Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, March 25, 2016

راهداري منصوبي تي هلندڙ تڪرار

راهداري منصوبي تي هلندڙ تڪرار ۽ وفاق کان پري ٿيندڙ صوبا!

اڱارو 12 جنوري 2016ع

اقتصادي راهداريءَ تي تضاد نواز شريف جي طرزِ حڪمراني ۽ ان جي لائحه عمل کي پڌري پَٽ ڪري ڇڏيو آهي. وزير اعظم ميگا رٿا تي اپوزيشن ۽ صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۾ ناڪام رهيو. جيتوڻيڪ اهو ڪو هڪ اڪيلو اهڙو مامرو ناهي، بلڪه قومي سلامتي، پرڏيهي معاملن توڙي مکيه معاشي منصوبن بابت نه صوبن کي پتو آهي ۽ نه وري ڪا اپوزيشن کي ڄاڻ. ڇاڪاڻ جو کين ڪنهن وڏي فيصلي سازيءَ ۾ اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي، نتيجي طور مختلف ڌريون ميان صاحب جي خلاف گڏ ٿي رهيون آهن. هوڏانهن سينيٽ ۾ به گرمي وڌي رهي آهي، جتي جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ کي ٿورڙي اڪثريت حاصل آهي، پر گڏيل اپوزيشن جي صورت ۾ اُتي مضبوط اپوزيشن آهي.
             نواز ليگ جي اتحادي جمعيت علماءِ اسلام (ف) به راهداري مامري تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي. خيبر پختونخوا ۾ راهداريءَ جي مخالفت مقبول نعري جيان بڻجي رهي آهي، ايتري قدر جو اُتي سياست ڪندڙ هر جماعت اهو ضروري ٿي سمجهي ته ان منصوبي جي مخالفت ڪري ۽ ان مخالفت جو چٽو اظهار پڻ ڪري. ڳالهه اُتي وڃي بيٺي آهي، جو گهٽ ۾ گهٽ راهداريءَ جي معاملي تي جي يو آءِ، تحريڪ انصاف، عوامي نيشنل پارٽي ۽ پختونخوا عوامي ملي پارٽي گڏ بيٺل آهن.
سنڌ حڪومت رينجرز جي اختيارن ۽ ڪرپشن جي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي، ٻيا معاملا نه سندس ترجيح آهن ۽ نه ئي وري ياد، حالانڪه سنڌ تي هن راهداريءَ جا مثبت اثر ته ڪي ورلي پوندا، باقي صنعتي اثر پوڻ جو وڏو خطرو آهي. هي منصوبو چڱي طرح Negotiate ٿيل ڪو نه ٿو لڳي ۽ نه وري ان جي اعلان کان اڳ صوبن کي هن رٿا بابت مختلف حوالن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. هيءَ رٿا جيڪا هاڻي تڪراري رٿا جي زمري ۾ اچي  وئي آهي، ان بابت في الحال رڳو خيبر پختونخوا جو تضاد کُليل نموني سامهون آيو آهي. خيبر پختونخوا جي پي ٽي آءِ حڪومت جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ڌمڪي ڏني آهي ته، ”جيڪڏهن سندس صوبي جا تحفظات دور نه ڪيا ويا ته مرڪز ڀل ڏسي ته اسين ڇا ٿا ڪريون.“ هن صوبي جو اهو مطالبو آهي ته اقتصادي راهداريءَ بابت مئي 2015ع واري آل پارٽيز ڪانفرنس جي فيصلن تي عمل ڪيو وڃي. هو چون ٿا ته، ”اسان کي رڳو هاءِ وي ٺاهي ٿا ڏيو، جيڪڏهن اهو ئي ٺاهڻو آهي ته پنهنجن پئسن سان ٺاهي سگهون ٿا.“
چين جي خرچ سان ٺهندڙ هن رٿا بابت مانيٽرنگ لاءِ جوڙيل پارليماني ڪميٽيءَ به تازو خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي. اها ڪميٽي ماڳهين صوبائي حڪومت سان متفق ٿي وئي، بعد ۾ رٿابنديءَ واري وفاقي وزير احسن اقبال کي موڪليو ويو ته هو خيبر پختونخوا حڪومت کي راضي ڪري، پر هو به خالي هٿين موٽي آيو، پٺاڻ صفا نهڪار ڪيو ويٺا آهن. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته اهو رول صوبائي رابطن واري وفاقي وزير رياض پيرزاده جو ٿيو ٿي ته هو صوبائي حڪومت سان ڳالهائي، پر اهو بار غريب احسن اقبال جي ڪُلهن تي وڌو ويو. مطلب جيڪو ڪم جنهن وزارت يا اداري جو آهي، ان کان اهو ڪم نه ورتو وڃي، بلڪه ٻئي ڪنهن کان ڪرايو وڃي.
هن منصوبي ۾ فائبر آپٽڪ، ريلوي لائين، تيل ۽ گئس جي پائيپ لائين وڇائڻ، ايل اين جي، بجلي جي رٿائن کان علاوه ڪيترائي اقتصادي زون قائم ڪرڻ شامل آهي، اها راهداري گوادر کان ڪاشغر تائين هوندي. پنهنجي سائيز، قرض ۽ مختلف معاشي رٿائن جي پيڪيجن سان هي ايترو ئي اهم آهي، جيترو آمريڪا ٻي عالمي جنگ کانپوءِ اولهه يورپ ۾ ٻيهر ساهه وجهڻ لاءِ مارشل ايڊ ڏني هئي. 46 ارب ڊالرن واري هن رٿا کي ملڪ جي ”تقدير بدلائيندڙ رٿا“ سڏيو پيو وڃي. خيبر پختونخوا اسيمبلي ٻه ڀيرا ٺهراءُ پاس ڪري چڪي آهي ته ان کي آل پارٽيز ڪانفرنس جي فيصلي موجب ٺاهيو وڃي، پر هاڻي جنهن طريقي سان هن رٿا تي عمل ڪيو پيو وڃي، تڏهن هن صوبي لاءِ هن راهداريءَ ۾ ڪجهه به ناهي.
اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته هي راهداري ٺهڻ جا موڙ ميان نواز شريف جي سر تي آهن، پر اها به حقيقت آهي ته ڪو رات وچ ۾ اوچتو ئي اوچتو اهو سڀ ڪجهه نه ٿيو آهي، دراصل هي چين سان پاڪستان جي ڪئين سالن جي دوستيءَ جو نتيجو آهي. پاڪستان ۾ حڪومتون بدلجڻ جي باوجود هن دوستيءَ ۾ ڪو فرق نه آيو، ممڪن آهي ته پاڪستان کي هن دوستيءَ جي عيوض ڪڏهن ڪي نقصان به سَهڻا پيا هجن. ان ڊگهي عرصي دوران ٻيا به ڪي آپشنز آيا هوندا، جيڪي پاڪستان استعمال نه ڪيا. رڳو هيءَ راهداري ئي نه، بلڪه مجموعي طور ميان صاحب پنهنجون پاليسيون ۽ حڪمت عملي ايئن پيو هلائي، جنهن مان رڳو اپوزيشن ئي آئوٽ ناهي، بلڪه پنجاب کي ڇڏي، باقي سمورا صوبا به آئوٽ آهن. دلچسپ قصو ايئن آهي ته خود مسلم ليگ (ن) پارٽي به آئوٽ آهي. ايتري قدر جو راهداريءَ ۾ شامل رٿائن سان واڳيل کاتن جا وفاقي وزير مثال طور پاڻي ۽ بجليءَ وارو وزير خواجا آصف، تيل ۽ قدرتي وسيلن وارو وزير شاهد خاقان عباسي به بي خبر آهن. باخبر يا معاملا اُڪلائڻ ۽ فيصلو ڪندڙ رڳو پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف آهي، جيڪو وزير اعظم جو ڀاءُ آهي. يعني صوبا، پارليامينٽ، اپوزيشن ته هن فيصلي مان گم آهن، پر خود پارٽي به شامل ناهي. هي ڀاءُ ڀاءُ جو کيل آهي، جيڪڏهن وزير اعلى پنجاب کي معاملا اُڪلائڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جو حق آهي ته باقي صوبن ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ هي ڪو شريف خاندان جو ڪاروباري وينچر ته ناهي، قومي مامرو آهي. حڪومتي مامرا قومي نوعيت جا هوندا آهن ۽ قوم ۾ صوبا به شامل آهن، ان ڪري اهي معاملا صلاح مصلحت سان هلايا ويندا آهن. ان حساب سان اهو مامرو رڳو آل پارٽيز ڪانفرنس يا چئن وڏن وزيرن سان ملاقاتون ڪري اُڪلائڻ جو ناهي. (جيتوڻيڪ عملي طرح ايئن به نه ڪيو پيو وڃي.) ان ڪم لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نالي سان آئيني ادارو موجود آهي، هي آئيني ادارو ملڪ جي ٻين ادارن جيترو ئي اهم آهي. هن معاملي کي هن اداري ۾ غور ڪرڻ گهرجي، حالانڪه سنڌ حڪومت هن ڪائونسل جو اجلاس گُهرائڻ جي درخواست به ڏني آهي ۽ اجلاس سڏائڻ لاءِ لڳاتار مطالبو به ڪندي رهي آهي، پر اڃا تائين نواز شريف جي حڪومت ان ڏس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي آهي. ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اها سٺي ڳالهه آهي، پر ان کي به گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ بنا ڪيو پيو وڃي. آدمشماري اسيمبلين ۾ سيٽن جي ورهاست کان وٺي، مالي ۽ توانائيءَ جي وسيلن توڙي نوڪرين جي ڪوٽا جي ورهاست جا مامرا شامل آهن.
وزير اعظم وٽ پرڏيهي وزارت جو به قلمدان آهي، حالانڪه ان قلمدان جي ڪاروهنوار جي حوالي سان اهم فيصلا ڪرڻ جي کيس زحمت نه ٿي ڪرڻي پوي، ڇاڪاڻ جو ڌرڻن واري دٻاءَ کان پوءِ هو اهي اختيار سرينڊر ڪري چڪو آهي، پر پوءِ به پاڻ کي پرڏيهي دورن ۾ مصروف رکندو اچي. هو يا پرڏيهي دوري تي هوندو آهي يا وري لاهور ۾ هوندو آهي. هن ڀيري ميان صاحب پيپلز پارٽيءَ واري پاليسي اختيار ڪئي آهي، جنهن موجب هو خطي جي صورتحال ۾ پنهنجي اهميت ۽ جواز حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. وزير اعظم جي پارليامينٽ ۾ حاضري به ورلي هوندي آهي، ان جو فائدو وري حڪمران جماعت جا ايم اين ايز به وٺندا آهن، جو اهي به اجلاس ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن. ساڳي صورتحال خود پارٽيءَ جي اجلاسن جي آهي، نه صوبائي، نه وري مرڪزي ورڪنگ ڪميٽيءَ جا اجلاس ٿين ٿا، بس جيڪو ڪجهه به آهي، سو ميان صاحب يا شهباز شريف ئي ڪري رهيا آهن. نواز شريف پنهنجي حڪومت جي پنجن سالن مان اڌ آئيني مدت پوري ڪري چڪو آهي. سندس اڌ مُدت وارين پاليسين تي نظر وجهڻ سان پتو پوي ٿو ته سندس حڪمت عملي، پاليسيون، فيصلا رڳو هڪ ئي محور جي چوڌاري گُهمن ٿا، سو هي ته 2018ع ۾ ٿيندڙ چونڊون ڪيئن به ڪري کٽجن. هونئن سياسي حوالي سان اهڙي خواهش ۾ ڪا بُرائي ناهي، جيڪڏهن اهي سڄي ملڪ ۾ چونڊون کٽڻ لاءِ هجن ها، پر هتي اها ڪوشش ٿي رهي آهي ته سياسي طور پنجاب هٿن مان نه وڃي، ڇاڪاڻ جو هو جيڪڏهن رڳو پنجاب ئي کٽي ٿو ته وفاق ۾ حڪومت ٺاهي وٺندو، باقي صوبن ۾ ڪير به کٽي، اهو هن لاءِ مسئلو ناهي. ان ڪري باقي صوبا نه سندس ايجنڊا جو حصو آهن ۽ نه ئي وري سندس پاليسين ۾ انهن صوبن بابت ڪو عڪس ملي ٿو.
اهڙي طرزِ حڪمرانيءَ اپوزيشن ۽ صوبن ٻنهي کي حڪومتي فيصلي سازيءَ کان پري ڪري ڇڏيو آهي. صوبن جي اها دوري ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، اها دوري دراصل طرزِ حڪمرانيءَ سبب پيدا ٿي آهي ۽ نواز شريف جي حڪومت يا فيصلن کان دوري آهي. ايئن اهي خيال به وڌي ۽ ويجهي رهيا آهن، جنهن کي اسلام آباد وارا ”صوبائيت“ جو نالو ڏين ٿا. ان حساب سان ڄڻ ميان صاحب هن ”صوبائيت“ کي وڌائڻ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي.
کڻي مڃجي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي خراب حڪمراني آهي، ڪرپشن آهي، پر آئيني ۽ سياسي حوالي سان پيپلز پارٽيءَ جو موقف دُرست آهي. ايم ڪيو ايم کي به شڪايتون آهن، وزير اعظم صوبي جي ٻن وڏين پارليماني پارٽين جون شڪايتون دور ڪرڻ ته پري رهيو، باعزت طريقي سان ٻُڌڻ لاءِ به تيار ناهي. بلوچستان سمورين دعوائن جي باوجود اهو مين اسٽريم ۾ نه اچي سگهيو آهي. ڊاڪٽر عبدالمالڪ کان پوءِ اُتي انتظاميا ۾ انڌي منڊي شرڪت جو احساس به ختم ٿي رهيو آهي. خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، وزير اعلى پرويز خٽڪ جو اهو بيان ته ”اسان جي نٿا ٻُڌو ته مرڪز ڀل ڏسي ته اسين ڇا ٿا ڪريون؟“ اهو سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جي ان موقف کي ويجهو آهي ته ”سنڌ تي حملو ڪيو ويو آهي.“
ايئن وڇوٽيون وڌي رهيون آهن، جيڪي اڳتي پور-وڇوٽين جي شڪل اختيار ڪنديون آهن، جيڪي ڪڏهن به پاڻ ۾ نه ملي سگهنديون آهن، پر عملي طرح وزير اعظم کي ان جو فڪر ناهي ته ٻين صوبن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. سنڌي چوڻيءَ موجب ته ”ماما جي گهر مهمان، اسان جي دل کي لوڏو ئي ڪونهي.“ کيس اهو به فڪر ناهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ٻين صوبن ۾ ڇا ٿيندو، بس هو رڳو ايتري پڪ ڪرڻ چاهيندو ته صوبن ۾ اڄ يا سڀاڻي جيڪي ٿئي، سو ڀلي ٿئي، منهنجي حڪومت کي خطرو ناهي ته ڄڻ سڀ خير آهي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اهڙي قسم جي سوچ، فيصلي سازي، آئيني ۽ سياسي ادارن کي اورانگهڻ جي طرزِ حڪمراني ڪيڏانهن وٺي ويندي؟

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home