Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, March 25, 2016

سعودي-ايران صورتحال جا پاڪستان تي ڪهڙا اٿر پوندا؟


سعودي-ايران واري ”سخت“ ٿيندڙ صورتحال جا پاڪستان تي ڪهڙا اٿر پوندا؟


ڇنڇر 09 جنوري 2016ع


 
 فڪري، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي روين بابت تحقيق ڪندڙ ۽ عوام کي ڄاڻ ڏيندڙ آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ اداري پيو (PEW) چتاءُ ڏنو آهي ته، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هلندڙ پراڪسي جنگ وچ اوڀر ۾ مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائيندي ۽ خطي ۾ فرقيواريت کي وڌائيندي. ٻين لفظن ۾ اها پاڪستان لاءِ پڻ خطري جي گهنٽي آهي. ايران ۽ سعودي عرب ٻه مذهبي ملڪ ليکيا وڃن ٿا. ٻنهي وٽ تيل جا جهجها ذخيرا آهن، ساڳئي وقت ٻئي جنگي حڪمت عمليءَ ۾ جاگرافيائي طور اهم بيهڪ رکن ٿا. ايران ۾ خمينيءَ جي انقلاب کان پوءِ چونڊون ٿين ٿيون، پر اُتي شيعه فرقي جي حڪومت آهي. سعودي عرب ۾ بادشاهت آهي، جيڪا سُني آهي، ان ڪري اهي ٻئي ملڪ پنهنجي سياسي، معاشي يا حڪمت عملي جي حوالي سان جڏهن هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيندا آهن ته سڄي دنيا جا اڪثر مسلمان ڄڻ هن فرقيواريت جي لپيٽ ۾ اچي ويندا آهن. اهو ان ڪري به جو مسلم دنيا ۾ اهي ٻئي ملڪ ان حوالي سان پنهنجي حمايت ڳوليندا آهن ۽ اڻ سڌي طرح اپيل به ڪندا آهن. جنگي حوالي سان سگهه رکندڙ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار جي نئين لهر تڏهن اُڀري، جڏهن آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن ايران سان ايٽمي پروگرام بابت ٺاهه ڪرڻ ۽ مٿس عالمي طور تي لڳايل پابنديون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، انهن ئي ڏينهن ۾ يمن ۾ حوثين وارو معاملو پڻ کڙو ٿيو. حوثي شيعه فرقي سان تعلق رکندڙ هڪ مڪتب فڪر آهي. مٿن الزام آهي ته اهي ايران جا حامي آهن ۽ ايران جي هُشيءَ تي سعودي عرب خلاف ڪارروايون ڪن ٿا.
عرب اسپرنگ کان عرب دنيا ۽ وچ اوڀر ۾ وڏو ٻائيتال متل آهي، جنهن جو فائدو مذهبي انتهاپسندن ”داعش“ جي نالي ۾ ورتو، جنهن بعد سڄو وچ اوڀر بحران ۽ فتني جو شڪار آهي. عرب دنيا ۾ مصري رهنما جمال ناصر جي آندل عرب قوم پرستيءَ واري لهر نئين صديءَ جي شروع ۾ ختم ٿي ته خطي ۾ بالادستي ماڻڻ جو خيال ڪيترين ئي ڌرين کي آيو. سعودي عرب انهن ۾ سڀ کان اڳيان اڳيان، ڇاڪاڻ جو وٽس پئسو ۽ تيل به جام هو. آمريڪا ۽ اولهه جي حمايت به حاصل هئي، جنگي ساز و سامان به گڏ ڪيل اٿس. مسلمانن جا مقدس هنڌ اُتي هجڻ ڪري ان جي حساسيت وڌي وڃي ٿي، کيس مسلمان ملڪن ۾ حمايت حاصل ڪرڻ ۾ سهولت پيدا ٿي وڃي ٿي.
ٽي هفتا کن اڳ سعودي عرب هڪ وڌيڪ پيش رفت ايئن ڪئي، جو پنهنجي پر ۾ 34 مسلم ملڪن تي ٻڌل اتحاد جو اعلان ڪيائين. ان اتحاد جي خاص ڳالهين ۾ اهو به شامل آهي ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا سميت ڪيترن ملڪن کي بنا پُڇڻ جي شامل ڪيو ويو. بعد ۾ انڊونيشيا جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو مسلم ملڪ آهي، تنهن ان اتحاد کان پاڻ کي ڌار ڪيو. پاڪستان حڪومت اهڙو مجبورين ۾ هئي، جو کانئس نه انڪار پئي ٿيو ۽ نه هاڪار. ٻي خاص ڳالهه اها هئي ته بظاهر ”داعش“ ۽ ٻين اهڙن دهشتگرد گروهن خلاف وڙهڻ جي نالي هيٺ اعلانيل اتحاد ۾ ايران، عراق ۽ شام کي شامل نه ڪيو ويو. شام ۾ هلندڙ گهرو جنگ جنهن جي نتيجي ۾ لکين شامي بي گهر ٿيل آهن. بشارالاسد حڪومت خلاف باغين جي ويڙهه ختم ڪرڻ لاءِ روس جي وچ ۾ پوڻ بعد 25 جنوري تي ڳالهيون شروع ٿيڻيون هيون. ستم ظريفي اها آهي، جو شامي حڪومت جا باغي سُني آهن، جن کي سعودي عرب جي حمايت حاصل آهي ۽ شامي حڪومت کي ايران جي حمايت حاصل آهي. عالمي ڌريون ان ڪري به دلچسپي وٺي رهيون آهن، جو ان بحران جي نتيجي ۾ خطي اندر داعش جو اثر ۽ خطرو وڌي رهيو هو. اطلاعن موجب ترڪي، سعودي عرب، قطر وغيره ان ٺاهه جي حق ۾ ناهن.
اڃا هي سڀ ڪجهه هلي رهيو هو ته سعودي عرب ۾ 45 ماڻهن جو سر قلم ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ سعودي شيعه عالم شيخ نمر باقرالنمر به شامل هو. شيخ نمر کي دهشتگرديءَ جي الزام ۾ 2014ع ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ سندس موت جي سزا معاف ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ۽ ڪجهه ٻين عالمي ادارن اپيل به ڪئي هئي، پر هن سزا تي عمل هاڻي ڪيو ويو. نمر کي موت جي سزا ڏيڻ تي ايران به خاموش نه رهيو، ان نه رڳو شديد احتجاج ڪيو، بلڪه اتي احتجاج به ٿيو ۽ احتجاج ڪندڙن تهران ۾ موجود سعودي سفارت خاني تي قبضو ڪري ورتو. ڳالهه رڳو هتي نه بيٺي، سعودي عرب بحرين، سوڊان، تهران سان سفارتي ناتا ٽوڙي ڇڏيا، ڪوويت ۽ ترڪي پنهنجا سفير واپس گهرائي ورتا ۽ گڏيل عرب امارتن سفارتي عملي جي سطح گهٽائي ڇڏي.
خطي جي ٻن وڏن ملڪن ۾ جهيڙو خراب سنئوڻ آهي، هن جهيڙي بعد سعودي عرب جي اڳواڻ ۽ مذهبي انتهاپسندن خلاف ٺهندڙ اتحاد ڪيترو موثر ۽ سرگرم ٿي سگهندو؟ اهو خود سوال آهي، ڇاڪاڻ جو سعودي عرب کي اعلانيل اتحاد جي تحت داعش سان وڙهڻو هو، پر هو  بدقسمتيءَ سان ايران سان سِڱ اٽڪائي بيهي رهيو آهي. يمن سعودي تڪرار مهل پاڪستان پاڻ کي ان جهيڙي مان پاڻ کي شروعاتي طور بچائي ويو، پر هاڻي ايران-سعودي عرب تڪرار ۾ پاڪستان به گهلجي ويو آهي. جمعي ڏينهن سعودي پرڏيهي وزير، پهرين آرمي چيف سان ۽ پوءِ وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ڇهه ڪلاڪن جي اسلام آباد جي دوري دوران پاڪستان سعودي عرب جي حمايت جو اعلان ڪيو ۽ اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي پڻ حامي ڀري. جڏهن سعودي پرڏيهي وزير اسلام آباد جي هوائي اڏي تي لٿو ته گاديءَ واري شهر جي ”ڊي چوڪ“ تي پاڪستان جي سعودي عرب جي اڳواڻيءَ ۾ ٺهيل اتحاد ۾  شموليت خلاف مظاهرو ڪيو ويو، رڳو ايترو ئي نه، پر پاڪستان جي پرڏيهي کاتي طرفان رکيل گڏيل پريس ڪانفرنس به ملتوي ڪئي وئي، متان ڪو ڏکيو سوال نه پڇيو وڃي ۽ ڪنهن ڏکئي سوال جو جواب نه ڏيڻو پئجي وڃي.
سعودي عرب ۽ ايران تڪرار مسلم ملڪن کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيهاري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف فرقيواريت جي ڏار کي ويڪرو ڪرڻ ۽ وڇوٽين جو خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اڄ جڏهن دنيا ۾ سياسي ۽ معاشي حوالي سان تڪڙيون تبديليون اچي رهيون آهن ته خطي ۾ غير يقيني حالتون ۽ مسلم ملڪن جو ورهايل رهڻ لکين ڪروڙين ماڻهن جي حق ۾ نه ٿو لڳي. انهن غير يقيني حالتن ۾ آمريڪا ۽ ٻيا هٿيارن جا واپاري واهه جو ڌنڌو ڪري ويندا. وچ اوڀر ۾ ٺهندڙ گڙٻڙ واري صورتحال، جتي هڪ کان وڌيڪ پراڪسي جنگيون ٿيڻ واريون آهن، پاڪستان تي به ان جا ڇنڊا پوڻ اڻ ٽر لڳي ٿو. ڏسجي حڪمران ڪيترو توازن رکي بچ بچاءُ ڪن ٿا.

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home