Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

سنڌ جو انتظامي سربراهه عيد ڪيئن ملهائيندو؟ 16 آڪٽوبر 2013

سنڌ جو انتظامي سربراهه عيد ڪيئن ملهائيندو؟
  سهيل سانگي
اربع 16 آڪٽوبر 2013ع
ميڊيا ۾ خبرون اچي رهيون آهن ته فلاڻو وزير پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ عيد ملهائيندو.  سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پنهنجي اباڻي شهر خيرپور ۾ عيد ملهائيندو، جتان 19 ماڻهو اٽڪل مهينو کن اڳ اغوا ٿيا هئا، جيڪي اڃا تائين هٿ اچي نه سگهيا آهن. اهي 19 ڄڻا ۽ سندن خاندان جا سئو سوا کن ماڻهو ڪٿي ۽ ڪيئن عيد ملهائيندا؟ انهن کان ته عيد، خوشي ۽ خريد سڀ ڪجهه وسري ويو آهي. اغوا ٿيلن جا وارث لڳاتار پوليس جي ڏٽن ۽ آسرن تي آهن ته اڄ سڀاڻي مغوي آزاد ٿي اچي ويندا. هنن جي خاندان پوليس، انتظاميا، با اثر ڌرين وٽ هلي هلي جتيون گسائي ڇڏيون آهن پر ڪوبه کڙتيل نه نڪري سگهيو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته وڏو وزير، جنهن جي ضلعي ۾ ڏيڊ ڊزن ماڻهو اغوا ٿيل هجن، سو ڪيئن عيد ملهائيندو؟ جيڪڏهن سائين قائم علي شاهه ڪراچيءَ ۾ ئي عيد ملهائي ته خيرپور واسين کي شايد ايترو ڏک نه ٿئي ها، پر هو خود خيرپور ۾ اچي عيد ملهائيندو ۽ اتي خوش خوش ٿي ماڻهن کي عيد مبارڪ چوندو ۽ وصول به ڪندو. ٿي سگهي ٿو ته کيس اوڏي مهل کن پل لاءِ اها ڳالهه به ذهن ۾ اچي ته هن اباڻي ضلعي ۾ جتي هو ننڍو ٿي وڏو ٿيو، تعليم پرايائين، وڪالت ۽ سياست ڪري ٻنهي ۾ نالو ڪڍيائين، اتي جا ايترا ماڻهو ايترن ڏينهن کان ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهن. اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪي مغوي شاهه صاحب جي سڃاڻپ وارا هجن، اوڏي مهل ڪنهن هڪ ٻن جو چهرو سائينءَ جي اکين آڏو اچي وڃي ۽ اهو سوال ڪري: ”شاهه صاحب! توهان ته هتي عيد جون خوشيون پيا ملهايو، اسان ته ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهيون.“ پر اهو به ٿي سگهي ٿو ته سائينءَ جا ويجها همراهه ۽ انتظاميا انهن سڀني ڳالهين جي باوجود کيس ٻڌائين ته، ”سڀ چين آهي، سڀ خير آهي“ ۽ سائين پنهنجي راوين جي انهن رپورٽن تي ويساهه ڪري وجهي، جيئن هر حاڪم ڪندو آهي. اغوا ٿيل ماڻهو رڳو خيرپور ضلعي مان ئي ناهن، ٻين هنڌن تان به ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو آهي، پر خيرپور جو حوالو ان ڪري وڏو آهي، جو اهو سنڌ جي اعلى منتظمين جو ڳوٺ آهي، جتي سندس مِٽيون، مائٽيون، راڄ ڀاڳ، دوستيون ۽ ووٽر به موجود آهن، ورنه سڄي سنڌ جي صورتحال ڪا خيرپور کان گهڻي مختلف ڪانهي. خيرپور جو حوالو ان ڪري به اهم آهي جو اتي گذريل چند مهينن ۾ اڌ ڊزن کن ايس ايس پي بدلي ٿي چڪا آهن.
حڪومت جي دعويٰ آهي ته امن امان ان جي پهرين ترجيح آهي. هن ڀيري جڏهن ٻيهر پيپلز پارٽي سنڌ ۾ حڪومت ۾ آئي، تڏهن ان دعويٰ کي ورجايو ويو هو پر پوءِ ڇا ٿيو؟ اهو هر ڪنهن ڏٺو، ”ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُگهه“. اغوا انڊسٽري زورن تي آهي، سج لٿي کانپوءِ شاهراهن تي نڪرڻ اغوا کي دعوت ڏيڻ برابر آهي. ڦرلٽ، شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ته معمولي ڳالهه آهن، جنهن کي انتظاميا ليکي ۾ به نٿي آڻي، ۽ اغوا، ڦرلٽ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي وڌندڙ وارداتن ۽ انهن جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سبب ننڍن وڏن تڪرارن ۾ قتل جا واقعا به وڌي ويا آهن ته جهيڙا به وڌي ويا آهن. هر ڪو ماڻهو اهو ئي سوچي ٿو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ پوليس وڏن واقعن کي نٿي روڪي سگهي ۽ جوابدار گرفتار نٿي ڪري سگهي ته اسان کي ڇا ڪري سگهندي؟ واقعي اها ڳالهه صحيح به آهي، جو اهڙن تڪرارن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل قتل جي واقعن ۾ اڪثر پوليس ڪجهه دير ڪندي آهي. پوليس تڏهن ڪجهه ڪندي آهي، جڏهن احتجاج ٿين، ماڻهو ڌرڻا هڻن، جلوس ڪڍن، تڏهن مجبورن ڪيس داخل ڪري ڪجهه وٺ پڪڙ ڪندي آهي. عملي طرح امن امان نه حڪومت جي ترجيح آهي ۽ نه ئي ايجنڊا .
صوبي اندر بدنظمي ۽ بدانتظاميءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ٿر جو علائقو، جتي ڏوهه صفا زيرو هو، اتي به هاڻي قتل ۽ ڏاڍ جا واقعا ٿيڻ لڳا آهن. ان صورتحال کي ڏسندي آسانيءَ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ هڪ ڏوهاري ڪلچر ڏانهن وڌي رهي آهي، جتي روايتي اخلاقيات جون حدون اورانگهجي رهيون آهن، قانون جي رٽ يا رياستي ادارن جي رٽ به ختم ٿي رهي آهي، انارڪي جي صورتحال ٿي رهي آهي، جتي ”جيڪو ڏاڍو، سو گابو“ وارو معاملو آهي. پر اهو سڀ ڪجهه عام ماڻهوءَ لاءِ آهي. جيڪڏهن حڪومت يا حڪومت جي ڪارندي تي يا رياستي اداري جي ماڻهوءَ تي ڪا ڳالهه اچي ٿي ته سڀ سرگرم ٿي ويندا آهن، قانون به حرڪت ۾ اچي ٿو وڃي، رياستي مشينري به پنهنجا جوهر ڏيکارڻ لڳي ٿي. هتي هڪ ٻيو ٽڪراءُ سامهون اچي ٿو، سو آهي عوام ۽ حڪومت توڙي رياست وچ ۾ وڇوٽي. اها وڇوٽي گهڻو وڌي رهي آهي، جنهن جي گهاڻي ۾ عوام ڏاڍي بيدرديءَ سان پيڙجي رهيو آهي. پر انهي جانڊاهه جي هر ڦيري سان حڪومت توڙي رياست جي پيڙهه ڪمزور ٿي رهي آهي.
لڳي ٿو ته رڳو ڪراچي ئي حڪومت جي ايجنڊا تي آهي. ان جي باري ۾ حڪومت کي فڪر ان ڪري به آهي، جو اتي وڏي سياست ٿي رهي آهي. هڪ سياست اها، جيڪا اتي شهري تنظيم ڪري رهي آهي. ٻي سياست وفاقي حڪومت ڪرڻ گهري ٿي. انڪري ڪراچي جي حالتن مان ان کي ڊپ آهي ته اهي حڪومت کي ڪنهن طريقي سان گهر ڀيڙو ڪري سگهن ٿيون، يا وري مارڪون گهٽائي وڌائي سگهن ٿيون، ورنه باقي سنڌ ڄڻ حڪومتي ايجنڊا تي ئي ڪانهي. اتي جي تعليم هجي يا صحت، يا وري امن امان جو مسئلو ۽ اغوا جون وارداتون- ڪنهن جي ڪن تي جونءَ به ڪانه ٿي چري. پيپلز پارٽي اهو سمجهڻ کان قاصر آهي ته سنڌ جي مسڪين ماڻهن سڀ ڪجهه لتاڙي ان کي مينڊيٽ ڏيئي حڪومت ۾ آندو آهي. اهي ترقياتي ڪمن تان هٿ کڻي ويا، کين رڳو سُک جو ساهه کڻڻ ڏيو. صحت ۽ تعليم جي سهولت ته ڏيو، ڏوهارين کان تحفظ ڏيئي سُک جي ننڊ ته سمهڻ ڏيو. ڪونه ٿو لڳي ته پيپلز پارٽي ائين ڪو فضيلت وارو ڪم ڪرڻ وڃي پئي. خيرپور مان اغوا ٿيل ماڻهو هجن، يا ڀوري ڀيل وارو معاملو هجي يا ٻئي ڪنهن شهر ۾ ٿيل واقعا، ڪڏهن سنڌ حڪومت کي اها توفيق نه ٿي ته هڪ ٻن وزيرن يا اسيمبلي ميمبرن کي ئي اوڏانهن موڪلي ڏکويل ماڻهن جي دلجوئي ڪري يا وري اهو ته انتظاميا کان پڇاڻو ڪري. حالانڪه پيپلز پارٽي سمورن کاتن جا وزير ته نه کنيا آهن پر ڪيئي ايم پي اي واندا ويٺا آهن، جن کي اها ذميواري ڏئي سگهجي ٿي. اها ڳالهه ان ڪري به ضروري آهي، جو وڏو وزير ڊزن کن کاتا پاڻ وٽ رکي پاڻ کي گهڻو مصروف ڪريو ويٺو آهي. سنڌ ۾ هن وقت جيتري بدامني ۽ ڏوهه آهن، انهن کي ڏسندي اهو ئي خيال ايندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وزير وٽ گهرو وزارت هجي ها ته کانئس استعيفا جو مطالبو ڪجي ها. پر اها وزارت خود وڏي وزير وٽ آهي، ان ڪري ان کان ته اهو مطالبو نٿو ڪري سگهجي. هن صديءَ جي مها آزادي پسند نيلسن منڊيلا واهه جي ڳالهه ڪئي آهي: ”جيڪڏهن گهر ۽ گهٽيون محفوظ ناهن ته آزادي ڪهڙي ڪم جي- اها بي معني آهي“.

Labels: , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home