Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

ڌرڻن مان عمران خان ڇا ماڻيو، ڇا وڃايو؟ 05 سيپٽمبر 2014

سهيل سانگي
ڌرڻن مان عمران خان ڇا ماڻيو، ڇا وڃايو؟
جمع 05 سيپٽمبر 2014ع
گذريل ٻن هفتن کان جاري پرتشدد واقعا، آئين ۽ قانون کان مٿڀرا مطالبا، ڌرڻا هاڻي سياسي دائري ڏي موٽي رهيا آهن. تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ موٽي آئي آهي ۽ مخالف توڙي حڪومتي ڌر جي ميمبرن تي مشتمل سياسي جرڳي سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. ٻين لفظن ۾ ته هاڻي سياسي بحران پارليامينٽ جي حوالي آهي، جيڪو چونڊيل ايوان هجڻ جي ناتي مجاز ادارو آهي. هن کان اڳ سياسي ماحول ۾ رڳو احتجاج ڪندڙ ڌرين جون تقريرون، سرگرميون ۽ مطالبا ڇانيل هئا. ايڪڙ ٻيڪڙ حڪومتي موقف يا سرگرمي ٿي رهي هئي ۽ ساڳي صورتحال مخالف ڌر جي هئي، جڏهن ته جمهوري ادارن يعني پارليامينٽ يا اسيمبلي جو ڪو ذڪر فڪر ۽ رول ئي سامهون نه پئي آيو. ڪجهه حد تائين قومي اسيمبلي جي تازي اجلاس ۽ ان بعد پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سبب صورتحال ۾ بهتري آئي. تحريڪ انصاف کي پڪ هئي ته پارليامينٽ ۾ موٽ تي اتي کين ڪو گلن جا هار نه پارايا ويندا، ۽ نه ئي وري ڪو هن جي ڳالهين کي مڃتا ملندي، بلڪه مٿن تنقيد ئي ٿيندي، جنهن جو اظهار گذريل هفتي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٿي چڪو هو. پر ان جي باوجود ان اهو ضروري سمجهيو ته پارليامينٽ ڏانهن موٽ کائجي، اتان ئي ڪو رستو نڪري سگهي ٿو. ائين ان جو پارليامينٽ ۾ اچڻ ڀلي ڳالهه آهي. ان ڳالهه کي پاسيرو رکي ته سڄو ڊرامو يا بحران اسڪرپٽ تي ٻڌل آهي، پر ان جي مطالبن ۾ جان ضرور آهي. اهو فرق ضرور آهي ته ان لاءِ وقت ۽ طريقو غلط چونڊيو ويو. ان جي مٿان وري اسڪرپٽ جو به الزام لڳي ويو. جيڪڏهن معاملي کي نبيرڻ ۽ مستقبل جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف حڪومت کي سٺي اوپننگ ڏني آهي، جنهن کي حڪومت توڙي ٻين سياسي ڌرين وٽان سٺي موٽ ملڻ ۽ ان کي سنجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي. مثبت ڳالهه اها به ٿي آهي ته تحريڪ انصاف علامه قادري کان پري ٿي بيٺي آهي، جنهن جو اظهار شاهه محمود قريشي جي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير ۾ ملي ٿو. ڪالهه تائين اها پاڪستان عوامي تحريڪ سان گڏ بيٺي هئي ۽ اهي ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جون مددگار ۽ حامي بڻيل هيون. پر هاڻي اها ٻين سياسي پارٽين يا پارلياماني پارٽين سان گڏ بيٺي آهي. هن موقف بعد ٻئي ڪنٽينر الڳ الڳ بيٺا آهن. شروع کان ئي اها ڳالهه سمجهي پئي وئي ته جيڪڏهن ڪو هڪ ڪنٽينر راضي ٿي وڃي ٿو ته ٻئي ڪنٽينر کي راضي ڪرڻ يا وري هينڊل ڪرڻ سولو ٿي پوندو. حڪومت لڳاتار ان ڪوشش ۾ رهي. پر نواز ليگ لاءِ عمران خان جي ڀيٽ ۾ علامه قادري ڏکيو هو، ڇاڪاڻ جو وٽس ڳچ منظم ڪيڊر به هو، جنهن ۾ وڌيڪ وقت تائين جدوجهد جاري رکڻ جو حوصلو، جذبو ۽ ڪمينٽمينٽ به هئي. اها ڳالهه سياست کان وڌيڪ مذهبي هئي. ٻين سياسي پارٽين لاءِ عمران خان اهم هو، ڇاڪاڻ جو ان جي هڪ صوبي ۾ حڪومت هئي. سندس ووٽ بئنڪ مڃيل صورت ۾ سامهون اچي چڪو هو ۽ وٽس پارلياماني پارٽي موجود هئي.عمران خان جي انڪار کان پوءِ ڳالهين لاءِ راضي ٿيڻ ۾ ڪجهه شين وڏو ڪم ڪيو. هڪ اهو ته هو پنهنجي دعوا مطابق ”لکين“ ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيو، ان بعد ٻه آپشن پئي بيٺا. هڪ اهو ته احتجاج کي پرتشدد بڻائجي. ٻيو اهو ته معاملي کي ڊيگهه ڏجي، ايستائين جو ايمپائر جي آڱر کڄي، يا وري اهو ته ملڪ ۾ موجوده حڪومت مخالف ڌر به رستن تي نڪري اچن. هو پنهنجي اها ڪمزوري لڪائڻ لاءِ سُرتال کي گهڻو مٿي کڻي ويو ۽ موقف ۾ سختي به ان لاءِ آندي ته جيئن پنهنجي سوديبازي جي پوزيشن کي مضبوط ڪري سگهي. بحران کي نبيرڻ لاءِ دفاعي اداري ۽ سپريم ڪورٽ جون آڇون به ناڪافي ثابت ٿيون. مٿان وري چيني صدر جي دوري جو پروگرام به اچي ويو. چيني صدر سرڪاري ذريعن موجب 34 ملين ڊالر جا ٺاهه ڪرڻ لاءِ اچي رهيو هو، جنهن ۾ ڪجهه دفاعي معاهدا به شامل آهن. خطرو اهو ڏيکاريو پئي ويو ته اهڙي سياسي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ اهو دورو ملتوي ٿي ويندو. ان ڪري وس واريون ڌريون سرگرم ٿي ويون. ڌرڻي ۾ گهڻي ڊيگهه، ڪارڪنن جو ٿڪجڻ، عام ماڻهن جي بيزاري، موسم جي بي رحمي به عمران خان کي ان طرف ڌڪيو ته هو ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وڃي. مٿان وري پارليامينٽ جو گڏيل طور غير لچڪدار موقف هو. اهو ته سڀ ڪجهه ٿي ويو. سوال اهو هو ته عمران خان ۽ علامه قادري کي به ته ڪجهه ڏيڻو آهي، جنهن کي عرفِ عام ۾ فيس سيونگ چيو وڃي ٿو. ڏٺو وڃي ته علامه قادري جا مطالبا حڪومت هڪ لحاظ کان مڃي چڪي آهي. نواز شريف، شهباز شريف ۽ ڪجهه وزيرن خلاف ماڊل ٽائون واقعي جو ڪيس داخل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ان ۾ دهشتگردي ٽوڙ قانون جون شقون به شامل ٿي چڪيون آهن. واقعي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جڊيشنل ڪميشن جنهن تي جتوڻيڪ علامه قادري عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي پر اها پنهنجي تحقيقات مڪمل ڪري رپورٽ حڪومت جي حوالي ڪري چڪي آهي. ان رپورٽ جا ڪجهه تفصيلا جيئن ميڊيا ۾ آيا آهن. واقعي جيڪڏهن اصل رپورٽ ۾ ائين آهي ته ان رپورٽ جي ظاهر ٿيڻ بعد شهباز شريف جو حڪومت ۾ رهڻ مشڪل ٿي پوندو. ائين عملي طرح سان علامه جا مطالبا پورا ٿي وڃن ٿا. علامه جي مطالبن کي اوليت جي بنياد تي مڃڻ حڪومت ضروري پئي سمجهيو، ڇاڪاڻ جو کيس ان مان وڌيڪ ڊپ محسوس ٿي رهيو هو، جو هو نواز ليگ جي بيناد يعني پنجاب ۽ لاهور ۾ مسئلو پيدا ڪري ٿي سگهيو. عمران خان جا ڇهه مطالبا هئا جنهن ۾ ڏکيو مطالبو وزيراعظم نواز شريف جي استعيفا هو. ان ڪري حڪومت طرفان ڪڏهن پنج ته ڪڏهن ساڍا پنج مطالبا مڃڻ واري ڳالهه ڪئي پئي وئي. ساڍا پنج ان ڪري جو وزير اعظم جي استعيفا کي جڊيشنل ڪميشن جي رپورٽ سان مشروط بنايو پئي ويو. يعني اهو ته جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن چونڊن ۾ ڌانڌلين کي ثابت ڪري ٿي ته وزير اعظم استعيفا ڏي. عمران خان لڳي ٿو ته بضد آهي ته ان ۾ استعيفا جو لفظ هجي. حڪومت جي موقف بابت اهو چيو پيو وڃي ته لفظ ”استعيفا“ شامل ئي نه هجي. عمران خان ڇاڪاڻ جو پنهنجي پارٽي کي هڪ ئي پرڪشش نعري تي کڻي آيو هو. اهو هو استعيفا. هاڻي جيڪڏهن ان کان هٽي ٿو ته هو اهو سمجهي ڄڻ هو خالي هٿين واپس وڃي رهيو آهي. عملي طرح ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن چونڊن کي ڌانڌلي واريون قرار ڏي ٿي ته حڪومت ختم ٿي وڃي ٿي. ان لاءِ استعيفا جو لفظ ڀلي ٺاهه ۾ نه وڌو وڃي. هن بحران کي نبيرڻ ۽ ٺاهه ۾ وڃڻ لاءِ سياسي ڌريون نه رڳو سرگرم آهن، بلڪه اهي پارليامينٽ يا پارليامينٽ ۾ موجود پارٽين کي ضامن طور به ڏيڻ لاءِ تيار آهن. ائين حڪومت توڙي عمران خان ٻنهي جي سياسي ضمانت ٿي وڃي ٿي. ڳالهيون هلندڙ آهن، بظاهر لڳي ٿو ته ڊيڊ لاڪ ٽٽي چڪو آهي، پر اڃا ڪنهن ٺاهه تي وڃڻ لاءِ طور طريقن ۽ Modalities تي به اختلاف سامهون ايندا ۽ ننڍا وڏا ڊيڊلاڪ به ٿيندا. جيستائين عمران خان کي ڪجهه هڙ حاصل ٿيڻ جو تعلق آهي ته حڪومت جيڪڏهن استعيفا نه به ڏي، پر پوءِ ان جو غرور ٽٽي چڪو آهي. چيڪ اينڊ بيلنس اچي ويو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته چونڊن جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ اڻ ٽر ٿي ويو آهي. جيڪڏهن اهي سڌارا اچي وڃن ٿا ته اها وڏي ڪاميابي هوندي. عمران خان کي ٻي کڻي ناڪامي ملي، پر اها وڏي ڪاميابي آهي، جنهن جو ڪريڊٽ کيس ضرور ملڻ گهرجي. اصل ڳالهه ماضي جو ليڪو ڪُٽڻ جي نه، پر مستقبل تي نظر رکڻ جي آهي. 2013ع جون چونڊون ريٽڻ بدران مستقبل واريون چونڊون حقيقي معنائن ۾ درست ڪرايون وڃن ٿيون ته ان سان عوام جو وڏو ڀلو ٿيندو. عمران خان ۽ ملڪ جي سمورين پارٽين کي گهرجي ته اهي انهن سڌارن کي يقيني بنائين.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home