Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

سنڌ ۾ سياسي تبديلي آڻڻ لاءِ شروع ٿيل راند : ڊسمبر 2014ع

سنڌ ۾ سياسي تبديلي آڻڻ لاءِ شروع ٿيل راند
اڱارو 23 ڊسمبر 2014ع

سهيل سانگي

پيپلز پارٽيءَ جي وائيس چيئرمين مخدوم امين فهيم، پير پاڳاري سان گڏجي ريٽائرڊ جنرل مشرف سان ملاقات ڪئي آهي. لڳي ٿو ته مستقبل جي حوالي سان سنڌ ۾ ڪجهه تبديل ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. مخدوم خاندان لڳاتار شڪايتن بعد ڀائنجي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ کي خدا حافظ ڪرڻ گُهري ٿو. اسلام آباد جي هڪ دوست چواڻي ته، سڄي ملڪ ۾ تبديليءَ جي فضا ۾ سنڌ ئي رڪاوٽ هئي، پاڳارو-مخدوم اتحاد جي ذريعي حالتون سازگار ڪيون پيون وڃن، جتي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جي خراب حڪمرانيءَ مان هونئن ئي بيزار آهن. مخدوم خاندان جي پيپلز پارٽيءَ سان جيتري ڊگهي وابستگي آهي، ان جي ناراضگين جي لسٽ به اوتري ئي ڊگهي آهي. پيپلز پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو هو، ان ڪري چيو ويندو آهي ته اها پارٽي هالا ۾ ٺهي، جيتوڻيڪ اها لاهور ۾ ٺهي هئي. پارٽي ٺهڻ بعد وڏو مخدوم طالب المولى تاحيات وائيس چيئرمين رهيو، ان بعد اهو عهدو مخدوم امين فهيم کي ڄڻ ورثي ۾ مليو.

 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي موت جي سزا ٻُڌائڻ بعد جڏهن پيرزادو ۽ ممتاز ڀٽو پوئتي هٽي ويا، تڏهن مخدوم خاندان بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان گڏ بيٺو رهيو. نوجوان نينگري بينظير ڀٽو ايجيٽيٽر ۽ احتجاج ڪندڙ طور ميدان ۾ لٿي ته مخدوم خليق الزمان نه رڳو سنڌ ۾ بلڪه ملڪ ۾ جلسن جلوسن ۾ ساڻس گڏ رهيو. ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ جڏهن غلام مصطفى جتوئي پارٽيءَ کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته مخدوم خليق کي پارٽيءَ جو صدر بڻايو ويو. پارٽيءَ جي بااثر جاگيردار جتوئي جي اثر کي منهن ڏيڻ لاءِ مخدوم خاندان ڏاڍو ڪم آيو، بعد ۾ مخدوم خليق الزمان ذاتي ۽ ڪجهه سياسي معاملن سبب پارٽيءَ کان پاسيرو ٿي ويو.

 ضياءَ جي 1985ع وارين غير جماعتي چونڊن جي موقعي تي مخدوم خاندان کي پارٽي ڇڏڻ لاءِ پُرڪشش آڇون ڪيون ويون، پر وڏي مخدوم خاندان کي پارٽي ۾ ئي رهڻ جو حڪم ڏنو. 1988ع جون چونڊون کٽي پارٽي حڪومت ۾ آئي ته مخدوم خاندان فرمائش ڪئي ته گهرو معاملن واري وزارت مخدوم رفيق الزمان کي ڏني وڃي، پر پيپلز پارٽي ڪنهن به مرحلي تي سنڌ اندر مخدوم خاندان کي حڪومت ۾ اثرائتي پوزيشن نه ڏني، شايد اهو فيصلو غلام مصطفى جتوئي کي ڏنل اختيارن ۽ پوزيشن کان پوءِ ڪيو ويو.

 1990ع واري ڏهاڪي ۾ مخدوم امين فهيم محترمه کان وفاق ۾ ڪا وزارت گُهري، جنهن تي پيپلز پارٽيءَ جي حلقن ۾ اهي ڳالهيون هُلڻ لڳيون ته، ”محترمه چوي ٿي ته مخدوم صاحب جو ۽ سرڪاري آفيس جو وقت مٽائي شام جو ڪرڻو پوندو.“ مخدوم امين فهيم پنهنجي ننڍي ڀاءُ خليق الزمان وانگر ڪو مقرر يا عوامي ليڊر ڪونهي، هو پارٽي ليڊر ۽ ڊرائنگ روم جي سياست جو گُر ڄاڻيندڙ طور سُڃاڻپ رکي ٿو. بينظير ڀٽو ملڪ ۾ پنهنجي غير حاضريءَ ۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ملڪ اندر رهندي به اسلام آباد جي ڌرين سان مخدوم امين جي ذريعي ئي ڳالهائيندي رهي. چون ٿا ته، هو اهو ڪم محترمه جي اطمينان جي حد تائين سرانجام ڏيندو رهيو. خود مشرف سان به مخدوم امين جي ذريعي ڳالهيون ٿينديون رهيون، جنهن ڪري سندس مشرف سان ويجهڙائپ ٿي.

 2002ع جي چونڊن کان پوءِ وزارت عظمى مخدوم کان ڪجهه وکن جي پنڌ تي هئي، جڏهن مشرف ساڻس مرگلا جي ٽڪرين تي واقع هڪ هوٽل ۾ سرعام ملاقات ڪئي ۽ ان عهدي جي آڇ ڪئي. دراصل سنڌ ۾ وڏ وزارت ماڻڻ مخدوم خاندان جو پراڻو خواب آهي. 1993ع ۾ هو ان خيال سان ئي صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي بيٺو، پر محترمه کيس سنڌ ۾ اها ذميواري نه ڏني، جنهن تي کيس ڏک رسيو. اهڙو اظهار هو ڪڏهن ذاتي محفلن ۾ به ڪندو رهيو. مشرف جو خيال هو ته مخدوم کان اهو زخم وسريو نه هوندو ۽ هو وزارت عظمى جو عهدو قبول ڪري وٺندو، پر هن محترمه جي هدايت تي عهدو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي مشرف ۽ امين فهيم جي ويجهڙائپ کي ائين امتحان ۾ وڌو ويو، جو مشرف جي مقابلي ۾ کيس صدارتي اميدوار بيهاريائين. 

سنڌ جي سياست ۾ ڀوتارن طرفان پارٽيون مٽائڻ عام آهي، پر ان حوالي سان مخدوم وفاداريءَ جي علامت بڻيل رهيو، هن پارٽي نه مٽائي. ڪيترن موقعن تي هن چيو، ”بينظير منهنجي ليڊر ۽ منهنجي ليڊر جي ڌيءُ آهي، آئون ان سان دوکو نه ٿو ڪري سگهان.“ محترمه جي شهادت کان پوءِ عام تاثر هو ته کيس پارٽيءَ جو سرواڻ بڻايو ويندو ۽ وزير اعظم جو عهدو ڏنو ويندو، پر ائين نه ڪيو ويو. آصف علي زرداري پاڻ پارٽيءَ جو سرواڻ ۽ ملڪ جو صدر ٿيڻ پئي گُهريو، ٻه حڪومتي عهدا سنڌ مان نه پئي ٿي سگهيا. هڪ دفعو وري مخدوم خاندان ڪنهن اهم عهدي کان محروم رهيو. پارٽي حلقن ۾ اهي ڳالهيون هلنديون رهيون ته مخدوم مشرف سان ملندو رهندو آهي. مبصرن جو خيال آهي ته آصف علي زرداريءَ کي خطرو هو ته امين فهيم کي وزير اعظم يا وزير اعلى سنڌ جو عهدي ڏيڻ سان هو سنڌ ۾ پنهنجو اثر ۽ لابي ٺاهي وٺندو، جيڪو هن لاءِ چئلينج بڻجي سگهي ٿو.

 2008ع کان پوءِ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ٻه ڀيرا حڪومت ۾ آئي، ذوالفقار مرزا، پير مظهرالحق يا وري نثار کهڙي کي سينئر وزير بڻايو ويو، پر مخدوم خاندان کي اهو عهدو نه مليو. هلندڙ سال مارچ، اپريل ۾ ٿر ۾ ڏڪار سبب ٻارڙن جي مرڻ تي وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪاوڙجي پيو. ٿر ۾ تڏهن ڊپٽي ڪمشنر مخدوم جو پُٽ عقيل الزمان ۽ رليف منسٽر ٻيو پُٽ جميل الزمان هو. وڏي وزير مخدوم خاندان جي انهن ڀاتين کي ڏڪار کي مُنهن ڏيڻ وارن انتظامن ۾ ناڪام ٿيڻ جي الزام ۾ معطل ڪري ڇڏيو. ان تي مخدوم امين کي به ڪاوڙ لڳي. هن پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي، اها ملاقات پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڌمڪي هئي ته هو پير پاڳاري سان اتحاد ٺاهي وٺندو. وڏي وزير سائين قائم علي شاهه کي حڪم واپس وٺڻا پيا. مخدوم جو موقف هو ته معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. قائم علي شاهه پنهنجو موقف مٽائي، جاچ جو حڪم ڏنو ۽ اهو به چيو ته ٿر ۾ ڏڪار سندس حڪومت خلاف سازش آهي. ”سازش“ لفظ اڄ سوڌو ڏڪاريل ٿرين جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي. حڪومت پنهنجي ئي جوڙيل ڪميٽين جي رپورٽن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي، پنجين ڪميٽي ويهاري آهي. تازو پنجاب ۾ پارٽيءَ جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مخدوم ٻُڌايو ته، ”پارٽيءَ ۾ گروهه بندي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ناراض دوستن کي پرچائي گروهه بندي ختم ڪرائي وڃي.“ سندس انهن ريمارڪس تي آصف علي زرداري ڪاوڙ ڏيکاري ته ناڪاره ويٺل ماڻهن کي ڇنڊي ڦوڪي اڳيان آندوسين ته هاڻي اهي گروهه بنديءَ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. 

پارٽيءَ جي سربراهه وٽان اهڙن ريمارڪس ۽ ملڪ ۾ بدليل حالتن مخدوم لاءِ واٽ ٺاهي ڏني. هن پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي ۽ ان بعد اهي ٻئي اڳواڻ ريٽائرڊ جنرل مشرف سان مليا. آصف علي زرداري جي هدايت تي پارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ اڳوڻو وزير اعظم پرويز اشرف مخدوم سان مليا. 

اطلاع آهن ته ٻئي اڳواڻ کيس پرچائي نه سگهيا، جنهن بعد مخدوم پنهنجي سروري جماعت جي خليفن جو اجلاس گهرايو آهي. اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا وانگر سنڌ ۾ به عمران خان کي پاپولر ليڊر طور متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سنڌ ۾ اثر ڏيکاري نه سگهيو. سنڌ ۾ پاور بروڪرس تيستائين پاسو مٽائڻ لاءِ تيار نه هئا، جيستائين کين پڪ نه پئي ٿي ته سنڌ حڪومت ۾ ڪير ايندو؟ سندن خيال آهي ته امڪاني تبديليءَ جي صورت ۾ عمران خان اسلام آباد يا لاهور ۾ ته حڪومت ٺاهي سگهي ٿو، پر سنڌ ۾ وري به پيپلز پارٽي آهي، جنهن کي عمران خان ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، ان بعد پلان ”بي“ کي عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سنڌ جي ٽن اڳوڻن وڏن وزيرن لياقت جتوئي، غوث علي شاهه ۽ ارباب غلام رحيم گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ نواز دور جو اڳوڻو اسپيڪر الاهي بخش سومرو به شريڪ ٿيو. سندن دعوى هئي ته هن گڏجاڻيءَ کي ٻن وڌيڪ اڳوڻن وڏن وزيرن ممتاز ڀٽو ۽ مظفر شاهه جي به حمايت حاصل هئي، پر اهو پلان اڏامڻ کان اڳ ئي پٽ پئجي ويو، ڇاڪاڻ ته انهن کي نه ماڻهن وٽان، نه ڀوتارن وٽان ڪنهن مڃتا ملڻ جو آسرو مليو. هاڻي پلان ”سي“ طور پاڳارو- مخدوم اتحاد کي اڳيان آڻڻ جي ڪئي پئي وڃي، يعني ٻئي پيراڻي گادين وارا آهن، واڌو ڀوتار به حمايت ڪري سگهن ٿا، جو کين سمجهه ۾ ڳالهه ايندي ته اهو اتحاد گيم چينجر ٿي سگهي ٿو. 

ڊسمبر 2012ع ۾ پير پاڳاري سنڌ جي قومپرست ڌرين کي ساڻ ڪري، حيدرآباد ۾ طاقت جو مظاهرو ڪيو هو، پر پوءِ جڏهن کيس خبر پئي ته سنڌ ۾ وري به پيپلز پارٽي پئي اچي ته پاڻ پاسيرو ٿي ويو. سياسي ڪارڪنن جي ملندڙ لاشن بعد سنڌ ۾ قوم پرستيءَ جا جذبا هڪ دفعو وري اُڀري رهيا آهن، بلڪل ائين جيئن بلدياتي نظام جي حوالي سان ٻه سال اڳ جذبا اُڀريا، جن کي پاڳاري يڪجا ڪيو، هو اهو ڪم هن ڀيري به ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو انگريزن خلاف گوريلا جنگ وڙهندڙ سندس ڏاڏي سورهيه بادشاهه کي سنڌ جون مختلف ڌريون قومپرست سمجهن ٿيون. ميڊيا جي حلقن ۾ اها ڳالهه به اُڇلائي وئي آهي ته اڄوڪي صورتحال ۾ جڏهن سمورا اختيار ۽ فيصلا وزير اعظم نواز شريف کان منتقل ٿي ويا آهن، تڏهن پرويز مشرف ڪو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

 پرويز مشرف اهڙو ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو يا نه، پر هو اهڙين ڌرين کي گڏ ڪري سگهي ٿو، جيڪي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي کي ڌڪ رسائين. جيڪڏهن اسلام آباد ۾ ايندڙ وقت لاءِ ڪا کچڻي پچي رهي آهي ته سنڌ وٽان پوندڙ ”رڪاوٽ“ هن سرگرميءَ وسيلي دور ٿي وڃي ٿي.

Labels: , , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home