Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Sunday, November 15, 2015

اليڪشن، ڪرپشن ۽ خطي جي گريٽ گيم!

اليڪشن، ڪرپشن ۽ خطي جي گريٽ گيم!
اربع 07 آڪٽوبر 2015ع
 سھیل سانگی

جيتوڻيڪ سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن جون چونڊون روايتي گهما گهمي کان خالي آهن، پر اهم ڳالهه اها آهي ته بااثر سياسي شخصيتون، جيڪي اسيمبلين يا حڪومت ۾ آهن، اهي گهٽيءَ ۽ ناليءَ جي سار سنڀال يا صفائيءَ سان واڳيل مڪاني ادارن ۾ پنهنجي ذاتي اثر وڌائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ پنهنجا پُٽ، ڀاءُ، ڀاڻيجا، ڀائٽيا وڏي پئماني تي اڳتي آڻي رهيا آهن. سکر هجي يا شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو يا وري خيرپور، ان ڳالهه جو چٽو عڪس ملي ٿو. اهڙي صورت ۾ سنڌ بابت پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو پاليسي بيان ديواني جو خواب بڻجي ويو، جنهن ۾ هن چيو هو ته، ”اسيمبلي ميمبرن يا پارٽي عهديدارن جي مٽن مائٽن کي نه، پر حقيقي معنى ۾ پارٽي ورڪرن کي ٽڪيٽون ڏنيون وينديون.“ ڪجهه هنڌن تي رڳو ٽائون ميونسپل يا يونين جي چيئرمينيءَ کي ڪنهن اسيمبلي ميمبر يا عهديدار پنهنجي مائٽ جي لاءِ يقيني بڻايو آهي، باقي ڪائونسلر واريون سيٽون بظاهر کُليل رکيون آهن، ”جيڪو به کٽي ايندو، اهو پارٽيءَ جو آهي.“ واري حڪمت عمليءَ کي به اپنايو ويو آهي.
ملڪ ۾ لاهور واري ڇوٽي چونڊ يا وري مڪاني ادارن واريون چونڊون، خلقِ خدا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن. ان کان اڳ سنڌ اندر ڪرپشن خلاف نيب يا ايف آءِ اي جون ڪارروايون يا وري ايم ڪيو ايم جي حوالي سان رينجرز جون ڪارروايون هيون، جيڪي ميڊيا ۾ به گهڻو اچي رهيون هيون ته عام ماڻهن اندر به انهن جو چوٻول هو ۽ اُن تي بحث ٿي رهيو هو. ڪڏهن انهن موضوعن ۾ ڪا وِٿي آئي پئي ته ڪو ٻيو ننڍو وڏو ”اشو“ سامهون اچي رهيو هو. ايئن پئي لڳو ته ايندڙ وقت ڪا نئين سياسي صورت گري ۽ جُڙت ٿيڻ واري آهي. انهيءَ نئين سياسي جُڙت جي شڪ ۾ ئي پيپلز پارٽيءَ جي اسيمبلي ميمبرن ۽ عهديدارن مڪاني ادارن ۾ پنهنجا مائٽ چونڊرائڻ جو پڪو بندوبست ڪيو. ڪهڙي خبر ايندڙ وقت ۾ انهن ادارن جو ڪو سياسي رول جُڙي پوي، جيڪو عسڪري ڌرين جي اقتدار ۾ موجود هجڻ يا انهن جي بالادستيءَ جي صورت ۾ ٿيندو رهيو آهي. ملڪ اندر هلندڙ هي ٿئيٽر آهي، جنهن ۾ ڪي ماڻهو ڪردار آهن ته ٻيا وري پُرجوش تماشبين آهن.
هڪ ٻيو ٿئيٽر به آهي، جيڪو هن ٿئيٽر کان وڏو آهي، جنهن جا اثر ملڪ، جي سياست، معيشت توڙي ٻين سمورن شعبن تي پوڻا آهن. اهو ٿئيٽر علائقي ۾ آيل اُٿل پُٿل جو آهي. اها اُٿل پُٿل افغانستان مان آمريڪين جي واپسيءَ واري پروگرام سان شروع ٿي هئي. افغانستان ۾ آمريڪا بظاهر چونڊن بعد ڄڻ قومي مفاهمت واري حڪومت جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ايران سان ايٽمي توانائيءَ واري پروگرام جي حوالي سان ٺاهه ٿي ويو. سعودي عرب، جنهن عرب ۽ وچ اوڀر ۾ پنهنجو ڪردار وڌائڻ پئي چاهيو، يمن وارو جهيڙو، ان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. وچ ايشيا وارين رياستن ۾ موجود توانائيءَ جا وسيلا هڪ نئين گريٽ گيم کي جنم ڏئي چڪا آهن، جنهن ۾ گئس جي پائيپ لائينن کان وٺي، چيني اقتصادي راهداريءَ تائين جا معاملا شامل آهن.
14 سال اڳ جڏهن افغانستان ۾ نئين سياسي صورت گري ٿي هئي، تڏهن به پاڪستان لاءِ ڪجهه اهڙي ئي مونجهاري واري صورتحال هئي. ماهرن جو خيال آهي ته، ”علائقي ۾ ايڏي وڏي اُٿل پُٿل جي موقعي تي پاڪستان ۾ ٽي پرڏيهي پاليسيون پيون هلن. هڪ اها، جنهن جو اظهار وزير اعظم نواز شريف طرفان اوفا ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيو ويو. ٻي پاليسي اها آهي، جنهن کي پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي پاليسي طور سُڃاتو وڃي ٿو، ان جو اظهار نواز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب مهل ڪيو. ٽين پاليسي اها آهي، جيڪا سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ هلائي رهي آهي“.
گذريل ڀيري به اسين اهو فيصلو نه ڪري سگهيا هئاسين ته طالبان اسان لاءِ اثاثو آهن يا ڏچو؟ افغان حڪومت جي مضبوطي پاڪستان جي حق ۾ آهي يا ان جي ڪمزوري؟ آمريڪا اسان جو دوست آهي يا دشمن؟ هڪ دفعو وري صورتحال اسان کي ساڳئي هنڌ وٺي آئي آهي. سوال ساڳيا آهن، اسان ڪو اهڙو گس نه ٺاهي سگهيا آهيون، جيڪو پنهنجو هجي. آمريڪا سان به اسان جاLove-Hate  (محبت ۽ نفرت) وارا لاڳاپا آهن. اسين آمريڪا جا اتحادي به آهيون ته وري اُن جي اک جو ڪنڊو به آهيون. افغان حڪومت جا سنگتي به آهيون ته مخالف به. پاڪستان ۾ ادارا طالبان سان جهيڙي ۾ آهن، پر افغانستان جو خيال آهي ته، ”پاڪستان افغان طالبان جي پُشت پناهي ٿو ڪري.“ اسين اها وڪالت ته ڪريون ٿا ته، افغان حڪومت کي طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، پر پاڪستان ۾ موجود طالبان سان ڳالهين جا مخالف آهيون. اها ڳالهه ڪا گهڻي تحقيق جي گُهرجائو ناهي ته افغان ۽ پاڪستاني طالبان جي وچ ۾ رشتو ناتو آهي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال آهي ته اسان کي پنهنجو نقطهءِ نظر ۽ حڪمت عملي ٻئي چِٽا ڪرڻا پوندا. اسين پاڻ جڏهن مونجهاري جو شڪار هونداسين ته پنهنجي باري ۾ ٻاهرين ملڪن کي به مونجهاري ۾ رکنداسين ۽ هڪ ئي وقت ٻن قسمن جي روين جو شڪار ٿينداسين.
اهو صحيح آهي ته آمريڪا هڪ حد تائين هن علائقي ۾ اسپيس ڇڏيو آهي ۽ چين کي وِٿي ملي آهي، پر اهو اسپيس آمريڪا حساب ڪتاب رکي ئي ڏنو آهي. اهو ايئن ناهي، جيئن ٻي عظيم جنگ کانپوءِ برطانيا، آمريڪا کي اسپيس ڏنو هو. بهرحال هڪ نئين گريٽ گيم جو آغاز ٿي چڪو آهي. پاڪستان کي طئي ڪرڻو پوندو ته هو آمريڪا واري ڪيمپ ۾ ٿو بيهي يا چين ۽ روس جي پاسي؟ اها گريٽ گيم ئي رڳو پاڪستان ۾ ئي نه بلڪه سڄي علائقي ۾ نئين سياسي جُڙت ۽ حڪمت عملين کي جنم ڏيندي. فيصلي لاءِ ڊگهي نظر ۽ مضبوط ارادا ۽ رُٿابندي گُهربل آهي. اها گيم لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۽ ڪرپشن واري مهم کان وڏي آهي.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home