Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, March 25, 2016

انتهاپسنديءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ ننڍو کنڊ!

انتهاپسنديءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ ننڍو کنڊ!

جمع 12 فيبروري 2016ع

ادبي ميڙا“ ڪوٺائڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، سنڌ ۾ ادبي ميڙاڪن جو باقاعده رِواج رهيو آهي، خاص ڪري ون يونٽ ٺهڻ بعد جڏهن ايوب خان پنهنجي تعليمي پاليسي لاڳو ڪري سنڌي ٻوليءَ کي پاسيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ دستخطي مهم کان وٺي سنڌي ادبي سنگت کي مُنظم ڪري ننڍي وڏن شهرن ۾ ادبي ويهڪن ڪوٺائڻ تائين، تعليمي ادارن ۾ شاگردن طرفان ”لطيف ڊي“ ملهائڻ اڄ به تاريخ جو اهم حصو آهي. ”لطيف جو ڏهاڙو“ جي ذريعي شاگردن تائين سياسي سُجاڳيءَ وارو پيغام به پهچهندو هو، نه ته هونئن ڪنهن ٻئي حوالي سان اهڙيون گڏجاڻيون ۽ ميڙاڪا نه ٿي سگهن ها، سچي ڳالهه اها آهي ته انهن ميڙاڪن نوجوانن ۾ سياسي جاڳرتا، نظرياتي آگاهي ڏني ۽ کين مثبت ڪمن ڏانهن راغب ڪيو. حيدرآباد جو بسنت هال، سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل هاسٽل جو وچ وارو ميدان، مُختلف شهرن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙا فنڪشن ٿيندا رهيا.
سنڌ جي ادبي روايتن ۾ ڪنهن ليکڪ يا شاعر جي تخليق تي ٿڌي راءِ ڏيڻ ۽ ليکڪ کي ٻُڌڻ پڻ شامل رهيو آهي. تنهن زماني ۾ سڀ ڪُجهه رضاڪاراڻي نموني ٿيندو هو، تڏهن دُڪانداري يا ڪمرشل ازم جو عنصر ادب ۽ سياست ۾ ڇا، معاشري ۾ به ائين موجود نه هو. سنڌ ۾ عالمي سطح جا مُشڪل سان ٻه ٽي ئي ميڙاڪا ٿي سگهيا، ”سنڌ صَدين کان“ انهن مان وڌيڪ اهم لکيو وڃي ٿو، يا وري سنڌالاجيءَ طرفان ڪوٺايل سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي ڪانفرنس.
ڪراچيءَ ۾ گُذريل چند سالن کان ڪراچي ادبي فيسٽيول ڪوٺائڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي. 5 فيبروري کان ٽن ڏِينهن وارو اهو ستون فيسٽيول تازو ٿيو آهي. هن ستين فيسٽيول ۾ اڳي وارو مزو نه هو، انتظام به ڪي گهڻا سُٺا نه هئا ۽ ساڳيءَ ريت ڳالهائڻ لاءِ گُهرايل مهمان ۽ اُنهن طرفان جيڪو مواد ڳالهايو ويو، تنهن ۾ به اڳ واري ڳالهه نه پئي لڳي، ڄڻ هڪ روايت هُئي، جنهن کي نِڀائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ستون ڪراچي فيسٽيول جيتوڻيڪ ادبي هو، ان ۾ ادب، سياست، ثقافت ۽ پرڏيهي معاملن جي مختلف پهلوئن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. سڄي فيسٽيول جو جائزو وٺڻ سان پتو پوي ٿو ته، ان ۾ ادب وارو پاسو گهٽ رهيو. اهو صحيح آهي ته جديد ٽيڪنالاجي، خاص ڪري سيٽلائيٽ، ٽي وي چينل توڙي انٽرنيٽ اچڻ بعد لکڻ وارن ۽ ڏسڻ وارن ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. ان سڄي عمل ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ٽيڪنالاجي اهم ٿي ويا آهن، نتيجي ۾ پئسو بُنيادي اهميت اختيار ڪري ويو آهي.
مُختلف حوالن سان هن فيسٽيول تي تنقيد پنهنجي جاءِ تي، پر پوءِ به ان ۾ ڪُجهه موضوعن ۽ بحث جا ڪُجهه پاسا اهڙا هُئا، جن تي سيڪنڊ اوپينين يا ٻيهر سوچڻ ۽ بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي. ادبي فيسٽيول ۾ اهي شيون ٿيڻ گُهرجن يا نه، ان کان ڪنهن کي اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر جيئن ته اهي سڀ شيون ادب ۽ ان سان رابطو رکندڙ تخليق تي اثرانداز ٿين ٿيون، ان ڪري اُنهن کي بحث جو موضوع بنائڻ ضروري آهي. هونئن به ادب ۽ آرٽ اهڙيون شيون آهن، جن ذريعي مشڪل ۽ حساس موضوعن کي نرم نفيس طريقي سان پيش ڪبو آهي. ائين اهو سچ چوڻ جو هڪ فن آهي، انهيءَ خصوصيت ئي ادب ۽ آرٽ کي زنده رکيو آهي. اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته هاڻي هيڪاري ادبي ضرورت وڌي ويئي آهي، ماڻهو ٽي ويءَ تي فلمون، ڊراما، تفريح جون ٻيون صنفون ڏسن ٿا. ٽاڪ شوز، بريڪنگ نيوز، ڊاڪيومينٽريز به پيش ڪيون وڃن ٿيون، اهي سڀ يا ادب ۽ اظهار جو حصو آهن يا ان سان سِڌيءَ طرح لاڳاپيل آهن.
پاڪ-ڀارت ناتا ٻنهي ملڪن جي عوام، حڪومتن توڙي حڪومتي ادارن لاءِ اهم رهيا آهن، ٻئي مُلڪ ان چڪر ۾ ايٽمي طاقت ته بڻجي ويا، پر عام ماڻهوءَ جو حال به ساڳيو آهي ۽ ٻنهي مُلڪن جي ناتن ۾ بهتري به ناهي اچي سگهي. پاڪستان ۾ اهو تاثر حاوي آهي ته ڀارت ۾ انتهاپسندي وڌي رهي آهي، ايتري قدر جو پرويز هودڀائي جهڙي دانشور جي خيالن ۾ ان جو ڀرپور اظهار موجود هو. انتهاپسندي هونئن پاڪستان ۾ جنهن حد تي پهتل آهي، سا مُلڪي ماڻهن کان ڳُجهي ناهي، ڀارت ۾ انتهاپسنديءَ جي ڇا صُورتحال آهي، ان بابت پرويز هودڀائي ڪجهه اهم مثال پيش ڪيا. سندس چوڻ هو ته، اهو ٻڌندا پئي آياسين ته انڊيا ۾ انتهاپسندي مٿڀرائپ جي پوزيشن ۾ اچي ويئي آهي، مثال ڏيندي هن چيو ته، ”جيڪو ڍڳيءَ جو گوشت کائيندو، سو گولِي کائيندو.“
سندس چوڻ هو ته مودي جو اسپتال وڃڻ، ماضيءَ جي هڪ هزار سالن جي ڄڻ پلاسٽڪ سرجري آهي. هن هڪ ٻي به دلچسپ ڳالهه ٻُڌائي ته انڊيا سائنس ڪانفرنس ۾ شرڪت جي موقعي تي کيس ٻڌايو ويو ته، ”لارڊ شيوا“ سڀ کان وڏو ماحوليات پسند هو. هن اهو به شيئر ڪيو ته جڏهن ان انڊين انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو دورو ڪيو ته کيس پتو پيو ته اتي ڪن يونيورسٽين ۾ مئٿيميٽڪس هڪ مضمون طور وڌيڪ پڙهايو وڃي ٿو يا وري هن جو الڳ شعبو موجود آهي. مثبت ڳالهه، جنهن جو اظهار پرويز هودڀائي ۽ ٻين دانشورن به ڪيو، سو هو ته انڊيا ۾ انهن سمورن تَصورن ۽ ڪٽرپڻن خلاف وڙهڻ جي شديد خواهش موجود آهي. اُتي جي فلمسازن ۽ ناول نگارن انتهاپسنديءَ خلاف آواز اُٿاريو آهي.
هودڀائي ٻنهي ملڪن جي نفسيات جي باري ۾ ڏاڍو دلچسپ انڪشاف ڪيو. ٻنهي ۾ اها ڳالهه ساڳي آهي ته، هڪ ٻئي لاءِ ماضيءَ جي نفسياتي مرض ۾ مبتلا آهن. ٻنهي جو خيال آهي ته انهن ماضيءَ ۾ پنهنجي پنهنجي دور ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. انڊيا ۾ ڪي ماڻهو اڃان تائين اهو ويساهه رکن ٿا ته هڪ هزار سال اڳي وٽن اهڙا جهاز موجود هُئا، جيڪي هڪ گرهه کان ٻئي گرهه تائين پهچندا هئا. اسان وٽ به اهڙن ماڻهن جي کوٽ ناهي. ممتاز قادري ۽ لال مسجد وارو مولوي عبدالعزيز ان جا ڪُجهه روپ آهن. ٻنهي ملڪن جي نفسيات يا ذهنيت جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته اسان وٽ مولانا عبدالعزيز جهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي کليل نموني رياست کي چئلينج ڪن ٿا، پر رياست ان جو ڪُجهه به بِگاڙي نٿي سگهي. انڊيا ۾ به خطرناڪ ماڻهو موجود آهن. مثال طور آر ايس ايس، جيڪڏهن انڊيا انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بيوس آهي ته اهو ته اسان جهڙو آهي. هن ان ڏس ۾ فهميده رياض جي نظم جو ٽڪرو ياد ڏياريو ته، ”تُم ڀِي هم جيسي نِڪلي...“ سندس خيال هو ته، انڊيا ۽ پاڪستان ٻنهي کي مذهبي فاشزم خلاف روشن خياليءَ جي هٿيار سان وڙهي اڳتي وڌڻو پوندو.
ڀارتي اينڪر پرسن برکا دت تقريبن پرويز هودڀائي جي دليلن ۽ ڳالهين کي رد ڪيو. هُوءَ مودي حڪومت ۽ سندس پارٽيءَ جي وڪيل ٿي بيٺي. هن اها منطق پيش ڪئي ته پاڪستان جي باري ۾ مودي جي پاليسي غير روايتي آهي. هُو پاڪ-ڀارت ناتن جي حوالي سان پنهنجي حامين توڙي مخالفن کي سرپرائيز ڏيئي ٿو وجهي. بي جي پي جڏهن اپوزيشن ۾ هُوندي آهي ته پاڪستان لاءِ مخالفت واري روئي ۾ انتها ڪري ڇڏيندي آهي. جڏهن حڪومت ۾ ايندي آهي ته ان ۾ تبديلي آڻيندي آهي. نيون شيون سامهون آڻيندي آهي. هن ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ته ڪو انڊيا ۾ انتهاپسندي وڌي رهي آهي. بلڪه سندس خيال هو ته ڪُجهه ڳالهين کي وڌائي پيش ڪيو پيو وڃي. هن مڃيو ته اسهپ ضرور وڌي آهي پر اها اسهپ هڪ مذهب جي ٻئي مذهب کان نه، پر ٻيو نقطهءِ نظر رکڻ جي خلاف وڌي آهي. جيڪڏهن برکا دت جي انهيءَ دليل کي ئي کڻي مڃجي ته اها وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه بيهي ٿي ته انڊيا ۾ ٻيو نظريو ته ڇڏيو، پر ٻيو نقطهءِ نظر رکڻ به برداشت نه پيو ڪيو وڃي. برکا دت سوشل ميڊيا جي وڏي نقاد رهي. سندس چوڻ هو ته ان ڪري عام ماڻهن سان ڳالهائڻ يا کُليل نموني عام اظهار ڪرڻ ڏُکيو ٿي پيو آهي. برکا دت گانڌي خاندان ۽ پاڪستان ۾ ڀُٽوز تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اهي ٻئي پنهنجو دور کائي چُڪا، کين هاڻي ويجهي ماضيءَ ۾ حڪومت ڪرڻ جو موقعو نه ملندو. انڊيا ۾ انتهاپسنديءَ بابت سندس دليل هو ته، ڪا گهڻي خطري جي ڳالهه ناهي. جڏهن ته اسهپ جي اهڙي لهر اُٿي ٿي ته سوسائٽيءَ ۾ ايترو دم آهي، جو ان لهر کي پوئتي ڌِڪي ڇڏي ٿي ۽ رياست ڪنهن پاسي جُهڪڻ دوران وڇٿري بيهي ٿي.
ڪانگريسي حڪومت جي اڳوڻي پرڏيهي وزير سلمان خورشيد نواز شريف ۽ مودي جي ملاقاتن جو حوالو ڏيندي چيو ته، اڳواڻن جي ڪئميسٽري اهميت رکندي آهي. ليڪن ان کان وڌيڪ اهم معروضي حالتون هونديون آهن. اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر عشرت حسين پاڪ-انڊيا لاڳاپن ۾ نئين پهلوءَ ڏي اشارو ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي ناتن ۾ معاشي ڊپلوميسيءَ وارو پاسو بلڪل وسريل رهيو آهي. ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي سان واپاري ناتا وڌائڻ گُهرجن. هن چين، تائيوان ۽ آمريڪا جو مثال ڏنو ته، سالن کان خراب ناتا هجڻ جي باوجود واپار جاري رهيو. ياد رهي ته ضياءُ الحق ”مينگو ڊپلوميسي“ هلائي، ان کان پوءِ ڪرڪيٽ ڊپلوميسي به هلندي رهي پر اها ڊپلوميسي ماڳهين ماڻهن جا جذبا هڪ ٻئي خلاف اُڀاريندي رهي. پاڪ-ڀارت ناتن ۾ جيڪا ذهنيت ٺهيل آهي. ان بابت اهي ٽئي موقف اهم آهن. هن ادبي فيسٽيول جي اهميت ان ڪري به بيهي ٿي ته ان ۾ انهن ماڻهن کي ڳائڻ جو موقعو مليو، جن کي مين اسٽريم ميڊيا ۾ ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري جاءِ نٿي ملي. ائين متبادل ۽ مختلف نقطهءِ نظر جي ڪري اهميت وڌي وڃي ٿي.

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home