ڇا ملڪ آئيني بحران ڏانهن پيو وڃي؟ 7 فيبروري 2013ع
ڇا ملڪ آئيني
بحران ڏانهن پيو وڃي؟
خميس 7 فيبروري 2013ع
ملڪ هاڻي جڏهن چونڊن ڏانهن وڃي رهيو آهي، تڏهن ملڪي سياست ۾ ڪي نوان عنصر
داخل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هر لابي چونڊن کان اڳ اهڙو سياسي سٽاءُ ۽
انضمام چاهي ٿي، جنهن ۾ ان جي پسند جي يا ويجهي پارٽي جي ڪاميابي يقيني ٿي
سگهي. ان لاءِ ڪي سرگرميون ڪن پارٽين کي ويجهو ڪرڻ لاءِ ته ڪي وري ڪن
پارٽين کي پري ڪرڻ لاءِ پڻ ٿي رهيون آهن. وڏيون ڌريون حڪمت عمليءَ ۾ وڌيڪ
دلچسپي رکن ٿيون. انهن جي دلچسپي ان ۾ وڌيڪ آهي ته انهن جي ويجهي ڌر کي
حڪمت عمليءَ طور وڌيڪ فائدو پهچي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اڪثر سرگرميون
اهڙيون آهن، جيڪي آئين جي دائري کان ٻاهر آهن. مثال طور علامه قادريءَ جا
مطالبا، عمران خان جي چونڊ ڪميشن نئين سر جوڙڻ واري ڳالهه يا نواز شريف جو
ملڪ ۾ اهم عهدن تي تبديلي جو مطالبو يا وري طالبان وٽان اڳواٽ شرط رکي،
ڳالهين جي آڇ! علامه قادري ۽ عمران خان اهڙا مطالبا ڪري رهيا آهن، جن جو
مطلب چونڊون ملتوي ڪرائڻ لڳي ٿو ۽ چونڊون ملتوي ٿيڻ معنى ڊگهي عرصي واري
نگران حڪومت. انهن مطالبن ۽ سرگرمين کي ڏسجي ته اهي مطالبن جون ڊگهيون
لسٽون آهن، جيڪي عين اليڪشن وارن موقعن تي سياسي پارٽين کي اوچتو ياد آيون
آهن، ورنه پورا پنج سال اهڙي ڪابه تجويز ڪنهن ٺوس شڪل ۾ سامهون نه آئي آهي.
ڏٺو وڃي ته چونڊن ۾ سڀ کان وڏو معاملو پرڏيهي پاليسيءَ سان وڌيڪ ڳنڍيل آهي.
ملڪ اندر سرزمين تي اشوز جهڙوڪ: امن امان، مهانگائي، تعليم، صحت، ترقياتي
ڪمن جي کوٽ وغيره، جيڪي گهڻي شدت اختيار ڪري ويا آهن، تن بابت ڪا ڳالهه نه
ٿي ڪئي وڃي. هر سياستدان اهو ٿو چوي ته، ”بس آئون ايندس ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي
ويندو.“ اهي سڀ سياسي پارٽيون پنهنجو پنهنجو چونڊ منشور پڌرو نه ڪري
رهيون آهن، جنهن ۾ هو اهو ٻڌائين ته حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ اهي ڪهڙي پروگرام
يا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪنديون ۽ ان جو طريقو ڇا هوندو؟ ائين ڪنهن به
معاملي تي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ وٽ نه ڪا پاليسي آهي ۽ نه ئي وري ڪا پارٽي
عوام آڏو ڪو واعدو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. حد ته اها آهي ته سياسي پارٽيون ڌرڻا
به سياسي حڪمت عمليءَ وارن مقصدن لاءِ هڻي رهيون آهن.
..
افغان سوال هن علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي. پاڪستان جي حوالي
سان وري افغان سوال جمهوريت ۽ ملڪ ۾ امن امان لاءِ اڃا وڌيڪ اهم آهي،
ڇاڪاڻ جو پاڪستان جون اهي ٻئي شيون افغان اشو سان سلهاڙيل آهن. جڏهن
پاڪستان، افغانستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ برطانيا جي ٽياڪڙيءَ هيٺ ڳالهيون هلي
رهيون هيون ته تحريڪ طالبان پاڪستان وٽان ڳالهين جي آڇ ٿي آهي. انهيءَ آڇ
جو سياسي پهلو اهو آهي ته طالبان ڳالهين لاءِ مسلم ليگ جي نواز شريف، جماعت
اسلاميءَ جي منور حسن ۽ جي يو آءِ جي مولانا فضل الرحمان جي ضمانت گهري آهي.
انهن سياسي ڌرين جي ضمانت واري گهرَ سياسي ڌرين ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري وڌو آهي.
جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ ماضيءَ ۾ جهادي سوچ جون حامي رهيون آهن، اڃا به
اهي پاڻ کي ان سوچ کان گهڻو پاسيرو نه ڪري سگهيون آهن، البت نواز شريف جو
هن صف ۾ اچڻ معنى خيز لڳي ٿو. ماضيءَ ۾ نواز شريف جي ساڄي ڌر سان ’مائٽي‘
رهي آهي. هن جو اتحاد ۽ سڃاڻپ اها ئي نظرياتي ڪيمپ رهي آهي. هو ضياءُ الحق
جي ’باقيات‘ ۽ پاليسين کي اڳتي وڌائيندو رهيو آهي. ان ڪري 77ع واري ’پي اين
اي‘ واري تحريڪ، ان کان پوءِ آءِ جي آءِ جو ٺهڻ، سندس ماضيءَ جو اڻٽٽ حصو
رهيو آهي. 1999ع ۾ مشرف هٿان حڪومت وڃائڻ کان پوءِ هن پاڻ کي چڱو خاصو لبرل
سوچ واري سياستدان طور متعارف ڪرايو ۽ هو وڏي حد تائين اهو تاثر ڏيڻ ۾
ڪامياب به ويو. هن علامه قادريءَ جي ڌرڻي جي موقعي تي سياسي ڌرين کي گڏ ڪري
جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاهڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو. ائين هن پنهنجو نئون
پروفائيل ٺاهيو. اها نئين
Definition
ماڻهن کي به ڏاڍي وڻي.
هڪ آمريڪي اداري جي سروي ۾ نواز شريف جي وڌندڙ مقبوليت کي ڏيکاريو ويو آهي.
ملڪ اندر به اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته اسٽئبلشمينٽ کيس قبول ڪري
ورتو آهي ۽ ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ کيس ئي حڪومت سونپي ويندي. ڪي ماڻهو ته
نواز شريف جي
Body language
بابت به چون ٿا ته ڄڻ هو اقتدار ۾ ويٺو هجي. پر ڪجهه زميني حقيقتون انهيءَ
تاثر جي ترديد ڪن ٿيون. جڏهن علامه قادريءَ جي ڌرڻي کي اسٽئبلشمينٽ جي
آشيرواد سان ڳنڍيو پيو وڃي، ته نواز شريف ان هنڌ ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ علامه
جي سموري حڪمت عملي نواز شريف جي خلاف بيهي ٿي. تجزيه نگار هڪ دفعو وري
نواز شريف جي پنهنجي ساڄي ڌر واري نظرياتي ڪيمپ ڏانهن جهڪاءُ کي ڏاڍي
دلچسپي ءَ سان ڏسي رهيا آهن، جنهن ۾ طالبان کيس ان لائق سمجهيو ته هو سندن
ضامن ٿي بيهي. اهو به ياد ڏياريو پيو وڃي ته ڪڏهن شهباز شريف شدت پسند
تنظيمن کي اپيل ڪئي هئي، ته سندس زير حڪومت صوبي پنجاب ۾ دهشتگرديءَ واريون
ڪارروايون نه ڪيون وڃن.
انقلاب يا تبديلي ۽ جمهوريت پسنديءَ اڄ جي دور جا مقبول نعرا آهن. اصل
ڳالهه اها آهي ته اهي نعرا ڪهڙيون قوتون هڻي رهيون آهن ۽ واقعي اهي ڪهڙا
مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿيون. ملڪ اندر پاليسي ڪهڙي هوندي، عوام کي ڇا ملندو،
ان جو ڪهڙو روڊ ميپ آهي؟ پرڏيهي پاليسي ڪهڙي هوندي؟ هن بدلجندڙ دنيا ۾ ملڪ
کي ڪٿي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ بيهاريو ويندو؟ اهي بنيادي نوعيت جا سوال آهن ۽
اهي ئي سوال آهن، جن جي بنياد تي ڪنهن سياسي ڌر جي نظرياتي اساس پرکي سگهجي
ٿي. سياسي مبصر ڊرون حملن ۽ پاڪستاني چيڪ پوسٽ تي حملن بعد سڏايل آل پارٽيز
ڪانفرنس ۾ نواز شريف جي ورتل موقف کي طالبان واري ڳالهه سان ڳنڍي رهيا آهن.
ڇا ان جو مطلب اهو ورتو وڃي ته ملڪ ۾ هڪ دفعو وري ساڄي ڌر واري سوچ، جنهن
جو تعلق جهادي ذهنيت سان آهي، تنهن کي مختلف طريقن سان اڳيان آندو پيو وڃي؟
نواز شريف طرفان طالبان جي ڳالهين جي، سندس ضامن ٿي بيهڻ سان مشروط آڇ جي
بيان تي نواز شريف جي لاتعلقيءَ جو بيان متوقع هو. اها عجيب ڳالهه آهي ته
ويڙهاڪ ڌريون ڪن سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي قتل ڪري رهيون آهن ته وري ٻين
کي ضامن ٿيڻ لاءِ چئي رهيون آهن. جماعت اسلاميءَ طرفان به پهرين ان معاملي
کان لاتعلقي ڏيکاري ويئي، پر تازو جماعت جي اڳواڻ لياقت بلوچ هي موقف پڌرو
ڪري، ته جماعت اسلامي پاڻ کي طالبان سان ڳالهين کان بنهه علحده نه ڪيو آهي،
اشارو ڏنو آهي ته نواز شريف جي حڪومت هوندي ته ائين ڪري سگهجي ٿو. طالبان
جي حڪمت عمليءَ تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته اها آڇ ملڪ جي سياست تي اثر
انداز ٿيڻ ۽ سياسي ڌرين کي ورهائڻ جي ڪوشش آهي.
پاڪستان جي سياست ۽ اقتداري معاملن ۾ عسڪري ڌريون اهم پليئر رهيون آهن،
تازو نئون آندل ملٽري ڊاڪٽرائين لازمي طور تي اقتداري معاملن ۽ پرڏيهي
پاليسيءَ تي اثر انداز ٿيندو. ان ڊاڪٽرائين کي به ليکي ۾ آڻڻ تمام ضروري
آهي. هن ڊاڪٽرائين موجب ملڪ کي ٻاهريان نه پر اندروني خطرا درپيش آهن.
اندروني خطرن جو مطلب اهو ئي ورتو پيو وڃي ته ويڙهاڪ ڌرين خلاف ڪارروايون.
ان صورت ۾ اهي ڌريون سياست ۾ پنهنجي جاءِ ڳولي رهيون آهن ۽ انڊيا لاءِ
ڊاڪٽرائين ۾ نرم جاءِ آهي. انهيءَ نرم گوشي جي پيش نظر ئي انڊيا سان
پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ وارو ٺاهه ٿيو. اڃا اهو ٺاهه مس ٿيو هو ته لائين آف
ڪنٽرول تي جهيڙو ٿي پيو، ان سان گڏوگڏ هڪ جهادي اڳواڻ لاهور ۾ اها پريس
ڪانفرنس ڪئي، جيڪو هڪ ڀارتي فوجيءَ جي مُنڍي کڻي ايندو، ان کي 5 لک رپيا
انعام ڏنو ويندو. وري نواز ليگ جي اهم اڳواڻ چوڌري نثار علي خان جو بيان
آيو ته سندن پارٽي انڊيا سان جنگ جي حمايت ڪري سگهي ٿي. هي اها جماعت آهي،
جنهن گجرال جي ڏينهن ۾ ڀارت سان ويجهن لاڳاپن لاءِ اُپاءُ ورتا هئا.
ڇا هن ڊاڪٽرائين تي اهم ادارن ۾ هڪ کان وڌيڪ راءِ موجود آهي؟ نواز شريف هن
ڊاڪٽرائين بابت اڃا تائين ڪا ڳالهه کليل نموني نه چئي آهي. ٿي اهو رهيو آهي
ته ايندڙ چونڊن لاءِ نواز ليگ جي اڳواڻيءَ ۾ ساڄي ڌر جو وسيع تر اتحاد ٺهي
رهيو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته هن ڊاڪٽرائين تي عمل ڪيئن ٿيندو؟ پيپلز پارٽي
تي ڇو نٿو ڀاڙي سگهجي؟ پيپلز پارٽي خراب حڪمراني ۽ وسيع تر سياسي ۽ راءِ
عامه جي حلقن کي پاڻ سان ڳنڍي نه سگهي آهي. مبصرن جو خيال آهي ته هن خال ۾
ئي نگران حڪومت جو خيال اڀري ٿو، جيڪا صفائي به ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ سياست ۽
اقتداري دائري ۾ ڪجهه عنصر داخل ڪري ۽ نظام کي نئين سري سان ترتيب ڏئي،
پر انهن سمورين ڳالهين تي عمل ۾ آئين آڏو اچي رهيو آهي ۽ عدليا به!
ڪيتريون شيون آئين کان مٿڀريون آهن، ته ڇا آئين کي پاسيرو رکيو ويندو؟ يا
آئين ۾ زوريءَ ائين ترميمون ڪيون وينديون، جيئن ضياءُ الحق ۽ مشرف ڪيون؟
ٻنهي صورتن ۾ وڏو بحران آهي ۽ ملڪ کي وڏا خطرا درپيش آهن.
Labels: 2013, Constitutional crisis
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home