Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

طالبان سان ڳالهين جي ڳُجهارت 02 نومبر 2013ع

طالبان سان ڳالهين جي ڳُجهارت

سهيل سانگي

ڇنڇر 02 نومبر 2013ع
طالبان چون ٿا ته، امن ڳالهين لاءِ پاڪستان سرڪار سان ڪو رابطو نه ٿيو آهي پر وزير اعظم نواز شريف برطانوي پرڏيهي وزير کي ٻڌايو ته، طالبان سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. گهرو معاملن واري وزير جو چوڻ آهي ته، Structured ڳالهيون شروع ڪيون وينديون. هي ٽي الڳ موقف آهن. وزير اعظم چوي ٿو ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن. چوڌري نثار علي خان ڳالهيون شروع ڏي وڃن پيون بابت اطلاع پيو ڏي ۽ طالبان چون ٿا ته، ڪو رابطو ئي ڪونهي. آخر معاملو ڇا آهي؟ حڪومت ڳالهين لاءِ شروع کان آتي آهي. ان جو خيال آهي ته، ڳالهين سان امن قائم ڪري رتوڇاڻ بند ڪري سگهجي ٿي. هاڻي ته اهي به اڻ تصديق ٿيل خبرون ميڊيا تي رپورٽ ٿي رهيون آهن، بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراهه حڪيم الله محسود آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو آهي ۽ جي انهن خبرن ۾ صداقت آهي، ته پوءِ طالبان سان ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهنديون، جو طالبان اڳ ئي ڳالهين لاءِ ڊرون حملا بند ڪرائڻ جي شرط رکندا رهيا آهن
گذريل مهيني نواز شريف ڳالهين لاءِ مکيه پارٽين جي حمايت حاصل ڪري ورتي هئي، ته آرمي چيف به ان تي هاڪار ڪئي. سياسي جماعتن طرفان ڳالهين جي حمايت بعد طالبان گذريل مهيني ڪجهه اڳواٽ مڃڻ لاءِ شرط رکيا هئا. جنهن ۾ پاڪستان ۾ قيد پنهنجي ميمبرن جي آزادي، افغانستان جي سرحد ويجهو قبائلي علائقن مان جتي طالبان جا ٺڪاڻا آهن، فوجن جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو ويو هو. حڪومت انهن شرطن بابت ڇا ٿي سوچي، ان جو ڪهڙو موقف آهي؟ ان بابت ڪابه ڳالهه پڌري نه ڪئي ويئي آهي. اهو ضرور ٿيو آهي ته، حڪومت انهن شرطن باوجود ڳالهين لاءِ اوترو ئي زور ڀريندي رهي آهي، جنهن جو بظاهر مطلب اهو ئي سمجهيو پيو وڃي ته، ڪنهن حد تائين حڪومت انهن مطالبن تي ويچار ڪرڻ ۽ ڪا حمايت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته، طالبان طرفان ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ اهي شرط رکيا ويا آهن. يعني اهي شرط مڃڻ بعد ڳالهيون ٿينديون، نه ته نه. جيڪڏهن اهي ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ شرط آهي. ته پوءِ اهي ڪهڙا مطالبا آهن جيڪي ڳالهين جي ميز تي کنيا ويندا؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي.
ڳالهين لاءِ زور هميشه اها ڌر ڀريندي آهي، جيڪا سوڙهي ۾ هوندي آهي. نتيجي ۾ سامهين ڌر وٽ Upper hand هوندو آهي. هتي به اها ڳالهه سمجهي پئي وڃي ته، طالبان کي اپر هينڊ حاصل آهي، جيڪڏهن طالبان کي به اپر هينڊ حاصل آهي ۽ ڪو ٽياڪڙي ڪرڻ وارو به ڪونهي، ته پوءِ اهو قصو ڪيئن هلندو؟ گهڻو امڪان انهيءَ جو آهي، ته اپر هينڊ وارن جا ئي مطالبا مڃيا وڃن. هي اهي مطالبا آهن، جيڪي اڃا تائين ظاهر نه ٿي سگهيا آهن.
سال کن اڳ آمريڪا به طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. تڏهن طالبان نار واري هڪ ملڪ ۾ پنهنجي آفيس به کولي هئي. ان وقت ”سُٺا طالبان“ ۽ ”خراب طالبان“ جا اصطلاح پڻ سامهون آيا. آمريڪا جي ڳالهين ڪرڻ جو مطلب ان ۾ عالمي قوتن جو شامل ٿيڻ آهي. يعني سعودي عرب، نار واريون رياستون ۽ يورپ جو ڪو ملڪ به سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح سان ستايل هوندو. اهو تحرڪ به ڪو نتيجو نه ڏيئي سگهيو. پردي جي پويان ڪي ڳالهيون ڪي رابطا ٿيا سي ٿيا پر نه ڪو فيصلو سامهون آيو ۽ نه ئي ڪا ٻي شئي. سمجهيو اهو پيو وڃي ته، اهي ڳالهيون يا ته ناڪام ويون يا وري آمريڪا ان مان اڌ ۾ ئي هٿ ڪڍي ويو. ان خيال سان ته ڳالهين جو ڪو نتيجو نه نڪري سگهندو. سوال اهو آهي ته، جيڪڏهن آمريڪا طالبان سان ڳالهين کي بي معنيٰ سمجهيو، ته پاڪستان حڪومت ڳالهيون ڪري ڪهڙو هڙ حاصل ڪندي؟.
پاڪستان ۾ حڪمت عملي جوڙيندڙن جو هڪ حصو، افغان جنگ کان وٺي شدت پسند ڪارروايون ڪندڙن کي حڪمت عمليءَ وارو اثاثو سمجهندو رهيو آهي. هي اها پاليسي آهي، جيڪا ضياءَ الحق ۽ جنرل حميد گل واري پاليسي آهي، جيڪا افغان جنگ کان وٺي ايندڙ وڏي وقت تائين جاري رهي، تان جو جنرل مشرف آيو ۽ نائين اليون وارو واقعو ٿيو، جنهن بعد پاڪستان ان پاليسيءَ کان ڪجهه هٽڻ شروع ڪيو پر ساڳئي وقت انهن شدت پسندن ۽ پاليسيءَ کي مشرف آمريڪا وٽ ڪيش به ڪرائيندو رهيو. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت به ان هٽيل پاليسي تي عمل ڪندي رهي. نتيجو اهو نڪتو جو طالبان توڙي ٻيا شدت پسند پيپلز پارٽيءَ جي به خلاف ٿي ويا. گذريل چونڊن جي نتيجي ۾ نواز ليگ حڪومت ۾ آئي، جيڪا شدت پسندن کي حڪمت عمليءَ جو اثاثو سمجهڻ واري خيال کي ويجهي هئي. سمجهيو اهو پيو وڃي ته طالبان ۽ نواز شريف حڪومت هڪ ٻئي کي سولو سمجهن ٿا.
هن وقت جڏهن آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ گهري ٿو، ته هو علائقي ۾ پويان اهڙو سيٽ اپ ۽ حالتون ڇڏڻ گهري ٿو، جنهن سان انتهاپسندي ۽ شدت پسنديءَ جو خطرو نه هجي. ان جو پاڪستان تي وڌ ۾ وڌ اهو دٻاءُ آهي، ته اهو دهشتگرديءَ خلاف سخت ڪارروائي ڪري. ان سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي، ته نان اسٽيٽ ايڪٽر پاڪستان جي سر زمين کي استعمال ڪندي پاڙيسري يا ڀرپاسي وارن ملڪن لاءِ مسئلو پيدا نه ڪن. آمريڪا ان لاءِ دهشتگردن خلاف وڌ ۾ وڌ ڪارروايون ڪرڻ بلڪه انهن جو خاتمو آڻڻ گهري ٿو. پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ بابت تازو لاڳو ڪيل ٻه قانون به ان سلسلي جي ڪڙي آهن. رڳو اهو ئي نه پر آمريڪا ان ڏس ۾ پاڪستان کان وڌيڪ اپاءُ وٺڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا ايتريون سخت ڪارروايون چاهي ٿو، ته نواز حڪومت طالبان سان ڳالهين لاءِ چئي، اهو تاثر ڏيڻ گهري ٿي، ته معاملو ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾ اهو ته انهن خلاف سخت ڪارروايون نه ڪيون وڃن، جيڪڏهن ائين ناهي ته ڇا انهن ڳالهين کي آمريڪا جي پٺ حاصل آهي؟ اگر آمريڪا جي پٺڀرائي حاصل هجي ها، ته ان لاءِ عالمي سطح تي به ڪجهه ڌريون سرگرم ٿين ٿا.
بهرحال طالبان سان ڳالهيون ته شروع نه ٿي سگهيون آهن، بلڪه اهو ’ڳالهوڙو‘ ٿي ويون آهن. ساڳئي وقت تي نه طالبان جا اصل مطالبا سامهون آهن ۽ نه وري طالبان طرفان اڳواٽ رکيل شرطن بابت حڪومت جو موقف. اهي ڳالهيون ڳجهارت بڻجي ويون آهن. حڪومت کي ان ڏس ۾ ڪجهه وضاحتون ڪرڻ ۽ ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري ٿي پيو آهي.

Labels: , , , , , ,

نئون آرڊيننس صوبن کان خودمختياري کسي وٺندو؟ آڪٽوبر 2013ع

  نئون آرڊيننس صوبن کان خودمختياري کسي وٺندو؟

سهيل سانگي

اڱارو 22 آڪٽوبر 2013ع
پاڪستان سرڪار جون واقعي طالبان سان ڳالهيون ٿينديون؟ جيڪڏهن ٿينديون ته ڪو نتيجو به ڏيئي سگهنديون يا نه؟ اهي ٻه نوان سوال طالبان سان ڳالهين ۽ انهن ڏي پاڪستان حڪومت جي رويي جي حوالي سان وزير اعظم نواز شريف  جي آمريڪا پهچڻ  بعد پيدا ٿيا آهن. آمريڪا پهچڻ بعد نواز شريف  هڪ دفعو وري ورجايو آهي ته طالبان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، ڇاڪاڻ جو اهڙين ڳالهين لاءِ ملڪ جي سمورين پارٽين مينڊيٽ به ڏنو آهي، سندس اشارو طالبان سان ڳالهين بابت سياسي جماعتن جي گڏيل راءِ ڏانهن هو.  هر معاملي ۾ مزيدار پهلو ڳوليندڙ مبصر وزير اعظم جي مينڊيٽ واري بيان کي ماڳهين  اهو چئي رهيا آهن ته هو عام چونڊن ۾ پنهنجي فتح کي مينڊيٽ سڏي رهيو آهي، جڏهن  ته پيپلزپارٽي، اي اين پي وغيره کي انتهاپسندن ڊيڄاريو ته انهن چونڊ مهم هلائي ته سندن خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون. بهرحال هاڻي سياسي  جماعتن مصلحت تحت طالبان سان ڳالهين جي حامي ڀري آهي. جڏهن ته ملڪ اندر فڪر ۽ دانش رکندڙ ماڻهن جو چڱو خاصو حصو ڳالهين جي حق ۾ ناهي ۽ ان جو اظهار هو پنهنجي بحث مباحثن توڙي لکڻين ۾ ڪندا رهيا آهن.
 فڪري طور ڳالهيون ڪرڻ مثبت عمل آهي، ڇاڪاڻ جو طاقت جو ججهو استعمال ماڳهين ابتڙ نتيجا ڏيندو آهي. مطلب ته ڳالهيون تڏهن  اڻ ٽر ۽ ضروري ٿي وينديون آهن، جڏهن طاقت جو استعمال  ايترو گهڻو ٿي وڃي، جو بهتر نتيجا اچڻ جي اميد ختم ٿي وڃي. انتظامي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ انتهاپسندي  جي حوالي سان طاقت جي استعمال  وارو معاملو ان  دائري ۾ ڪو نه ٿو اچي. بهرحال  جڏهن اهڙي صورت بيهندي آهي ته ڪوشش ڪري ويڙهه ۾ رڌل ڌر جي مطالبن ۽ تڪليفن کي ٻڌو ويندو آهي.  پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ رڌل انهن ڌرين  جون تڪليفون  ۽ مطالبا  ڇا آهن؟ مثال طور  عمران خان  يا  ڪي ٻيا همراهه  انهن ويڙهاڪن  جي جدوجهد کي آئرلينڊ جي جدوجهد سان ڀيٽيندا  رهيا آهن. (1) آئرلينڊ جي جدوجهد يا اتي ٿيندڙ  دهشتگردي  واريون ڪارروايون  حقن  لاءِ هيون، جنهن کي Right based جدوجهد چيو ويندو آهي. انهن جو مطالبو اهو هو ته کين آئين ۽ قانون موجب ڏنل حق نٿا ملن، ٻين لفظن ۾ اهو ته سندن حق ۽ وسيلا کسيا ويا آهن، کين پنهنجي حقن ۽ وسيلن بابت فيصلي سازي جو اختيار ناهي، ان ڪري انهن وسيلن ۽ اختيارن  وغيره جي ورهاست نئين سر ڪئي وڃي ۽ انصاف ڀرئي طريقي سان ڪئي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ رياست جڏهن ماڻهن جي وسيلن جي صحيح ورهاست ۽ حقن جي پاسداري نٿي ڪري  ته پوءِ جدوجهد ۾ رڌل ماڻهو رياست کي چئلينج ڪرڻ لڳندا آهن. بلوچستان  جو معاملو اهڙي ئي قسم جو آهي، پر طالبان يا انتهاپسندي  جي اهڙين سرگرمين ۾ رڌل گروپن پاران اهڙو ڪو به مطالبو سامهون نه آيو آهي، جنهن کي Right based جدوجهد جي کاتي ۾ آڻي سگهجي. ٻيون ڳالهيون ته ڇڏيو، جيڪڏهن  انهن جي سياسي ۽ فڪري حوالي سان  مطالبي کي آڏو رکيو وڃي ته اهڙو مطالبو ڪڏهن ٻڌڻ ۾ نه آيو آهي ته جيڪڏهن  آمريڪا پاڪستان  تي ڊرون حملا بندڪري ته اهي ويڙهاڪ ڌماڪا يا ٻيون ڪارروايون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا يا فاٽا وغيره جي رهواسين کي پاڪستان جي ٻين شهرين جهڙا سياسي حق ڏيندا ته  هي جوان دهشتگردي واريون ڪارروايون نه ڪندا. جيڪڏهن هو آمريڪا جي به مخالفت ڪن ٿا ته ان لاءِ نٿا ڪن ته ڪو آمريڪا  سڄي دنيا ۾ اڳرائي ۽ استحصال وارو ڪم ڪري ٿو، پاڪستان ۾ به سندن مطالبو حقن  جي مڃتا وارو نه پر خود پاڪستان يا ان جي ماڻهن کي تبديل ڪرڻ جو آهي، جيڪڏهن هنن جي مطالبن  کي مڃيو وڃي  ته پوءِ ملڪ جي باقي سمورن ڪروڙين ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟ انهن سمورن ماڻهن تي ڪهڙو اثر پوندو؟
حڪومت طرفان لڳاتار ڳالهين جي آڇ جي  باوجود طالبان طرفان اڃا تائين ڪا هاڪاري موٽ نه ملي آهي، ٻئي طرف  ملڪ  ۾ مختلف هنڌن تي دهشتگرد ڪارروائيون پڻ جاري آهن. آخرڪار حڪومت اهڙو ڪهڙو اپاءُ وٺي، جنهن بعد طالبان ڳالهين لاءِ تيار ٿين؟ اها ڳالهه اڃا تائين واضح طور تي سامهون نه اچي سگهي آهي. وزير اعظم نواز شريف طالبان  سان ڳالهين جي وڪالت ته ڪري ٿو، پر هي اهي گروهه آهن، جيڪي جمهوريت، عدليه، پارليامينٽ،  آئين ۽ قانون کي ئي نٿا مڃين. سنجيده  حلقن  ۾ اهو سوال اٿاريو پيو وڃي ته جيڪڏهن انهن انتهاپسندن جي ويڙهه حقن تي ٻڌل يعني ” رائيٽ بيسڊ“ به ناهي، اهي ملڪ جي ادارن ٻين لفظن ۾ رياست کي به نٿا مڃين، ته پوءِ انهن سان ڪهڙن بنيادن  تي ڳالهائي سگهجي ٿو؟ ممڪن آهي ته وزير اعظم نواز شريف ۽ عمران خان وٽ طالبان يا ٻين اهڙن  مذهبي انتهاپسندن سان ڳالهين  بابت ڪا چٽي منطق هجي،  پر اها منطق به اڃا تائين عام ۽ پڌري  نه ڪئي وئي آهي.
 اها ڳالهه به سمجهه کان ٻاهر ٿي نظر اچي ته هڪ طرف ڳالهين جي آڇ برقرار آهي ۽ ان لاءِ سڄي ملڪ جي راءِ کي سلهاڙي مينڊيٽ جو نالو ڏنو وڃي ٿو ته ٻئي پاسي وري سخت ترين قانون به لاڳو ڪيا پيا وڃن. اڃا ڏهه ڏينهن اڳ دهشتگردي ٽوڙ قانون ۾ ترميم ڪري قانون لاڳو ڪندڙن کي اهو اختيار ڏنو ويو هو ته شڪي ماڻهن کي 90 ڏينهن تائين بنا ڪيس داخل ڪرڻ وغيره جي پنهنجي تحويل ۾ رکن. ان ترميمي قانون جو واشنگٽن ۾ دوري تي ويل پاڪستان جي وزير خزانه اسحاق ڊار به ڏاڍي شان سان  ذڪر ڪيو هو ۽ آمريڪا  کي خاطري ڪرائي هئي ته پاڪستان ڪيئن دهشتگردي  خلاف سخت اپاءُ وٺي رهيو آهي. پر لڳي ٿو ته آمريڪا کي ان ترميم سان به اطمينان  نه ٿيو آهي ۽” پاڪستان پروٽيڪشن آرڊيننس“ جي نالي سان آچر ڏينهن نئون قانون جاري ڪيو ويوآهي. ڇا اهو قانون وزير اعظم نواز شريف جي طالبان سان ڳالهين  لاءِ زور ڀرڻ واري معاملي جي اثر کي گهٽائڻ  لاءِ جاري ڪيو ويو آهي؟  جيڪڏهن طالبان ايترا سٺا آهن ته اهو آرڊيننس ڪنهن جي لاءِ جاري ڪيو ويو آهي؟
 نئون قانون نه رڳو طالبان سان ڳالهين واري مينڊيٽ ۽ آڇ سان ٺهڪندڙ ناهي، بلڪه ڪيترن معاملن ۾ آئين جي اصل روح ۽ بنيادي حقن جي ابتڙ لڳي ٿو، جيڪا باقاعده صوبائي خود مختياري ۾ مداخلت آهي. آئين ۾ امن امان قائم ڪرڻ صوبائي کاتو آهي، پر نئين قانون ۾ وفاق جي  ماتحت ٿاڻا ٺهندا، ڪورٽون ٺهنديون ۽ جڏهن الڳ ٿاڻا ٺهندا ته الڳ فورس به ٺهندي. اهو سڀ ڪجهه صوبائي خودمختياري جي لتاڙ ۽ صوبن جي معاملن ۾ سڌي سنئين  مداخلت آهي. طالبان خلاف ڪاررواين جي نالي ۾ قانون سازي ۽ اپاءُ دهشتگردي وارين ڪاررواين کي روڪي سگهن يا نه، پر صوبن کان خود مختياري کسي وٺندا، جيڪا ارڙهين ترميم ۾ مس مس ملي هئي.

Labels: , , , , ,

Friday, April 03, 2015

پشاور سانحي کان پوءِ گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻ جي ضرورت! 20 ڊسمبر 2014ع

پشاور سانحي کان پوءِ گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻ جي ضرورت!
ڇنڇر 20 ڊسمبر 2014ع

سهيل سانگي

سڄي ملڪ ۾ پشاور سانحي جي مذمت، ڪاوڙ ۽ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. ڪي ماڻهو پنهنجن اهڙن جذبن جو اظهار ميڊيا، سوشل ميڊيا تي ڪري رهيا آهن، ڪي وري شهيد ٿيل معصومن جي ياد ۾ بتيون ٻاري، مظاهرن ۽ احتجاجن ذريعي ڪري رهيا آهن. ڀائنجي ٿو ته اها صورتحال اڃا چند ڏينهن وڌيڪ هلندي. حڪومت طرفان موت جي سزا تي عمل تي بندش ختم ڪرڻ ۽ آرمي چيف طرفان 6 ڊيٿ وارنٽن تي صحيح ڪرڻ شايد ماڻهن جي ڏک ۽ ڪاوڙ وارن جذبن تي ڪو پاڻي جو ڇنڊو وجهي سگهي. اهي ٻئي اپاءَ دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ رُڌل ماڻهن لاءِ پيغام آهن ته هاڻي عدالتن مان سزا کاڌل سندن ساٿي بچي نه سگهندا ۽ کين ڦاهي اچي ويندي. ان ڏس ۾ عسڪري ۽ حڪومتي سطح تي ”زيرو ٽالرنس“ هجي، ۽ ان سان گڏوگڏ قبائلي علائقن توڙي وڏن شهرن ۾ آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 

اهڙن سخت فيصلن مان لڳي ٿو ته حڪومت توڙي عسڪري ادارا ڪنهن کي به بخشڻ جي موڊ ۾ ناهن. اڱاري ڏينهن سانحو پيش اچڻ کان پوءِ عمران خان فوري طور ملڪ گير پنهنجي احتجاج جو سڏ واپس ورتو. وزير اعظم نواز شريف پشاور ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي ورتي، جنهن ۾ دهشتگردن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع پاليسي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سياسي پارٽين تي مشتمل ڪميٽي به ٺاهي وئي. 

آرمي چيف جنرل راحيل شريف افغانستان جو دورو ڪيو. تاثر اهو پيو ڏنو وڃي ته افغان حڪومت کي اتي موجود تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻن ۽ انهن طرفان پاڪستان ۾ ٿيندڙ وارداتن بابت آگاهي ڏني وڃي ۽ سهڪار لاءِ چيو وڃي. اهو به نظر آيو ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهن، انهن سمورن حڪومتي، عسڪري ۽ سياسي اپائن تي ملڪ ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي ۽ مبارڪون ڏنيون پيون وڃن ۽ سڀني جي سندن ڏاهپ تي واهه واهه ڪئي پئي وڃي. پشاور وارو سانحو واقعي اهڙو ئي هو، جنهن سڀني ڌرين کي لوڏي وڌو ۽ کين ڇڪي هڪ هنڌ تي بيهاري ڇڏيو، ان ڪري اهو ته ٿيڻ ئي گهربو هو. ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن اهو واقعو نه ٿئي ها ته پوءِ اسان سڀني مان ڪير ڪٿي بيٺو هجي ها؟ اها سوچڻ جي ڳالهه آهي. 

هر ڪو ڄاڻي ٿو ته واقعي کان اڳ به ملڪ ۾ سڀ خير ڪو نه هو. هي ڪو رات وچ ۾ يا اوچتو ئي اوچتو واقعو ڪو نه ٿيو آهي. سويلين توڙي فوجي ادارن ايتري قدر جو فوجي ادارن جي هيڊ ڪوارٽرن تي به حملا ٿي چڪا آهن، ڄڻ ڪو به محفوظ هنڌ نه بچيو هو. هي هڪ لڳاتار عمل هو، جيڪو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ آمريڪا جي جنگ وڙهڻ مهل اسان پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو هو. مذهبي انتهاپسندي ۽ جهاديت کي سرڪاري پاليسي بڻايو ويو. ضياءُالحق ته جهاز جي حادثي ۾ مري ويو، پر سندس اها پاليسي سويلين حڪومت اچڻ بعد به تبديل نه ٿي سگهي ۽ جاري رهي. 
هونئن ته ملڪ ٺهڻ کان فورن پوءِ ملڪ اندر اڻ سهپ، نفرت، حق نه ڏيڻ واري پاليسي ۽ سياسي نظام لاڳو ڪيو ويو هو، پر ان کي پچي راس ٿيڻ جو موقعو افغان جهاد ۾ مليو. مون کي مير غوث بخش بزنجي جا لفظ ياد ٿا اچن، جيڪي هن محمد خان جوڻيجي جي جنيوا ٺاهه جي حوالي سان گُهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ چيا هئا: ”اڄ اوهان روس کي ٽوڙڻ لاءِ آمريڪا سان ياري رکي، جاهل طالبان پيدا ڪري رهيا آهيو، پر ياد رکو، اهي طالبان سڀاڻي اوهان جا ٻچا کائيندا ۽ اوهان سواءِ تماشي جي ڪجهه به نه ڪري سگهندا.“ اڄ واقعي ائين ئي ٿي رهيو آهي. 
ان دور کان وٺي اسان وٺي اوڙي پاڙي سان جهيڙو ڄڻ پرڏيهي پاليسيءَ جو سنگ بنياد بڻائي ڇڏيو، ان جي آبياريءَ لاءِ ملڪ اندر به اهڙو ئي ماحول جوڙيو ويو. تعليمي نصاب ۽ نظام کان وٺي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي جوڙجڪ تائين سموريون شيون نفرت، اڻ سهپ، حق نه ڏيڻ، پنهنجن ئي شهرين کي پرائو سمجهڻ جي نقطه نگاهه کان ڪيون ويون. ائين ملڪ اندر هڪ اهڙو ماحول ۽ مائينڊ سيٽ جوڙيو ويو، جنهن ۾ جمهوريت، پارليامينٽ يا عوام جي بالادستيءَ جي ٻئي درجي واري حيثيت ٿي وئي. ملڪ سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي ويو، ايتري قدر جو ملڪ جو هر شهري، هر خانگي توڙي سرڪاري ادارو غير محفوظ بڻجي ويو. پوليس توڙي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ جوڙيل ادارا پنهنجو رول وڃائي ويٺا، انهن جي جاءِ تي خانگي سيڪيورٽي ايجنسيون اچي ويون. 
مون کي سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ريٽائرڊ جنرل جو بيان ياد اچي ٿو. هن چيو هو ته، ”ماڻهن جي حفاظت سندن ذاتي معاملو آهي، ماڻهو پنهنجي حفاظت پاڻ ڪن.“ حد ڪمال گورنر صاحب جو، اهو بيان ئي نه هو، بلڪه ان بيان تي خاموشي هئي، ڇاڪاڻ ته آئين ته چوي ٿو ته، ”هر شهريءَ جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي.“ واقعي مثبت ڳالهه آهي ته پشاور سانحي سڀني کي جاڳايو ۽ ڇڪي هڪ هنڌ تي بيهاريو. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ ڪيتري جذباتيت آهي، ڪيتري شعوري جاڳرتا ۽ ماضي جي غلطين جو احساس آهي؟ ۽ خود اهو ته متان ڪو حصو عوام ۾ موجود تاءُ به هجي. 

اصل ۾ هي سڄو معاملو گهڻو گهرو، گهڻ پاسائون ۽ ڊگهو آهي، فوري طور تي ورتل اپاءَ هنگامي حالتن ۾ ڏنل رليف جو ڪم ڪري سگهن ٿا. شايد انهن اپائن سان في الحال صورتحال ۾ بهتري به اچي وڃي، پر ڇا جيتري گهرائيءَ تائين خرابي پهتل آهي، ان جي حل ۽ سڌاري لاءِ ڪيترو گهڻو اڳتي ۽ گهرائيءَ ۾ وڃڻ جي ضرورت آهي؟ ملڪ جي سياسي نظام کان وٺي، تعليمي نظام تائين ماڻهن انهن جي حقن بابت رياست جي اپروچ، سوچ ۽ عمل ۾ تبديليءَ تائين گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اهڙيون سازگار حالتون ۽ زرخيز زمين موجود رهندي، جنهن ۾ انتهاپسندي، جهاديت ۽ دهشتگردي وري پلجي سگهي ٿي، پنهنجون پاڙون هڻي سگهي ٿي، ان کي ائين ڪرڻ ۾ شايد چند سال ئي لڳندا. مطلب حالتون ۽ سمورو ملڪي ماحول تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. 
سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت، اسان جون سياسي ڌريون ۽ عسڪري ادارا ان لاءِ تيار آهن؟ جيڪڏهن ها ته سيڪيورٽي پلان ۽ پاليسيون ڀلي پنهنجي جاءِ تي جوڙيون وڃن، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته بنيادي پاليسيون تبديل ڪيون وڃن. 
ٻي صورت ۾ ڪو هاءِ ڪورٽ جو جج ايندڙ وقت ۾ مذهبي حوالي سان حساس بڻايل ڪيس ٻُڌڻ کان اهو چئي لنوائيندو ته ”ناٽ بفور مي.“ پنهنجو ڪالم آئون هڪ دوست جي موڪليل ايس ايم ايس تي پورو ڪريان ٿو: ٽي وي سيٽ جي سامهون ويٺل هر ڪنهن شخص جي دل گُهري پئي ته سانحي جي ذميوارن کي هو پاڻ قتل ڪري، پر ڪو به اُٿڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

Labels: , , , , , , ,

ڳالهين جو رائونڊ طالبان جي حق ۾ ويو آهي؟ 03 مارچ 2014ع

ڳالهين جو رائونڊ طالبان جي حق ۾ ويو آهي؟
سهيل سانگي
سومر 03 مارچ 2014ع
قوم کي اها خوشخبري ٻڌائي وئي آهي ته، طالبان هڪ مهيني لاءِ جنگبنديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪم جي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کي پڳ ٻڌائي پئي وڃي ته، هن جي ڪوشش سان ئي اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو. طالبان جي هن اعلان بعد هاڻي معاملا کُلي رهيا آهن ته، اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ چوڌري نثار علي خان مخفي طور ڳالهين جو سلسلو جاري رکيو. ان ڏس ۾ هو حڪومتي توڙي طالبان جي مذاڪراتي ٽيم سان ڳالهائيندو رهيو. ميڊيا ۾ هاڻي اهي به خبرون آيون آهن ته، مذاڪراتي عمل جي معطلي جي باوجود مذاڪراتي ٽيم پاڻ ۾ ملاقات ڪندي رهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته، دراصل مذاڪرات معطل ٿيا ئي ڪونه هئا، اهي رسمي طور تي معطل ٿيا هئا، جڏهن ته غير رسمي يا غير سرڪاري طور تي اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سرگرميءَ سان هلي رهيا هئا. بلڪه ان ڏس ۾ ڪجهه وڌيڪ ٽياڪڙين کي به آندو ويو هو. اهو به چيو پيو وڃي ته، ڪجهه علمائن ذريعي ڳالهيون ۽ پيغام رسائي ٿيندي رهي. انهن سڀني اطلاعن کي جيڪڏهن ميڙي جائزو وٺجي ٿو ته، پتو پوي ٿو ته، دراصل حڪومت جي سڌو سنئون ڳالهين ۾ اچڻ سان معاملو نبريو آهي ۽ اها ئي طالبان جي خواهش هئي. ٻين لفظن ۾ اهو ته حڪومتي ڪميٽيءَ تي طالبان اعتبار نه ڪيو ۽ ان جي بدران چوڌري نثار علي ڳالهيون هلايون. چوڌري نثار علي جي هن رول تي مولانا فضل الرحمان اعتراض واريو آهي. اخباري اطلاع آهن ته، وزير داخلا هلندڙ هفتي دوران آرمي چيف سان به ٽي ملاقاتون ڪيون ۽ کيس ڳالهين جي پيش رفت کان آگاهه ڪندو رهيو. يا ائين کڻي چئجي ته، هو عسڪري ڌر کي آپريشن کان پاسو ڪرڻ يا ملتوي ڪرڻ لاءِ قائل ڪندو رهيو. جيڪڏهن پوئتي ورائي ان نقطي تي ڏسجي ٿو ته، جتان ڳالهيون ٽُٽيون هيون ته پتو پوي ٿو ته، طالبان جي قبضي ۾ آيل 23 ايف سي اهلڪارن جي قتل بعد حڪومت ڳالهيون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ عسڪري ڌر اتر وزيرستان ۾ ڪارروايون شروع ڪيون. انهن ڪاررواين جي نتيجي ۾ ڪجهه شدت پسند مارجي ويا. هفتي کن تائين اهو سلسلو جاري رهيو، انهن ڪاررواين ويڙهاڪ لڏي کي سوڙهو ڪري وڌو ۽ اتان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اشارا اچڻ لڳا، انهن اشارن کي طالبان جي حامي سويلين ڌرين جهٽي ورتو، پوءِ علماءِ، ٽياڪڙ، توڙي مذاڪراتي ڪميٽين جا ميمبر به وچ ۾ اچي ويا. وزير اعظم جنهن سيپٽمبر ۾ ئي قوم کي خطاب مهل چيو هو ته، هو ڪنهن ڪارروائي ڪرڻ جي بدران ڳالهين ذريعي دهشتگرديءَ جو خاتمو آڻيندو، ان جي موقف ۾ به ڳالهين وارا آپشن اچڻ شروع ٿي ويا، ائين طالبان جون سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح حامي ڌريون هڪ پيچ تي اچي ويون. هن وقت تائين اخباري خبرن ذريعي حڪومتي ڌر يعني چوڌري نثار علي جي مولانا سميع الحق ۽ عمران خان سان ملاقات جي تصديق ٿي آهي. جڏهن ته طالبان جي مذاڪراتي ٽيم سان سندس لڳاتار رابطو پڻ جاري رهيو. فوج جي انهيءَ ڪارروائيءَ جا ٻه ٽي نتيجا نڪتا. هڪ اهو ته، طالبان يڪطرفي جنگ بنديءَ جو اعلان ڪيو ۽ ڳالهين لاءِ تيار ٿيا. ٻيو اهو تاثر به مٽيو ته، فوج ڪارروائي نه ڪندي. يا اهو ته فوج جي اهليت بابت عمران خان جي شوشي ڇڏڻ بعد تاثر بڻيو هو سو به ختم ٿيو. ٽيون اهو ته عسڪري ڌر بنيادي طرح سان ڪارروائي جي حق ۾ ئي هئي پر سياسي قيادت جي ڳالهين واري آپشن کي به اُڪلائڻ چاهيو پئي. سو ائين اُڪلجي ويو ته طالبان ڳالهين ۾ سخت موقف رکيو ۽ پنهنجون ڪارروايون جاري رکيون، سي به وري اهڙيءَ طرح سان جيڪي سڌيءَ طرح عسڪري ڌر کي نشانو پيون بڻائين. جيڪڏهن انهيءَ سڄي پس منظر کي سامهون رکجي ٿو ۽ ان بعد پهرين طالبان جو ڳالهين لاءِ تڪڙو راضي ٿيڻ، ان بعد سندس حامي ڌرين جون سرگرميون، پوءِ چوڌري نثار علي جون اڻ سڌيون ۽ سڌيون ڳالهيون آهن. ان بعد سندس آرمي چيف سان ٽي ملاقاتون آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته، دراصل عسڪري ڌر کي ڪارروايون روڪڻ لاءِ راضي ڪيو ويو آهي. يعني ائين اهو معاملو ڄڻ طالبان جي حق ۾ وڃي بيٺو آهي، جنهن کي حڪومتي ڌر پنهنجو وڏو ڪارنامو ڪري پيش ڪري رهي آهي ته، طالبان کي جنگ بنديءَ لاءِ راضي ڪري ڄڻ ڪو وڏو کيج کٽيو آهي. لڳي ٿو ته، هڪ دفعو وري ”سُٺا ۽ خراب“ طالبان جي تصور واري حڪمتِ عمليءَ تحت ڪم ڪيو ويو آهي. اهو تاثر ڏنو ويو ته، اصل طاقت اُتر وزيرستان وارا گروپ آهن. ڳالهين هلندي ٻيا ننڍا گروپ ڪارروايون ڪري رهيا هئا. اها ڪا سٺي ڳالهه نه ٿيندي ته، آپريشن به اتر وزيرستان ۾ ڪيو وڃي، جتي ڳالهين لاءِ تيار گروپ رهن ٿا. گذريل اٺن ڏهن سالن جي تجربي ۾ سٺا يا خراب طالبان وارو تصور ناڪام ويو آهي. اهو ضروري آهي ته، ويڙهاڪن جا ڊزن ڏيڍ کن گروپ آهن، جيڪي وقت پوڻ تي هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي جي ڪاررواين کي هٿي ڏين ٿا، پر حڪومت جي نئين حڪمتِ عمليءَ جو ابتڙ نتيجو نڪتو آهي، سو اهو ته، ماڳهين اهي سڀ گروپ هاڻي گڏ ٿي ويا آهن. طالبان جي حڪمتِ عملي ۽ علائقي جي صورتحال تي گهري نظر رکندڙ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته، اصل ۾ طالبان (سڀني گروپن) کي ڪجهه ٽائيم ۽ اسپيس درڪار آهي، جيڪو هو ڳالهين دوران توڙي آپريشن يا ٻي ڪنهن ڪارروائيءَ کي ملتوي ڪرڻ جي ذريعي حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته، حڪومت ۽ طالبان جي وچ ۾ سڌن رابطن (ان سان گڏوگڏ انهن جي جنگ بنديءَ جي اعلان) بعد مذاڪراتي ڪميٽيون بي اثر ۽ Irrelevant ٿي ويون آهن. ان ڪري وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ اهي خبرون آهن ته، اهي ڪميٽيون ٽوڙيون وينديون ۽ هاڻي حڪومت ۽ طالبان پاڻ ۾ سِڌيون ڳالهيون ڪندا. انهن سِڌين ڳالهين ڏانهن پهرين قدم طور ان مطالبي کي اُجاريو ۽ اُڀاريو پيو وڃي ته، فوج، حڪومت ۽ تحريڪِ طالبان گڏجي ويهن. يعني ٽي ٽي پي جي حيثيت کي برابريءَ جي بنياد تي مڃتا ملي. سوال اهو آهي ته، آخر اهو ڇا آهي، جنهن طالبان کي ٻيهر ڳالهين ۽ جنگ بنديءَ لاءِ راضي ڪري ورتو؟ ڇا ڳالهين دوران هنن طرفان پيش ڪيل 15 نقطن جي حوالي سان حڪومت ڪجهه آڇي رهي آهي؟ ان ڏس ۾ حڪومت جي مذاڪراتي ٽيم جي هڪ ميمبر رستم شاهه مهمند، جنهن جو سياسي حوالي سان عمران خان جي پارٽيءَ سان تعلق آهي، ان جو موقف به ڪجهه ٻڌائي ٿو. هو چوي ٿو ته، جنگ بندي حڪومت جي مطالبي تي ڪئي وئي آهي پر ان ۾ دٻاءُ واري عنصر کي به هو مڃي ٿو. هو قيدين جي مٽا سٽا ۽ پرڏيهين کي قومي ڌارا ۾ به شامل ڪرڻ لاءِ زور ڀري ٿو. مبصر چتاءُ ڏين ٿا ته، ان ڳالهه کي به ڏسڻ گهرجي ته، طالبان پنهنجي حيثيت مڃرائي ته نه ورتي آهي، جو فوج ۽ حڪومت ٻئي انهن سان برابريءَ جي بنياد تي ڌر سمجهي ڳالهائين يا وري اهو ته انهن خلاف في الحال آپريشن بند ٿي وڃي ٿو، ته کين گهربل ٽائيم ۽ اسپيس ملي وڃي ٿو، انهيءَ پسمنظر ۾ ائين ٿو لڳي ته، اهو رائونڊ طالبان جي حق ۾ ٿي ويو آهي.

Labels: , , , ,