Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

حڪمرانن جا اندروني ’تضاد‘ ۽ ڊرون حملا بند ڪرڻ وارو سوال 23 نومبر 2013ع

حڪمرانن جا اندروني ’تضاد‘ ۽ ڊرون حملا بند ڪرڻ وارو سوال
 ڇنڇر 23 نومبر 2013ع
 سهيل سانگي
ڇا عجب زمانو اچي ويو آهي، نواز حڪومت جو سڌ سماءُ وارو وزير پرويز رشيد چوي ٿو ته، اڄ ملڪ ۾ موجود فرقيواريت لاءِ رياست جون پاليسيون ذميوار آهن، ڇاڪاڻ جو رياست ڪيترن سالن کان ان مذهبي فرقيواريت ۾ ڌُر رهي آهي. هاڻي وري وزيرِ داخلا چوڌري نثار علي چوي ٿو ته، آمريڪا کي اسين ڪيئن دوست چئي ٿا سگهون؟ اهو ڊرون حملا پيو ڪري، هن اڃا اڳتي چيو آهي ته، آمريڪي امداد ڪڏهن به مثبت تبديلي نه آندي آهي. هن کان اڳ جماعتِ اسلامي جي سربراهه منور حسين جي بيان تي پڻ ڪجهه نظرياتي لِيڪا وائکا ٿيا، تڏهن حڪيم الله محسود کي ”شهيد“ سڏڻ وارو معاملو هو. پرويز رشيد تازو فرقيوارانه جهيڙن جي حوالي سان پئي ڳالهايو. چوڌري نثار علي هنگو ۾ ٿيل ڊرون حملي ۽ ان تي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جي بيان تي ٽوڪيو آهي.
چوڌري نثار علي چوي ٿو ته، سرتاج عزيز کي آمريڪا جي ان خاطريءَ تي ڪيئن يقين آيو ته، اهو طالبان سان ڳالهين تائين ڊرون حملو نه ڪندو. آمريڪا جي تازن ٻن حملن، پهريون جنهن ۾ طالبان اڳواڻ حڪيم الله محسود مارجي ويو هو ۽ ٻيو تازو پشاور ۾ ٿيو، پاڪستان ۾ صف بنديءَ کي چِٽو ڪري ڇڏيو آهي. اها صف بندي سياسي هجڻ بدران نظرياتي ۽ حڪمتِ عملي واري وڌيڪ آهي. اها به عجيب ڳالهه آهي ته، چوڌري صاحب وزير گهرو معاملن وارو آهي پر هو ڳالهائي پرڏيهي معاملن تي رهيو آهي، سو به وري پرڏيهي معاملن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز تي ٽوڪون ڪري رهيو آهي. ڄڻ کيس پرڏيهي صلاحڪار کان معاملن ۽ پاليسين بابت ڪا وڌيڪ ڄاڻ هجي ۽ کيس ان بابت ڳالهائڻ جو اختيار به هجي. سرتاج عزيز عمر، سياست ۽ تجربي وغيره ۾ چوڌري نثار کان گهڻو مٿي ۽ سينيئر آهي. ان بابت وزير اعظم نواز شريف به ڪو اهڙو تبصرو ڪرڻ يا ڳالهائڻ جي همت نه ڪري سگهندو آهي پر اهو چوڌري صاحب جو ڪمال آهي، جو سمورا پروٽوڪول ۽ ضابطا اورانگهي ٽوڪ به ڪري ويو ۽ وري پرڏيهي معاملن ۾ به گهڙي ويو.
اسلام آباد جا حلقا چون ٿا ته، گذريل ٻن مهينن کان چوڌري صاحب ڪجهه وڌيڪ نروار ٿي ويو آهي. ايتريقدر جو ملڪ اندر وزير اعظم کان به وڌيڪ سرگرم. سندس بيان ۽ موقف وزير اعظم يا وري ائين کڻي چئجي ته، حڪومت جي موقف کان مختلف هوندو آهي. حڪيم الله محسود جي قتل واري واقعي بابت به ائين ٿيو هو، جنهن تي خود پارٽي حلقن ۾ ڳالهيون نڪتيون، ڪجهه ڳالهيون وري ميڊيا تائين پهتيون. گهڻ ڳالهائو چوڌري نثار، نواز حڪومت جي گذريل دور ۾ به اهو ڏيکاءُ ڏيندو هو، ڄڻ ڊپٽي پرائيم منسٽر هجي، تڏهن آرمي چيف جي نامزدگي به سندس صلاح سان ڪئي ويئي هئي ۽ اهو آرمي چيف جنرل مشرف هو. پوءِ جيڪي ٿيو سو سڀني ڏٺو. تڏهن نواز حڪومت جي برطرف ٿيڻ ۽ ان جي قيد ۽ جلاوطن ٿيڻ سبب فاصلا وڌي ويا. چوڌري نثار پنجابي گانو ”ڪيون دور دور رهندي هو ساڊي ڪور“ ڳائيندو رهيو. بهرحال تازين چونڊن بعد وري ڪنهن طرح سان ”چئو چَوا“  ۽ ”ٽياڪڙي“ ڪم آئي. چوڌري صاحب وري ”اِن“ ٿي ويو آهي.
اهو صحيح آهي ته، تازين حالتن ۾ ڊرون حملا روڪڻ جي آمريڪا جي ڪابه نيت ڪونه ٿي لڳي، هو اتحادي فوجن جي افغانستان مان نڪرڻ واري تاريخ کي سوڙهو ايندو ڏسي، طالبان کي هر حال ۾ سوڙهو ڪرڻ گهري ٿو. ان جو اندازو آمريڪي ميڊيا ۽ آمريڪي اڳواڻن جي بيانن مان به ٿئي ٿو. ظاهر آهي ته، اها ڳالهه آمريڪا نواز شريف کي به دوري مهل چِٽن لفظن ۾ ضرور چئي هوندي، اها ٻي ڳالهه آهي ته، ميان صاحب ان جي باوجود ڳالهين لاءِ دروازا کليل رکندو آيو. سندس ان پاليسيءَ کي تحريڪِ انصاف ٻچاپڙائپ سڏي رهي آهي، ته نواز شريف آمريڪا سان هڪڙي ڳالهه ٿو ڪري، ته وري ملڪ ۾ ٻي ڳالهه ٿو ڪري. سرتاج عزيز به ڪو خواب ڪونه ڏٺو هو ۽ نه وري ڪو کِيسي مان پنو ڪڍي اهڙو پاليسي بيان ڏنو هوندو. ممڪن آهي ته، ڪنهن آمريڪي اهلڪار کيس ڪا اهڙي پڪ نه ڪرائي هجي، پر اها ته پڪ آهي ته، وزير اعظم کيس اهڙو اطلاع يا اهڙيون هدايتون ڏنيون هونديون. نه ته سرتاج عزيز نه ڪو اهڙو ڇڙواڳ وزير آهي ۽ نه وري ڪو آداب کان غير واقف ماڻهو، ان ڪري سرتاج عزيز جي پرڏيهي پاليسيءَ بابت اهڙي پاليسي بيان کي حڪومت ۽ وزير اعظم طرفان ئي سمجهڻ گهرجي. چڱو ٿيندو ته، ٻيا وزير ۽ ميڊيا جيڪڏهن ان بابت چٿرون ڪرڻ چاهي ٿي ته، اها وزير اعظم تي ڪري.
آمريڪا جي تازي ڊرون حملي، سرتاج عزيز جي بيان ۽ ان تي چوڌري نثار علي جي ”ناقص راءِ“ کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته، اصل حقيقتون ڪي مختلف آهن. آمريڪا ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ ڪا ڊيل يا ڪا انڊر اسٽينڊنگ ضرور آهي. حڪومت اها ڳالهه عام ڪرڻ کان ڊڄي رهي آهي. نتيجي ۾ حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ ڄاڻ جي کوٽ سبب اعتماد جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. ڪيئي ڌريون انهيءَ اعتماد جي کوٽ Credibility جو ناجائز فائدو وٺي رهيون آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ اڃا به وٺنديون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، هوائي خبرون ڪرڻ، حوال ڪٽڻ بدران عوام کي پوري ڄاڻ ڏني وڃي.
تازي ڊرون حملي پاڪستان ۾ سياست کي هڪ مختلف رُخ ۾ تيز ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان جي پارٽي تحريڪِ انصاف جي زيرِ حُڪمراني صوبي ۾ ٿيل تازي حملي، عمران خان جي ”نيٽو سپلاءِ بند ڪرڻ“ واري سَڏ ۾ ڪاوڙ وڌائي ڇڏي آهي. ان جي باوجود جو سيپٽمبر ۾ مکيه پارٽين واري ڪانفرنس طالبان سان ڳالهين ۽ ڊرون حملن کي روڪڻ بابت ”يڪراءِ موقف“ اختيار ڪيو هو پر عمران خان جي تازي سڏ ۾ ٻي ڪابه پارٽي ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. سندس اهو سڏ ”سولو فلائيٽ“ هوندو. مولانا فضل الرحمان، جيڪو عمران خان وانگر ئي طالبان لاءِ نرم دل رکندڙ اڳواڻ آهي. ان جو موقف دلچسپ آهي. مولانا فضل الرحمان وڏو اُستاد لڳي ٿو. هن گذريل ڀيري اهو چئي ته، ”آمريڪا خلاف وڙهندڙ ڪُتو به شهيد آهي!“ جماعتِ اسلامي جي سربراهه منور حسين کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو. هو هاڻي عمران خان جي پويان پيل آهي. چوي ٿو ته، اهو رڳو احتجاجي جلسو يا ڌرڻو هوندو، ان کان مٿي ڳالهه نه چڙهندي. نيٽو سپلاءِ بلاڪ ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ڏسجي ته خان صاحب ڪيترو مولانا جي اُڪسائڻ ۾ اچي ٿو.
جيڪي ماڻهو مولانا فضل الرحمان کي سڃاڻن ٿا، تن کي خبر آهي ته، هو ڪيترو حسابي ماڻهو آهي. هو ڄاڻي ٿو ته، نيٽو سپلاءِ بلاڪ ڪرڻ واريون خبرون ”هوائي“ آهن. خاص ڪري اهڙي پارٽيءَ طرفان، جيڪا اهڙي اسٽريٽيجڪ صوبي ۾ حڪومت ۾ هجي. مولانا ضرور اهو به ڄاڻندو هوندو ته، آمريڪي اداري يو ايس ايڊ جي تازين هدايتن بعد عمران خان جي زيرِ حڪمراني صوبي خيبر پختونخوا ۾ ڪيتريون ترقياتي رٿائون شروع ٿي ويون آهن ۽ اوتريون ئي ٻيون پائيپ لائين ۾ آهن. اها ڳالهه به عام آهي جنهن کي مولانا ضرور حساب ۾ آندو هوندو ته، افغانستان ۾ 47 ملڪن جون فوجون آهن، جن کي گڏيل قومن جي اداري جي منظوري پڻ حاصل آهي. اها ڳالهه ان پسمنظر ۾ هيڪاري وڌيڪ اهميت رکي ٿي ته، تازو واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير جو يورپي ملڪن جي دوري بعد بيان آيو هو ته، يورپي يونين جا ملڪ خاص رعايت طور پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ٻيون شيون اٽڪل 700 ملين ڊالرن کان هڪ ارب ڊالرن تائين ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن. پاڪستان، جيڪو هينئر ٽَڪي ٽَڪي لاءِ نه سهي پر هڪ هڪ ڊالر لاءِ محتاج بڻيو بيٺو آهي، سو به اهڙي وقت ۾ جڏهن آءِ ايم ايف جي فرمائش تي پرڏيهي مَٽا سَٽا جا ذخيرا ڏيکارڻ لاءِ جڏهن اسٽيٽ بئنڪ پَٽَ سَٽَ ڪئي، ته ڊالر جو اگهه چڙهي ويو. مهانگائي ٿي وئي، وري به پورت نه ٿي، ته ماڳهين آءِ ايم ايف قسط جاري ڪرڻ ملتوي ڪري ڇڏي. اهڙي وقت ۾ عمران خان ڪيئن نيٽو سپلاءِ بلاڪ ڪندو؟ ۽ رياستي ادارا ان کي ڪيئن اهڙي ڍر ڏيندا؟ جو 47 ملڪ واپار ۽ امداد بند ڪري ڇڏين. اها جيڪڏهن ميڊيا وارن ۽ ٻين ادارن کي خبر آهي ۽ کين سمجهه ۾ اچي ٿي، ته پڪ عمران خان کي به سمجهه ۾ ايندي هوندي پر پوءِ به جيڪڏهن چوڌري نثار، عمران خان جهڙي ٻولي ڳالهائي، ۽  عمران خان ڌرڻو هڻي ٿو يا ان کي اهڙي ڍر ڏني ٿي وڃي، ته ڇا سمجهجي ته، گڏجي سڏجي ملڪ کي کاهيءَ ۾ ڌِڪيو پيو وڃي؟!.

Labels: , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home