Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

رياستي پاليسين ۽ روين ۾ تبديلي اچي رهي آهي؟ 09 آڪٽوبر 2013ع

رياستي پاليسين ۽ روين ۾ تبديلي اچي رهي آهي؟
اربع 09 آڪٽوبر 2013ع
آرمي چيف هڪ پريس رليز جي ذريعي  پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ ۾ 2008ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل پيپلزپارٽي جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو. آصف زرداري تنقيدن جي ڇتن تيرن وچ ۾ صدارت جي آئيني مدت پوري ڪئي، هڪ چونڊيل حڪومت ٻئي چونڊيل حڪومت کي اقتدار حوالي ڪيو، ايوان صدر جي رهواسي به پرامن نموني ٻئي  کي جاءِ ڏني.  ائين ٿو لڳي ڄڻ اهو خواب هجي، اهو سڀ ڪجهه پاڪستان نه پر ٻئي ڪنهن  ملڪ ۾ ٿي رهيو هجي، ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي تاريخ ته ماشاءَ الله اهڙي رهي آهي، جتي هڪ صدر يا وري وزير اعظم سان اهڙو سلوڪ ٿيندو آهي بقول ابن انشاءَ جي، جهڙو بادشاهه بادشاهه سان ڪندو آهي.
 ايوب خان حڪومت ۾ ڪيئن آيو ۽ پوءِ يحيٰ خان ڪيئن عزت ڀرئي طريقي سان کانئس چارج ورتي، اڳتي هلي يحيٰ خان  کان ڪيئن عهدو ڇڏايو ويو؟ اهو سڀ تاريخ جو حصو آهي، ساڳي طرح ذوالفقار علي ڀٽو کي حڪومت ڏيڻ، کيس سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻائڻ، وري 9 ستارن واري ڊالر تحريڪ جو اڀرڻ ۽ پاڪستان قومي اتحاد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي وچ ۾ سمورا معاملا طئي ٿيڻ باوجود چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ ڀيانڪ واقعا آهن. انهن واقعن جو تسلسل ان بعد 80 واري ڏهاڪي جي پڇاڙي ۽ 90 واري ڏهاڪي جي وچ تائين  جاري رهيو. انهن ٻنهي ڏهاڪن ۾ وري سياسي ڌريون به ان گڙٻڙ جون آلهء ڪار رهيون، جن کي غير سياسي ڌرين استعمال ڪيو. نوازشريف جي حڪومت کي ڊاهي جڏهن مشرف حڪومت ۾ آيو، ته هن پنهنجو نئون نظام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن نوان پاور بروڪرز وجود ۾ اچي سگهن ۽ پراڻا  پاور بروڪرز غير موثر ٿي وڃن. هن ان ڏس ۾ مڪاني ادارن جو عجيب و غريب نظام آندو، جنهن ذريعي هر ڌر کي پنهنجي علائقي  ۾ بادشاهت ٺاهي ڏني ويئي، نه رڳو ايترو بلڪه ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي  بنهه پاسيرو  ڪري ڇڏيو. مشرف جي انهي قدم سياسي ڌرين کي هوشياري ڏياري، هي اهو دور هو جڏهن بنگلاديش ۾ به سياسي ڌرين گڏجي ٺاهه ڪيو ۽ فوج  جي سياست ۾ اچڻ ۽ مارشل لا لڳائڻ جو رستو روڪيو.  انهي آئيڊيا  کي پاڪستان ۾ محترمه بينظير ڀٽو اڳتي وڌايو،  هن ٻي وڏي پارٽي جي ليڊر  نواز شريف  سان ڳالهيون ڪيون، نتيجي ۾ هنن ٻنهي ڌرين  جي وچ  ۾ چارٽر آف ڊيمو ڪريسي ( جمهوريت لاءِ ٺاهه) وجود ۾ آيو، جنهن کي اڳتي هلي عمران خان ۽ ڪجهه ٻين ڌرين، واري واري سان حڪومت ڪرڻ جو نالو ڏنو. جيتوڻيڪ ان بعد سياسي ڌرين جي اعليٰ حڪمت عملي کي ڪٽڻ  لاءِ ڪي ڌريون فوري طور سرگرم  ٿي ويون، انهن نواز شريف کي اها ڳالهه ٻڌائي ته ان ۾ سمورو فائدو پيپلزپارٽي کي آهي. نواز شريف ان چڪر ۾ لنڊن ۾ ڪانفرنس  ڪوٺائي،  جنهن ۾ ملڪ جي ننڍين پارٽين ۽ گروپن کي گڏ ڪري اهو تاثر  ڏيڻ  جي  ڪوشش ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن  سياسي ڌرين سان ٺاهه ڪري ته ساڻس ڳالهائي،  ڇاڪاڻ  جو هو گهڻين پارٽين  جو نمائندو آهي. پر نواز شريف جو اهو ڪارڊ  هلي نه سگهيو. في  الحال آمريڪا توڙي اسٽيبلشمينٽ ٻئي پاڪستان ۾ ڪنهن تبديلي جي حق ۾ نه هئا، انهن مشرف ۽ سندس حڪمت عملي کي مڃتا پئي ڏني.
 آمريڪا کي هڪ دفعو وري پاڪستان ۾ چونڊيل حڪومت يا سويلين چهري جي ضرورت پئي. ان جنرل مشرف  ۽ محترمه بينظير ڀٽو سان ڳالهايو ۽ ٻنهي  جي وچ ۾ ڳالهيون ڪرايون ۽ اهڙو ٺاهه ڪرايو ته ايندڙ وقت ۾ چونڊن بعد محترمه ۽ مشرف گڏيل نموني حڪومت هلائيندا. واقعات  ٻڌائين ٿا، جن جي تصديق وري عالمي ميڊيا جي  خبرن ۽ تجزين مان به ٿي ته وري محترمه  جي قتل جي جاچ وارين رپورٽن مان  به پتو پوي ٿو ته عين وقت تي مشرف انهيءَ ڳالهه تان ڦري ويو هو. هو محترمه کي گهربل سيڪيورٽي نه ڏئي سگهيو ۽ محترمه شهيد ٿي وئي. محترمه جي شهيد ٿيڻ جي باوجود آمريڪا ۽ پيپلز پارٽي انهي ٺاهه کي نڀايو. مشرف محترمه جي قتل سبب سوڙهو ٿي ويو هو، جنهن کي به اها ڳالهه مڃڻي پئي ته هو پيپلز پارٽي سان گڏ حڪومت ڪري، پر سڄي ملڪ ۾ ماحول ڪجهه اهڙو جڙي رهيو هو، جو عام ماڻهو ۽ سياسي ڌريون مشرف کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيون. مٿان وري خود مشرف جي تڪ يعني عسڪري حلقن ۾ سندس مخالفت اڀري آئي. پيپلز پارٽي اهو موقعو غنيمت ڄاتو ۽ مشرف کي چيو ته يا استعيفى ڏئي سويلين وردي ۾ اچي يا وري صدر جي عهدي خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي منهن ڏئي. انهي ۾ مشرف فوجي عهدي تان استعيفى ڏيئي سويلين وردي ۾ اچي چڪو هو. ان ڪري کيس عهدي تان لاهڻ سولو ڪم ٿي ويو هو. انهي دٻاءُ سبب نيٺ مشرف کي گهر ۽ ملڪ ٻئي ڇڏڻا پيا.
مشرف جي وڃڻ کانپوءِ نئون ماحول جڙيو. مختلف با اثر ادارا ۽ ڌريون مختلف طريقن سان انهي ڳالهه کي يقيني بنائيندا رهيا ته پيپلز پارٽي کي ڪنهن به طرح سان ملڪ اندر سياسي هڪ هٽي حاصل نه ٿئي. ان مقصد لاءِ مختلف واقعن ۽ معاملن کي بنياد بڻايو ويو ۽ استعمال ڪيو ويو. رڳو انهن بااثر ادارن ۽ ڌرين جو ڪمال ناهي جو اهي پيپلز پارٽي کي مقبول ۽ مضبوط پارٽي بنجڻ ۾ آڏ پئي ٿيا، خود پيپلز پارٽي جا پرڪار به ڪجهه اهڙا هئا، جو اهي بدليل حالتن ۾ پارٽي کي واڌ نه ڏئي رهيا هئا.  سٺي حڪمراني ۽ ميرٽ وغيره کي لتاڙيو ويو، جنهن ڪري پيپلز پارٽي چار چڱا ڪم به ڪيا ته اهي ريٽجي ويا.
بهرحال هي سڄو منظر نامو آهي، جنهن ۾ مختلف رياستي ۽ حڪومتي ادارن جي سربراهن جي تبديلي پرامن يا فضيلت واري طريقي سان ٿي رهي آهي ۽ اهو عمل اڃا تائين جاري آهي. اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته چيف آف جوائنٽ چيفس اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل وائين رٽائر ڪيو. آرمي چيف جنرل ڪياني ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو ته حڪومت انهن ٻنهي عهدن لاءِ نوَن نالن جي اعلان ۾ دير ڇو ڪري رهي آهي؟ هن کان اڳ کڻي اهو ٿيندو رهيو هو ته انهن عهدن تي ويٺل ماڻهن طرفان ڪا مداخلت يا مزاحمت هئي، پر هاڻي جڏهن اهڙي ڪا شئي ناهي ته پوءِ دير ٿيڻ وڌيڪ مونجهارن ۽ غلط فهمين کي جنم ڏيئي رهي آهي.
پاڪستان جي چيف جسٽس چوڌري افتخار محمد کي به هلندڙ سال ڊسمبر ۾ ئي رٽائر ٿيڻو آهي. سپريم ڪورٽ جهڙي نموني مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ زور ڀري رهي هئي، تنهن مان اهو پئي لڳو ته چيف صاحب انهن چونڊن جا نتيجا هن عهدي تي ويهي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ پئي گهريا. پر لڳي ٿو ته هاڻي ائين نه پيو ٿئي، جو صوبائي حڪومتون ان تي متفق نه پيون ٿين. چيف صاحب هڪ ٻئي ڪيس نتيجا به ڏسڻ پئي گهريا، سو هو گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائڻ، پر سومر ڏينهن واري ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت جا ريمارڪس ڪجهه اهڙا آهن، جن مان لڳي ٿو ته عدليه کي ان ڏس ۾ مايوسي ٿي رهي آهي. ريمارڪس ۾ چيو ويو هو ته گم ٿيلن جا پيرا ڳجهن ادارن ڏي وڃن ٿا. ورنه هن کان اڳ عدالت ڳجهن ادارن کي عدليه جو پابند هجڻ جا ريمارڪس ڏيندي رهي آهي.
مکيه رياستي ۽ حڪومتي ادارن جي سربراهن جي تبديلين مان لڳي ٿو ته ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ٿيڻ ڏي وڃي رهيو آهي، انهن سربراهن جي تبديلي جنهن طريقي سان ٿي رهي آهي سا پڻ اهميت جي حامل آهي. ائين ملڪ اندر هڪ وڏو تضاد جيڪو سياسي ٻولي ۾ جمهوري سوال سڏبو آهي، سو وڏي حد تائين حل  ٿيڻ ڏي وڃي رهيوآهي، اها ان ڪري به خوشي جا ڳالهه آهي ته ان بعد قومي سوال يعني ملڪ جي مختلف وحدتن جي حقن  جو معاملو ۽ طبقاتي سوال يعني ماڻهن  جي معاشي حقن ۽  معا شي برابري  وارو معاملو اڳيان اچڻ گهرجي.
 ان ڏس ۾ حڪومت، رياستي ۽ حڪومتي ادارن جي اها ذميواري  آهي ته انهن تبديلين ۾ جڏهن پاليسيون،  اپروچ ۽ رويا به تبديل ٿيڻ ڏي وڃن پيا، تڏهن ملڪ جي وحدتن جي معاملي کي به سامهون رکن، ڇاڪاڻ جو انهن وحدتن  کي حق نه ڏيڻ ۽ مٿن ڏاڍ ڪرڻ سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي رهي آهي. هي وقت آهي ته نين پاليسن ۽ حڪمت عملين کي وڌيڪ وحدت- همدرد، عوام دوست ۽ انسان دوست بنايو وڃي.

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home