Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد جي شروعات جو ڏينهن

جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد جي شروعات جو ڏينهن
اربع 14 آگسٽ 2013ع
MRD Movement
اهو  14 آگسٽ جو ڏينهن  هو، جڏهن ضياءَ شاهي خلاف ڇهن سالن کان پچندڙ لاوو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ۽ ماڻهو بغاوت تي لهي آيا. پرامن گرفتارين جي هيءَ تحريڪ پرتشدد ٿي ويئي. ٻيا صوبا اڳتي نه آيا، هن تحريڪ سنڌ جو تشخص بدلائي ڇڏيو. ضياءَ دور ۾ مارشل لا جي خلاف گهڻ جماعتي اتحاد جو باضابطا اعلان ڇهه فيبروري تي 1981ع تي 70 ڪلفٽن تي هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. هن اجلاس ۾ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ خواجا خير الدين گروپ، پاڪسان ڊيموڪريٽڪ پارٽي، پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي، قومي محاذ آزادي، جميعت علماءِ اسلام ۽ تحريڪ استقلال شرڪت ڪئي. بعد ۾ عوامي تحريڪ ۽ پاڪستان نيشنل پارٽي به هن اتحاد ۾ شامل ٿي ويون. جيتوڻيڪ اتحاد ۾ شامل پارٽيون هڪ ٻئي جي مخالف خيال رکندڙ هيون، پر ضياءَ جي مارشل لا خلاف متحد ٿي ويون. پيپلز پارٽي به اها ڪڙي گوري کاڌي، جو انهن ماڻهن سان اتحاد ڪيو، جيڪي ستر واري ڏهاڪي ۾ ان جي حڪومت ڊاهڻ جو سبب بڻيا ۽ ان بعد ڀٽي کي ڦاسي جي سزا آئي. اهو اتحاد چار نڪاتي هو، جنهن جا مارشل لا جو خاتمو، آئين جي بحالي، پارلياماني چونڊون ۽ اقتدار عوام جي حوالي ڪرڻ اهم نڪتا هئا.
 
ايم آر ڊي سنڌ جي ماڻهن جي طاقتور تحريڪ هئي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن پهريون ڀيرو سول نافرماني جي انداز ۾ عوامي سطح تي سرگرمي ڏيکاري. جيتوڻيڪ ون يونٽ خلاف تحريڪ به سنڌ ۾ وڏي سجاڳي آندي، پر هي تحريڪ ان کان به هيٺين سطح تي هئي. ضياء ٽولي هن تحريڪ کي سنڌ جي عليحدگي يا پاڪستان خلاف تحريڪ قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اتحاد ۾ اعتدال پسند ڌرين جي موجودگي ۽ 73ع واري آئين جي مطالبي انهيءَ الزام کي ڌوئي ڇڏيو ۽ دنيا کي اهو پيغام مليو ته ”اهي احتجاج ڪندڙ ماڻهو ته 73ع واري آئين جي بحالي  پيا گهرن.“ ان ڳالهه جو اعتراف ضياء ٽولي جي گهرو سيڪريٽري روئيداد  خان بعد ۾ پنهنجي يادگيرين ۾ به ڪيو ته حڪومت هن تحريڪ جي باري ۾ عوام وٽ تصور تبديل/خراب ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويئي، جنهن ڪري ان کي ملڪ ۾ وڏي پيماني تي حمايت حاصل نه ٿي سگهي. ايم آر ڊي ٺهڻ کانپوءِ جنرل ضياءَ مارچ 81ع ۾ عدليه جا اختيار گهٽائي ڇڏيا، جنهن تحت عدالتون مارشل لا جي سزائن قيد ۽ ڦٽڪن کي معطل يا نظر بندي کي ناجائز قرار نٿي ڏيئي سگهيون.
 
مارشل لا جي خلاف ٺهيل هن اتحاد کي پهريون ڌڪ پي آءِ اي جي جهاز جي هائيجيڪنگ سبب لڳو، ڪراچي کان پشاور ويندڙ جهاز کي هائيجيڪ ڪري ڪابل جي هوائي اڏي تي لاٿو ويو. بعد ان جهاز کي شام جي گاديءَ واري شهر دمشق نيو ويو. هائيجيڪنگ جو ڊرامو تڏهن ختم ٿيو، جڏهن هائيجيڪرن هڪ فوجي آفيسر سوڌو ڇهن ڄڻن کي قتل ڪيو ۽ مارشل لا حڪومت 60 سياسي قيدين کي، جن ۾ اڪثريت پي پي ڪارڪنن جي هئي، جهاز جي مسافرن جي عيوض آزاد ڪري دمشق موڪليو ويو. ”الذوالفقار“ تنظيم هن واقعي جي ذميواري قبول ڪئي، جنهن جو سربراهه ذوالفقار علي ڀٽي جو وڏو فرزند مير مرتضى ڀٽو هو. هن واقعي کي حڪومت پيپلزپارٽي سان ڳنڍڻ لاءِ سمورا زور لڳايا. حڪومتي پروپيگنڊا ۽ الذوالفقار جي نالي ۾ گرفتارين ملڪ ۾ خاموشي پيدا ڪري ڇڏي. هن واقعي ڄڻ مارشل لا خلاف تحريڪ کي ڪجهه عرصي لاءِ پوئتي ڌڪي ڇڏيو.
 
نئين ٺهيل اتحاد کي پنهنجو پاڻ منظم ۽ عوام کي سرگرم ڪرڻ ۾ ٻه سال لڳي ويا. جيئن ئي ايم آر ڊي 14 آگسٽ کان تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ته ضياءَ دٻاءَ ۾ اچي ان کان 2 ڏينهن اڳ يعني 12 آگسٽ تي نئون سياسي ڍانچو پيش ڪيو ۽ مرحليوار چونڊون ڪرائڻ جو واعدو ڪيو. پر فوج جي ڪردار 73ع واري آئين ۽ سياسي پارٽين جي ڪردار جي باري ۾ ڪا واضح ڳالهه نه هئي. پر ضياءَ جي هن اعلان باوجود تحريڪ جهڪي نه ٿي. ايم آر ڊي جي ڪارڪنن ۽ ليڊرن فيصلي موجب 14 آگسٽ کان رضاڪارانه طور گرفتاريون ڏيڻ شروع ڪيون. چند ئي ڏينهن ۾ تحريڪ عروج تي پهچي ويئي. سڄي سنڌ ۾ ڪمال جو جوش، جذبو ۽ ولولو نظر آيو. شاگردن، مزدورن، وڪيلن، هارين ۽ ٻين پيشيوارانه تنظيمن به هن تحريڪ جي حمايت جو اعلان ڪيو. جڏهن مزدورن جي شرڪت وڌڻ لڳي ته حڪومت هڪ آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن تحت عوام جي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ تي موت جي سزا رکي ويئي.
سنڌ ۾ اُڀار جا سبب:
بظاهر اهو ٿو لڳي ته ان تحريڪ چند هفتن  ۾ زور ورتو، پر ائين ناهي. در اصل  سنڌ ۾ هڪ عرصي کان بي چيني پچي رهي هئي. ڀٽي جي ڦاسيءَ کي اڃا ٻه سال به نه ٿيا هئا جو 9 آگسٽ 1980ع تي سنڌ جي هڪ نوجوان نذير عباسيءَ کي اذيت گاهه ۾ عقوبتون ڏيئي شهيد ڪيو ويو ۽ سندس لاش کي لاوارث قرار ڏيئي دفنايو ويو. سنڌ ۾ سوين ڪارڪن قيد ۽ ڦٽڪن جون سزائون ڀوڳي رهيا هئا. سنڌ جي ماڻهن کي ان تي به ڪاوڙ هئي. تحريڪ کي سنڌ ۾ عوامي حمايت حاصل ٿيندي ڏسي مارشل لا حڪام ماڻهن تي گوليون، لٺيون ۽ آنسو گئس وسايا. گرفتاريون ۽ ڦٽڪا ته اڳ ئي هئا، ائين تحريڪ ۾ تشدد جو عنصر به شامل ٿي ويو. ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ تحريڪ وڌيڪ خود رو هئي، ان جي اها به خصوصيت هئي ته ان تي ٻهراڙين جو رنگ حاوي هو ۽  اها بنا منصوبا بندي جي بنا ڪنهن وڏي ليڊر جي هئي، ان ۾ عوام جي شرڪت ۽ هجوم جو ايڪشن هو، جيڪو ٻين صوبن ۾ نه هو.
وڏيرن جي شموليت:
سنڌ ۾ تحريڪ جي اڀار جو ڪارڻ اهو به بڻيو، جو سنڌ ملڪ جي ايليٽ ۾ بنهه موجود نه هئي. سنڌ جو ايليٽ طبقو 77ع کان پوءِ اقتدار کان ٻاهر هو. ضياءَ جي نظام ۾ هن کي ڪا جاءِ نه پئي ملي.هن اها جاءِ واپس وٺڻ پئي گهري. هن تحريڪ هن لاءِ اهڙو موقعو پيدا ڪيو. اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي وڏيري هن کان اڳ ڪنهن اهڙي تحريڪ ۾ حصو نه ورتو هو. سنڌ جي هن کان اڳ هليل وڏي ۾ وڏي تحريڪ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ هئي. وڏيرو ان ۾ پاسيرو رهيو هو. ٻيو ڪارڻ اهو به هو ته وڏيري کي هيٺان کان دٻاءُ هو. يعني ٻهراڙي وارن ماڻهن جو دٻاءُ. سنڌي سماج ۾ حد کان وڌيڪ احساس محرومي هئي. خاص ڪري حڪومتي حلقن تائين ان جي رسائي بلڪل ختم ٿي چُڪي هئي. هو اقتدار ۾ شموليت جي ان احساس کان محروم هو، جيڪو کين ڀُٽي ڏنو هو. ٽيون ڪارڻ اهو هو ته سنڌ جي ماڻهن کي (جنهن ۾ ننڍا وڏا وڏيرا پڻ شامل آهن) هن تحريڪ ۾ جان نظر آئي ۽ هو وڏي پيماني تي تحريڪ ۾ شريڪ ٿيا، جڏهن انهن ڏٺو ته غلام مصطفى جتوئي جهڙو محتاط سياستدان به گرفتاري ڏيڻ لاءِ تيار هو. هي پهريون موقعو هو، جو قيادت فرنٽ لائين تي هئي. ليڊرن گرفتاريون ڏنيون. ان جو سبب اهو هو، جو گذريل ڪجهه سالن دوران هن جي پوزيشن گهٽ ٿي ويئي هئي، سا هو بحال ڪرڻ پيو گهري. ائين ليڊر ۽ ڪيڊر ٻئي ميدان ۾ هئا.
تشدد تشدد کي ئي جنم ڏيندو آهي، جڏهن مارشل لا حڪام تشدد ڪيو ته جواب ۾ فائرنگ، ريل گاڏين، ٿاڻن، بئنڪن ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملا ٿيا. تشدد جو اندازو ان مان ڪري سگهجي ٿو ته تحريڪ جي ٻئي ڏينهن تي دادو ۾ فورسز ۽ احتجاج ڪندڙن جي وچ ۾ چڪريون ٿيون، جنهن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. پنجين ڏينهن تي چار ماڻهو مارجي ويا. تحريڪ اڃا تيز ٿي ته مارشل لا اختياري وارا وڌيڪ مڇرجي پيا ۽ سخت قدم کنيائون. پر ماڻهن کي هاڻي سزائن ۽ گرفتارين جو ڊپ نه هو. خيرپور ناٿن شاهه ۾ ست ۽ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ پنهل چانڊيو ۾ 16 ماڻهو شهيد ڪيا ويا. سرڪاري طور تي اهو چيو ويو ته 61 ماڻهو قتل  ۽ 200 زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته 4691 ڄڻا گرفتا رڪيا ويا آهن، پر محققن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جو تعداد 600 کان 800 آهي ۽ پندرنهن هزار کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ٿيا هئا. جيل ڀرجي ويا، اتي گنجائش کان وڌيڪ قيدي رکيا ويا. فوجي حڪومت جو سنڌ جي ماڻهن ڏانهن رويو ٻين صوبن کان مختلف هو، هتي حڪومت تشدد جو عنصر شامل ڪيو ته جيئن ماڻهن کي ماري ڪُٽي، ڊيڄاري هيسائي ماٺ ڪرائجي. پر هن تشدد سبب صورتحال اها هئي، جو ماڻهو فوج خلاف وڙهي رهيا هئا. دادو ۽ بدين ۾ سمورن حفاظتي اُپائن جي باوجود سروٽا وسايا ويا. گڏهن تي ضياءَ جو نالو لکي سندس رستي تي ڇڏيا ويا. ايم آر ڊي تحريڪ سبب صوبي ۾ انتظاميا غير موثر بڻجي ويئي. ان جو اظهار تڏهوڪي گورنر جهانداد خان جي يادگيرين واري ڪتاب مان هن ريت ملي ٿو. آءِ جي سنڌ پوليس بشير صديقي کي دادو کان لاڙڪاڻي وارو دورو ملتوي ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ جو پوليس کيس تحفظ ڏيڻ کان لاچاري ڏيکاري.
سنڌ ۾ ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ پنجن ڳالهين ڪم ڪيو. (1) پيپلز پارٽي، جنهن لاءِ ماڻهن ۾ ڇڪ هئي ۽ ان جي قيادت وڏيرن وٽ هئي. مخصوص نفسيات مطابق ڳوٺاڻو ماڻهو ڪنهن وڏي ماڻهو جي آڙ ۾ ورهڻ ۾ سهولت محسوس ڪندو آهي. (2) کاٻي ڌر جون تنظيمون، انهن تنظيمن نئين طاقت جو ڪم جنهن ۾ عوامي تحريڪ، ڪميونسٽ پارٽي، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي وطن دوست پارٽي ۽ هاري تنظيمون، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جيئي سنڌ محاذ مان ڌار ٿي پنهنجي پارٽي ٺاهي هئي. (3) سنڌ جا دانشور، جن ماڻهن انهيءَ سڄي تحريڪ کي فڪري بنياد فراهم ڪرڻ سان گڏ ماڻهن جي اڀار کي صحيح قرار ڏيندي مڃتا ڏني. انهيءَ مڃتا سبب سائين جي ايم سيد طرفان هن تحريڪ کان پري رهڻ ۽ ان کي پيپلز پارٽي جي تحريڪ قرار ڏيڻ باوجود ماڻهن اڳتي وڌي ان ۾ حصو ورتو. (4) ڪجهه حصو سنڌ جي ڪن مذهبي ڌرين جو به آهي، جن ۾ مولانا شاهه محمد امروٽي جي اڳواڻي ۾ تحريڪ جي قيادت ڪئي. ڏٺو وڃي ته هي تحريڪ ضياءَ  جي پاليسين خلاف سنڌ جي ماڻهن جو رد عمل هو. احتجاج ڪندڙ ڄڻ ڀٽي جي قتل جو پلاند وٺڻ لاءِ ٿي نڪتا. هن تحريڪ سنڌ ۾ قومپرستيءَ کي ٻيهر جيئاريو. ڇاڪاڻ جو سنڌ جي ماڻهن وٽ مارشل لا ۽ فوج جو مطلب پنجاب آهي. سنڌين جي اڪثريت سمجهيو ته انهن جا مفاد مارشل لا تحت محفوظ ناهن.
پنجاب جي عدم شرڪت: اها تحريڪ سنڌ ۾ سياسي تبديلي جو لينڊ مارڪ ثابت ٿي، پر پنجاب جي ان تحريڪ ۾ شرڪت نه ٿي سگهي. ضياءَ سنڌ ۽ پنجاب کي الڳ الڳ ڪيو. هڪ ته پنجاب جي فوج ۽ نوڪر شاهي وغيره ۾ موثر موجودگي سبب ان جي اقتدار ۾ شرڪت ۽ شموليت موجود هئي. ٻئي طرف ضياء جيڪا ٻنهي صوبن وچ ۾ اها دوري پيدا ڪئي هئي، سا اڄ به موجود آهي. هڪ پاسي پنجاب ۾ تحريڪ اڳتي نه وڌي. ٻئي پاسي سنڌ ۾ تشدد جو عنصر شامل ٿي ويو. جنهن تي ضياء ٽولي کي اهو چوڻ ۾ آساني ٿي ته سنڌ جو عوام عليحدگيءَ لاءِ وڙهي رهيو آهي. غلام مصطفى جتوئي پنجاب طرفان ڪردار ادا نه ڪرڻ تي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته جيڪڏهن پنجاب ساٿ ڏئي ها ته ضياءَ ڪڏهوڪو هليو وڃي ها. ڪراچيءَ ۾ تحريڪ جاري ته رهي، پر ان ۾ سنڌي ۽ بلوچ شامل هئا. اردو ڳالهائيندڙن مان ڪي چند اچي سگهيا. ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙن جي انهي دوري، اڳتي هلي ايم ڪيو ايم جي شڪل اختيار ڪئي. اڄ مصر يا ٻين ملڪن ۾ عوامي اڀار سڄي دنيا جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. ان اڀار ۾ ميڊيا ۽ پيغام رساني جي جديد ٽيڪنالاجي جو وڏو هٿ آهي. ايم آر ڊي تحريڪ در اصل ان اڀار کان وڏي تحريڪ آهي. ڇاڪاڻ جو ايم آر ڊي جي ڏينهن ۾ سينسر شپ هئي ۽  ايڏي وڏي ملڪي توڙي عالمي سطح تي  نه ميڊيا هئي ۽ نه وري پيغام رساني جا اڄوڪا ذريعا.هي تحريڪ هلائي ته سڄي ملڪ جي ماڻهن هئي، بدقسمتي سان هن تحريڪ ۾ ٻين صوبن جي شرڪت معمولي رهي. سنڌ ۾ فوجي حڪمرانن ماڻهن تي گوليون هلايون. اها تحريڪ ضياءَ حڪومت لاءِ وڏو چئلينج هئي. ڇاڪاڻ جو اها 77ع ۾ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ کي چئلينج ڪري رهي هئي. ايم آر ڊي کڻي سڄي ملڪ جي ماڻهن کي متحرڪ نه ڪري سگهي. پر سنڌ جي ماڻهن پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو، جيڪي ڀٽي جي ڦاسيءَ سبب وڌيڪ حساس هئا. ان ڪري سنڌ هن تحريڪ ۾ اڳيان اڳيان رهي. فوج سان ٽڪر سبب اهي ڏند ڪٿائون ٽٽي ويون ته سنڌ جو ماڻهو مسلح جدوجهد نٿو ڪري سگهي. جيتوڻيڪ پهرين نطر ۾ اها تحريڪ عام چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي، پر 1985ع واريون غير جماعتي چونڊون ايم آر ڊي تحريڪ جو نتيجو هيون، جيڪو سويلين حڪومت ڏي پهريون قدم هو. ڏٺو وڃي ته اڄ به ملڪ جو عوام جمهوريت جي ڦل کان وانجهيل آهي. ضياء سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ۽ ڪراچي جي ماڻهن جي باقي سنڌ  جي ماڻهن کان دوري جو  جيڪو ٻج ڇٽيو، سو اڄ به ڏچو بڻيل آهي.

Labels: , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home