Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 30, 2017

مذهبي انتهاپسنديءَ جو فصل ۽ مدرسن جي نگرانيءَ جي ضرورت!

 
مذهبي انتهاپسنديءَ جو فصل ۽ مدرسن جي نگرانيءَ جي ضرورت!

سومر 22 فيبروري 2016ع
 
 
سنڌ جي وڏي وزير سائين قائم علي شاهه جي تازي ان ”انڪشاف“ حڪومتي دعوائن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي ته حڪومت توڙي رياستي ادارا دهشتگرديءَ جي خلاف ٺاهيل نيشنل ايڪشن پلان تي ڪيترو عمل ڪري رهيا آهن. وڏي وزير جيتوڻيڪ اهو انڪشاف ڪيو آهي ته، ”صوبي جي ڏورانهين، گهڻو پوئتي پيل ۽ گذريل چئن سالن کان ڏڪار جي لپيٽ ۾ آيل ٿر ۾ به مدرسا پهچي ويا آهن.“ سائين قائم علي شاهه يا ٿر کان پري ويٺل ۽ ان تي پري کان نظر وجهندڙن لاءِ اها ڄاڻ انڪشاف ٿي سگهي ٿي، پر ٿر کي ويجهڙائپ کان ڄاڻندڙن کي ڀلي ڀت اها ڄاڻ آهي ته اتي ڪيئن مدرسن جو فصل پوکجي رهيو آهي. اهو ڪم ڪٿي ماڻهن کي حج جون سهولتون ڏيڻ جي نالي ۾، ڪٿي وري ڏڪاريل ماڻهن جي امداد جي نالي ۾، ته ڪٿي وري تعليم جي نالي ۾ ٿي رهيو آهي. ٿر توڙي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پکڙجندڙ مدرسن جي نيٽ ورڪ جون ٻيون به ڪجهه خاصيتون آهن. مثال طور اهو ته ڪجهه ڳوٺن ۾ انهن مدرسن دڪان به کوليا آهن، جتي ماڻهن کي کاڌي پيتي ۽ عام واهپي جون شيون سستي اگهه تي مهيا ڪيون وڃن ٿيون. هيءَ ٻي ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جي آهي ته هر مدرسي ۾ ٿر يا صوبي جي ڪجهه ٻين علائقن جا ٻار به آندا ويا آهن، جيڪي اتي مدرسي جي هاسٽل ۾ رهن ٿا، حالانڪه انهن ٻاهران آيل مدرسي جي شاگردن کي ٻيا ڪيترائي مدرسا ويجهن ڳوٺن ۾ به آهن، پر انهن کي ايترو پري وارن مدرسن ۾ پڙهايو ۽ رهايو وڃي ٿو. اهي ٻئي ڳالهيون خود وڏي وزير لاءِ به انڪشاف هونديون.
سنڌ ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن کان فڪري تاڃي پيٽو تبديل ٿي رهيو آهي، جنهن جو نوٽيس ورلي ئي ڪن ڌرين ورتو هوندو. نوي واري ڏهاڪي ۾ ٻهراڙين تائين ڪو سياسي يا نظرياتي خيال کڻي وڃڻ وارن جي سخت کوٽ هئي. جيتوڻيڪ اسي ۽ نوي وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ اندر مدرسا ٺهي رهيا هئا، پر اهي گهڻو ڪري ننڍن وڏن شهرن جي داخل ٿيندڙ يا نڪرندڙ لنگهن تي ٺهي رهيا هئا يا وري مکيه شاهراهن تي قائم رهيا آهن، جتي وڏيون وڏيون عمارتون کڙيون ٿي رهيون هيون، پر نائين اليون واري واقعي کانپوءِ انهن مدرسن جو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڦهلاءُ ٿيڻ شروع ٿيو. هڪ سروي مطابق ان واقعي بعد اٽڪل 9 هزار جي لڳ ڀڳ مدرسا قائم ٿيا. ڪن ادارن جي انگن اکرن موجب انهن مان 74 سيڪڙو صوبي جي ٽن مکيه ۽ وڏن شهرن ۾ ٺهيا. سرڪاري ادارن جون رپورٽون آيون ته ڪن هنڌن تي جهڙي نموني اتي تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي ٿي، سا مذهبيءَ کان اڳتي وڌي انتهاپسنديءَ واري آهي. انهن انگن اکرن کي ڏسندي سنڌ سرڪار جي اها دعوى عجيب لڳي ٿي، جنهن ۾ هو فرمائي ٿي ته، ”صوبي اندر ڄڻ ڏهه هزار جي لڳ ڀڳ ئي مدرسا آهن، جن مان ساڍا نو هزار کن جي سروي يا نشاندهي ڪئي وئي آهي، باقي ڪم هلي رهيو آهي، پر زميني حقيقتون بلڪل ان جي ابتڙ آهن. صوبي جي مختلف علائقن جي ڄاڻ رکندڙ سفر ڪندڙن جو خيال آهي ته اهو انگ ڪنهن به طور تي 15/16 هزار کان گهٽ ناهي.
اصل ڳالهه اها آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي ويهن نقطن مان ٻن چئن تي ڪم ڪيو ويو، جڏهن ته باقي نقطا جيڪي ان سڄي قصي جو بنياد بڻجن ٿا، سياسي توڙي نظرياتي نعرو، سوچ ۽ ذهن ٺاهين ٿا، ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. ان مقصد لاءِ نيشنل ايڪشن پلان ۾ اهڙا نقطا شامل آهن، جنهن موجب انتهاپسنديءَ واري لٽريچر جي ڇپائي، وڪري ۽ ورهاست تي پابندي، ٻين نالن سان ڪم ڪندڙ تنظيمن، نفرت واري چاڪنگ، تقريرون ڪرڻ، مدرسن جي رجسٽريشن، انهن جي سروي، اتي جي مهتمين، استادن ۽ شاگردن، فنڊ جي ذريعن بابت تفصيل گڏ ڪرڻ شامل هو ۽ اهو به شامل هو ته جيڪي ماڻهو يا مدرسا ماضيءَ ۾ ڪنهن اهڙي سرگرميءَ ۾ ملوث رهيا هجن ته انهن کي شڪي هجڻ جي بنياد تي فورٿ شيڊيول ۾ رکڻ به شامل هو، جنهن جو مقصد اهو آهي ته انهن تي نظر رکي وڃي.
سنڌ ۾ پيپلز پارٽي حڪومت ۾ آهي، جيڪا اهو ڏيکاءُ ڏئي رهي آهي ته ان مدرسن جي تفصيل گڏ ڪرڻ يا انهن جي نشاندهي ڪرڻ جي حوالي سان الاهي سارو ڪم ڪري ورتو آهي، پر زميني حقيقتون مختلف آهن. پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڪجهه اهڙن گروپن سان اتحاد ڪيو، جيڪي اصل ۾ انتهاپسندي ۽ شدت پسنديءَ جي کاتي ۾ آهن، پر نون نالن سان هتي ڪم ڪري رهيون آهن. اهي خبرون جڏهن ميڊيا ۾ آيون ته پارٽيءَ جي صوبائي قيادت اها ڳالهه ڪئي ته اهو مقامي سطح جو معاملو آهي ۽ ان جي ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پر اهڙي ڪا به ڊسپلين جي حوالي سان ڪارروائي يا نوٽيس جاري ڪرڻ به سامهون نه آيو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سائين قائم علي شاهه کي ٿر جو ڏڪار ۽ اُتي مرندڙ ٻار نظر ڪو نه آيا. سُٺي ڳالهه آهي، جو کيس مدرسا ته نظر آيا. سائينءَ کي ٿر ۾ ترقياتي ادارا يا يونيورسٽي کولڻ ياد ڪو نه رهيو، ان لاءِ کيس خيرپور ياد رهي، پر مدرسن جي حوالي سان کيس خيرپور ياد نه آهي، حالانڪه اتي انهن مذهبي ادارن جو ڊگهو پس منظر آهي. سنڌ جا ماڻهو انهيءَ انتظار ۾ آهن ته سنڌ حڪومت خيرپور جي مدرسن بابت به ڪي انڪشاف ڪندي. سنڌ حڪومت طرفان مدرسن بابت موقف ۽ ان جي تفصيلن ۽ ڪارروائيءَ جي حوالي سان بيان توڙي پاليسي زميني حقيقتن کان مختلف آهي. سيپٽمبر 2015ع ۾ نيشنل اينٽي ٽيررازم اٿارٽي جي هڪ اجلاس ۾ سنڌ حڪومت ٻُڌايو هو ته، ”سنڌ ۾ 10 هزار کن مدرسا آهن، جن مان 6 هزار کان مٿي جي جيو ٽيگنگ (يعني ان جي هنڌ وغيره بابت ڄاڻ رکڻ ۽ ان کي مانيٽر ڪرڻ) جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، رهيل ڪم ٻن هفتن ۾ پورو ٿيندو.“ پر اهو ڪم چار مهينا گذرڻ بعد به مڪمل نه ٿيو هو. صوبي ۾ 49 مدرسن بابت تفصيل ۽ ثبوت گڏ ڪيا ويا هئا ته اهي ڪنهن طرح سان انتهاپسندي يا شدت پسنديءَ سان تعلق رکن ٿا، پر انهن خلاف قدم نه کنيو ويو. سنڌ حڪومت اهو تاثر ڏئي رهي آهي ته پنجاب ۾  اهو ڪم گهٽ ٿيو آهي، پر مختلف ادارن جون رپورٽون ٻُڌائين ٿيون ته پنجاب ۾ 13000 مدرسن جي جيو ٽيگنگ ڪئي وئي. اهو سوال پنهنجي جاءِ تي آهي ته باقي ڪيترا رهيل آهن يا وري پنجاب ۾ مدرسن جو ڪُل تعداد ڪيترو آهي. حڪومتي دعوائن موجب اهو ڪم بلوچستان ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. خيبر پختونخوا ۾ 3000 مدرسن جي جيو ٽيگنگ ڪئي وئي، جنهن مان 150 کي حساس قرار ڏنو ويو.
نيشنل ايڪشن پلان کي جيڪڏهن پاسيرو رکجي، سنڌ اندر موجود عام قانون کي ئي ڏسجي ته ڪيترائي مدرسا صوبي يا ملڪ ۾ مروج ڪنهن به قانون هيٺ رجسٽر ٿيل ناهن، جن مان حڪومت سنڌ اهو مڃي ٿي ته 1160 مدرسا بنا رجسٽريشن جي آهن. ظاهر آهي ته اهو انگ ان کان وڌيڪ آهي. جڏهن عسڪري ڌرين توڙي ميڊيا جي ڪجهه حلقن طرفان نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي عمل نه ڪرڻ جي ڳالهه نڪتي، جنهن جو وڏو حصو حڪومت جي ذمي آيو ٿي، ان لاءِ وزير اعظم کي ئي ذميوار قرار ڏنو پئي ويو ته فوري طور تي وزير اعظم اهو الزام پاڻ تان لاهي صوبن جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، حالانڪه ان ڏس ۾ صوبن جي صلاح سان هڪ مضبوط ۽ مربوط پاليسي جوڙڻ وفاقي حڪومت جي ذميواري هئي. عجيب ڳالهه آهي ته آدمشماري، قدرتي وسيلن جي ورهاست وغيره جهڙا معاملا صوبن يا گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي اُڪلائڻا آهن، تن جا فيصلا وزير اعظم ۽ سندس ڪابينا ڪري رهي آهي، جيڪي معاملا وفاقي حڪومت کي ڪرڻا آهن، انهن لاءِ صوبن کي مورد الزام قرار ڏنو پيو وڃي.
 مذهبي تعليم کان ڪنهن کي به انڪار ناهي. ملڪ جي سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ لازمي مضمون جي طور پهرين ڪلاس کان وٺي، يونيورسٽي تائين پڙهائي وڃي ٿي. ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪو اسلاميات يا مذهبي تعليم ۾ اسپيشلائيزيشن ڪرڻ چاهي ته ان لاءِ يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن، ماسٽرز، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي سطح تي تعليم جو بندوبست ٿيل آهي. انهن عام تعليمي ادارن کان علاوه به جيڪڏهن ڪو مذهبي تعليم وٺڻ چاهي يا صرف مذهبي تعليم کي وٺڻ چاهي ته ان لاءِ مدرسن جو جواز بيهي ٿو، پر اهڙن مدرسن کي قانون ۽ آئين جي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، يعني انهن جي رجسٽريشن ٿيندي. اتي ڇا ۽ ڪيئن پڙهايو پيو وڃي؟ ڪير پڙهندڙ آهن، ۽ ڪير پڙهائيندڙ آهن؟ اهو جيئن ته نيڪ ڪم آهي، جيئن تاثر به ڏنو وڃي ٿو ته ان نيڪ ڪم جي سڀني ادارن، ماڻهن ۽ حڪومت کي به ڄاڻ هجڻ گهرجي ۽ ان جي پذيرائي به ٿيڻ گهرجي. اها ڄاڻ حاصل ڪري يقينن ماڻهن کي به خوش ٿيڻ گهرجي ته اهي مدرسا هر سال ايترا عالم فاضل پيدا ڪري رهيا آهن. ان تي ٻه رايا ناهن ته اسلام ۾ ڪو انتهاپسندي يا شدت پسندي آهي، اهو ته امن جو مذهب آهي. پريشانيءَ جي گهڙي ان وقت اچي ٿي، جڏهن پتو پوي ٿو ته انهن ڪجهه ادارن مان عالم فاضل نه، پر ٻيو ڪجهه پيدا ٿي رهيو آهي، جيڪو مجموعي طور تي پاڪستاني معاشري ۾ هن ملڪ ۽ عوام جي لاءِ فائديمند ناهي. اهو ئي سبب آهي، جو نيشنل ايڪشن پلان ٺهيو آهي. ان ڏس ۾ هڪ ٻي ڳالهه به اهم آهي ته تعليم کانپوءِ هاڻي مذهبيت صحت جي شعبي ۾ به اڻ سڌي طرح گهڙي رهي آهي، جنهن ۾ ڪي ڪي نسخا مذهبي نالي ۾ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
حڪومت ۽ معاشري جي لاءِ اهو ضروري ٿي پيو آهي ته ان سڄي معاملي کي ٻيهر ڏسن، ان جي ڪارڻن ۽ پوندڙ اثرن جو به جائزو وٺن. آخر ڪهڙو سبب آهي، جو اسين سماجي، معاشي ثقافتي ۽ سياسي حوالي سان پوئتي ڌڪجي رهيا آهيون. جڏهن انهن جا ڪارڻ ڳولجن ٿا ته پتو پوي ٿو ته اهو سڀ مذهب جي نالي ۾ يا وري مذهب جون اهي تشريحون ڪڍي جواز پيدا ڪيو پيو وڃي، جنهن بابت ملڪ جي عوام جي نه بلڪه ڪيترن عالمن جي به ان جي ابتڙ راءِ آهي. عسڪري ڌر رڳو ڪو هڪ ٻه پهلو کڻي سگهي ٿي، باقي حصو حڪومت ۽ معاشري جي ساڃهه وند ماڻهن، جنهن ۾ روشن خيال مذهبي عالم به شامل آهن، جو آهي، انهن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
sohailsangi@yahoo.com
 

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home