Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

آپريشن واري ’فلم‘ پيپلز پارٽي جي ڳچيءَ ۾ وڌي پوندي؟ 20 سيپٽمبر 2013ع

آپريشن واري ’فلم‘ پيپلز پارٽي جي ڳچيءَ ۾ وڌي پوندي؟
جمع 20 سيپٽمبر 2013ع
ڪراچي آپريشن سمورين سياسي ڌرين جي صلاح سان شروع ڪيو ويو، پر جيئن جيئن ڏينهن گذرندا پيا وڃن، تيئن هن آپريشن جون مختلف انگهه ۽ ڇاڙون نڪري رهيون آهن. هن ڪم ۾ جيتري دير ٿيندي يا ڊيگهه ايندي، اوترو وڌيڪ مونجهارا ۽ مسئلا پيدا ٿيندا. گذريل ٻن ٽن سالن جي واقعن جو اڀياس ٻڌائي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي سياست کٽي پئي هئي. مئي وارين چونڊن جي نتيجن انهيءَ ڳالهه تي مهر هڻي تصديق ڪري ڇڏي. ايم ڪيو ايم جي خلاف سياسي ڌريون هم خيال ته ڪافي عرصي کان هيون، جنهن جو اظهار اهي مختلف وقتن تي ڪنديون رهيون هيون. اهي ڌريون ٻن ڳالهين جي انتظار ۾ هيون. هڪ اهو ته موقعو مهل ۽ ٻيو طريقو. پيپلز پارٽي مرڪز ۾ حڪومت ۾ هئي ته ان لاءِ اها مجبوري هئي ته سنڌ توڙي مرڪز ۾ ”سنڌي“ حڪومت آهي. ان کان وڌيڪ اهو ته ايم ڪيو ايم صدر زرداري جي بيساکي بڻيل هئي، جنهن کيس صدارتي ووٽ ڏنو هو ۽ زرداري هر حال ۾ حڪومت جي ۽ پنهنجي صدارت جي عهدي جي مدت پوري ڪرڻ پئي گهري. مئي وارين چونڊن بعد حڪومت ٺاهڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي پيپلز پارٽي کي نه وري نواز ليگ کي ضرورت هئي. مٿان وري خود ايم ڪيو ايم اندر ڏڦيڙ پيدا ٿي پيو. ان جي سربراهه خلاف لنڊن ۾ پڻ ڪيسن جي جاچ شروع ٿي. پهرين برطانوي ميڊيا ۽ ان کان پوءِ آمريڪي ميڊيا پنهنجو رخ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڏيکاريو. ائين هڪ اهڙو ماحول ٺهي ويو، جنهن آپريشن لاءِ حالتون سازگار بڻائي ڇڏيون. ڳالهه اها وڃي بيٺي ته آپريشن جيڪڏهن ڪري سگهجي ٿو ته اڄ ڪري سگهجي ٿو.

اصل حقيقت اها آهي ته جتي ڪراچي جي وسيلن، جنهن ۾ زمين وڏو فيڪٽر آهي، ان تي قبضي ۽ ان ئي مقصد لاءِ سياسي بالادستي ۽ هڪ هٽي جي لڙائي هلي پئي، اتي ڪجهه ٻيون به حقيقتون آهن، جن انهيءَ تضاد کي اڀاري ۽ تيز ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي ڊيمو گرافي يعني آدم شماري جي تناسب ۽ توازن ۾ وڏو ڦيرو آيو آهي. انهي ڦيري جي شروعات ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان ٿي، جڏهن ست لک کان وڌيڪ ماڻهو سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ مقامي آباديءَ جو هڪ وڏو حصو، جيڪي هندو هئا، سي لڏي ويا. انهيءَ لڏ پلاڻ سبب جتي سماجي، معاشي ۽ ثقافتي معاملن ۾ تبديلي آئي، اتي سياست ۾ به تبديلي آئي. ان صورت ۾ ڪراچي ۾ سنڌي آبادي بمشڪل 5-6 سيڪڙو وڃي بچي. ان بعد ون يونٽ ٺهيو، ايوب خان جي حڪومت آئي، صنعتڪاري ٿي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا مان وڏي پيماني تي ماڻهو هن شهر ۾ اچي آباد ٿيا. يعني 51ع ۾ مهاجرن جي اچڻ بعد مهاجر آبادي وڌي ۽ اڪثريت ۾ ٿي، تنهن کي پٺاڻ ۽ پنجابي آبادي Contrast ڪرڻ لڳي، ون يونٽ ٽٽڻ ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ اچڻ بعد سنڌي آبادي ويهن سالن کانپوءِ ڄڻ پنهنجي گاديءَ واري شهر جو رخ ڪيو، پر انهن جو اچڻ ايترو نه هو، جيترو ون يونٽ ٺهڻ ۽ ايوب خان جي دور ۾ پنجابين ۽ پٺاڻن جو هو. بنگلاديش ٺهڻ بعد ٽي کان چار لک ماڻهو (بهاري) اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا. ائين هڪ ڀيرو وري مهاجر آباديءَ ۾ اضافو ٿيو. افغان جنگ ۾ پنج ست لک افغاني اچي آباد ٿيا. وري جڏهن دهشتگردي خلاف جنگ جي ڪارروائي ٿي ته ٽي چار لک قبائلي علائقن جي ماڻهن ڪراچيءَ جو رخ ڪيو. انهن انگن اکرن کي ڏٺو وڃي ته اڀرندي پاسي کان آيل ماڻهن جي آخري وڏي کيپ بنگلاديش ٺهڻ جي موقعي تي آئي هئي. ان بعد ٻي لساني سڃاڻپ رکندڙ ماڻهو وڏي پيماني تي ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بدامني ۽ معاشي بدحالي سبب به وڏي انگ ۾ ماڻهو ڪراچي ۾ آيا. ائين سنڌين، پٺاڻن، پنجابين توڙي بلوچن جو انگ وڌندو رهيو آهي. سنڌين ۽ بلوچن جي آباديءَ ۾ واڌ اڻ لکي يا غير محسوس طريقي سان ٿيندي رهي، جنهن جي پويان معاشي ڪارڻ وڌيڪ هو، جڏهن ته افغانين ۽ پٺاڻن وغيره جي آبادي قافلن جي صورت ۾ ٿي. آدم شماريءَ جا انگ توڙي ووٽر لسٽون به ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون. 81ع جي آدم شماريءَ موجب ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي 54.3 سيڪڙو هئي. انهي اڪثريت کي جواز بڻائي ايم ڪيو ايم اردو ڳالهائيندڙن جي دلين ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. ايندڙ چند سالن ۾ اها صورتحال تبديل ٿي ويئي. 98ع جي آدم شماري ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آباديءَ جو تناسب 48.5 سيڪڙو وڃي بيٺو. 98ع کانپوءِ جي واقعن ۽ ملڪ جي مختلف علائقن جي صورتحال ٻڌائي ٿي ته هاڻوڪي پنجاب جي سرائيڪي بيلٽ، خيبر پختونخوا ۽ قبائلي علائقن مان لڏ پلاڻ ٿي آهي ۽ اهي ڪراچي آيا آهن. يعني عملي طرح هاڻي آدم شماري جو تناسب 98ع وارو ناهي ۽ اهو اڃا گهٽيو آهي.
98ع واري عرصي کانپوءِ ئي پٺاڻ ٽرانسپورٽ تي مڪمل طور ڇائنجي ويو. انهي آباديءَ ۾ واڌ جو هڪ اهڃاڻ 2008ع جي چونڊن مان به ملي ٿو، جڏهن عوامي نيشنل پارٽي ڪراچيءَ مان صوبائي جون ٻه سيٽون کٽيون. انهي تبديلي کي ايم ڪيو ايم محسوس ڪيو ۽ ووٽر لسٽن جي معاملي تي جهيڙو ڪيو. هاڻي صورتحال اها آهي جو محمود خان اچڪزئي چوي ٿو ته ڪراچي ۾ 30 کان 40 لک پٺاڻ آهن ۽ اسيمبليءَ ۾ سمورن گروپن ۽ قومپرستن کي نمائندگي ملڻ گهرجي. اچڪزئي جي دعوا موجب ڪراچي ۾ پٺاڻ ٻئي نمبر تي وڏو لساني گروهه آهي. اچڪزئي جي انهي دعوا جي  سچائي ۽ سنڌين ۽ بلوچن جي آبادي جو جيڪو انگ هن ٻڌايو آهي، تنهن سان بلڪل اختلاف ڪري سگهجي ٿو. پر اها ڳالهه حقيقت آهي ته ڪراچيءَ جي ڊيمو گرافي وڏي پيماني تي تبديل ٿي آهي. ان جي تناسب ۽ توازن ۾ وڏي تبديلي آئي. انهي تبديليءَ جي مڃتا عملي طور تي هر ڪا ڌر گهري ٿي. غير جمهوري قدرن، روين ۽ ماحول جي ڪري ڪراچي ۾ سياسي پارٽيون پنهنجي فڪري  منشور ۽ پروگرام جي حيثيت وڃائي چڪيون آهن. ان جي جاءِ تي اتي سياست لساني سڃاڻپ سان ٿيڻ لڳي آهي. ان ڪري اهو جهيڙو جيڪو سياسي طور ٿيڻ گهرجي، سو هٿياربند جهيڙو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌمڪيون اها ڌر ڏيئي رهي آهي، جيڪا وقت سان گڏ پنهنجي اڪثريت واري دعوى وڃائي رهي آهي.
ڪراچيءَ وارو آپريشن ان صورتحال ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾Initiative  وفاقي حڪومت جو آهي. پر ان جي ذميواري، بار ۽ سمورو نقصان سنڌ ۽ صوبائي  حڪومت کي ئي کڻڻو آهي. آپريشن جو سمورو خرچ، خاص طور تي رينجرس جو سمورو خرچ سنڌ حڪومت کي ئي ڀرڻو آهي. وفاقي حڪومت پنهنجي Initiative  کي اڃا تائين ڪابه مالي مدد نه ڏني آهي ۽ صوبائي حڪومت کي وفاق وٽان رڳو اخلاقي مدد حاصل آهي ته ”مڙس ماڻهو ٿيو، اسين توهان سان گڏ“ آهيون. وغيره وغيره.
سنڌ حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي آهي. پر اها نه ڪا سياسي Move ڪري سگهي آهي نه وري آپريشن لاءِ ماڻهن کي قائل ڪري سگهي آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته مهاجرن خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي. اها صورتحال اڳتي هلي سياسي طور ايم ڪيو ايم لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. سنڌ ۾ ڏيئي وٺي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جا بيان سامهون اچي رهيا آهن. هڪ ته شرجيل ميمڻ جو ڪو گهڻو سياسي تجربو ۽ قد ڪاٺ ڪونه ٿو بيهي، مٿان وري اهو ته هو سنڌي آباديءَ مان آهي. هن صورتحال ۾ خود ڪراچيءَ سان واسطو رکندڙ ۽ اردو ڳالهائيندڙ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ رضا رباني، وقار مهدي، شهلا ۽ ٻيا خاموش آهن. فيصل رضا عابدي للڪاريندو  هو، پر اهو به هاڻ ميدان ۾ ناهي. اها صورتحال ميڊيا، سياسي ميدان ۽ لابين ۾ ته آهي ئي آهي، پر اسيمبلي ۾ به ڪا بهتر صورتحال ناهي. ڏيئي وٺي نثار کهڙو آهي،  جيڪو تجربو به رکي ٿو ۽ ڳالهائڻ ۾ وزن به اٿس. ورنه اسيمبلي ۾ ته شازيه مري آهي نه وري سسئي پليجو، نه مراد علي شاهه، سراج دراني اسپيڪر ٿي ويو آهي. ايئن خود اسيمبلي اندر به پيپلز پارٽي وٽ ڪو فيس (  ڄاتل سڃاتل چهرو) ڪونهي. نوَن ماڻهن ۾ سردار شاهه يا هڪ ٻه ٻيا ڪي ٿي سگهن ٿا، پر انهن کي ڳالهائڻ ئي نٿو ڏنو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ خود اسيمبلي اندر بحث ۽ خبرن جي حد تائين ڪو ڳالهه ڪرڻ وارو ماڻهو ڪونهي. ٻئي طرف ميڊيا توڙي لابنگ ۾ ايم ڪيو ايم وڌيڪ سرگرم ۽ مضبوط آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي حڪمت عملي نه سڌاري ته آپريشن واري فلم ان جي ڳچيءَ ۾ وڌي ويندي.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home