Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Sunday, December 27, 2020

سياسي پارٽي جي مک ڌارا کان ڌار ٿي بيهندڙ ’متحده‘

 

سياسي پارٽي جي مک ڌارا کان ڌار ٿي بيهندڙ ’متحده‘

 

خميس 29 آگسٽ 2013ع

 

         ڪراچيءَ کي فوج جي حوالي ڪرڻ واري مطالبي کي سياسي ڌريون ۽ تجزيه نگار ڏاڍي دلچسپي سان ڏسي رهيا آهن. هي مطالبو هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي، جڏهن شهري سڏائيندڙ پارٽي نه وفاقي حڪومت ۾ ۽ نه ئي سنڌ حڪومت ۾ آهي. ساڳئي وقت تي ان کي اها به پڪ آهي ته جيڪڏهن ڪجهه ملڻو آهي ته اهو صوبائي حڪومت مان ۽ جيڪڏهن ڪي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا آهن ته اهو اسلام آباد مان ٿيڻو آهي. ان ڪري ان بظاهر اهو ڏيک ڏنو آهي ته اها  نه پيپلز پارٽي جي ۽ نه ئي نواز ليگ جي مخالفت ڪري رهي آهي. حيران ڪن ڳالهه اها لڳي ٿي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ٺهڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو سڌي طرح رڳو ڪراچيءَ لاءِ فوج گهرائڻ  جو مطالبو ڪيو آهي. اسٽيبلشمينٽ جي هدايتن تي هلڻ واري الزام جي باوجود اها پارٽي ڪراچيءَ ۾ فوج جي استعمال جي مداخلت ڪندي رهي آهي.

ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو 92ع ۾ نواز شريف جي پهرئين دور حڪومت ۾ فوج گهرائي وئي، اهو آپريشن آءِ بي جي برگيڊيئر امتياز جي هوم ورڪ ۽ ريسرچ کانپوءِ شروع ڪيو ويو هو. هن آپريشن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم ٻه اڌ  ٿي ۽ ”حقيقي“ جي نالي سان متوازي ڌڙو وجود ۾ آيو. الطاف حسين رات جي انڌيري ۾ لنڊن مان وڃي نڪتو، جتان اڄ سوڌو واپس نه ٿيو آهي. نواز شريف تي جڏهن رڳو شهري علائقن ۾ آپريشن ڪرڻ جو الزام لڳو ته هن ان آپريشن جو دائرو ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي ۾ سنڌ جي ٻهراڙين تائين به وڌايو. ائين سنڌ جا شهري توڙي ڳوٺاڻا علائقا نواز شريف جي خلاف ٿي بيٺا. نواز دور ۾ ٿيل آپريشن دوران ٽارچر سيلن جو پڻ انڪشاف ٿيو. سندس حڪومت ختم ٿيڻ بعد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت آئي ته هن انهيءَ آپريشن جي تسلسل کي جاري رکيو. ان موقعي تي جناح پور جو اسڪينڊل پڻ سامهون آيو. ان آپريشن کي  بعد ۾ ريٽائرڊ جنرل نصير الله بابر ٽيڪ اوور ڪيو. هن آپريشن دوران گرفتار ٿيلن جا اعتراف ۽ اقبالي بيان گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿا. وري جڏهن محترمه جي حڪومت ويئي ۽ نواز شريف هيوي مينڊيٽ سان حڪومت ۾ آيو ته هن آپريشن ڪرڻ کان بس ڪئي.  بعد ۾ مشرف ۽  پيپلز پارٽي جي دور جو  سمورو عرصو ايم ڪيو ايم اقتدار جو حصو رهي. يعني 99ع کان 2013ع تائين ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي حوالي سان انتظامي، سياسي توڙي معاشي حوالي سان سمورا اختيار حاصل رهيا. ايتري قدر جو ڪراچيءَ جي حد تائين وارن اختيارن ۾ سنڌ حڪومت مداخلت ڪرڻ لاءِ سوچي به نه ٿي سگهي. ها ٻه ٽي هفتا اهڙا رهيا، جو پيپلز پارٽي جي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڀڙڪي کاڌي ۽ قرآن مجيد مٿي تي کڻي ايم ڪيو ايم خلاف ثابتين جي ڳالهه ڪئي. پر وري به اها ڳالهه آئي ويئي ٿي وئي.

پيپلز پارٽي جي گذريل دور حڪومت ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم ۽ عوامي نيشنل پارٽي هڪ ٻئي خلاف سخت جهيڙي ۾ هيون ته اي اين پي ڪراچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪيو ۽ ان آپريشن ذريعي دهشتگردن کي پڪڙڻ ۽ شهر کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، تڏهن ايم ڪيو ايم هن مطالبي جي سخت مخالفت ڪئي. نومبر 2013ع ۾ حالتون به ڪجهه اهڙيون ٿيون ۽ سمورين پارٽين بشمول مذهبي پارٽين جي، مطالبو زور وٺي ويو ته ڪراچي ۾ آپريشن ڪيو وڃي. حالتن مان به ائين لڳو ٿي، پر آرمي چيف جنرل ڪياني چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن جي ضرورت ناهي. تڏهن نواز ليگ مخالف ڌر ۾ هئي ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اهڙي آپريشن جي مخالفت ڪندي چيو هو ته ائين ڪيو ويو ته فوج ڪراچي جي سوڙهين گهٽين واري ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندي. پيپلز پارٽي اڪثريت هوندي به ايم ڪيو ايم کي صوبائي توڙي وفاقي حڪومت ۾ شامل ڪيو ۽ ان جي جواز طور اهو چيو ته ”اسان ڪراچي ۾ امن خريد ڪيو آهي،“ پر ڪراچي کي اهو امن هن کان اڳ وارن سمورين حڪومتن يعني بينظير ڀٽو، نواز شريف، جنرل مشرف جي دور ۾ به جڏهن ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ شامل هئي، نه ملي سگهيو. سو هن ڀيري پيپلز پارٽي کي ”خريداري“ واري دور ۾ به نه مليو. ٽارگيٽ ڪلنگز، اسٽريٽ ڪرائيم، ڀتا خوري، بد امني، دهشتگردي چوٽ چڙهيل رهيون. ايم ڪيو ايم اختيارين يعني حڪومت ۾ رهندي ڪڏهن به اهڙو مطالبو نه ڪيو آهي. حالانڪه اڄ جون حالتون گذريل دور حڪومت کان ڪي مختلف ناهن. ان جون معنائون تجزيه نگار اهي ڪڍي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم جيڪڏهن صوبائي حڪومت ۾ آهي، ڪراچيءَ جا ميونسپل ادارا وٽس آهن، ته سڀ  خير آهي، سڀ صحيح آهي، پر جڏهن اهي اختيار ناهن ته پوءِ اهو مطالبو ٿئي ٿو ته ”آپريشن ڪيو وڃي.“  ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ واري ڳالهه واقعي عجيب لڳي ٿي، جو اها جماعت جيڪا، هن کان اڳ انهيءَ قدم جي مخالف رهي آهي. ايتري قدر جو فوج کي پولنگ، ووٽرن جي تصديق لاءِ گهرائڻ ۽ عام اليڪشن دوران پولنگن تي بيهارڻ جي به مخالف رهي آهي، اوچتو ڪراچي کي فوج حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جو چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي مڪاني ادارن جو قانون پاس ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جو گورنر عشرت العباد موڪل تي هليو ويو. ساڳئي طرح قانون پاس ڪري صوبي جي يونيورسٽين کي ٻين صوبن وانگر گورنر جي بدران وزير اعلى جي ماتحت ڪيو ويو، ان ڪري ايم ڪيو ايم مشرف واري نظام لاءِ آرمي گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هوڏانهن ڪراچي ۾ بدامني وارو ڪيس پڻ سپريم ڪورٽ ۾ آخري مرحلن ۾ آهي ۽ هن کان اڳ وارين شنوائين دوران چيف جسٽس جا ڏنل ريمارڪس به سڀني جي سامهون آهن. ڪن حلقن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڀئو آهي ته عدالت جيڪڏهن ڪو اهڙو فيصلو ڏنو ته ان کي ڪيئن منهن ڏبو. ان ڪري اها اڳ راکو ٿي، پيش بندي ڪري رهي آهي. دراصل ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت بدران وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ گهري ٿي، پر في الحال نواز شريف ڪا اهڙي گيم کيڏڻ لاءِ تيار ناهي. ڇاڪاڻ جو ڪجهه اطلاعن موجب پ پ ۽ نواز ليگ ۾ ”هڪ ٻئي جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ“ تي راضپو ٿي ويو آهي. وزير اعظم گهوٽڪي جي دوري کان اڳ صدر سان ملاقات ڪئي هئي ۽ ان ملاقات جو سنڌ حڪومت کيس ”فل پروٽوڪول“ ڏنو. هاڻي جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ٿي جو ايم ڪيو ايم حڪومت کان ٻاهر رهي ته هن لاءِ ڪيئي ڏکيائيون آهن. سياسي طور تي اها ڏکيائي آهي ته اها نه صوبائي ۽ نه ئي وفاقي حڪومت ۾ آهي. جڏهن ته مڪاني چونڊن ۾ منظر نامو ان لاءِ اڳ وانگر هڪ هٽي وارو ڪونه ٿو بيهي. اهڙي صورت ۾ عام ماڻهو ڪم ڪارين لاءِ حڪومتي پارٽين سان رجوع ڪندو. ائين جيڪڏهن ڪو ٻيو دروازو کليو ته اهو بند ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو. ان سان گڏو گڏ اهو به پيپلز پارٽي کي حڪومت ۾ رهڻ يا آرام سان حڪومت ڪرڻ جي سهولت کان روڪڻ لاءِ به اهو قدم ڪم اچي سگهي ٿو.

ڪراچيءَ کي  فوج حوالي ڪرڻ جي ملڪ جي ٽن وڏين پارٽين نواز ليگ، پ پ ۽ تحريڪ انصاف مخالفت ڪئي آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي ۽  ٻيون پارليامينٽ ۾ موجود پارٽيون به ايم ڪيو ايم جي هن مطالبي جي حمايت نه ڪنديون. نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم هڪ دفعو وري سياسي پارٽين جي مين اسٽريم کان ڌار بيهڻ جو فيصلو ڪري رهي آهي. نواز شريف، جيڪو سمورن واقعن هوندي ڪوئيٽا کي فوج جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سو ڪراچي کي ڪئين ڪندو؟ ۽ اهو به ته فوج جنهن 2012ع ۾ ائين نه ڪيو ۽ ووٽر لسٽن جي تصديق ۽ عام چونڊن ۾ پولنگ تي بيهڻ لاءِ راضي نه ٿي، سا هينئر به تيار نه ٿيندي. هونئن به صوبائي حڪومت جي درخواست تي ئي وفاق فوج موڪلي سگهي ٿي. اهو ڪم پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪنهن به طرح نه ڪندي، ان لاءِ گورنر راڄ وارو نسخو ٿي سگهي ٿو، پر اهو نواز شريف نه ڪندو. نواز شريف لاءِ اها به ڏکيائي آهي ته سندس حڪومت کي اڃا 3 مهينا مس ٿيا آهن، ته هڪ صوبي ۾ فوج موڪلي ۽ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري. هو ڄاڻي ٿو ته  جي عدم استحڪام واري  زلزلي جو مرڪز کڻي ڪراچي هجي، پر لوڏا اسلام آباد ۾ به محسوس ڪيا ويندا.


http://www.thekawish.com/Articles1/Sohail%20Sangi/2013/2013/29%20Aug%2013.htm

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home