Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

ٻوڏ واري صورتحال: ڇا سنڌ حڪومت سجاڳ آهي؟ 13 سيپٽمبر 2014ع


ٻوڏ واري صورتحال: ڇا سنڌ حڪومت سجاڳ آهي؟
ڇنڇر 13 سيپٽمبر 2014ع
 سهيل سانگي
ٻُڌون ٿا ته وري ٻوڏ پئي اچي. اڃا چار سال اڳ وارا داغ ڌوتا ئي ناهن، اُهي ڦَٽ ڇُٽا ئي ناهن ته وري هڪ نئين ٻوڏ جي ”نويد“ ٻُڌائي پئي وڃي. وڏي ڳالهه ته اها نويد خود سنڌ جي وڏي وزير سائين قائم علي شاهه پاڻ ڏني آهي، سو به اهڙي موقعي تي جڏهن سنڌ اندر ٻوڏ وارو پاڻي داخل ٿيڻ ۾ باقي ٽي ڏينهن وڃي بچيا آهن. ڇا ته سُجاڳي آهي!! وڏو وزير چوي ٿو ته: ”بندن جي صورتحال 2010ع جهڙي آهي“ ۽ اهو به ته جن بندن جي مرمت ۽ مضبوطيءَ لاءِ موصوف چار سال اڳ هدايتون ڏنيون هيون، سي ٺاهيا ئي نه ويا آهن. اهو آهي، حڪمرانيءَ جو ڪمال، جو حڪمن تي عمل نه ٿئي ۽ مٿان وري ڪم جي نگراني ۽ مانيٽرنگ به نه ٿئي، پوءِ جڏهن مصيبت مٿي تي اچي، تڏهن پتو پوي ته ڳالهه صفا ڳُڙ ٿي پئي آهي. سڄا سارا چار سال گذريا، اهو سمورو وقت ماشاءَ الله سائين قائم علي شاهه جي ئي بادشاهي هئي. سائين انهن چئن سالن دوران ورائي اهو نه ڏٺو، نه پُڇيو ته ٻيلي انهن بندن جو ڇا ٿيو، جن ”سهسين سائر ٻوڙيون“ هيون، انهن بندن جي پاڻيءَ لکن جي تعداد ۾ خدا جي خلق کي بي گهر ڪري ڇڏيو هو. سندن مال ملڪيتون، اجها سڀ وهي ويا هئا ۽ هو هٿين خالي روڊن تي اچي ويا هئا. چلو چار سال ته گذري ويا، پر هلندڙ سال دوران به ڪجهه نه ڪيو ويو. چوماسو جون ۾ شروع ٿيو هو، جنهن کي هاڻ ساڍا ٽي مهينا ٿي رهيا آهن. هو جيڪا ڳالهه اڄ ڪري رهيو آهي، سا جيڪڏهن جون جولاءِ ۾ به ڪري وٺي ها ته ڪجهه نه ڪجهه ڪم ٿي وڃي. هاڻي جڏهن پاڻي داخل ٿيڻ ۾ 96 ڪلاڪ آهن، تڏهن سانباها ڪيا ٿا وڃن. ڪيئن پٿر لهندا؟ ڪيئن مٽي جو ڪم ٿيندو؟ اهڙي صلاحيت ۽ سچائي اسان جي آفيسرن ۾ ڪٿان ايندي، جو جيڪو ڪم سالن ۾ هنن نه ڪيو، سو ڪلاڪن ۾ ڪري وٺندا؟ اتر سنڌ جي هڪ دوست چواڻي ته، ”جهڙي سچائيءَ سان سائين وڏي ڳالهه ڪئي آهي، آفيسر به اوتري سچائيءَ سان ڪم ڪندا. اها ڳالهه هر ڪو ڄاڻي ٿو ته تڙ تڪڙ ۾ ڪيل ڪم پائيدار هوندو آهي ۽ نه ئي معياري. ان کان علاوه ان تي لاڳت به وڌيڪ ايندي آهي ۽ اهڙي ڪم جي جاچ، نگراني توڙي مانيٽرنگ ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، ان سان گڏوگڏ اهو ته ايمرجنسيءَ ۾ ڪيل خرچ جي آڊٽ ۽ پڇاڻو به نه ڪيو ويندو آهي. انهي مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ايمرجنسي ۾ ڪم ڪرڻ کي اسان جا آفيسر ۽ حڪمران ڇو ترجيح ڏيندا آهن. هنن جيڪڏهن ڪجهه پٿر، مٽي ۽ ٻيو مٽيريل وڌو نه وڌو سو ڪير ڏسندو؟ سڀاڻي هو ڏاڍي آرام سان اهو چئي پنهنجي جان ڇڏائي ويندا ته سائين سڄو مٽيريل ٻوڏ ۾ درياءَ اندر وهي ويو. چار سال اڳ ڪن هنڌن تي ڪم ٿيو به هو، پر اهو ڪم نهايت ناقص هو. بندن جي مرمت، مضبوطي ۽ بحالي پوري طرح نه ٿي سگهي هئي. اهڙيون شڪايتون خود پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن به ڪيون آهن، بلڪه وڏي وزير به اعتراف ڪيو آهي ۽ ڪم تي عدم اطمينان ڏيکاريو آهي. چيو پيو وڃي ته سنڌ اندر ڇهه ست لک ڪيوسڪ پاڻي داخل ٿيندو. پاڻي جو ايترو وهڪرو آرام سان گذري ويندو. گذريل ڀيري به سنڌ کي اهو ٻڌايو ويو هو ته 8- 9 لک ڪيوسڪ پاڻي ايندو، پر پتو تڏهن پيو ته گڊو وٽ 13 لک ڪيوسڪ پاڻي داخل ٿيو. جهڙي نموني سان پاڪستان کي انڊيا نه ٻڌايو ته ڪيترو پاڻي اچي رهيو آهي، اهڙي طرح سنڌ کي نه گذريل ڀيري ۽ نه ئي هن ڀيري صحيح انگن اکرن کان آگاهه ڪيو پيو وڃي ته واقعي اهو پاڻي ڪيترو آهي ۽ ڪيتري مقدار ۾ سنڌ اندر اهو پاڻي داخل ٿيندو. اهو صحيح آهي ته گذريل ڀيري بلوچستان مان آيل پاڻي توڙي سنڌ اندر پوندڙ برساتن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو، پر مٿان کان ايندڙ پاڻي جي وهڪري جي انگن اکرن بابت سنڌ حڪومت کي ڪا به آگاهي نه هئي. اها خود افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت پنجاب سان ڪوآرڊينيشن رکڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جو اُن کي پاڻي جي وهڪري جا اصل انگ اکر معلوم ٿين. اهڙو ڪو ميڪينزم به جُڙي نه سگهيو آهي، اهڙو ميڪينزم جوڙڻ يا ٻن صوبن جي وچ ۾ اثرائتي ڪوآرڊينيشن لاءِ ڪي وڏا پروجيڪٽ يا ڪروڙين رپين جون رقمون به گهربل ناهن، سندن صرف عقل ۽ صلاحيت جي ضرورت آهي. شايد ڪروڙين رپين جو معاملو هجي ها ته ڪرپشن جي آسري تي اهڙو ڪو انڌو منڊو ميڪينزم جُڙي به وڃي ها. گذريل ڀيري ٽوڙي بند واري گهاري ۽ ٻين معاملن بابت سپريم ڪورٽ جي ڪميشن ڪي سفارشون جوڙيون هيون، ڪي هدايتون جاري ڪيون هيون، انهن هدايتن ۽ سفارشن کي جيڪڏهن مختصر لفظن ۾ بيان ڪجي ته اهي هن ريت هيون. 1. درياءَ جي پيٽ تان حددخليون هٽايون وڃن ۽ پاڻيءَ جي روايتي لنگهن کي صاف ڪيو وڃي. 2. روڊ اهڙي نموني ٺاهيا وڃن، جو اهي ٻوڏ جو سبب نه بڻجن. 3. بندن کي مضبوط ڪيو وڃي. 4. ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪجهه شيون اسان اڳ ڏنيون ته انهن هدايتن تي عمل نه ڪيو ويو، جن آفيسرن خلاف عدالتي ڪميشن ڪارروائي جي سفارش ڪئي هئي، اهو معاملو به لئي مٽي ڪيو ويو. باقي بند ڪيترا مضبوط ڪيا ويا، پاڻي جا لنگهه ڪيترا صاف ڪيا ويا، ان بابت ميڊيا ۾ رپورٽون به اچن پيون. صرف سکر شهر وٽ حد دخليون هٽايون ويون آهن. جڏهن ته سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪمانڊ وارن واهن ۽ ٻين پاڻي جي لنگهن تي اڃا تائين جيئن جو تيئن حددخليون موجود آهن. ميڊيا ۾ اهي به خبرون هلندڙ آهن ته ڪوٽڙي بئراج جي ڪمانڊ هيٺ ايشين بئنڪ هڪ پروجيڪٽ لاءِ رقم ڏيڻ کان ان ڪري انڪار ڪيو، جو پاڻيءَ جي لنگهن تان حددخليون هٽائڻ وارو معاملو ڦاسي پيو هو. اهي لنگهه بااثر ڌرين بند ڪيا آهن، جيڪي حڪومت توڙي عدالت ٻنهي کان ڏاڍا آهن. خلق ٻُڏي ته اُڪي ٻُڏي وڃي، پر حڪومت يا رياست پنهنجي رِٽ هن معمولي ڳالهه تي قائم ڪرڻ کان بيوس آهي. اها صورتحال سانگهڙ، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ بدين واري پاسي وڌيڪ ڀيانڪ شڪل ۾ موجود آهي. گذريل ڀيري واري تباهي ۾ جتي ٻين شين جو عمل دخل هو، اُتي خود سرڪار جي طرفان بنا رٿابندي جي ٺهندڙ روڊن جو به هو. روڊ بنا رٿابندي جي پاڻي جا لنگهه ڇڏڻ جي فرمائشي پروگرامن تحت ٺاهيا ويا هئا. نتيجي ۾ انهن روڊن سوين ڳوٺن کي ٻوڙيو هو ۽ پوءِ ڪيئي مهينن تائين اُتي پاڻي بيٺو رهيو. حڪومت ان ڏس ۾ نه ڪو قدم کنيو نه ڪا رٿابندي ڪئي، جو ايندڙ وقت ۾ ڪنهن اهڙي صورتحال کي منهن ڏيئي سگهجي. مطلب خلق خدا جي توڙي سپريم ڪورٽ جا اُٿاريل سوال اڃا تائين اڻ جوابيل ئي آهن. هن ڪهاڻيءَ جو ٻيو پاسو اهو به آهي ته آبپاشي کاتي جو قلمدان به وڏي وزير وٽ آهي، ان ڪري هو ڪنهن ٻئي وزير يا ماڻهو کي جوابدار به نه ٿو قرار ڏئي سگهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته وڏي وزير ڪالهوڪي دوري دوران سيڪريٽري آبپاشي ۽ سيڊا جي سربراهه تي اهو بار اُڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايڏو اهم کاتو بنا وزير جي هلي پيو، وڏي وزير وٽ هونئن به الاهي سارو ڪم آهي. اها عجيب ڳالهه آهي ته گهرو کاتو به وڏي وزير وٽ آهي، صوبي اندر امن امان جي جيڪا صورتحال آهي، سا به سڀني جي سامهون آهي. آبپاشي کاتي جي به ساڳي حالت آهي، جنهن جو کليو اعتراف ۽ اظهار وڏي وزير جي ڪالهوڪين ڳالهين مان ٿي رهيو آهي. حڪمرانن کي ان ڳالهه تي سوچڻ گهرجي ۽ فيصلو ڪرڻ گهرجي ته اهي آبپاشي کاتي کي جيڪو زراعت سان لاڳاپيل هجڻ ڪري، معيشت، پيداوار ۽ روزگار جو اهم وسيلو آهي، ساڳئي وقت جيڪڏهن هڪ به ٻوڏ اچي ٿي ته ايڏي وڏي تباهي آڻي ٿو، جو ان جو پورائو پنجن سالن تائين نه ٿو ڪري سگهجي، ان کي ايترو غير سنجيدگيءَ سان ڇو وٺي رهيا آهن؟ درياءَ، ڪئنالن ۽ ٻين پاڻي جي لنگهن جا بند ڏسڻ سال جو هڪ ڏيڍ مهيني جو قصو نه، پر 12 ئي مهينن جو معاملو آهي. اهو هڪ ٻن ڀيرن جو قصو ناهي، الائجي ڇو حڪمرانن کي ان ۾ ڪهڙو مزو ٿو اچي ته اُهي خلق کي رُلائين؟ شايد ان لاءِ ته رليف جي نالي ۾ به مال ايندو، ان ۾ به حصا پتيون ٿينديون؟

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home