Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

’ڪاوش‘ جي جدوجهد ۽ ڪاميابيءَ جو سفر آگسٽ 2013ع


’ڪاوش‘ جي جدوجهد ۽ ڪاميابيءَ جو سفر
ڇنڇر 03 آگسٽ 2013ع
سنڌ گذريل پنجاهه سالن جي عرصي ۾ ٻه وڏا سياسي اُڀار ڏٺا، پهريون اڀار ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ ٻيو اُڀار ايم آر ڊي جي تحريڪ هئي. ون يونٽ خلاف تحريڪ سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي کي متحرڪ ڪيو. جڏهن ته ايم آر ڊي جي تحريڪ سنڌ جي هر گهر کي باقاعده متاثر ڪيو. شايد ئي ڪو اهڙو گهر هجي، جنهن جي ڪنهن هڪ ٻن ڀاتين ان تحريڪ ۾ حصو نه ورتو هجي. انهن ٻنهي تحريڪن  شعور، دانش ۽ اظهار جي معيار توڙي مقدار ٻنهي ۾ اضافو ڪيو. پر ساڳئي وقت ان جي شڪلين ۽ گهاڙيٽن ۾ پڻ تبديلي آئي. ون يونٽ خلاف تحريڪ کان وٺي ڀٽو حڪومت جي آخري ڏينهن تائين ’ادب‘ اظهار جو مُکيه ذريعو رهيو. ان دور جا سوَن جي تعداد ۾ اسان کي شاعر ۽ اديب ملن ٿا. ان بعد آمر ضياءَ جي مارشل لا ۾ اهو اظهار روپوش طريقن سان ٿيندو رهيو يا وري اهو عمل جي شڪل اختيار ڪري ويو. ساڳي طرح ايم آر ڊي تحريڪ سبب شعور ۽ دانش ۾ اضافو ٿيو، ان جي اظهار لاءِ ادب توڙي روايتي ميڊيا ناڪافي ثابت ٿي. ان دور ۾ ئي نئين سنڌي صحافت متعارف ٿي. اها خوش نصيبي منهنجي حصي ۾ آئي، جو آئون ان نئين سنڌي صحافت، جيڪا مزاحمتي صحافت هئي، ان جو باني ٿيس. ڪاوش به ان مزاحمتي صحافت جي هڪ ڪڙي طور جاري ٿي، پر ٿوري ئي وقت ۾ سنڌي صحافت تي ڇانئجي وئي.
آئون ۽ علي قاضي صاحب ”سفير“ اخبار جي ڏينهن کان اخبارن جون مختلف فزيبلٽي رپورٽون ٺاهيندا رهياسين. مختلف اخبارن جي ڪاميابي يا ناڪامين تي بحث ٿيندا رهندا هئا. پر هر ڀيري ڪانه ڪا ڳالهه کُٽي ٿي پئي. ڪڏهن پئسو، ڪڏهن مارڪيٽنگ نيٽ ورڪ ته وري ڪڏهن ٽيم ته ڪڏهن مئنيجمينٽ. عوامي آواز جي باني ايڊيٽر طور سنڌ جو تفصيل سان دورو ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٻيهر ڏسڻ Re visit ڪرڻ جو موقعو مليو. دوستن مان چند ماڻهو آهن، جيڪي ايترو پڙهندا آهن يا ميڊيا ۾ ايندڙ تبديلين تي نظر رکندا آهن، اسلم قاضي انهن ماڻهن مان ئي آهي. ڪاوش چئن صفحن تي عام اخبار کان اڌ قيمت تي نڪرندي سرڪيوليشن ۾ وڌڻ لڳي. اخبار جي مقبوليت به وڌي رهي هئي، هرڪو پڙهندو به هو، پر ان کي سنجيدگي سان نه وٺندو هو. ان ڳالهه ڪاوش جي انتظاميا کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته اها اخبار ۾ ڪجهه سنجيده مواد به شامل ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ راءِ ٺاهيندڙ ڌرين سان ميل ميلاپ به ڪري. ائين اخبار ۾ ايڊيٽوريل سان گڏ هڪ سنجيده مضمون به شروع ٿيو. چند صفحن جي اخبار اٺن صفحن واري مڪمل اخبار کان گوءِ کڻي وئي. اڃا ڪاوش انهيءَ دور مان گذري رهي هئي ته مٿان وري ڪراچي مان جاري ٿيل نئين صحافت جون اخبارون پروفيشنلزم کان هٽڻ ۽ ڪمرشلزم ڏي گهڻي جهڪاءُ ۽ انتظامي اختلافن سبب ذري گهٽ ويهي رهيون. جنهن ڪاوش لاءِ وڌيڪ ميدان ڏنو. ڪاوش جي ڪاميابيءَ جو راز يا نسخو ڇا آهي؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي. ان نسخي جي ڳولا ۾ ڪيئي اخباري دنيا جا سنياسي ۽ سيڙپڪار ميدان ۾ لٿا، پر اهو نسخو کين هٿ نه آيو. اصل ۾ اهي حالتون هيون، جن ۾ ڪاوش ڪامياب ٿي. ان سان گڏوگڏ اخبار جو سستو هجڻ، رڳو خبرون ۽ اخباري بيان ئي نه پر خبريت، Aggressive مارڪيٽنگ، نيوز ميڪرز سان رابطا، هن نسخي جو اهم حصو آهن. هڪ وڏي عرصي تائين ڪاوش ان  (Pitch) تي بيٺي رهي ته اشتهارن لاءِ خبرن تي سودي بازي نه ٿيندي. ڪاوش سٿ کي ويجهو هجڻ ۽ ان ٽيم جي حصي طور ڪم ڪندي مون ڪيترائي دفعا ڏٺو ته اهم ۽ وڌيڪ خبرن کي جاءِ ڏيڻ لاءِ علي قاضي پيسٽنگ مهل اشتهار ڇڪ ڏئي لاهي ڇڏيا هئا ۽ اتي خبرون لڳايون هيون. ڪاوش جي اسلام آباد آفيس ۾ ڪم ڪندي مون کي هڪ ٻيو به تجربو ٿيو. بورڊ آف انويسٽمينٽ ۾ اسان جو يار پارس ارشاد عباسي ڊائريڪٽر پبلڪ رليشنز هو. هن ڪاوش لاءِ ڪوارٽر پيج جو اشتهار جاري ڪيو، ٻن ڏينهن تائين اهو اشتهار ان ڪري نه ڇپجي سگهيو، جو خبرن جو Flow وڌيڪ هو، ٽئين ڏينهن مون کي مجبور ٿي علي صاحب کي Request ڪرڻي پئي ته اهو اشتهار مهرباني ڪري شايع ڪريو. عباسي يار آهي، نه ته هو ٻي ٻولي ڳالهائيندو.
جيڪڏهن ڪنهن سنڌي اخبار صحافت جي  1.H ۽  5 Ws (When, Where, Who What, Why۽ How)  کي سمجهيو آهي ته اها ڪاوش ئي آهي. نئون ڇا آهي، مختلف ڇا آهي؟ ائين ڇو ٿيو، پس منظر ڪهڙو آهي، ان جا اثر ڪهڙا پوندا، ان جي پويان ڪير آهي، وغيره وغيره. انهن سوالن جا جواب ئي ’خبريت‘ پيدا ڪندا آهن. اهڙي ’خبريت‘ جيڪا وڪامندي آهي، ته وري ناراضگيون به پيدا ڪندي آهي.
نواڻ جي ڳولا، ڇو، ڇا، ائين وري ڪيئن ٿيو؟ اڳ ئي ڇو نه ٿيو، جا سوال پڇندڙ ۽ ان جا جواب ڳولي ڇاپيندڙ ’ڪاوش‘ کي هر دور ۾ رڳو حڪومت ئي نه پر مختلف سياسي گروپن طرفان دٻاءُ به سهڻو پيو. مون کي اهڙي ڪا حڪومت ياد ناهي، جنهن ۾ ڪاوش جا اشتهار بند نه ٿيا هجن  يا ڪنهن سنڌي سياسي گروپ جهيڙو نه ڪيو هجي. ڪاوش، جيڪا ڪڏهن پيپلز پارٽي جي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو روز نئون فوٽو ڇاپيندڙ اخبار طور سڃاتي ويندي هئي. ان پيپلز پارٽي جي بينظير حڪومت ۾ به ڪاوش جا اشتهار بند رهيا. وري جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ٿي، ته محترمه صحافين جي سامهون اها ڳالهه چئي ته ”منهنجي حڪومت ڪاوش ۽ نواءِ وقت وڃائي آهي.“ پوءِ اها ساڳي محترمه چند مهينن بعد علي قاضي وٽ سندس گهر به لنگهي ويئي. علي قاضي سنڌ توڙي پاڪستان جي سمورين سياسي ڌرين ۽ حلقن سان تعلقات رکندڙ آهي. ڪنهن پارٽي جو ڪو اهڙو مکيه ليڊر نه سجهي، جنهن سان علي قاضي جون ڪچهريون ٿيل نه هجن. اهي ڪچهريون رڳو تعلقات رکڻ (P.R) لاءِ نه پر سياستدان ۽ ان جي سياست کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهن. اهي تعلقات پنهنجي جاءِ تي، هن ڪڏهن به خبرن تي سودي بازي نه ڪئي، ان ڪري کيس مختلف وقتن تي انهن سياسي دوستن وٽان ”بيدرد“ ”ظالم“ جا لقب به ملندا رهيا آهن. موٽ ۾ هو هڪڙي ئي ڳالهه ڪندو آهي ته ”آئون پروفيشنل ماڻهو آهيان.“ گاڊ ازگاڊ، بزنيس از بزنيس“ دوستي پنهنجي جاءِ تي خبر، خبر ٿيندي آهي، اها ته ڏبي.
ڪچهريون ٿيون، اها ڳالهه سامهون آئي ته سنڌ ۾ اڃا هڪ وڌيڪ اخبار جي گنجائش موجود آهي. سفير اخبار جي ڪامياب نه ٿيڻ باوجود علي قاضي ۽ اسلم صاحب جي مٿي مان اخبار ڪڍڻ جو ڀوت نڪري نه سگهيو هو. علي صاحب سان منهنجي تفصيلي ڪچهري ٿي. مون کيس ٻڌايو ته ”قومي آواز“ ۽ اردو جي ”قومي اخبار“ جي تجربن کي مڪس ڪري اخبار ڪڍي سگهجي ٿي. اهڙي اخبار جي مارڪيٽ موجود آهي. منهنجو اندازو هو ته پنج ست هزار اخبار آرام سان هلي سگهي ٿي. اسان مختلف پهلوئن تي بحث ڪيو ۽ هن آئيڊيا جي قابل عمل هجڻ بابت پنن تي جوڙڪٽ ڪئيسين.
ايندڙ مهيني ٻن ۾ قاضي برادران شام جي اخبار ”خادم وطن“ ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. خادم وطن جي ڪامياب تجربي بعد ڪاوش جاري ڪرڻ جي راهه نڪري آئي. ڪاوش شروع ٿي ته آئون ٻن ڏينهن لاءِ ڪراچي مان سيڙجي حيدرآباد آيس. ڪاوش چئن صفحن تي ٻڌل ننڍڙي اخبار جنهن ۾ خبرون ئي خبرون هيون. اصل ڳالهه اها هئي ته ماڻهو خبرون پڙهڻ چاهين ٿا. جيستائين راءِ يا Opinion جو تعلق آهي، اهو پڙهندڙ وٽ ٻئي درجي جي ترجيح آهي. ان کي مختصر  تبصرن سان پورو ڪري سگهجي ٿو. جيئن خبر جي هيڊنگ سان گڏ هڪ سٽ جو تبصرو.
نئين صحافت ۽ نئين اخبار لاءِ ڪجهه شيون ضروري هيون. نئين اپروچ، نوان موضوع (انساني حق، سياسي ۽ معاشي جدوجهد، رياست ۽ زورآور طبقن جو ڏاڍايون) ۽ نوان گهاڙيٽا وغيره. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ پراڻي روايتي صحافي جي وس جي ڳالهه ڪونه هئي. سڀ ڪجهه نئون هجڻ تي ايڏو وڏو پئسو سيڙائڻ واقعي ڪنهن مهم جوئي (Adventure) کان گهٽ نه هو. نئين اپروچ ۽ نوان موضوع ته ايڊيٽر ڏيئي سگهي ٿو، پر نوان گهاڙيٽا ته ڪو نئون ماڻهو ڏيئي سگهي ٿو. ان لاءِ نوان ماڻهو ڪٿان اچن؟ ڳولا ڦولها ڪري ٽيم ٺاهي ويئي. اها تمام گهٽ دوستن کي خبر آهي ته ڪاوش جي شروع وارن  ڏينهن ۾ اپروچ ۽ موضوعن جي حوالي سان اسلم قاضي جو وڏو ڪنٽري بيوشن آهي. سنڌ ۾ چئن صفحن تي ٻڌل اخبار مان شروع ٿي، ڪاوش اڄ سنڌي جو وڏي ۾ وڏو ۽ ملڪ جو اهم ميڊيا گروپ بڻجي چُڪو آهي، ان جي ڪاميابي جو سفر ڏاڍو ڏکيو، ڪيترن موقعن تي وڏي خطري وارو رهيو آهي. ان سڄي سفر ۾ ڪاوش جي ايڊيٽر  جي همت، حوصلي، بردباري سان گڏوگڏ ڏاهپ، دور انديشي ۽ Skills جو به ڪمال آهي. داٻ دڙڪي، خوف خطري يا وري لوڀ لالچ آڏو بيهڻ ڪو ايڏو سولو ڪم ڪونهي. چڱا ڀلا ڊپ وچان ويهي رهندا آهن، ٿڪجي پوندا آهن، يا ترڪي پوندا آهن.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home