Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, December 26, 2020

اليڪٽرانڪ ميڊيا جو طوفان ۽ پرنٽ ميڊيا!

 

SOHAIL SANG

اڱارو 3 آگسٽ 2004ع


جهنگ ۾ جڏهن شوڪت عزيز تي خودڪش حملو ٿيو ته اڌ ڪلاڪ اندر ٽي وي چئنل اها خبر بريڪ ڪري ڇڏي. ڪراچي ۾ ڪور ڪمانڊر تي ٿيل حملي جي ڪلاڪ اندر اها خبر بي بي سي جي ويب سائيٽ تي موجود هئي. تازو ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيل ڪرڪيٽ ميچ جو اسڪور ڪيترن همراهن موبائيل فون ڪمپني تي ڏنل سهوليت تان معلوم پئي ڪيو. انهن سڀني خبرن ۽ اطلاعن لاءِ هاڻي نه ٻئي ڏينهن تائين اخبار جو انتظار ڪرڻو ٿو پوي ۽ نه ئي وري رات نائين وڳي واري ٽي وي جي خبرنامي لاءِ ترسڻو ٿو پوي. جيئن ڪو واقعو ٿئي ٿو، منٽن اندر ان جو رڳو اطلاع ئي نه، پر سموري خبر ٽي وي چئنلز، ويب سائيٽ يا ريڊيو جي نيوز آئوٽ ليٽ تي موجود هجي ٿي.

هڪ اهڙي منظر ۾ ڪاغذ تي مس سان ڇپيل اکر جو مستقبل ڇا آهي؟ هي هڪ وڏو سوال آهي. جديد ٽيڪنالاجي ۽ خبر چار پهچائڻ جي نون ذريعن رڳو اخباري دنيا لاءِ ئي نه، پر خود ڇپيل ڪتابن ۽ ميگزين لاءِ هڪ وڏو چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. مختلف سرويز ۽ اڀياسن ذريعي اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته يورپ جي مختلف ملڪن ۾ گذريل پندرهن سالن کان اخبارن جي سرڪيوليشن گهٽجي رهي آهي. خاص طور تي 14 کان 18 سالن جي عمرين وارن نوجوانن جو اخبار پڙهڻ ڏي لاڙو ناهي وڌي سگهيو. ساڳيءَ ريت اخبارن جي جياپي جو مالي وسيلو اشتهار به گهٽجي رهيا آهن. هتي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اخبارن جي سرڪيوليشن ۾ اها ڪمي انٽرنيٽ جي شروع يا عام ٿيڻ کان اڳ جو قصو آهي. ٻين لفظن ۾ اهو ته ريڊيو، ٽي وي ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي وارو طريقو ئي اخباري دنيا تي اثرانداز ٿيڻ جو  سبب بڻجي رهيو هو. انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون اطلاع وارن ذريعن ۾ ڪي قدر واڌ آندي آهي. معاملو رڳو انٽرنيٽ جو ناهي. ڪمپيوٽر، جنهن اخباري دنيا کي به وڏيون سهولتون مهيا ڪيون آهن، اهو به ڇاپي اکر يعنيٰ اخبار ۽ ڪتاب جي مقابلي ۾ اچي ويو آهي. ٽيهه چاليهه رپين جي سي ڊي تي ڊڪشنري، انسائيڪلوپيڊيا  ۽ سائنس سان واسطو رکندڙ اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب وارن مضمونن تي ڪتاب  پنجن ستن سالن کان عام آهن. پر هاڻي مختلف سماجي علمن جا نوان توڙي پراڻا ڪتاب ۽ ادب جو خزانو به سي ڊيز جي شڪل ۾ عام جام ملي ٿو. مثال طور شيڪسپيئر جي ڊرامن لاءِ ڪيئي ڊزن ڪتاب خريد ڪرڻ بدران توهان هڪ سي ڊي وٺو. ان ۾ سڄو شيڪسپيئر موجود آهي، سو به ان سهولت سان ته ان جي ڪنهن به ڊرامي ۾ ڪو به ڪردار يا جملو ۽ لفظ به ڳولڻو هجي ته ڪمپيوٽر جي ”سرچ“ ۽ فائينڊ ڪمانڊ سان توهان هٿ ڪري سگهو ٿا. اهو ڪم هاڻي سنڌي ۾ به ٿي رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته  اهو اسان جي ديس جا سنڌي ادارا ناهن ڪري رهيا. مشهور سنڌي اديب جوڙي سندري اتم چنداڻي ۽ اتم جي ڌي آشا چاند هڪ پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن موجب هڪ ئي سي ڊي ۾ سنڌي جي ناميارن ليکڪن جا شاهڪار ڪتاب سمايا ويندا. آشا چاند هن کان اڳ غير سنڌين لاءِ سنڌي لکڻ، پڙهڻ ۽ سکڻ بابت هڪ سي ڊي ٺاهي چڪي آهي.

ڪتابن جي ڊجيٽلائيز ٿيڻ سان گڏو گڏ ميگزين جون سي ڊيز به مارڪيٽ ۾ اچي ويون آهن. مشهور ريسرچ واري رسالي ”نيشنل جياگرافڪ“ جا سمورا شمارا سي ڊيز تي موجود آهن. ان ڏس ۾ هڪ وڌيڪ اڳڀرائي اها ٿي آهي جو يورپ جي هڪ ڪمپني دلچسپ سي ڊي تي اخبار ڏيڻ جو تجربو ڪري رهي آهي، ان ڏينهن جي خبرن تي مشتمل سي ڊي سمورن حال احوالن ۽ تصويرن سان گڏ اخبار جي ئي قيمت ۾ اخبارن جيان مارڪيٽ ۾ موجود هوندي، جيڪا اسٽالن تان يا وري گهر پهچائڻ جي نظام هيٺ ورهائي سگهبي. اها سي ڊي ڪمپيوٽر تي هلائي معلومات ورتي ويندي. هي اهو تناظر آهي، جنهن ۾ ماس ميڊيا بيٺي آهي.

شروع ۾ خبرن چارن جي ڦهلاءَ جو واحد ذريعو اخبارون هونديون هيون، ڇاڪاڻ جو پرنٽنگ پهرين ٽيڪنالاجي هئي، جنهن جي ذريعي ماڻهن جي هڪ وڏي انگ کي هڪ ئي ڌڪ ۾ خبرون چارون پهچائي پيون سگهجن. اکر هٿ هڪ هنڌ کان کڻي  ٻئي هنڌ تائين پهچائڻ لاءِ ڪاغذ مناسب ذريعو رهيو، اڳتي هلي اکرن سان گڏ ان ۾ تصويرن جو به اضافو ٿيو.

اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جي اچڻ سان ميڊيا جي استعمال  ۾ تبديلي آئي، جيڪا اڄ سوڌو جاري آهي. اڄ اها انٽرنيٽ آهي، جيڪا ميڊيا جي استعمال ۾ وڌيڪ تبديليون آڻي رهي آهي. ڪجهه سال اڳ تائين انهن تبديلين کي ڊرامائي تبديليون سڏيو پئي ويو. پر اڄ اسين اهو چئون ٿا ته اهي تبديليون ڊرامائي يا انقلابي نه، پر ارتقائي آهن. ميڊيا جي استعمال ۾ تبديليءَ جون ٻه خاص ڳالهيون آهن.

(1 ) اسپيشل انٽرنيٽ وارن ميگزينن ۾ وڏي پيماني تي واڌ آئي آهي، ان مان پتو پوي ٿو ته ميڊيا جو استعمال وڌيڪ انفراديت پسندي وارو ۽ وڌيڪ اسپيشلائيزڊ ٿي ويو آهي. هيءَ اها تبديلي آهي، جنهن کي Individualised ماس ميڊيا جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو.

(2 ) ڪلاسيڪي ماس ميڊيا جي استعمال ۾ تبديلي آئي آهي. خاص طور تي عام دلچسپي واري ميڊيا يعني ٽي وي، ريڊيو ۽ اخبار ۾. ٻن ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل تجربو ٻڌائي ٿو ته اها شفٽ اخبارن جي حق ۾ نٿي بيهي. ٽي وي ۽ ريڊيو جو ججهو استعمال جزوي طور تي ماڻهن جي وڌندڙ تفريحي گهرجن ڪري به آهي.

انٽرنيٽ تي مڻن جي منهن گهڻ موضوعي ۽ گهڻ رخي معلومات موجود آهي، جيڪا رڳو ڪي بورڊ يا مائوس گهمائڻ سان حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ وڏي ڳالهه ته اها اپ ڊيٽ به ٿيندي رهي ٿي، جيڪا ڳالهه ماڻهن جي وڏي پيماني تي دلچسپيءَ جو باعث بڻجي ٿي. اخباري دنيا خاص طور تي ان جي پبلشرن ماس ميڊيا جي استعمال ۾ آيل انهيءَ تبديلي جو هڪ حد تائين نوٽيس ضرورت ورتو آهي. اهو ئي سبب آهي ته دنيا توڙي سنڌ جون سموريون اخبارون هاڻي ويب سائيٽ تي موجود آهن. پر سنڌي اخبارن جي لاءِ ڏکيائي اها آهي جو سنڌي ڪمپيوٽنگ يوني ڪوڊ تي اچڻ جي باوجود ان پوزيشن ۾ نه اچي سگهي آهي جو ان جو ٽيڪسٽ ويب سائيٽ تي اچي سگهي. في الحال سنڌي توڙي اردو اخبارون ٽيڪسٽ جي بدران اميج جي صورت ۾ ويب سائيٽن تي موجود آهن. اميج ڳرو هجڻ ڪري نه هفتي کان وڌيڪ پراڻا اشو سائيٽ تي رکي سگهجن ٿا ۽ نه وري ان تي سرچ ۽ فائينڊ وارا انجڻ ڪم ڪن ٿا. هي هڪ اهڙي ڏکيائي آهي، جيڪا سنڌي ٻولي جي وڌيڪ ترقي لاءِ رڪاوٽ بڻيل آهي.

سُڌ سماءُ جي وسيلن  ۾ ترقي ۽ واڌ بعد خبرون ۽ انفرميشن سولائيءَ سان ۽ ججهي مقدار ۾ موجود آهي. اهو چئجي سگهجي ٿو ته هر اخبار وٽ سموريون مکيه خبرون موجود آهن، پوءِ ڀل اها ڊمي ڇو نه هجي. ايئن کڻي چئجي ته ڪالهه جي وڏي ۾ وڏي اخبار وٽ ايتريون خبرون موجود نه هيون، جيتريون اڄ جي ڪنهن ڊمي اخبار وٽ موجود آهن. ان صورتحال ۾ هڪ ڪامياب مقبول اخبار لاءِ وڏا چئلينج آهن. هڪ پاسي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي يلغار آهي ته ٻئي پاسي وري خبرن ۽ انفرميشن جي عام موجودگي. اخبار کي جيڪڏهن انهن ٻنهي چئلينجن ۾ زنده ۽ مقبول رهڻو آهي ته وڌيڪ پروفيشنل ٿيڻو پوندو. ان لاءِ ٿلهي ليکي هيٺيون ڳالهيون ڳڻائي سگهجن ٿيون.

(1)  موجود تصويرن، خبرن ۽ مواد جي سليڪشن ڪهڙي هجي، جيڪا پڙهندڙن جي گهرجن کي پورو ڪري ۽ ان کي وڻي. ٻين لفظن ۾ اهو ته توهان سڄي صورتحال کي ڪيئن ٿا انڊراسٽينڊ ڪيو. مثال طور اسان جي سنڌي اخبارن جي رسائي ته رڳو اي ايف پي، رائٽر ۽ ٻين ٻاهرين نيوز ايجنسين جي فوٽن ۽ خبرن تائين  آهي، جڏهن ته سوال منفرد فوٽو ڳولڻ ۽ ان جي سليڪشن جو آهي.

(2)  جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته خبرون هر ڪنهن وٽ آهن، مقبول ۽ ڪامياب اخبار جي ڪاريگري اها آهي ته ان وٽ پنهنجي ڪهڙي اينگل آهي ۽ ان تي ان جو پنهنجو ڪهڙو ڪم ڪيل آهي؟

(3)  چئنل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا گهڻي ڀاڱي عالمي ۽ ملڪي سطح جي خبرن کي ڪوريج ڏي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن خاص سبب ڪري ڪڏهن ڪو لوڪل اشو ڏي لڙي به اچي ٿي ته اهو اتفاقي يا ڪنهن هڪ اڌ دفعي جو واقعو هوندو آهي. يا ته ڪو ايڏو وڏو واقعو ٿي ويندو آهي يا ڪا ٻي اهڙي ڳالهه، پر اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ اهو ممڪن ناهي ته اها روز روز اهو لوڪل اشو کڻي. ڪي ٽي اين يا ڪو ٻيو چئنل پير ڳوٺ وارن قبائلي جهيڙن کي ڪو هڪ اڌ دفعو ڪوريج ڏيندو. ان ڪري ڪامياب اخبارن کي وڌيڪ لوڪل ۽ وڌيڪ ووڪل (vocal) ٿيڻو پوندو.

(4)  سخت ڪامپيٽيشن (مقابلي بازي) جي نتيجي ۾ هر ڪو ماڻهو ڪا اضافي شيءِ ڳولي ٿو. اها اضافي شيءِ اسپاٽ رپورٽنگ کان سواءِ ممڪن ناهي. جيستائين رپورٽر پاڻ ڪاشيءِ نه ڏسندو، تيستائين ڪا نئين اينگل ۽ اضافي معلومات حاصل نه ڪري سگهندو. مسئلي جي گهرائي ۾ نه وڃي سگهندو. نتيجي ۾ هن جي رپورٽ هڪ عام ۽ سطحي رپورٽ ٿي ويندي. ايئن پوءِ ڄڻ ته رپورٽر جو ۽ شايد ان ميڊيا جو موت ٿي ويندو.

(5) ويب سائيٽون ڪنهن واقعي جي رپورٽنگ مهل لاڳاپيل لنڪ ڏينديون آهن، جنهن سان اها خبر يا واقعو وڌيڪ انٽرپريٽ ٿي ويندو آهي ۽ سڄو پس منظر سامهون اچي ويندو آهي. اخبارن کي ڪنهن واقعي جي صورت ۾ ان جو پس منظر ڏيڻو پوندو، ان جي تشريح ڪرڻي پوندي، تجزيو ڏيڻو پوندو. ڏٺو وڃي ته تشريحي ليک، سچوئشنر ۽ تجزيا، انهن روايتي بحث مباحثن کان وڌيڪ پڙهندڙن جي دلچسپي جو ڪارڻ بڻبا آهن.

(6)  اخباري دنيا جا نيوز سورس وڌيا آهن. هر چئنل يا نيوز آئوٽ ليٽ تي هر واقعي جي باري ۾ بنهه نه تڏهن به ٻه لفظ ضرور منفرد يا Exclusive هوندا آهن. جيڪڏهن اخبار اهي ٻه ٻه لفظ به کڻي ته ڏهه لفظ ٿي وڃن ٿا ۽ خبر کي جاندار بڻائي اخبار کي منفرد بڻائي وجهن ٿا. اخباري دنيا کي اهو فائدو ان ڪري به آهي جو ڪو  به ماڻهو چئنل ۽ سمورا نيوز آئوٽ ليٽ ناهي ڏسندو، ان ڪري اخبار هڪ جاءِ تي سڄي انفرميشن گڏ ڪري ڏي ٿي. ٻين لفظن ۾ اهو ته انفرميشن سميٽي ۽ سهيڙي ڏي ٿي. اخبار کي ان ڪري به مٿڀرائپ حاصل آهي جو اخبار فرصت ۾ گاڏي ۾ سفر ڪندي به پڙهي سگهجي ٿي، جڏهن ته ٽي وي يا ريڊيو لاءِ اهو ممڪن نه هوندو آهي.

(7)  اليڪٽرانڪ ميڊيا خاص ڪري  ٽي وي چئنل جي گليمر، نالي ۽ تصويرن جي ڪري ۽ انهن چئنلن جي الڳ ۾ واڌ پروفيشنل، تجربيڪار ۽ اسڪلڊ ماڻهن کي پاڻ ڏي ڇڪيندو وڃي پيو، نتيجي ۾ اخباري دنيا ڄڻ تجربيڪار ماڻهن کان وانجهجي پئي وڃي. اها ڳالهه اخباري دنيا جي مستقبل لاءِ چڱي خاص هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي جو باصلاحيت افرادي قوت، جيڪا اڳ هن شعبي ۾ موجود آهي، يا نئون ٽئلينٽ اچي پيو، سو پنهنجو رخ چئنل يا اليڪٽرانڪ ميڊيا ڏانهن موڙي وٺندو.

(8)  نئين ميڊيا جي اچڻ سان خود صحافت جي شڪل فارميٽ ۽ اظهار جي ذريعن ۾ به تبديلي آئي آهي. لکڻيون جتي وڌيڪ چٽاڻ ۽ مختصر هجڻ جون گهرجائو آهن، اتي جامع هجڻ جي به تقاضا ڪن ٿيون، ان ڪري  مقبول اخبارن کي پنهنجي ڪارڪنن جي تربيت ۽ پيشه وارانه صلاحيتون وڌائڻ لاءِ به جتن ڪرڻا پوندا.

(9) اڄ جي صحافت انٽرايڪٽوٽيءَ جي صحافت ٿي ويئي آهي. پڙهندڙ جو اثر رسوخ ۽ پڙهندڙ جي اظهار واري ڳالهه گهڻي اهميت اختيار ڪري ويئي آهي. آمريڪا جي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي مستند اداري بي بي سي به پنهنجي ويب سائٽن تي انٽر ايڪٽوٽي شروع ڪئي آهي. اهي شيون گهڻيون مقبول وڃي رهيون آهن، ان ڪري مقبول ۽ ڪامياب اخبار کي پنهنجي ويب سائيٽ توڙي ڪاغذ تي ڇپيل ڪالمن ۾ اهو حصو وڌائڻو ۽ اثرائتو بنائڻو پوندو. جيڪڏهن ايئن نٿو ڪيو وڃي ته پڙهندڙ لاءِ آپشن ۽ چوائس گهڻي موجود آهي، ان ڪري پڙهندڙ پرنٽ ميڊيا جي هٿن مان نڪري ويندو.

(11)  اخبارن کي پنهنجي ويب سائيٽن تي خبرن ۽ رپورٽن کي اپ ڊيٽ ڪرڻو پوندو ۽ اتي ماڻهن جي ضرورتن ۽ دلچسپي جي سامانن لاءِ وڌيڪ جڳهه ڪڍڻي پوندي.

(12)  سخت مقابلي جي ميدان ۾ جتي فارميٽ، اينگل، سليڪشن، گهرائيءَ سان رپورٽنگ وغيره اهم آهن، اتي نوان موضوع پڻ ڳولڻ جي ضرورت آهي، جيڪي اخباري دنيا کي زنده رکي سگهن. اهو صحيح آهي ته انساني حقن، ماحوليات يا وري ڪارو ڪاري وارا معاملا اڄ به اهم آهن، پر هاڻي ڪو ٻيو به موضوع ڳولڻو پوندو. مثال طور جياپي جا وسيلا، سماجي انصاف، گڊ گورننس وارا معاملا تمام اهم آهن. موضوعن جي حوالي سان اها ڳالهه به اهم آهي ته سنڌي اخبار کي ڏسندي لڳي ٿو ته خراب خبرون (Bad News) ئي رڳو خبرون  آهن. مثال طور قتل، حادثا، موت، پٽڪو وغيره. پر هي سڀ ڪجهه اهو آهي، جيڪو ماڻهو پڙهڻ نٿو چاهي، يعني اهو ڪو کيس وڻي ڪو نه ٿو، ان جي دل وٽان ناهي. آخر انهن جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ سماجي، سياسي، معاشي موضوعن ڏانهن به وڃڻ گهرجي ۽ ڊولپمينٽ جرنلزم کي به ڏسڻ گهرجي، جيڪا سنڌي ۾ اڃا باقاعده متعارف ٿيڻ باقي آهي.

چوندا آهن ته جڏهن به ڪو وڏو وهڪرو ايندو آهي ته اهو ننڍين ننڍين يا ڪمزور شين کي لوڙهي ڇڏيندو آهي. هڪ اهڙو ئي وهڪرو ميڊيا جي دنيا ۾ اچي رهيو آهي. جڏهن ٻوڏون، زلزلا وغيره ايندا آهن ته اخبار وارا ماڻهن کي اڳواٽ ٻڌائيندا آهن، پر جڏهن اهڙا Disastar اخباري دنيا ڏي وڌڻ لڳندا آهن ته اخبار وارن کي ڪير ٻڌائيندو؟ ظاهر آهي ته ڪير به ڪو نه ٻڌائيندو. اخبار وارن کي پاڻ ان جو ادراڪ ڪرڻو پوندو.

اڄ ڪاوش جي سالگره آهي، ان موقعي تي مبارڪ سا گڏ مٿي ذڪر ڪيل نيڪ صلاحون نه رڳو ڪاوش، پر سڄي پرنٽ ميڊيا لاءِ آهن، جن کي مستقبل ۾ اڃا به وڌيڪ چيلينجز ۽ مقابلي بازيءَ کي منهن ڏيڻو آهي.

Labels: , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home