڪ هاڃو رسيو. سياست به هڪ قسم جي جنگ آهي. سياست ۽ جنگ جون حڪمتِ عمليون به ڄڻ هڪ جهڙيون هونديون آهن. بلاول ڀٽو نوجوان آهي، سندس جذبا جوان آهن. ڪارڪنن جي نالي بلاول جي هن خط کي ڪيئن وٺجي؟ اهو سندس عزم ۽ جذبن جو اظهار آهي يا واقعي ڪنهن حڪمتِ عملي جو حصو آهي. ڇا اهو پنهنجي ڪارڪنن (سپاهين) کي سڏ آهي ته اهي گڏ ٿين ۽ منظم ٿين ته جيئن سياسي جدوجهد ڪري سگهجي. گذريل چونڊن جي پنجاب ۾ آيل نتيجن بعد پارٽي اتي ڪم ڪرڻ بدران ڏيکاءُ اهو ڏنو ته اها سنڌ تي وڌيڪ فوڪس ڪندي ۽ ان بنياد تي ئي پنهنجي سياست وڌائيندي، پر عملي طرح سان سنڌ ۾ خراب حڪمراني، ڪرپشن، پنهنجا نوازڻ واريون پاليسيون عروج تي پهچي ويون. شهر هجن خواه ٻهراڙيون، امن امان، قانون جي رٽ، ميرٽ، بنيادي سهولتن جي فراهمي ڳولي به نظر نٿي آيون. سنڌ جا ضلعا اتي جي انتظاميه ۽ بجيٽ سميت مخصوص گهراڻن يا پارٽي جي ايم پي ايز، ايم اين ايز کي لکي پڙهي ڏنا ويا آهن. ڇا اهڙي صورتحال ۾ سنڌ هجي يا پنجاب، اتي بلاول جي معافين سان ڪم هلندو؟ ائين لڳي ته نٿو. پيپلز پارٽي کي ماڻهن جي لاءِ نه سهي، خود پنهنجي مقبوليت، حمايت ۽ وجود کي برقرار رکڻ لاءِ ڪجهه عملي قدم کڻڻا پوندا. تازي بحران، جنهن جي وقتي بحران يا سويلين ۽ غير سويلين جي وچ ۾ اختيارن جي ڇڪتاڻ طور تشريح ڪئي پئي وڃي، ان جو هڪ پهلو اهو به آهي ته، ملڪ ۾ واقعي بحران آهي ۽ ان بحران ۾ سياسي خال هڪ سبب آهي. هِي اهو خال آهي، جنهن جو فائدو مختلف حلقا وٺندا رهيا آهن ۽ جمهوري توڙي سياسي نظام تي ڪاهون ڪندا رهيا آهن. جيڪڏهن هن خالَ کي صحيح طريقي سان نه ڀريو ويو، ته ايندڙ وقتن ۾ به انهن ڪاهن جو سلسلو جاري رهندو. قصو اهو آهي ته، ملڪ ۾ موجود ٻن وڏين پارٽين، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ، جن طبقن جي نمائندگيءَ جي دعويٰ ڪن ٿيون، سي دراصل انهن طبقن جي نمائندگي نه ڪري رهيون آهن/ناڪام ويون آهن/دراصل ڪرڻ نٿيون چاهين. ان کان به وڏو سبب اهو آهي، جو نوي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اهي جماعتون واري واري سان اقتدار ۾ آيون هيون، تڏهن صحيح معنائن ۾ عوام کي ڪجهه ڏئي نه سگهيون هيون. سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن نوان سياسي، مُعاشي ۽ سماجي مظهر سامهون آيا، ته نعرا ۽ بيانيه (Narratives) به نوان آيا. پراڻيون پارٽيون پنهنجو رول وڃائي ويٺيون ته هڪ خال پيدا ٿيو. اهو اسپيس کاٻي ڌُر جي Narratives جو هو. پيپلز پارٽي نئين پارٽيءَ طور وجود ۾ آئي ۽ ان اهو اسپيس ڀريو. هن جماعت هڪ حد تائين ان Narrative کي ايڊريس ڪيو، اهو ئي سبب آهي ته چاليهه سالن تائين ملڪي سياست ۾ اها پارٽي اهم بڻيل رهي. ان بعد اسي واري ڏهاڪي تائين نه رڳو وقت بدليو، بلڪه سياسي توڙي معاشي حالتون به بدليون. طبقن، انهن جي مفادن ۽ رول ۾ تبديلي آئي. طبقن جي پاڻ ۾ ڳنڍجڻ ۽ Interplay سان نئين صورتحال بڻي. تڏهن نواز ليگ سامهون آئي. بظاهر نواز ليگ پراڻي مسلم ليگ هئي، پر پنهنجي ماهيت ۽ رُوح ۾ تبديل ٿيل هئي، پر اها جماعت هڪ ڏيڍ ڏهاڪي تائين ئي پنهنجي جڳهه برقرار رکي سگهي. هاڻي ائين ٿو لڳي ته، ملڪ جون موجوده سياسي جماعتون پنهنجي ڪردار سبب عوام کان لاتعلق ٿي ويون آهن. نتيجي ۾ عوام به اُنهن کان لاتعلق ٿي ويو آهي. ائين ملڪ ۾ هڪ سياسي خال پيدا ٿي ويو آهي. هڪ نئين صورتحال اُڀري آهي. پيپلز پارٽي پنجاب ۾ واش آئوٽ ٿي ويئي آهي، اها اتي هڪ روايتي جماعت طور جيئري آهي. گُذريل چُونڊن ۾ نواز شريف کي اتي ٽف ٽائيم مليو. سنڌ ۾ اها جماعت پاڻ کي هڪ ڌُر طور پيش ڪري نه سگهي آهي. تازن احتجاجن دوران ماڻهن وٽان ٻن قسمن جا مطالبا سامهون اچي رهيا آهن، جيڪي نئين صورتحال کي سمجهڻ ۾ ڪافي مدد ڏين ٿا. لاهور ۾ احتجاج ڪندڙن لاءِ وڏو مسئلو لوڊشيڊنگ ۽ بيروزگاري آهي. ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگز، ڀته خوري ۽ بدامني وڏو مسئلو آهي. سنڌ جي اندرين علائقن ۾ ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي گذريل دورِ حڪومت ۾ وفاق خواه سنڌ ۾، نواز ليگ ٻئي ڀيرا پنجاب ۾ ۽ هاڻي وفاق ۾ اهڙيون پاليسيون جوڙڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن سان ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ جو خاتمو ٿي سگهي. اها ڳالهه عام هلندڙ هئي ته، انهن جماعتن کي هڪ هڪ ٽرم پورو ڪرڻ ڏنو وڃي، جنهن ۾ اهي پاڻ ايڪسپوز ٿي وينديون. سو گهٽ ۾ گهٽ پيپلز پارٽي ته مڪمل طور ايڪسپوز ٿي وئي، جنهن جا اثر به بِنهه چِٽا نظر آيا. ”روٽي ڪپڙا اور مڪان“ جو نعرو هڻي پيپلز پارٽي آئي هئي ۽ پوءِ اهي نعرا به لڳندا رهيا آهن ته، ”بينظير آئي گي روزگار لائي گي“ يا ”بيبي ڪا بيٽا آئيگا...وغيره- ماڻهو اڃا تائين آسري ۾ آهن ته اهو روزگار ڪٿي آهي؟ گذريل 30 سالن کان اڄ تائين ڄڻ ڪجهه به نه بدليو آهي. عام ماڻهوءَ لاءِ صورتحال اُتي جو اُتي آهي. ماڳهين اڳي کان بدتر ٿي آهي. روزگار هُجي، ملڪي معيشت، عوام لاءِ تعليم، صحت ۽ مواصلات، توڙي شهري سهولتون هجن يا مهانگائي وغيره، ماڻهن وڃايو ئي آهي. کين مليو ڪجهه به ناهي، اهي جماعتون گذريل ويهارو کن سالن ۾ عوام کي ڪجهه به ڏئي نه سگهيون آهن. اهو صحيح آهي ته عمران خان تي اهو الزام آهي ته، هو آمريت جي حمايت ڪري رهيو آهي، ليڪن عوام جي انهن ٻنهي پارٽين کان بيزاري صاف ظاهر آهي، جنهن سان سياسي خلا ۽ نئين صورتحال پيدا ٿي آهي. ڏٺو وڃي ته عمران خان کي اُميد بنائڻ ۾ انهن ٻنهي پارٽين جو هٿ آهي، جو اهي پنهنجو رول ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويون. جيڪڏهن اهي ٻئي جماعتون سٺي حڪمراني ۽ عوام کي ڪجهه ڏين ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها. اهو ئي سبب آهي جو هيوي مينڊيٽ واري حڪومت ائين ئي جُهڪي ڄڻ ان جي پويان عوام موجود ناهي، جڏهن ته عوام جو کاتو خالي آهي. ان ڪري ڪنهن نئين ڌُر جي جڳهه جُڙي ٿي. اها جڳهه جُڙڻ دراصل انهن ٻنهي پارٽين جي ناڪامي آهي. عمران خان کي ملندڙ حمايت، ان جي سياست، نعرن يا پروگرام جي ڪري نه ملي رهي آهي، بلڪه اصل ڳالهه اها آهي ته، مختلف حڪومتن ۽ مکيه پارٽين کان عوام جي بيزاريءَ سبب ائين آهي. ان غير اطمينان بخش ڪارڪردگيءَ سبب ماڻهو تبديلي گُهرن ٿا. جيتوڻيڪ عمران خان ڪو آئيڊيل طور نه آيو آهي. ستر جي ڏهاڪي ۾ ڪرپشن جو اهڙو جهان نه هو. سياستدان هجن يا بيورو ڪريسي، ڪرپشن عيب هو. اڄ سياستدان به ڪرپٽ آهن، بيورو ڪريسي به...وڏي ڳالهه ته انهن ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي جي خبر آهي، ته وري عوام به ڪو ان کان بيخبر ڪونهي. ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏو حصو ايم ڪيو ايم مخالف يا غير ايم ڪيو ايم ووٽر آهي. اهو پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڪندو رهيو آهي، ليڪن ٿيندو ائين رهيو آهي جو پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان معاهدو ڪندي رهي ۽ ڪراچيءَ جو اهو ووٽر اهو سمجهڻ لڳو ته ساڻس دوکو ٿي رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اڳي هڪ اڌ سيٽ ملندي هئي. هاڻي اهو نان ايم ڪيو ايم ووٽر عمران خان ڏانهن وڌي رهيو آهي، جيتوڻيڪ اهو ووٽر عمران خان جي ايم ڪيو ايم سان قُربت سبب پريشان ضرور آهي. عمران خان جي ڪراچي آمد کي سڀ کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم پنهنجي لاءِ خطرو سمجهيو ۽ پنهنجو ووٽ بچائڻ/برقرار رکڻ لاءِ انتهاپسنديءَ وارا نعرا ڏنا. پيپلز پارٽي شڪر ڪري، جو اڃا ٻهراڙين ۾ تحريڪِ انصاف نه وڌي آهي. پيپلز پارٽي پاڻ تان دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو هڻي رهي آهي. عمران خان جيڪڏهن سڀاڻي اقتدار ۾ اچي ٿو ته ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن هُو به انهن ٻنهي پارٽين وانگر ناڪام وڃي ٿو، ته ڇا مذهبي جماعتون اينديون؟ ماڻهو جمهوري پارٽين کي آزمائي چڪا آهن، اهڙي فِضا ٺهي چڪي آهي، جنهن ۾ مذهبي رجحان وڌيو آهي. ڇا مستقبل جو منظرنامو واقعي اهڙو ٺهي پيو؟

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home