Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

شهادت جا سرٽيفڪيٽ ۽ منور حسن 13 نومبر 2013ع

شهادت جا سرٽيفڪيٽ ۽ منور حسن

سهيل سانگي

اربع 13 نومبر 2013ع
طالبان جي سربراهه حڪيم الله محسود جي ڊرون حملي ۾ مارجڻ بعد رياستي ادارا ۽ سياسي جماعتون هڪ نئين صورتحال ۾ ڦاٿل آهن. اهو رڳو سياسي ئي نه پر حڪمتِ عملي ۽ فڪري معاملو بڻجي ويو آهي. شروع ۾ حڪومت جو موقف وزيرِ داخلا چوڌري نثار علي خان وٽان سامهون آيو، جنهن مان لڳي ٿو ته، سندس وس نه پيو پُڄي، جو هو مقتول طالبان اڳواڻ کي سرڪاري طور شهيد قرار ڏئي. ان جي مارجڻ کي امن سان ائين ڳنڍيو ويو ڄڻ هو ڪو امن جو سفير هجي. 

تحريڪِ انصاف، طالبان لاءِ نرم گوشو رکي ٿي. هن ڪڏهن به طالبان جي شدت پسنديءَ وارين سرگرمين جي مذمت نه ڪئي آهي، تنهن هن واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان سان گڏ ڊرون حملا نه روڪڻ جي صورت ۾ نيٽو سپلاءِ روڪڻ جي ڌمڪي ڏيئي معاملي کي ٿورو اڳتي وڌايو. 

 ڀلو ٿئي مولانا فضل الرحمان جو، جيڪو گهڻو مٿي سُرتال ۾ معاملي کي کڻي ويو ۽ چيائين ته، آمريڪا جي هٿان ڪو ڪُتو به مرندو ته اهو شهيد آهي، انهن سڀني موقفن تي ڪو طوفان کڙو نه ٿيو پر ان سان نئون سياسي ۽ مذهبي اصطلاع ڪرنسي طور سامهون آيو. 
مذهب جي آڙ ۾ سياست جي بازار هڪ دفعو وري گرم ٿي ويئي. شهادت جا سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ لڳا، ته وري ڪن کان اهي سرٽيفڪيٽ کسجڻ لڳا. جماعتِ اسلامي، جنهن جي سڃاڻپ مذهبي جماعت طور آهي ۽ فڪري طور تي پاڻ کي وڌيڪ اسلامي سمجهي ٿي. تنهن مذهبي نعري بابت مذهبي جماعتن جي ڊوڙ ۾ پاڻ کي پوئتي محسوس ڪيو. 
 امير منور حسين هڪ ٽاڪ شو ۾ گهڻو اڳتي وڌي آيو ۽ کليل لفظن ۾ چيائين ته، ”حڪيم الله محسود شهيد آهي.“ اينڪر پرسن جي ان سوال تي ته، ”جيڪڏهن محسود شهيد آهي ته دهشتگرديءَ خلاف هلندڙ جنگ ۾ مارجندڙ پاڪستاني فوجي شهيد آهن يا نه؟“ هن سوال جماعت اسلامي جي سربراهه کي گهوماٽيون ڏيئي ڇڏيون. بهرحال کيس چوڻو پيو ته، ”آمريڪا خلاف وڙهندڙ شهيد آهن، ته پوءِ آمريڪي ايجنڊا لاءِ وڙهندڙ ڪيئن شهيد ٿي سگهن ٿا؟“ سندس اشارو پاڪستان جي فوج ڏانهن هو.
مولانا فضل الرحمان بُهه جي ڍِڳ ۾ چِڻنگ اُڇلائي ڪُنڊ وٺي ويهي رهيو پر منور حسين ڀري ٻيڙيءَ ۾ اڪيلو ڳرو ٿي پيو. هو ۽ سندس پارٽي تنقيد جي تيز تيرن جي نشاني تي اچي وئي. شايد ئي ڪا اهڙي پارٽي هجي، جنهن جي سربراهه منور حسين جي مذمت نه ڪئي هجي. 

سنڌ اسيمبليءَ ته مذمتي ٺهراءُ به بحال ڪري ورتو. ڏسڻا وائسڻا سياستدان منور حسين تي غداريءَ جو ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪرڻ لڳا. معاملو رڳو سياسي پارٽين جي مذمت تائين نه بيٺو، فوج به ان بيان جو نوٽيس ورتو، ڇاڪاڻ جو دهشتگرديءَ خلاف هن عالمي ويڙهه ۾ پاڪستان آمريڪا جو اتحادي بڻيل آهي ۽ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جون هن جنگ ۾ جانيون وڃي چڪيون آهن. فوج جي تعلقات عامه واري کاتي مذمتي بيان جاري ڪري نه رڳو جماعتِ اسلامي کان وضاحت گهري پر غير مشروط معافيءَ جو به مطالبو ڪيو. هن بيان ۾ جماعت اسلامي جي ماضيءَ جي خدمتن ۽ فوج سان قربت جو به ذڪر آهي. جماعتِ اسلامي فوري طور لاهور ۾ پنهنجو  اعلى سطحي اجلاس گهرايو ۽ ان بحث ۾ وڃڻ بنا ته ڪير شهيد آهي ۽ ڪير ناهي، اهو موقف اختيار ڪري ڳالهه کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي ته، فوج کي سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.

اها ڳالهه تاريخ جو حصو آهي ته، جماعتِ اسلامي، ايوب جي شروعاتي ڏينهن کي ڇڏي، سدائين فوج جو ساٿ ڏنو. اوڀر پاڪستان وارا واقعا اڃا تازا ئي آهن. بلڪه اُتي جماعتِ اسلامي جي ڪجهه اڳواڻن کي جنگي ڏوهن ۾ تازو آيل سزا اڃا وڌيڪ تازو ڪري ڇڏيو آهي. 
جڏهن ضياءَ الحق چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، جماعت اسلامي اها پارٽي هئي، جنهن اڳتي وڌي ضياءَ جو ساٿ ڏنو ۽ مارشل لا حڪومت جو حصو بڻي. سرد جنگ جي زماني ۾ جماعتِ اسلامي جي آمريڪا نوازيءَ خلاف نعرا لڳندا رهيا، جڏهن سرد جنگ پنهنجي اوج تي پهتل هئي ۽ ان جو آخري مورچو افغانستان ٿيو، ته آمريڪا سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي استعمال ڪيو. 
هن پراڪسي جنگ ۾ جماعت اسلامي هن”جهاد“ ۾ اهم اتحادي هئي. انهيءَ جهاد لاءِ سڄيءَ دنيا مان شدت پسندن کي پاڪستان اچڻ جي ڪوٺ ڏني وئي هئي، جيڪا آمريڪا سان گڏجي وڙهي پئي وئي. اڄ پاڪستان سياسي، معاشي، امن امان، دهشتگردي ۽ حڪمت عمليءَ جي حوالي سان جيڪو ڀوڳي رهيو آهي، سو افغان جنگ يا جهاد جي ئي سوکڙي آهي. سرد جنگ کانپوءِ جماعتِ اسلامي پنهنجو رُخ تبديل ڪيو. اهو ڪردار هن جماعت کان وٺي مولانا فضل الرحمان ۽ ڪن ٻين مذهبي جماعتن ۽ گروهن کي ڏنو ويو. شايد ان ڪري جو جماعتِ اسلامي ڪجهه وڌيڪ سياسي بڻجي رهي هئي.

طالبان منور حسين جي بيان جي ڏاڍي واهه واهه ڪئي آهي. ذري گهٽ ٻن ڏهاڪن تائين شدت پسند ويڙهاڪن وٽ ذري گهٽ زيرو بڻيل منور حسين هيرو بڻجي ويو پر ملڪي صورتحال ۾ جماعت اڪيلي ٿي ويئي آهي. سموريون سياسي پارٽيون ۽ عسڪري حلقا به ان جي خلاف بيٺل نظر اچن ٿا. هن جماعت جو پس منظر ۽ ماضيءَ جو ڪردار ۽ رياستي ادارن سان فڪري توڙي حڪمتِ عمليءَ جي حوالي سان قربت پنهنجي جاءِ تي آهن. پر نئون Narrative ۽ صورتحال هَڏيءَ وانگر اٽڪي پئي آهي، جنهن کي هو نه ڳِيهي سگهي ٿي ۽ نه ئي نڙيءَ  مان ڪڍي سگهي ٿي. 

تجزيه نگار فوج جي بيان کي رڳو منور حسين لاءِ ئي نه، پر طالبان سان همدردي رکندڙ ٻين جماعتن لاءِ به پيغام سمجهي رهيا آهن. شايد انهيءَ ڪري طالبان سان ڳالهين لاءِ گهڻي اُتاولي نواز شريف کي به تڪڙو ۽ لازمي ڳالهين واري موقف تان پوئتي هٽڻو پيو، جنهن جو اظهار وزيرِ داخلا چوڌري نثار جي قومي اسيمبليءَ ۾ طالبان بابت بحث کي کُٽائڻ واري تقرير مان ٿئي ٿو. هِنَ ڇهن ڏينهن کان هن معاملي تي بحث ڪندڙ قومي اسيمبليءَ کي ٻڌايو ته، طالبان سان ڳالهين واريون ڪوششون في الحال روڪيون ويون آهن. ٽن چئن هفتن بعد صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد ان معاملي کي ڏسبو. هن ساڳئي وقت چيو ته، ڪير شهيد آهي ۽ ڪير ناهي، وارو بحث ملڪ لاءِ زهر جيان آهي.
جماعتِ اسلامي جو فوج جي بيان تي موقف، ته اهو سياست ۾ فوج جي مداخلت آهي، وڏي حد تائين درست لڳي ٿو پر جماعت هڪ اهڙي جنگ، جنهن ملڪ کي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين هر حوالي سان هاڃو رسايو، ان ۾ پنهنجي پسند جا هيرو چونڊي رهي آهي، سا ٺهڪندڙ ڳالهه ڪونه ٿي لڳي، ساڳيءَ ريت جماعت جو اهو موقف ماضيءَ  جي موقف سان ٺهڪندڙ ناهي، جڏهن هو اهڙي مداخلت جي ڪوٺ ڏيندي ۽ ساٿ ڏيندي رهي آهي، اهو به وڏو سوال آهي ته، جماعت انهيءَ موقف تي ايندڙ وقت ۾ بيهندي؟
دراصل تازو Narrative 
۽ ان تي بحث خالي بحث مباحثو ناهي. هي هڪ فڪري ٽڪراءُ آهي، جيڪو رياستي ادارن ۽ حڪمتِ عملي مان ڦُٽي نڪتو آهي ۽ رياست جي فڪري لِيڪن کي ٻيهر وصفائڻ جي تقاضا ڪري رهيو آهي. اهڙي صورتحال هڪ دفعو مشرف دور ۾ به پيدا ٿي هئي، ليڪن هن بنيادي نظريه ۽ فڪر جي رياست لاءِ نئين سر وصف ڏيڻ کان لنوايو، هاڻي هڪ دفعو وري اُن بحث ڪر کنيو آهي. 

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، اسٽيبلشمينٽ جيڪا هڪ خاص قسم جي مذهبي فڪر کي ڦهلائيندي رهي آهي ۽ رياست کي انهيءَ رستي تي هڪليندي رهي آهي، سا پنهنجي اها پاليسي تبديل ڪري. تاريخ ٻڌائي ٿي ته، ملڪي تاريخ جو ڳپل عرصو فڪري، سياسي، مذهبي ۽ حڪومتي معاملا عسڪري ڪنٽرول ۾رهيا آهن. اسٽيبلشمينٽ کي جهاد جو هڪ ڍانچو جوڙيو، جنهن جو تصور ملڪي سرحدن جي حفاظت بدران نظرياتي بلڪه مذهبي سرحدن جي حفاظت هو. مذهبي ۽ نظرياتي سرحدن جي ڦهلاءُ واري تصور سان ”مجاهدين“ پيدا  ٿيا، جنهن سان ملڪ اندر مسئلا پيدا ٿيا سو ٿيا، بلڪه عالمي طور پاڪستان جي سڃاڻپ به تبديل ٿي. سياست کي مذهبي چشمي سان ڏسڻ ۽ ان جي ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ جو نتيجو آهي، جو اڄ رياست فڪري ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. اهو تصور هاڻي شدت پسنديءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جيڪو سڄي ملڪ کي آئين، قانون، جمهوريت ۽ عدليه کان پاسيرو اُڇلائي زوري ملائيت واري رياست ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سمورا زور لڳائي رهيو آهي. وقت اچي ويو آهي ته، مذهب ۽ رياست کي الڳ ڪيو وڃي. هن ملڪ جي سلامتي ۽ عوام جو ڀلو به انهيءَ ۾ ئي آهي.

Labels: , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home