Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

زرداري جي پنجاب ۽ بلاول جي سنڌ ۾ سرگرمي! 09 آڪٽوبر 2014

زرداري جي پنجاب ۽ بلاول جي سنڌ ۾ سرگرمي!
خميس 09 آڪٽوبر 2014ع
 سهيل سانگي,
آصف علي زرداري پنجاب جو دورو ڪري رهيو آهي، جتي هن ضلعي عهديدارن سان گڏجاڻيون ڪرڻ سان گڏوگڏ جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ چوڌري برادران سان به ملاقاتون ڪيون آهن. سندس اهو دورو تنظيمي به لڳي ٿو ته وري لابنگ وارو به. يعني پنجاب آصف زرداري سنڀالي رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ وري بلاول ڀٽو زرداري هاءِ پِچ تي کڻي ويو آهي. پنهنجون صفون ٺيڪ ڪرڻ ۽ موسمي پکين کي ڀڄڻ کان روڪڻ لاءِ هن اعلان ڪيو ته ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي هوندي ۽ وزير اعظم ڀٽو خاندان مان هوندو. هن عمران خان ۽ نواز شريف تي تنقيد ڪئي، پر سندس لهجو انڪل الطاف حسين لاءِ چئلينج وارو هو. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ايم ڪيو ايم ان جو تڪڙ ۾ نوٽيس ورتو ۽ ذري گهٽ احتجاج جي ڌمڪي ڏني، پر ٻه ڏينهن رکي، الطاف حسين ان چئلينج کي ”معاف“ ڪري ڇڏيو.   
ماضيءَ ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي هڪٻئي جي مخالفت ڪري، هڪٻئي جي مدد ڪنديون رهيون آهن ته جيئن ايم ڪيو ايم مهاجرن جي حمايت ۽ پيپلز پارٽي سنڌين جا ووٽ پڪا ڪري سگهي، پر هن ڀيري اها ڳالهه بنهه ظاهر ٿي پئي. پيپلز پارٽي 18 آڪٽوبر تي ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي جلسي ذريعي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ گهري ٿي. هن جلسي ذريعي هو اسٽيبلشمينٽ، پنجاب، سنڌ جي اقتداري ڀوتارن ۽ خود سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ئي ڌڪ ۾ پيغام ڏيڻ گهري ٿي ته پارٽي اڃا سگهه رکي ٿي، اها ڪنهن به طور تي Irrelevantنه ٿي آهي. پارٽي جلسو ته واقعي وڏو ڪري وٺندي، ممڪن آهي ته ڪنهن حد تائين گهربل پيغام به واسطيدار ڌرين تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب وڃي، پر اهو سڀ ڪجهه وقتي هوندو. اصل ڳالهه پيپلز پارٽي کي بطور هڪ منظم ۽ موثر سياسي جماعت ۽ قوت جي طور تي پنهنجو اظهار ڪرڻ جي ضرورت آهي، سا ڳالهه انهيءَ جلسي جي ذريعي نه ٿي سگهندي. اصل ۾ پارٽيءَ کي ٻيهر منظم ڪرڻ ۽ ان جي اندر سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه جيتوڻيڪ بلاول ڀٽو تقريبن پنهنجي هر تقرير ۾ چوندو رهيو آهي، پر محترمه جي پهرين ورسيءَ تي ڪيل تقرير کان وٺي، اڄ سوڌو ان ڏس ۾ ڪا به پيش رفت نه ٿي آهي. جيڪڏهن پارٽيءَ جي صفن کي ڏسجي ته اُن ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ اُهي ساڳيا پراڻا چهرا آهن، جيڪي 30_40 سالن کان هلندا اچن. اهي سڀ نه پاڻ جوان رهيا آهن ۽ نه ئي سندن جذبا. پارٽيءَ سان وابستگي جذبات سان گڏوگڏ مفادن واري به ٿي وئي آهي. 80ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي ۽ ان بعد 88ع ۾ محترمه سڄي سنڌ ۾ ريليون، جلسا ۽ جلوس ڪري، سڄي سنڌ کي متحرڪ ڪيو هو، ان کي به هاڻي ٽيهارو سال ٿي ويا. 80ع واري ڏهاڪي جو ٻار ۽ ان بعد جنم وٺندڙ اڄ جو نوجوان سرگرمي ۽ سياست ۾ اهم بڻجي ويو آهي. خود ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ محترمه به نوجوانن کي ئي متحرڪ ڪيو هو، پر اڄ جو نوجوان ڄڻ پارٽيءَ کان پري بيٺل آهي، ڇاڪاڻ جو پارٽيءَ ۾ بلاول کان پوءِ هيٺ پوءِ اها مرڪزي ڪميٽي هجي يا صوبائي ڪميٽي يا وري ضلعي عهديدار يا اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽيءَ جو ڪيڊر نوجوان موجود ناهي. پارٽيءَ جي شاگرد ونگ به پارٽيءَ جي ڊسپلين ۽ چئي ۾ ناهي، ان ۾ گهڻي ڀاڱي اهڙا ماڻهو آهن، جن جا يونيورسٽي جي حد تائين مفاد هوندا آهن ۽ اهي لوڪل جهيڙن ۽ معاملن ۾ ڦاٿل رهندا آهن. پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن وچ ۾ رابطو ناهي. پارٽيءَ جو سمورو ڍانچو اسيمبلي ميمبرن يا انهن جي خاندانن تي مشتمل لڳي ٿو. ايم اين اي، ايم پي ايز ضلعي يا ڊويزنل صدر آهن، جنهن جا ٻه نقصان ٿيا آهن. هڪ اهو ته اُهي اسيمبلي ميمبر خود ايوان جي ميمبري وارو فرض به پوريءَ طرح نه سنڀالي پيا سگهن، سي پارٽي ڪيڊر ۽ ووٽر کي ڪٿان وقت ڏئي سگهندا؟ ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي، جو نتيجي ۾ پارٽي ڪيڊر/عام ورڪر ۽ پارٽيءَ جي ادارن ۽ قيادت جي وچ ۾ گيپ پيدا ٿي ويو آهي. اهو گيپ هاڻي ڪميونيڪيشن گيپ جي حد تائين وڃي پهتو آهي. ڪڏهن ڪنهن ميٽنگ تائين ڪن ڪارڪنن جي رسائي ٿيندي آهي ته انهن جون دانهون سامهون اينديون آهن. اهڙي پارٽي اسٽرڪچر جو ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي، جو اسيمبلي ميمبرن تي پارٽي تنظيم/ڪيڊر جو چيڪ اينڊ بيلنس ختم ٿي ويو آهي. اسيمبلي ميمبرن جي مرضي آهي ته اُهي نوڪريون وڪڻن، ترقياتي ڪم ذاتي پسند نا پسند تي ڪرائين، کانئن ڪو به پُڇڻ وارو ناهي. هن صورتحال جو نتيجو اهو به نڪتو آهي، جو ڪجهه ضلعن ۾ اسيمبلي ميمبر پارٽي جا عهديدار به پنهنجي پسند جا مقرر ڪرايا آهن. ان کان علاوه ذاتي بنياد تي پنهنجا ”پٽيل“ تيار ڪيا آهن، جن جو عملي طرح سان مان مرتبو ۽ اثر رسوخ پارٽي کان به مٿڀرو آهي. تنظيمي طور تي پاڪستان ۾ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ٻه مضبوط پارٽيون سمجهيون وينديون آهن، ٻنهي جو پارلياماني ۽ پارٽي تنظيمي ڍانچو ڌار ڌار آهي، انهن وٽ اسيمبلي ميمبر پارٽي ڪيڊر يا تنظيم جي ماتحت آهن. ڪميونسٽ نظام ۾ به پارٽي ۽ حڪومتي عهدن تي ساڳين ماڻهن جي هجڻ ڪري، وڏي خرابي پيدا ٿي هئي. بلاول نوجوان آهي، سندس جذبا جوان، خواهشون يقينن نيڪ هونديون، سندس سامهون تنظيم جي اها صورتحال به يقينن هوندي. هو نوجوانن کي ڇا آڇي سگهي ٿو؟ پارٽيءَ جي صفن ۾ هنن لاءِ ڪيئن ۽ ڪهڙي جڳهه پيدا ڪري سگهي ٿو؟ بظاهر لڳي ٿو ته بلاول وٽ نئين ڪيڊر کي آڻڻ ۽ نوجوانن کي آڇڻ لاءِ ڪا گهڻي اسپيس موجود ناهي. بينظير ڀٽو سياست شروع ڪئي ته بيگم نصرت ڀٽو سندس رهنمائي ۽ نگراني ڪئي. فيصلا محترمه ڪندي هئي، ڄڻ انهن جي منظوري بيگم صاحبه ڏيندي هئي يا بيگم صاحبه ڪو فيصلو ڪندي هئي ته محترمه کي اعتماد ۾ وٺندي هئي. بينظير سياست ۾ اچڻ شرط پنهنجي ”انڪلز“ کي پري ڪيو ۽ نون ماڻهن، نون چهرن لاءِ جڳهه پيدا ڪئي، سندس اهو تجربو ڪامياب رهيو. بلاول ڀٽو جي صورتحال گهڻي مختلف آهي، هن جي چوڌاري انڪلز ئي انڪلز آهن، جيستائين هو پاڻ کي پارٽي ۾ Involve نه ٿو ڪري، جيستائين نون چهرن ۽ نون ماڻهن کي جڳهه نه ٿي ملي، تيستائين هو نئين نسل جي اُميد بڻجي، سو ڪجهه ڏکيو ٿو لڳي. بلاول کاٻي ڌر جي ماڻهن ۽ اهڙي سوچ رکندڙن کي به پارٽي ۾ اچڻ جو سڏ ڏنو آهي. کاٻي ڌر جا ماڻهو ۽ اها سوچ رکندڙ ضياءَ جي مارشل لا کان وٺي، اڄ سوڌو پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ ڏيندا اچن، پر پارٽي نه کاٻي ڌر جي سوچ کي ۽ نه ئي انهن ماڻهن لاءِ ڪا گنجائش ڪڍي آهي. اعتزاز احسن هجي يا رضا رباني يا تاج حيدر کي اوڏي مهل گهرايو ويندو آهي، جڏهن گاڏي گپ ۾ گچي پوندي آهي. سنڌ ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي کي پارٽي ۾ آندو ويو، ان جو فائدو نه پارٽي کي مليو ۽ نه ئي ڪامريڊ ساقي کي، بلڪه ڪي ماڻهو ته ان کي ماڳهين سياسي خودڪشي سڏي رهيا آهن. کاٻي ڌر جي ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو به ٿيندو آهي ته پارٽي اندر مختلف طبقن جي تنظيمن کي به مڃيو وڃي. مزدور فرنٽ ۽ هاري فرنٽ سالن کان خالي آهن، ائين شاگرد ونگ جو حال مٿي بيان ڪري آيا آهيون. ائين سياسي يا فڪري ۽ تنظيمي طور تي وجود رکندڙ عوام جو وسيع تر حصو پيپلز پارٽي جي دائري ۾ نه پيو بيهي يا ائين کڻي چئجي ته پارٽي انهن جي پهچ کان ٻاهر هلي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ پارٽي تر جي بااثر ماڻهو تي ڀاڙي رهي آهي. اهڙو ماڻهو جنهن وٽ 10-15 هزار ووٽ به آهن ۽ ڪجهه پئسا به. ائين برادري ۽ قبائلي سسٽم جنهن جو وجود 70ع ۽ 80ع جي سياسي تحريڪن ۾ خاتمو اچي ويو هو، پر ان کي ضياءَ ۽ مشرف ٻيهر جياريو. پيپلز پارٽي به ان کي پنهنجي لٺ وانگر استعمال ڪري رهي آهي. اهڙي طرح مختلف وقتن تي ننڍن وڏن پيرن، وڏيرن جي پريشر ۾ ايندي رهي آهي، جنهن کي تجزيه نگار اهو نالو ڏيئي رهيا آهن ته انهن هٿان پارٽي بليڪ ميل ٿي رهي آهي. اهو تجزيو اُن ڪري به صحيح لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي جو بنياد عوام هو. 88ع ۾ اها عوامي قوت ئي هئي، جنهن وڏا وڏا بُت ڪيرائي وڌا هئا. پارٽيءَ جي الڳ تنظيم رکڻ جي ڪري، جهونو سائين قائم علي شاهه وڏو وزير به آهي، وٽس ڊزن کن کاتا به آهن، هو پارٽي جو صوبائي صدر به آهي. نتيجي ۾ ٻوڏ جي صورتحال هجي يا امن امان جو معاملو يا وري 18 آڪٽوبر واري جلسي جا انتظام سڀ ڪجهه هن پوڙهي مڙس کي ڏسڻا پيا پون. ملڪ اندر رڳو عمر جي حوالي سان ئي نه پر، سياسي، معاشي ۽ سماجي طور تي نوان طبقا پيدا ٿيا آهن. مختلف طبقن جو پاڻ ۾ لاڳاپو ۽ رشتو به تبديل ٿيو آهي. سياسي حالتون ائين به تبديل ٿيون آهن ته ملڪ پنج ڇهه سال جو مختصر عرصو جمهوريت هيٺ گذاريو آهي. احتجاج ۽ سياست به تبديلي ٿي آهي. اهڙين حالتن ۾ پيپلز پارٽي بلڪه هڪ حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش رکندڙ ٻين پارٽين کي به پاڻ ۾ تبديلي آڻي پوندي. گيپ، خاميون ۽ اوڻايون دور ڪرڻيون پونديون. کين اها ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پارٽي اندر جاءِ پيدا ڪرڻ، پاليسيون ۽ حڪمت عمليءَ جي بهتري لاءِ مٿن ايندڙ وقت ۾ اڃا به وڌيڪ پريشر پوندو.

Labels: , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home