Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

پشاور سانحي کان پوءِ گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻ جي ضرورت! 20 ڊسمبر 2014ع

پشاور سانحي کان پوءِ گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻ جي ضرورت!
ڇنڇر 20 ڊسمبر 2014ع

سهيل سانگي

سڄي ملڪ ۾ پشاور سانحي جي مذمت، ڪاوڙ ۽ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. ڪي ماڻهو پنهنجن اهڙن جذبن جو اظهار ميڊيا، سوشل ميڊيا تي ڪري رهيا آهن، ڪي وري شهيد ٿيل معصومن جي ياد ۾ بتيون ٻاري، مظاهرن ۽ احتجاجن ذريعي ڪري رهيا آهن. ڀائنجي ٿو ته اها صورتحال اڃا چند ڏينهن وڌيڪ هلندي. حڪومت طرفان موت جي سزا تي عمل تي بندش ختم ڪرڻ ۽ آرمي چيف طرفان 6 ڊيٿ وارنٽن تي صحيح ڪرڻ شايد ماڻهن جي ڏک ۽ ڪاوڙ وارن جذبن تي ڪو پاڻي جو ڇنڊو وجهي سگهي. اهي ٻئي اپاءَ دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ رُڌل ماڻهن لاءِ پيغام آهن ته هاڻي عدالتن مان سزا کاڌل سندن ساٿي بچي نه سگهندا ۽ کين ڦاهي اچي ويندي. ان ڏس ۾ عسڪري ۽ حڪومتي سطح تي ”زيرو ٽالرنس“ هجي، ۽ ان سان گڏوگڏ قبائلي علائقن توڙي وڏن شهرن ۾ آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 

اهڙن سخت فيصلن مان لڳي ٿو ته حڪومت توڙي عسڪري ادارا ڪنهن کي به بخشڻ جي موڊ ۾ ناهن. اڱاري ڏينهن سانحو پيش اچڻ کان پوءِ عمران خان فوري طور ملڪ گير پنهنجي احتجاج جو سڏ واپس ورتو. وزير اعظم نواز شريف پشاور ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي ورتي، جنهن ۾ دهشتگردن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع پاليسي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سياسي پارٽين تي مشتمل ڪميٽي به ٺاهي وئي. 

آرمي چيف جنرل راحيل شريف افغانستان جو دورو ڪيو. تاثر اهو پيو ڏنو وڃي ته افغان حڪومت کي اتي موجود تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻن ۽ انهن طرفان پاڪستان ۾ ٿيندڙ وارداتن بابت آگاهي ڏني وڃي ۽ سهڪار لاءِ چيو وڃي. اهو به نظر آيو ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهن، انهن سمورن حڪومتي، عسڪري ۽ سياسي اپائن تي ملڪ ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي ۽ مبارڪون ڏنيون پيون وڃن ۽ سڀني جي سندن ڏاهپ تي واهه واهه ڪئي پئي وڃي. پشاور وارو سانحو واقعي اهڙو ئي هو، جنهن سڀني ڌرين کي لوڏي وڌو ۽ کين ڇڪي هڪ هنڌ تي بيهاري ڇڏيو، ان ڪري اهو ته ٿيڻ ئي گهربو هو. ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن اهو واقعو نه ٿئي ها ته پوءِ اسان سڀني مان ڪير ڪٿي بيٺو هجي ها؟ اها سوچڻ جي ڳالهه آهي. 

هر ڪو ڄاڻي ٿو ته واقعي کان اڳ به ملڪ ۾ سڀ خير ڪو نه هو. هي ڪو رات وچ ۾ يا اوچتو ئي اوچتو واقعو ڪو نه ٿيو آهي. سويلين توڙي فوجي ادارن ايتري قدر جو فوجي ادارن جي هيڊ ڪوارٽرن تي به حملا ٿي چڪا آهن، ڄڻ ڪو به محفوظ هنڌ نه بچيو هو. هي هڪ لڳاتار عمل هو، جيڪو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ آمريڪا جي جنگ وڙهڻ مهل اسان پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو هو. مذهبي انتهاپسندي ۽ جهاديت کي سرڪاري پاليسي بڻايو ويو. ضياءُالحق ته جهاز جي حادثي ۾ مري ويو، پر سندس اها پاليسي سويلين حڪومت اچڻ بعد به تبديل نه ٿي سگهي ۽ جاري رهي. 
هونئن ته ملڪ ٺهڻ کان فورن پوءِ ملڪ اندر اڻ سهپ، نفرت، حق نه ڏيڻ واري پاليسي ۽ سياسي نظام لاڳو ڪيو ويو هو، پر ان کي پچي راس ٿيڻ جو موقعو افغان جهاد ۾ مليو. مون کي مير غوث بخش بزنجي جا لفظ ياد ٿا اچن، جيڪي هن محمد خان جوڻيجي جي جنيوا ٺاهه جي حوالي سان گُهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ چيا هئا: ”اڄ اوهان روس کي ٽوڙڻ لاءِ آمريڪا سان ياري رکي، جاهل طالبان پيدا ڪري رهيا آهيو، پر ياد رکو، اهي طالبان سڀاڻي اوهان جا ٻچا کائيندا ۽ اوهان سواءِ تماشي جي ڪجهه به نه ڪري سگهندا.“ اڄ واقعي ائين ئي ٿي رهيو آهي. 
ان دور کان وٺي اسان وٺي اوڙي پاڙي سان جهيڙو ڄڻ پرڏيهي پاليسيءَ جو سنگ بنياد بڻائي ڇڏيو، ان جي آبياريءَ لاءِ ملڪ اندر به اهڙو ئي ماحول جوڙيو ويو. تعليمي نصاب ۽ نظام کان وٺي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي جوڙجڪ تائين سموريون شيون نفرت، اڻ سهپ، حق نه ڏيڻ، پنهنجن ئي شهرين کي پرائو سمجهڻ جي نقطه نگاهه کان ڪيون ويون. ائين ملڪ اندر هڪ اهڙو ماحول ۽ مائينڊ سيٽ جوڙيو ويو، جنهن ۾ جمهوريت، پارليامينٽ يا عوام جي بالادستيءَ جي ٻئي درجي واري حيثيت ٿي وئي. ملڪ سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي ويو، ايتري قدر جو ملڪ جو هر شهري، هر خانگي توڙي سرڪاري ادارو غير محفوظ بڻجي ويو. پوليس توڙي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ جوڙيل ادارا پنهنجو رول وڃائي ويٺا، انهن جي جاءِ تي خانگي سيڪيورٽي ايجنسيون اچي ويون. 
مون کي سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ريٽائرڊ جنرل جو بيان ياد اچي ٿو. هن چيو هو ته، ”ماڻهن جي حفاظت سندن ذاتي معاملو آهي، ماڻهو پنهنجي حفاظت پاڻ ڪن.“ حد ڪمال گورنر صاحب جو، اهو بيان ئي نه هو، بلڪه ان بيان تي خاموشي هئي، ڇاڪاڻ ته آئين ته چوي ٿو ته، ”هر شهريءَ جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي.“ واقعي مثبت ڳالهه آهي ته پشاور سانحي سڀني کي جاڳايو ۽ ڇڪي هڪ هنڌ تي بيهاريو. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ ڪيتري جذباتيت آهي، ڪيتري شعوري جاڳرتا ۽ ماضي جي غلطين جو احساس آهي؟ ۽ خود اهو ته متان ڪو حصو عوام ۾ موجود تاءُ به هجي. 

اصل ۾ هي سڄو معاملو گهڻو گهرو، گهڻ پاسائون ۽ ڊگهو آهي، فوري طور تي ورتل اپاءَ هنگامي حالتن ۾ ڏنل رليف جو ڪم ڪري سگهن ٿا. شايد انهن اپائن سان في الحال صورتحال ۾ بهتري به اچي وڃي، پر ڇا جيتري گهرائيءَ تائين خرابي پهتل آهي، ان جي حل ۽ سڌاري لاءِ ڪيترو گهڻو اڳتي ۽ گهرائيءَ ۾ وڃڻ جي ضرورت آهي؟ ملڪ جي سياسي نظام کان وٺي، تعليمي نظام تائين ماڻهن انهن جي حقن بابت رياست جي اپروچ، سوچ ۽ عمل ۾ تبديليءَ تائين گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اهڙيون سازگار حالتون ۽ زرخيز زمين موجود رهندي، جنهن ۾ انتهاپسندي، جهاديت ۽ دهشتگردي وري پلجي سگهي ٿي، پنهنجون پاڙون هڻي سگهي ٿي، ان کي ائين ڪرڻ ۾ شايد چند سال ئي لڳندا. مطلب حالتون ۽ سمورو ملڪي ماحول تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. 
سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت، اسان جون سياسي ڌريون ۽ عسڪري ادارا ان لاءِ تيار آهن؟ جيڪڏهن ها ته سيڪيورٽي پلان ۽ پاليسيون ڀلي پنهنجي جاءِ تي جوڙيون وڃن، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته بنيادي پاليسيون تبديل ڪيون وڃن. 
ٻي صورت ۾ ڪو هاءِ ڪورٽ جو جج ايندڙ وقت ۾ مذهبي حوالي سان حساس بڻايل ڪيس ٻُڌڻ کان اهو چئي لنوائيندو ته ”ناٽ بفور مي.“ پنهنجو ڪالم آئون هڪ دوست جي موڪليل ايس ايم ايس تي پورو ڪريان ٿو: ٽي وي سيٽ جي سامهون ويٺل هر ڪنهن شخص جي دل گُهري پئي ته سانحي جي ذميوارن کي هو پاڻ قتل ڪري، پر ڪو به اُٿڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

Labels: , , , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home