Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

آزادي مارچ جي پويان ”گهڻو ڪجهه“ آهي! 06 آگسٽ 2014ع

آزادي مارچ جي پويان ”گهڻو ڪجهه“ آهي!
سهيل سانگي
اربع 06 آگسٽ 2014ع
ايندڙ چند هفتن ۾ ملڪ وڏي سياسي چرپر مان لنگهڻ وارو آهي. وفاقي حڪومت ۾ پچندڙ کچڻي جي خوشبوءِ ۽ سيڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ محسوس ٿي رهيو آهي. تحريڪ انصاف ”آزادي مارچ“ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. عمران خان مُڙڻ لاءِ تيار ناهي، هو هر حال ۾ حڪومت ۽ رياستي ادارن کي امتحان ۾ وجهڻ چاهي ٿو. 

عمران سياسي جنگ ۾ نواز حڪومت کي گهڻو دٻاءَ هيٺ آڻي ڇڏيو آهي پر في الحال لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ هن معاملي کي عمران خان ۽ نواز شريف جي وچ جو مسئلو قرار ڏيئي نواز حڪومت جي پاسي بيهندي نه پئي نظر اچي. عمران خان ڳالهه چئن تڪن ۾ آڱوٺن جي تصديق ۽ ٻيهر ڳڻپ کان شروعات ڪئي، جيڪا اڳتي وڌي گذريل سال وارين سمورين چونڊن جي ٻيهر ڳڻپ کان ٿيندي، مڊ ٽرم چونڊن تائين پهتي. عمران خان جي هن تحريڪ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا هو چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين جي جاچ، ڌانڌلي وارن تڪن ۾ ٻيهر چونڊ چاهي ٿو يا وچ مدي واري چونڊ چاهي ٿو؟ يا ماڳهين اهو اهي سڌارا چاهي ٿو، جنهن جو ماڻهن کي گهڻو آسرو ڏنو پيو وڃي؟ ان باري ۾ هو پاڻ ڪليئر ناهي، ڇاڪاڻ جو سندس مطالبي ۾ هاڻي نواز شريف حڪومت جي خاتمي واري ڳالهه به شدت سان اچي وئي آهي. اهو مڃڻو پوندو ته عمران خان ملڪ اندر سياسي بحران پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان بحران پيدا ڪرڻ لاءِ نواز ليگ سمورا وجهه کيس فراهم ڪيا، جو نواز ليگ نه ماڻهن کي ڪجهه ڏيئي سگهي ۽ نه ئي گورننس ٺيڪ ڪري سگهي. عمران خان اسلام آباد ۾ وڏو جلسو ڪري وٺي، ان تي نه ڪنهن کي اعتراض هو ۽ نه ئي ڪو شڪ. 
اصل ڳالهه اها آهي ته جنهن ڳالهه کي کڻي هو اهو طاقت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي سا سڄي نظام ۽ جمهوري عمل تي هاڃيڪار اثر ڇڏڻ واري آهي. ان ڪري سياسي حلقن ۾ ان تي ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي. ائين ٿو لڳي ته عمران خان 90ع واري ڏهاڪي ڏانهن وڃي رهيو آهي، جڏهن اپوزيشن حڪمران جماعت خلاف مهم هلائيندي هئي ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اچي حڪومت جو خاتمو ڪندي هئي. اقتدار احتجاج ڪندڙ پارٽي کي ملندو هو. ڇا نواز شريف جي حڪومت کي ٽيون ڀيرو به پنهنجي آئيني مدت پوري ڪرڻ کان اڳ ختم ڪيو ويندو؟ صورتحال اهڙي غير يقيني بڻجي رهي آهي جو حڪومت کان ٻاهر ويٺل سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي وجود جو احساس ڏيارڻ پيون گهرن ۽ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ ٿيون چاهين. گذريل هفتي تائين معاملو رڳو عمران خان ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ هو ته علامه طاهر القادري به ميدان ۾ ٽپي پيو. عمران خان ۽ علامه قادري جيڪي هڪ ٻئي جي سرگرمين جا مددگار رهيا آهن پر هن ڀيري علامه کي لفٽ گهٽ ڪرائڻ سبب هن عمران جي ڌرڻي کان چار ڏينهن اڳ شهيدن جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. ائين علامه، عمران کان گوءِ کڻي ويو. هونئن به تحريڪ انصاف ٻي ڪنهن پارٽي کي پاڻ سان کڻڻ لاءِ تيار ناهي. سمورو ”ثواب“ پاڻ کڻڻ گهري ٿي. ائين عمران خان جيڪو سڄي ملڪ جي سياسي حلقن ۽ ميڊيا جو مرڪز بڻيل هو، تنهن ۾ هاڻي علامه به پنهنجو حصو پتي ڪڍڻ وارو آهي. ايم ڪيو ايم ته گهڻو اڳتي وڌي ڳالهه ڪئي. ان صلاح ڏني آهي ته نواز شريف استعيفا ڏئي. ايم ڪيو ايم تاش جو اهو پتو آهي، جيڪو پيپلز پارٽي هجي يا نواز شريف يا وري مشرف سڀني سان فِٽ آهي. پيپلز پارٽي جيڪا هن کان اڳ جمهوري نظام بچائڻ خاطر نواز شريف جو ساٿ ڏيئي رهي هئي ان به تبديل ٿيل صورتحال ۾ پنهنجو موقف مٽايو ۽ خورشيد شاهه اعلان ڪيو ته هاڻي سندس پارٽي فرينڊلي اپوزيشن جي بدران حقيقي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي. پيپلز پارٽي وٽ في الحال اجاگر ڪرڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 245 تحت فوج گهرائڻ ۽ ان کي اختيار ڏيڻ وارو معاملو آهي. پر هي ڪمزور پچ وارو مطالبو آهي، جنهن تي اها پارٽي گهڻي دير بيهي ڪونه سگهندي. بهرحال پيپلز پارٽي کي اهڙو موقف وٺڻ ان ڪري به ضروري هو جو ميدان ۾ حڪومت کان پوءِ عمران خان ئي ماڻهن جي زبان تي اچي رهيو هو. پيپلز پارٽي جيڪا ملڪ جي وڏي پارٽي سمجهي پئي ويئي سا ٻئي نمبر کان ڌڪجي ٽئين نمبر تي پئي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه هڪ ئي ساهه ۾ ٻه ڳالهيون چيون ته احتجاج ڪرڻ عمران خان جو حق آهي پر سسٽم ڊي ريل نه ٿيڻ گهرجي. اها ڏاڍي عجيب منطق هئي، ڇاڪاڻ جو عمران خان جي تحريڪ جو منطقي نتيجو حڪومت جي خاتمي تي ٿيڻو آهي. نيون چونڊيون ٿين ٿيون يا نه، چونڊ سڌارا ٿين ٿا يا نه اهو نتيجو پوءِ جو قصو آهي. ان وچ ۾ پيپلز پارٽي ٻه ٻيون اٽڪلون ڪيون، هڪ اها ته صوبائي حڪومت جي سطح تي بجلي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو، ٻيو اهو ته هڪ دفعو وري عوامي نيشنل پارٽي کي پاڻ سان ملائي نظام بچائڻ جو موقف اختيار ڪيو ويو. هلندڙ صورتحال ۾ سنڌ رڳو ٻن موقعن تي پنهنجو اظهار ڪري سگهي آهي، ورنه هن سڄي قصي جي حوالي ۾ ئي نه رهي آهي. پهريون موقعو اتر وزيرستان جي بي گهر ٿيلن جي سنڌ اچڻ خلاف احتجاج هو. هفتي کن جي مظاهرن بعد اهو به ختم ٿي ويو ۽ قوم پرست ڌريون ٿڪجي پيون. ٻيو موقعو پيپلز پارٽي جو بجلي جي کوٽ خلاف احتجاج هو. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف کي هٽايو ويندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا ان خلاف ڪو احتجاج، تحريڪ يا هُل هنگامو ٿيندو؟ اسٽيبلشمينٽ وٽ حساب ۾ اها ڳالهه آهي ته سنهو ٿلهو احتجاج پارٽي جي ڪن وفادار ڪارڪنن طرفان ضرور سامهون ايندو. پر اهو ڪنهن تحريڪ جي شڪل اختيار نه ڪري سگهندو. احتجاج نه ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي ته نواز شريف کي هٽائڻ جي آجيان ڪرڻ لاءِ ماڻهو آتا آهن يا وري اهو ته جمهوري ڌريون ان کي ڪو نقصان نٿيون سمجهن. دراصل اهو جمهوري عمل لاءِ وڏو نقصان ٿيندو پر سياسي ڌريون ان تي تحريڪ ان ڪري نه هلائينديون جو نه نواز ليگ احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار آهي، نه وري نواز شريف جمهوري ڌرين سان ناتا رکيا آهن. مڊ ٽرم چونڊن جو مطالبو ته ڪيو پيو وڃي پر اهي ٿينديون ڪيئن؟ آئين جي موجوده شڪل ۾ اهي چونڊون رڳو ٻن صورتن ۾ ٿي سگهن ٿيون، پهريون اهو ته وزيراعظم صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو مشورو ڏي. ٻيو اهو ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري تحريڪ اسيمبلي منظور ڪري ۽ اسيمبلي ۾ نئون وزيراعظم نه چونڊجي سگهي. هڪ ٽئين صورت به ٿي سگهي ٿي ته اسيمبلي جا اڌ جيترا ميمبر استعيفائون ڏين، ليڪن عمران خان وٽ رڳو 34 ميمبر آهن، جن جون استعيفائون وٺي هو کيسي ۾ وجهڻ وارو آهي. اهو انگ به نئين چونڊن جي شرط کي پورو نٿو ڪري. ان ڪري استعيفا جي ڌمڪي سياسي اٽڪل بازي ته ٿي سگهي ٿي پر ڪا مضبوط ۽ اثرائتي حڪمت عملي نه. جيڪڏهن اهي 34 ميمبر استعيفا ڏين ٿا ته اليڪشن ڪميشن انهن جي تڪن ۾ ڇوٽي چونڊ ڪرائڻ لاءِ تيار ويٺي آهي، جنهن جو هو اظهار به ڪري چڪي آهي. نواز شريف کي هٽائڻ بعد آپشن ڇا آهن؟ ۽ انهن آپشنز ۾ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟ فوج، عمران خان، قادري يا چوڌري برادران، انهن مان ڪنهن وٽ ڪو ٺوس سياسي، معاشي يا سماجي پروگرام ناهي. انقلاب جون ڳالهيون ڪرڻ وارن وٽ ڪا به واضح شڪل ۾ حڪمت عملي نه آهي ۽ نه وري هو عوام کي ان لاءِ ڪجهه ٻڌائڻ چاهين ٿا. اهو انقلاب ڇا هوندو؟ ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻ جو ميڪنيزم ڇا هوندي اهڙي ڪا شيءِ ٻڌائڻ جي بدران سڄي ڳالهه کي انقلاب جي چادر ۾ ويڙهي نعري طور پيش ڪيو پيو وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گورننس خراب آهي. فيصلي سازي ۾ پارليامينٽ ۽ ٻيون سياسي پارٽيون شامل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه خود حڪمران جماعت به ان ۾ شامل نظر ڪونه ٿي اچي. اهو به صحيح آهي ته ملڪ ۾ چونڊ سڌارا ٿيڻ گهرجن. پر اهو سڀ ڪجهه ڪهڙي قيمت تي؟ ۽ انهن لاءِ ايڏي تڪڙ ڇو پئي ڪئي وڃي؟ نواز ليگ ۽ ان جا هم خيال ان جو مقابلو ڪيئن ڪندا. ڇا اهو ممڪن آهي ته وزيراعظم قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ چونڊ سڌارن جي پلان جو اعلان ڪري؟ ممڪن آهي ته اهڙي اعلان ۾ ڪجهه دير ٿي ويئي آهي، پر اهو صحيح رُخ ڏي قدم هوندو. جمهوري عمل ۽ تسلسل ضروري آهي. تسلسل لاءِ صبر ۽ تحمل به ضروري آهي. ساڃهه وندن جي انهيءَ شڪ ۾ وڏو وزن آهي ته جيئن سونامي کان آزادي مارچ يا انقلاب تائين جو نعرو هنيو پيو وڃي، يا تاثر ڏنو پيو وڃي، سڀ ڪجهه ائين ناهي. ان جي پويان ٻيو ڪجهه آهي ۽ اهو ٻيو ڪجهه گهڻو ڪجهه آهي، جيڪو جمهوري ۽ سياسي عمل لاءِ ڪنهن به طور تي فائديمند ناهي.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home