Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Sunday, November 15, 2015

تحريڪ انصاف کي ڊي سيٽ ڪرڻ وارو تحرڪ ۽ چونڊ سڌارن جو سوال!


تحريڪ انصاف کي ڊي سيٽ ڪرڻ وارو تحرڪ ۽ چونڊ سڌارن جو سوال!
خميس 30 جولاءِ 2015ع
 سهيل سانگي
   جڊيشل ڪميشن جي فيصلي جا ڪيترائي پاسا اهڙا آهن، جن کي سامهون رکي چونڊن جي طريقي ۽ ان جي عمل ۾ وڏيون تبديليون آڻڻ جي ضرورت آهي. هي اُهي تبديليون آهن، جن جي ڪيترن ئي سالن کان ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي. بظاهر لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن انهن سُڌارن ۽ تبديلين لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. حڪومت توڙي پيپلز پارٽي چاهين ها ته عمران خان جي ڌرڻن بعد انهن سڌارن تي ڪم شروع ڪري ڇڏين ها، پر اهي جڊيشل ڪميشن جي فيصلي جي انتظار ۾ رهيون. سمورين سياسي ڌرين ۽ تجزيه نگارن جو تڏهن عمران خان تي زور هو ته هو چونڊن ۾ هيرا ڦيري واري ڳالهه کي ماضيءَ جو قصو ڪري ڇڏي ڏي ۽ ان جي بدران فيوچرسٽ ٿي، ايندڙ وقت جون چونڊون انصاف ڀريون ۽ شفاف ڪرڻ واري ڳالهه تي بيهي وڃي ته اهو سندس ملڪي سياست توڙي تاريخ ۾ وڏو ڪنٽري بيوشن ٿيندو، پر ڪپتان اها ڳالهه نه مڃي ۽ هاڻي جڏهن جاچ لاءِ جوڙيل جڊيشل ڪميشن جو فيصلو آيو آهي ته ان جو عملي پهلو اهو ئي آهي.
ڪميشن جي ان فيصلي عمران خان جي مطالبي کي وڏو ڌڪ رسيو، ڇاڪاڻ جو منظم ڌانڌليءَ جو الزام ثابت نه ٿي سگهيو، پر ان مان اهو مطلب ڪڍڻ درست نه ٿيندو ته عمران خان ڪو ماڳهين انهيءَ مطالبي ۽ الزام تان هٿ کڻي ويو آهي، پر هو اڃا تائين ان غلط فهميءَ مان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي. جيتوڻيڪ هو چوي ٿو ته، هن جڊيشل ڪميشن جو فيصلو قبول ڪري ورتو آهي، پر عملي طرح ائين ڪو نه ٿو لڳي. سندس چوڻ آهي ته، ”ڪميشن جو فيصلو اڌورو ۽ اڻپورو آهي.“ ڪميشن اليڪشن واري عمل ۾ ڪيترائي نقص ڄاڻايا آهن، پر عمران خان جي ان الزام کي بنهه رد ڪري ڇڏيو آهي ته منظم ڌانڌلي ٿي هئي. ان رپورٽ بعد تحريڪ انصاف اندر مايوسي فطري ڳالهه هئي، ڇاڪاڻ جو گذريل هڪ سال کان عمران خان جي سياست جو محور هڪ نقطو هو ته 2013ع وارين چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، ان ڪري وچين مدي واريون چونڊون ٿيڻ گهرجن، پر وچ مدي وارين چونڊن جو گهوڙو مري چڪو آهي. هاڻي سياست ۾ پاڻ کي جوڙي رکڻ ۽ پنهنجي جاءِ پيدا ڪرڻ لاءِ نئين اپروچ ۽ نئين بيانيه جي ضرورت آهي. اهڙي اپروچ جنهن سان پارٽيءَ جي صفن ۾ مضبوطي رهي. ساڳئي وقت تي ٻين پارٽين ۽ ملڪ جي سياسي نظام توڙي حالتن سان ٺهڪندڙ رهي. عمران خان جي پارٽيءَ جي ايتري مقبوليت آهي، جو اها جيڪڏهن نئين اپروچ ۽ بيانيه ڏئي ته واپس پيرن تي بيهي سگهي ٿي. شايد اهو ئي سبب آهي، جو ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ (ايف) ۽ ڪجهه ٻيون جماعتون انهي چڪر ۾ آهن ته اسيمبليءَ کان ڪيترائي مهينا غير حاضر ۽ پري رهندڙ تحريڪ انصاف جي ميمبرشپ ختم ڪرائين، اهڙو ٺهراءُ به اسيمبليءَ ۾ آندو ويو آهي.
ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ (ايف) جيڪڏهن تحريڪِ انصاف جي خلاف آهن ته ان جو هڪ خاص پسمنظر آهي. ايم ڪيو ايم ڏسي پئي ته جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ هلندڙ آپريشن سبب اهي ڪمزور ٿين ٿا ۽ انهن جي ڪمزور ٿيڻ سبب جيڪو خال پيدا ٿيندو، ان کي ڀرڻ جي هن وقت اهليت فقط تحريڪِ انصاف ۾ آهي. اها ڳالهه گذريل چونڊن ۾ اهي اکين سان ڏسي چڪا آهن. متحده کي خبر آهي ته پيپلز پارٽي توڙي جو سنڌ جي وڏي پارٽي آهي، پر اها متحده جو خالي ٿيل خال ڀرڻ جي اهليت نٿي رکي. ڏئي وٺي انهن (پيپلز پارٽي) وٽ لياريءَ جو جيڪو ڪنٽرول هو، سو به هاڻي انهن جي هٿن مان نڪري ويو آهي. ان سان گڏ ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن جي لحاظ کان جيڪي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ به تحريڪِ انصاف کليل نموني سان متحده کي سياسي طور تي نشاني تي رکيو آهي. جيستائين جي يو آءِ (ايف) جو تعلق آهي ته ان پارٽيءَ جو خيبر پختونخوا جي سياست ۾ جيڪا روايتي حصيداري رهي آهي، ان کي به تحريڪِ انصاف ڪافي جهڪو ڪيو آهي، ان ڪري مولانا فضل الرحمان هاڻوڪين چونڊن کان پوءِ لاڳيتو نواز ليگ جي ويجهو رهيو آهي. جڏهن پي ٽي آءِ ڌرڻو هڻي ويٺل هئي، تڏهن به مولانا فضل الرحامن اها تجويز ڏني هئي ته جيئن پي ٽي آءِ وفاقي حڪومت لاءِ مٿي جو سور بڻي آهي، تيئن چو نه خيبر پختونخوا ۾ انهن جي حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪجن، ۽ عدم اعتماد جي رٿ آڻجي. پر نواز ليگ ان وقت ڪنهن نئين مصيبت ۾ نه پئي وڃڻ چاهيو، بحران کي وڌيڪ تيز نه پئي ڪرڻ چاهيو، ان ڪري نواز شريف پاران مولانا صاحب جي اهڙي تجويز جي حوصلا افزائي نه ڪئي وئي هئي. اڳوڻي نواز شريف ۽ هاڻوڪي نواز شريف ۾ اهو فرق آهي، جو اڳوڻو نواز شريف تڪڙو ٽڪراءَ ۾ هليو ويندو هو ۽ بحران وڌندا هئا، پر هاڻوڪي نواز شريف ڄڻ ته زرداري کان گهڻو ڪجهه سکيو هجي، ۽ مسلسل عملي طور تي ”مفاهمت“ واري پاليسيءَ تي هلي رهيو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي، جو ڪالهه به هن پارلياماني پارٽين جو اجلاس گهرائي متحده توڙي جي يو آءِ (ايف) کي درخواست ڪئي ته اهي اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل ٺهراءَ واري اپيل واپس وٺن.
پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ان ڏس ۾ ڪا به تڪڙ نه ٿيون ڪرڻ گُهرن. جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي اسيمبلين مان ڊي سيٽ ڪيو وڃي ٿو ته ان جو فائدو پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي نه ملي سگهندو، ڇاڪاڻ جو پنجاب ۾ جيڪا به ڇوٽي چونڊ ٿي آهي، اها تحريڪ انصاف کٽي آهي. ائين نواز ليگ وڃايو آهي، پيپلز پارٽي کي ڪو فائدو ملي نه سگهيو آهي. مطلب ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اُکڙڻ جو سلسلو رُڪجي نه سگهيو آهي. وڌ ۾ وڌ اهو ٿيو آهي ته جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ بعد پيپلز پارٽي ڇڏي، پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو سلسلو جهڪو ٿيو آهي. جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي اسيمبليءَ مان نيڪالي ملي ٿي ته نين چونڊن ۾ خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هجڻ ڪري، جي يو آءِ (ايف) ۽ اي اين پي کي ڪجهه فائدو ملي سگهي ٿو، شايد ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم کي. نواز ليگ لاءِ اهو صفا گهاٽي جو سودو ٿيندو، هڪ ته چونڊون نه کٽڻ ڪري اُن جي پت وائکي ٿيندي. ساڳئي وقت عمران کي کيڏڻ لاءِ بال ملي ويندو ۽ هو هڪ دفعو وري هيرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو. هڪ اهڙي جماعت، جنهن جي هڪ صوبي ۾ حڪومت هجي ۽ ملڪ جي ٻئي صوبي ۾ قومي اسيمبليءَ جون ڳپل سيٽون هجن ۽ اُتي ڪنهن حد تائين ماس بيس به موجود هجي، ان کي اسيمبليءَ مان خارج ڪرڻ ڪو سٺو عمل نه ٿيندو. هن وقت عمران خان ته چاهي ٿو ته کيس ڪو اهڙو اشو ملي، جنهن جي بنياد تي هو پنهنجو نئون مطالبو، نئون نعرو جوڙي ماڻهن تائين وڃڻ جي ڪوشش ڪري. مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته تحريڪ انصاف سمورين ڪوتاهين باوجود هڪ اهم سياسي قوت آهي، جنهن کي خاص ڪري نوجوانن ۽ پڙهيل لکيل وچولي طبقي ۾ حمايت حاصل آهي، جيڪي تبديليءَ جي نعري سبب هن پارٽيءَ جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا آهن. عمران خان کي اها پوزيشن ان ڪري به ملي، جو پيپلز پارٽي ملڪ اندر خاص طور پنجاب ۾ نواز ليگ کي وڏو چئلينج ڪندڙ نه رهي. ان جي سياسي طور نواز ليگ سان ڳجهي اتحاد ۽ پنجاب ۾ مضبوط تنظيم ڪاري ۽ اثرائتي ليڊرشپ جي نه هجڻ ڪري به اها جاءِ تحريڪ انصاف کي ملي.
اهو صحيح آهي ته عمران خان جي سياست ۽ سوچ ۾ ڪيترائي تضاد آهن. هڪ پاسي تبديليءَ جو نعرو ٿو هڻي ته ٻئي پاسي وري پراڻ پرست سياسي سوچ جو دفاع ڪندڙ آهي، سندس پاڪستان تحريڪ طالبان سان همدرديون آهن. اهي ڳالهيون جديد قدرن ۽ شهري وچولي طبقي جي سوچ سان ٽڪراءَ ۾ اچن ٿيون. اهي ڳالهيون جيتوڻيڪ اڳ به هيون، پر ٻن ڳالهين ان تي پردو رکيو هو. هڪ عمران جي ڪرشماتي شخصيت/ ليڊرشپ (جيئن ان کي پيش ڪيو ويو) ۽ ٻيو اهو ته هو تبديلي آڻي سگهي ٿو. پراڻي سياسي ليڊرشپ ۽ کيپ مان جند ڇُٽي ٿي، جتي هاڻي ڪلوزڊ ڪلب بڻجي چڪا آهن. هتي ان ڳالهه کي وسارڻ نه گهرجي ته جيئن جيئن عمران خان جي مقبوليت وڌي، ڪيئي موقعي پرست سياستدان تحريڪ انصاف ڏي وڌڻ لڳا. نتيجي ۾ تحريڪ انصاف کڻي اقتدار کي ويجهي آئي، پر ان جو ”تبديلي“ آڻڻ وارو رنگ هلڪو ٿيو. جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ ٿورو فرق هجي ها ته ڪيترائي اسيمبلي ميمبر ٿيڻ جا خواهشمند تحريڪ انصاف جو پاسو وٺي چڪا هجن ها. ائين هيءَ پارٽي ڄڻ روايتي پارٽين يا ”پراڻن پاپين“ جي گس تي نڪري پئي هجي ها..
جڊيشل ڪميشن جي فيصلي وقتي طور نواز شريف تان لٽڪندڙ تلوار هٽائي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪرپشن جي آيل الزامن ۽ ان جي مک ليڊرشپ جي پرڏيهه هليو وڃڻ به نواز ليگ لاءِ پنجاب توڙي قومي سطح تي سهولت پيدا ڪئي آهي، پر خراب حڪمراني، ماڻهن کي ڪو رليف نه ملڻ، توانائيءَ جو بحران، ڊگهي مدت وارين معاشي تبديلين جي رٿابندي نه هجڻ، صوبن سان ڪاروهنوار خود وڏا چئلينج آهن، جن کي مُنهن ڏيڻ، حل ڪرڻ ۽ نڀائڻ نواز شريف ۽ سندس ٽيم جي وس جي ڳالهه نه ٿي لڳي.
طالبان وارو معاملو نئين شڪل ۾ ڦاٽ کائي سامهون اچي سگهي ٿو. جيڪڏهن تڪڙ ۾ نواز شريف ڪا غلطي نه ٿو ڪري ته کيس رليف جو وقت 6-8 مهينن جو آهي. ڪالهه لشڪرِ جهنگويءَ جي بانيءَ جي مارجڻ واري واري خبر به وڏي آهي. توڙي جو انتها پسندن خلاف ڪارروايون تيز آهن، ۽ انهن کي ڪنهن حد تائين شڪست به ڏني وئي آهي، پر اڃا اهي مڪمل طور تي ختم ناهن ٿيا. اهڙي قسم يج ڪارراويئن کان پوءِ انهن جا بچيل پوئلڳ لازمي طور تي ڪو ردِعمل ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا، جنهن چئلينج کي منهن ڏيڻ به نواز شريف سرڪار لاءِ وڏو ٽاسڪ بڻجندو.

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home