Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

عمران خان جو ايندڙ ”شو“ ۽ بحرانن ۾ ڦاٿل حڪومت, 22 جولاءِ 2014ع

سھیل سانگی
عمران خان جو ايندڙ ”شو“ ۽ بحرانن ۾ ڦاٿل حڪومت
اڱارو 22 جولاءِ 2014ع
لڳي ٿو ته في الحال حڪومت بهتر پوزيشن ۾ اچي وئي آهي، فوج سان تعلقات بهتر ٿي ويا آهن، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي وچ ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٻه ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، پيپلز پارٽيءَ جي قومي اسيمبليءَ ۾ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه عمران خان کي 14 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي هڻڻ بدران جلسو ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو آهي، پر اهو سمورو انتظام عبوري آهي، بلڪه مشروط آهي. ڪجهه شيون حڪومت کي ڪرڻيون آهن، ان بعد آهستي آهستي اهو دٻاءُ گهٽ ٿي سگهي ٿو، ڇا حڪومت اهو سڀ ڪجهه ڪندي؟ عمران خان جو مطالبو ”تارا ٽوڙي ڏيو ۽ سارا آڻي ڏيو“ وانگر هو، اڳي هُو چئن سيٽن تي آڱوٺن جي تصديق جو مطالبو ڪري رهيو هو، هاڻي سندس فرمائشون وڌي ويون آهن، هُو گُذريل سال واري سڄي اليڪشن جي آڊٽ لاءِ چئي رهيو آهي، سندس نئون منطق اهو آهي ته، جيڪڏهن افغانستان ۾ صدارتي چُونڊن جي ٻيهر ڳڻپ ٿي سگهي ٿي، ته پوءِ هتي ڇو نه؟ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداريءَ به هن معاملي ۾ پنهنجو وزن عمران جي هڙ ۾ وڌو آهي ۽ چيو آهي ته، چئن تڪن ۾ آڱوٺن جي تصديق سان ڪو آسمان ڪونه ڪري پوندو، زرداريءَ جي هن بيان بعد سندس پارٽيءَ جي قومي اسيمبليءَ ۾ اڳواڻ خورشيد شاهه عمران خان سان رابطو ڪري کيس اسلام آباد ۾ رڳو جلسو ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو آهي، زرداريءَ جي انهيءَ موقف سان نواز ليگ کي رليف مليو آهي، هوڏانهن آمريڪا طرفان عمران خان کي صرف جلسي ڪرڻ کي جائز سڏيو ويو آهي، پر نواز ليگ کي اهو خوف پنهنجي جاءِ تي آهي ته، عمران خان ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وچ ۾ نئين ويجهڙائي ڪنهن نئين صف بنديءَ جي شروعات ته ناهي؟ هن کان اڳ پيپلز پارٽي مڪمل طور تي نواز ليگ جي سهڪاري ٿي بيٺل هئي، هونئن پيپلز پارٽيءَ کي اها ناراضگي پنهنجي جاءِ تي آهي ته، نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کان پڇڻ بنا ايم ڪيو ايم کي سِيني سان لڳايو. عمران خان پنهنجو شو ڊائون في الحال ملتوي ڪيو آهي يا پنهنجي پوري حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي؟ اها خبر ايندڙ چند ڏينهن ۾ پوندي پر اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته ها، رڳو مهلت آهي، عمران خان جنهن قسم جو مطالبو ڪيو آهي، ان مان حڪمت عملي تبديل ڪرڻ جي اُميد نٿي رکي سگهجي، حالتون ۽ سياسي منظر تي رونما ٿيندڙ واقعا ٻڌائين ٿا ته، سندس انهن چالن مان کيس ڪجهه ورڻو آهي، جيڪڏهن هو نواز شريف جي حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃي ٿو، ته ان جو فائدو پيپلز پارٽيءَ کي ملندو. ها، اهو صحيح آهي ته چئن تڪن تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪُجهه به نه. اُن جو ڪارڻ اهو آهي ته سندس اسٽيبلشمينٽ وٽ بطور وزير اعظم طور مڃتا وارو سوال ڪيترين ئي اگر مگر ۽ رڪاوٽن جو شڪار آهي، ان کان علاوه خان صاحب ”يڪي سر بهادر لکن سان لڙي“ واري حڪمتِ عملي تي هلندو آهي، يعني نه ٻئي ڪنهن سان ٺاهي رکجي ۽ نه ڪنهن کي ساڻ کڻبو. ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي به تڏهن اقتدار ملندو رهيو آهي، جڏهن انهن ٻين سياسي قوتن سان اتحاد، ويجهڙائپ، مفاهمت يا هم آهنگي ڏيکاري. عمران خان گذريل سال جي چونڊن کي تڪراري بنائڻ گهري ٿو، اهي چونڊون کڻي ڪهڙيون به هيون، انهن کي مختلف قُوتن ۽ اقتداري ڌرين جي پُٺ حاصل هئي، جنهن ۾ موجوده سيٽ اپ جو نقشو ڊزائين ڪيو ويو هو، اُنهن چونڊن کي شڪي يا تڪراري بنائڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته، انهن سمورين ڌرين جي مفادن توڙي حڪمت عملي کي چئلينج ڪجي، جنهن ۾ سياسي توڙي غير سياسي ڌريون شامل آهن، اهڙي حڪمت عملي سان به عمران خان اڪيلو ٿي وڃي ٿو، اهو صحيح آهي ته چونڊون انصاف ڀريون ٿيڻ گهرجن پر مسئلو اهو آهي ته، ان سان ملڪ جو سياسي نقشو ئي تبديل ٿي ويندو، اصل ۾ اسان جي حڪمران طبقي بشمول اسٽيبلشمينٽ کي انصاف واريون چونڊون راس اچن، ان ڪري اهي سڀ ڌريون ٽيلر يا انجنيئرڊ ٿيل چونڊن جي حق ۾ هونديون آهن. ملڪ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته، جڏهن به چونڊن کي تڪراري بڻايو ويو آهي، تڏهن گڙٻڙ ضروري ٿي آهي ۽ ملڪ هڪ وڏي سياسي بحران جو شڪار ٿي ويو آهي. 70ع وارين چونڊن جا نتيجا نه مڃيا ويا ته ملڪ جو اڌ کان وڌيڪ حصو الڳ ٿي ويو، 77ع جي چونڊن کي تڪراري بڻايو ويو ته ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿي ويئي ۽ ضياءَ الحق بنا پيرن جي فقير جيان يارهن سال عوام تي سوار رهيو. 88ع جي چونڊن جو اهو مينڊيٽ ۽ نتيجو نه هو جيڪو ڏيکاريو ويو، ان ۾ به انجنيئرنگ ۽ ڪاريگري ٿيل هئي، ان ڪاريگريءَ جي وسيلي پيپلز پارٽيءَ جي مينڊيٽ کي ننڍو ڪيو ويو ۽ آءِ جي آءِ کي سيٽون ڏئي ڊيل ڪري بينظير ڀٽو کي حڪومت ڏني ويئي. 90ع وارين چونڊن کي انجنيئرڊ چونڊون چيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ بينظير ڀٽو جو چوڻ هو ته، اهي چونڊون چورائجي ويون هيون، انهن چونڊن جي نتيجي ۾ ٺهيل حڪومت به مدت پوري نه ڪري سگهي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، جڏهن به چونڊن کي تڪراري بڻايو ويو، تڏهن اقتداري حلقا، يعني سگهارا هَٿ ان لاءِ شامل رهيا. هاڻي عمران خان 2013ع جي چونڊن کي تڪراري بڻائي رهيو آهي، ان جو فائدو به انهن سگهارن هٿن کي ٿي رهيو آهي، جيڪي ڪيڏي به مهل هٿ ڳنڍي سگهن ٿا. عمران خان اٻهرو آهي، هو پنهنجي اهڙي بي صبريءَ جو ذڪر ذاتي ڪچهرين ۾ به ڪندو رهيو آهي. ڳالهه اها آهي ته، گُذريل چونڊن ۾ جيڪڏهن هو ٻئي نمبر تي رهيو آهي، ته ايندڙ چونڊن جو انتظار ڇو نٿو ڪري، ”چند ووٽن“ جو ته فرق آهي، خيبر پختونخوا ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري اها ڪسر پوري ڪري سگهي ٿو، ڀارت ۾ مودي ۽ سندس پارٽي بي جي پي به اهڙي حڪمت عملي جوڙي هئي، گجرات ۾ مودي پاران ڏيکاريل ڪارڪردگي ۽ گڊ گورننس کي عام چونڊن ۾ ڪيش ڪيو ويو. عام ڳالهه اها آهي ته پنجاب ۾ عمران ٿورڙو پوئتي رهجي ويو آهي، هُو 2018ع جو انتظار ڇو نٿو ڪري. سياسي طور گرم موسم ۾ مشرف جو بيان به وڏي اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ هن تجويز ڏني آهي ته، فوج جي حمايت سان چند سالن لاءِ عبوري حڪومت ٺاهي وڃي، جيڪا سڀ ڪجهه درست ڪري وٺندي، حڪومت تي ٽي طرفا دٻاءُ آهن، اها انهن مان ڪيئن نڪري؟ کيس قادري ۽ عمران خان کي مُنهن ڏيڻو آهي، ساڳئي وقت وفاقي ادارن کي خوش ڪري پنهنجي پوزيشن مضبوط به ڪرڻي آهي، لڳي ٿو ته قادري ۽ عمران خان ڪا نرمي ڪرڻ وارا ناهن، هُو ”ساهي پٽي ٻيهر روئڻ“ شروع ڪندا، ها اهو ٿي سگهي ٿو ته، حڪومت جيڪڏهن آصف زرداريءَ جو پتو صحيح طرح سان کيڏي، ته في الحال انهن ٻن انقلابين مان مهلت ملي ويندي، مطلب ته ضمانت ٿي سگهي ٿي، زرداري، خورشيد شاهه جي ذريعي هڪ قدم اڳتي وڌايو آهي ۽ سڀني کي باور ڪرايو آهي ته، ”هو ڪم جو ماڻهو آهي“ هو قادري جي سلسلي ۾ به قدم وڌائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو قادري جي ”خندق جا ساٿي“ چوڌري برادران گذريل دور ۾ سندس اتحادي ۽ حڪمت عملي جو حصو رهيا آهن، وڌيڪ اهو ته اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ جو مشرف جي باري ۾ بيان به اهڙو رستو کولي چڪو آهي، سوال اهو آهي ته، پيپلز پارٽي هن پرائي قصي ۾ هروڀرو ڇو پوي؟ بروڪر ڇو بڻجي؟ اهو پيپلز پارٽي توڙي نواز ليگ لاءِ به سوال آهي، ٽيون ۽ اصلي دٻاءُ اسٽيبلشمينٽ جو آهي، ڇا اسٽيبلشميٽ نواز شريف کي اهو سمجهائي وٺندي ته، هو ڪم سان ڪم رکي ۽ پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري، نه ته ٻي صورتحال لاءِ تيار رهي؟ هتي به ٻه سوال آهن، ڇا نواز حڪومت کي 99ع وانگر تختو اونڌو ڪري يا 93ع واريون ڌمڪيون ڏئي هٽائي سگهجي ٿو؟ ٻنهي طريقن جا پنهنجا پنهنجا نقصان آهن، جيڪي ڪنهن به طرح ڪي مثبت ناهن، ڪنهن ٽئين رستي جي ڳولا آهي، ڇا فوج سڌيءَ طرح حڪومت جون واڳون اچي سنڀالي؟ پر وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ هلندڙ فوجي ڪارروائيءَ جي پيشِ نظر اهو ممڪن ناهي، هڪ ته فوج جي سڌيءَ طرح اقتدار سنڀالڻ سان ان جو ڌيان انهن ڪاررواين تان هٽي ويندو، ٻيو اهو ته خود انهن فوجي ڪاررواين کي سياسي حمايت جي اشد ضرورت آهي، يا اهو ته مڊٽرم چونڊون ٿي سگهن ٿيون؟ پر پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ مخدوم امين فهيم چوي ٿو ته، مڊٽرم چونڊون نه پيون ٿين. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته، مڊٽرم جو آپشن صرف ان شرط تي ٽري سگهي ٿو، جڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي پتي رکڻ بنا ان پس منظر ۾ پنهنجو رول ادا ڪري، ڇا نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کي اهو ڏيڻ ۽ پيپلز پارٽي اهو رول ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home