ٽرمپ جون پاليسيون ڪا ”نئين دنيا“ جوڙي وٺنديون؟
عالمي سياست ۾ نوان سياسي مظهر سامهون اچي رهيا آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين اٿل پٿل مچائي ڇڏي آهي. اڪثريت کي مڃيندڙ ۽ قانون جي حڪمراني جي دعويدار ملڪ کي اوچتو ڇا ٿي ويو آهي؟ ٻيا وري اهو ٿا چون ته پڙهيل لکيل ۽ ترقي ورتل آمريڪين کي ڇا ٿي ويو آهي؟ جن اهڙي ماڻهو کي صدر چونڊي ورتو آهي، جيڪو رنگ، نسل ۽ مذهب جي گهڻائيءَ کي عملي طور نٿو مڃي. هن سياسي مظهر کي سمجهڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو هو دنيا ۽ عالمي سياست کي اهڙي پاسي ڌڪي رهيو آهي، جيڪو ڏاڍو خطرناڪ آهي. اڳوڻي سوويت يونين جي آخري صدر ميخائيل گورباچوف انديشو ڏيکاريو آهي ته دنيا جنگ جي ڪنڌيءَ تي بيٺي آهي.
سورهين صديءَ کان وٺي يورپي ملڪن پاران اتر قطب کان وٺي ڏکڻ قطب تائين دنيا جي مختلف قومن، انهن جي وسيلن، ملڪيتن، سر زمين ۽ ملڪن تي قبضا ڪيا ويا، انهن تي حڪمراني ڪئي وئي پر ويهين صديءَ جي شروعات تي صورتحال بدلجڻ شروع ٿي. انهن يورپي ملڪن پاڻ ۾ چٽاڀيٽي ۽ جهيڙن جي صورتحال پيدا ڪري وڌي، ڇاڪاڻ جو يورپ ۾ وڌندڙ سرمائيداريءَ لاءِ دنيا جي زمين ۽ ان جا وسيلا توڙي شيون خريد ڪرڻ لاءِ ماڻهو گهٽ پئي ٿيا. انهن ملڪن کي وڌيڪ نفعو، وڌيڪ دولت، وڌيڪ زمين گهربل هئي، انهن جهيڙن سبب ئي پهرين عالمي جنگ لڳي. ان بعد ٻي عظيم جنگ لڳي، جنهن سان سرد جنگ جو دور شروع ٿيو، جيڪو 1991ع تائين هلندو رهيو. ان بعد بين الاقوامي لبرل ازم ۽ گلوبلائزيشن جو نعرو لڳو پر هاڻي رياست کي مرڪزي نقطو بڻائي دنيا کي ڏسڻ ۽ سياست ڪرڻ جو دور شروع ٿي ويو آهي. وڏيون طاقتون پنهنجي بالادستي چاهين ٿيون. آمريڪا جي بالادستي ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ چين اچي رهيو آهي. هڪ حد تائين ڀارت به اسري رهيو آهي، جنهن سان آمريڪا ويجهڙائپ رکندو اچي. انهيءَ ٽڪراءَ سبب عالمي سياست ۾ مونجهارا توڙي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. هاڻي دنيا کي ڪيئن هلائجي؟
تاريخ جو اڀياس ٻڌائي ٿو ته دنيا ۾ تبديلي، وسيلن ۽ بالادستي واسطي لڙائين جي ڪري ايندي رهي. جيتوڻيڪ ڪيترن هنڌن تي ان کي مذهبي ۽ فطري رنگ به ڏنو ويو پر دراصل اهي ٻئي شيون ثانوي هيون. بالادستي وسيلن ۽ واپار لاءِ گهرجي. اسان ڏسون ٿا ته خاص ڪري 1905ع کان پوءِ دنيا ۾ وڏيون سياسي تبديليون اچڻ شروع ٿيون. انهن سڀني سياسي تبديلين جا محرڪ معاشي هئا. ڏٺو وڃي ته فطري ۽ مذهبي توڙي ٻين اهڙن معاملن مخالفتن ۽ چٽاڀيٽي توڙي مقابلن کي وڌيڪ پيچيدا بنايو، جڏهن ته اهي تبديلي جو اصلي جوهر نه هئا. ايندڙ وقت ۾ ڪجهه طريقا ۽ ذريعا تبديل ٿيا، ڪڏهن ڪڏهن ته ڪردار به بدليا، پر تبديليءَ جو اصل پس منظر ۽ مقصد نه بدليو.
ڪنهن ڏاهي ڏاڍي ڀلي ڳالهه چئي آهي ته، هر ٽيهارو کن سالن ۾ دنيا واضح طور تبديل ٿي ويندي آهي. (سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تازين ايجادن اهو مدو هيڪاري گهٽائي ڇڏيو آهي) يورپ جيڪو دنيا تي حڪومت ڪندو پئي آيو، اتي آسٽريا، هنگري، جرمني، روس ۽ عثمانيه جون سلطنتون 1920ع تائين ڊهي ڀور ڀور ٿي ويون. روس ۾ ڪميونزم رائج ٿي ويو. پهرين عالمي جنگ ۾ شڪست کائيندڙ جرمني ٻيهر جنگ تي لهي آيو. هن ڀيري نئين اڀرندڙ طاقت جاپان به گڏ هو. دنيا جي ڪنڊ تي آمريڪا به هڪ طاقت طور اڀري چڪو هو. آمريڪا ۽ يورپ مجبور ٿي ويا ته اهي جپان ۽ جرمني جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪميونسٽ سوويت يونين کي تسليم ڪن ۽ نئين ورڇ ۾ ان کي به حصو ڏين. ان بعد يورپ جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو. برطانيا جنهن جي سلطنت تي ڪڏهن سج لهندو ئي نه هو، سو هڪ ٻيٽ وانگر محدود ٿي ويو. اتان کان آمريڪا جو دور شروع ٿيو، جتي پڻ اصلوڪن باشندن کي ماري مڃائي، يورپ مان لڏي ويل ماڻهو هڪ الڳ طاقت بڻجي چڪا هئا. اهي اتان جي وسيلن ۽ ملڪيتن جا مالڪ بڻجي سياسي توڙي معاشي سگهه حاصل ڪري چڪا هئا. پر آمريڪا جو اهو دور ملڪن تي سڌيءَ طرح حڪمراني ڪرڻ جو نه هو، بلڪه انهن ملڪن کي قابو ۾ رکڻ ۽ انهن جي وسيلن ۽ معيشت مان فائدو وٺڻ جو هو. اهو سرد جنگ جو دورو هو، جنهن ۾ اسان کي پراڪسي لڙايون وڌيڪ نظر اچن ٿيون. ويٽنام واري لڙائي سڌي هئي، جتي هڪ ننڍڙي ملڪ ديومالائي ڪردار جهڙي شينهن ملڪ آمريڪا کي ڀڄائي ڇڏيو.
تبديليءَ جي لهر اڳتي وڌندي وئي، پنجاهه، سٺ ۽ ستر وارن ڏهاڪن تائين ڪيئي ملڪ بيٺڪيتن مان آزاد ٿيا. سرد جنگ وارو دور ڌارين جي حڪمراني مان آزاد ٿي قومي آزادي جي تحريڪن جو دور ڪري ليکيو وڃي ٿو. ستر ۽ اسي وارا ڏهاڪا وري دنيا ۾ جمهوريت ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد توڙي نئين بيٺڪي نظام خلاف جدوجهد جي دور طور سڃاتا وڃن ٿا. 1980ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن ۽ 1990ع واري ڏهاڪي جي شروع ۾ هڪ ٻي تبديلي جي لهر دنيا جي مختلف ملڪن کي ڇُهيو. سوويت يونين ٽٽي ويو، ديوار برلن ڊهي وئي، يعني ٻي عالمي جنگ بعد وڏين طاقتن جي وچ ۾ جيڪو ورهاست ۽ حد بندين جو ٺاهه ٿيو هو، سو عملي طور ختم ٿي ويو. اهو ئي سبب آهي، جو ان کي تاريخ جي پڄاڻي جو نالو ڏنو وڃي ٿو. ايتري ۾ چين اڳتي وڌي آيو، آمريڪا ۽ ان جا يورپي اتحادي گلوبلائزيشن ۽ سرحدن کان آزاد واپار جا نعرا هڻندا رهيا ۽ ان تصور کي اڳتي وڌائيندا رهيا. عالمي سطح تي مختلف قسم جا ٺاهه ڪندا رهيا. ان دور ۾ پئسو تيزيءَ سان سفر ڪندو رهيو. سوويت يونين جي خاتمي باوجود آمريڪا لاءِ چئلينج ختم نه ٿيا. هڪ ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ترقي خود تضاد پيدا ڪندي رهي، ٻئي طرف مختلف خطن ۾ پڻ نوان چئلينج اڀرڻ لڳا.
11/9 واري واقعي آمريڪا کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجي نئين سر حڪمت عملي جوڙي. ان دنيا جي گهڻو پوئتي پيل ملڪن جي لسٽ ۾ ايندڙ ملڪ افغانستان تي ڪاهه ڪئي. جنهن جون سرحدون رڳو چين ۽ ايران سان ئي نٿي مليون، بلڪه ان جون سرحدون تيل ۽ گئس جي ذخيرن سان ڀريل وچ ايشيائي ملڪن سان به مليون ٿي يا وري انهن لاءِ اهو ايشيا ڏانهن لنگهه ٿي بڻيو. ايتري ۾ القائده وارو لڏو به سامهون اچي ويو. ائين آمريڪا کي پنهنجي ”بادشاهي“ خطري ۾ محسوس ٿي ۽ هو عالمي ٽڪرائن ۽ تضادن ۾ وڌيڪ سختي سان ٽپي پيو. مختلف ملڪن جي معاملن ۾ مداخلتون، بمباري، عام شهرين جو قتل ۽ ملڪيتن جي تباهي معمولي ڳالهه بڻجي ويئي. افغان جنگ ۾ سندس ساٿ ڏيندڙ اسامه بن لادن کي 2011ع ۾ ڳولي هٿ ڪيو ويو. اها ڌيان طلب ڳالهه آهي ته افغانستان ۾ 15 سالن تائين هلندڙ جنگ مان هو پاڻ کي ڪڍي نه سگهيو آهي، حالانڪه آمريڪا ۽ يورپ مخالف پاليسين جي مخالفت يا انهن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ عراقي صدر صدام حسين ۽ لبيا جي صدر معمر قذافي کي پنهنجي سر جي قيمت ڏيڻي پئي. عراقي صدر پيٽرو-گيس سياست جو شڪار ٿيو. تازو آمريڪي صدر ٽرمپ کان جڏهن پڇيو ويو ته، آمريڪا عراقي تيل جي کوهن تي قبضو ڇو نه ڪيو؟ هن وراڻيو ته، اهو ڪم آمريڪا ايندڙ وقت لاءِ رکيو آهي. قذافي محفوظ ڪرنسيءَ طور سون جو سڪو رائج ڪرڻ جون تياريون پئي ڪيون. ان سان ڊالر جي قيمت ۽ اهميت گهٽجي وڃي ها. آمريڪا کي ڊالر جي بالادستي ايتري پياري آهي، جو تازو ٽرمپ چين تي به الزام هنيو آهي ته ان جي واپاري اٽڪل بازين سبب ڊالر متاثر ٿئي ٿو. وچ اوڀر ۾ جيڪو انتشار پيدا ٿيو آهي، اهو به بنا منصوبي جي ناهي. مصر ۾ صدر مرسي آمريڪا کي اسلام پسندي سبب قابلِ قبول نه هو. عجيب ڳالهه آهي ته اهڙي ئي انتهاپسندي واري ٽرمپ کي آمريڪا صدر بڻائي ويٺو آهي.
شام ۾ بشارالاسد کي ڪو شوق ڪونه هو ته پنهنجي ملڪ يا پنهنجي حڪومت کي مصيبت ۾ وجهي. اصل ڳالهه اها آهي ئي ڪونه ته ڪو ”عرب بهار“ جا ڇنڊا شام تي پيا هئا. اصل ۾ گئس پائيپ لائين جي مخالفت تان اهو جهيڙو متو هو. ”عرب اسپرنگ“ يا عرب بهار جو وڏو چوٻول ٿيندو رهيو آهي پر چند ئي مهينن ۾ اها بهار ختم ٿي ويئي. ان بعد وچ اوڀر ۽ عرب ملڪن ۾ ڇا ٿيو؟ هڪ نئون جنگي ٿيٽر هلي رهيو آهي. آمريڪا جي پاليسي آهي ته اهو ضروري ناهي ته ڪو آمريڪا جنگ کٽي، بس هو اهو چاهي ٿو ته معاملا ان طرح بگاڙيا وڃن ۽ خلل پيدا ڪيو وڃي، جو ٻي ڌر ان پوزيشن ۾ نه اچي ۽ ايتري طاقت نه بڻجي، جو کيس چئلينج ڪري سگهي. وچ اوڀر ۾ هو اهڙو خلل پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. سوويت يونين جي خاتمي بعد مسلمان ملڪ آهن. اهو به عجيب اتفاق آهي ته وچ اوڀر هجي يا وچ ايشيا وارو خطو، تيل ۽ گيس جا ذخيرا مسلمان ملڪن ۾ ئي آهن. ساڳئي وقت مسلمان ملڪ عالمي واپاري لنگهه تي واقع آهن. اهو ئي سبب آهي، جو ٽرمپ ان ايجنڊا کي سرفهرست رکيو آهي. مسلمانن کي هڪ خاص سوچ واري ڍانچي ۾ رکي ڏسڻ جي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. اصل ڳالهه ٽرمپ جي اسلام جي بطور مذهب مخالفت نه، پر آمريڪا ۽ يورپي معاشي ۽ سياسي مفادن جو بچاءُ ڪرڻ آهي. مسلمانن کي خاص ڍانچي جي سوچ سان ڏسڻ جي ڊپ بابت يورپ ۾ به مهم هلي رهي آهي. ممڪن آهي ته يورپي ملڪن خاص ڪري جرمني، فرانس وغيره ۾ ساڄي ڌر واريون جماعتون چونڊون کٽي وڃن. جيڪڏهن اهي چونڊون نٿيون به کٽين، تڏهن به يورپ جي سوچ ساڄي ڌر واري پاسي جهڪي ويندي، جنهن سان عالمي سياست ۾ سهپ، جمهوريت ۽ توازن ۾ تبديلي اچي ويندي.
ٽرمپ ست مسلمان ملڪن جي شهرين تي آمريڪا اچڻ تي پابندي هنئي آهي. پاڪستان واچ لسٽ تي آهي. اها ڳالهه پاڪستان به محسوس ڪري ورتي آهي. ٽرمپ جو نسخو رڳو مسلمانن لاءِ ناهي. جيڪڏهن ان کي اتي ئي نه روڪيو ويو ته اهو عمل قوميت، رنگ، نسل جي بنياد تي اڃا به اڳتي وڌندو. در حقيقت آمريڪا پنهنجي بالادستي برقرار رکڻ ۽ ان کي بچائڻ لاءِ نئين حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، ٽرمپ ان جو سياسي اظهار آهي. نئين آمريڪي پاليسي خود آمريڪا اندر به تڪراري بڻيل آهي. ماڻهن جا احتجاج، مظاهرا ۽ ٻين ملڪن جي آمريڪا اچڻ تي بندش خلاف عدالتي فيصلا، ڊيموڪريٽس طرفان ٽرمپ جي پاليسين جي مخالفت مان اهڙا اشارا ملن ٿا. هڪ دفعو وري ”معيشت جي تحفظ“ جون ديوارون کنيون پيون وڃن پر اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اڳتي هلي هڪ دفعو وري اهي ديوارون واپاري چٽا ڀيٽي ۽ ان بعد لڙائين کي جنم ڏينديون. ائين ”هڪ دنيا“ جو تصور ختم ٿي رهيو آهي. قوميت، نسل، رنگ وغيره جا رويا پاڙون هڻي رهيا آهن. دنيا ڄڻ نون ٽڪرائن، ڇڪتاڻ ۽ عدم توازن ڏي وڌي رهي آهي.
Daily Kawish
جمع 03 فيبروري 2017ع
Labels: 2017, Trump policies
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home