Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 19, 2015

بلاول ڀٽو زرداريءَ جي تقرير جا مختلف پهلو 30 ڊسمبر 2013ع

بلاول ڀٽو 

زرداريءَ جي 

تقريرجا مختلف 

پهلو

سهيل سانگي
سومر 30 ڊسمبر 2013ع

اڄ انتهاپسندن خلاف ڪو سياسي ليڊر ٻَڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي. سمورا سياستدان طالبان سان هر حال ۾ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آتا آهن. ملڪي ماحول ۾ لڳي ٿو ته، انتهاپسندي جو خوف ڇانيل آهي. تڏهن بلاول ڀٽو جي انتها پسندن خلاف چِٽن لفظن ۾ ڳالهه ڄڻ فضا ۾ تازي هوا جو جهوٽو آهي. ڄڻ انتهاپسندن کي ڪنهن لَلڪاري وڌو آهي. سندس ماءُ ۽ گذريل چونڊن ۾ سندس پارٽي پڻ انهيءَ انتهاپسندي جو شڪار ٿي هئي. اهو صحيح آهي ته، اهڙو ”اعلانِ جنگ“ سندس زندگيءَ کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو. بلڪل ائين جيئن سندس ماءُ سان ٿيو، اها به انتها پسندن جي خطري باوجود بهادريءَ سان بيٺي رهي. 

بلاول ڀُٽي جي  هن چِٽي اعلان، اهڙين سياسي پارٽين ۽ ڌرين لاءِ به گَس ڪڍيو آهي، جيڪي نفسياتي يا سياسي دٻاءُ سبب انتهاپسندن جي مخالفت وارو ڪردار ادا ڪرڻ کان لنوائي رهيون هيون. هي پاڪستان جي سياست ۾ هڪ اختلافي نوٽ جيان آهي، ڇاڪاڻ جو هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ سموريون پارٽيون بشمول پيپلز پارٽيءَ جي، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ طالبان سان ڳالهين وارو اعلان نامو منظور ڪري چڪيون هيون. ائين هِيءَ تقرير بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ۽ پارٽيءَ جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اختيار ڪيل موقف کان هٽڻ آهي. ٻنهي صورتن ۾ اهو هڪ سٺو سنئوڻ آهي.
سندس تقرير اڳين تقريرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ميچوئر هئي. لفظن جي چونڊ، ادائگي ۽ انداز به گهڻو بهتر هو. 

هڪ حوالي سان سندس اها تقرير اڳين تقريرن جو ٿوري فرق سان تسلسل هو. گذريل تقريرن ۾ هن نواز شريف، الطاف حسين ۽ عمران خان تي ڪڙن لفظن ۾ تنقيد ڪئي هئي. هن ڀيري اهو چيو ته، نه اسين جمهوريت کي ڊي ريل ڪنداسين ۽ نه ئي وري ٻئي ڪنهن کي ڊي ريل ڪرڻ ڏينداسين، ڄڻ نواز شريف کي خاطري هئي ته، کيس پنهنجو وارو وڄائڻ ڏنو ويندو. ساڳئي وقت هي اهو موقف هو، جيڪو آصف علي زرداريءَ جو رهيو آهي. البت ساڳيءَ طرح هن ڀيري ايم ڪيو ايم جي لغڙ جو به ذڪر ڪونه هو، جنهن کي پارٽيءَ جي نوجوان سربراهه گذريل ڀيري ’ڪاٽا‘ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. عمران خان بدستور سندس تِيرن جو نشان رهيو، ته چئن لوٽن سان سونامي نٿو اچي سگهي. اسان سنڌ جي سرحدن تي سوناميءَ کي روڪي ڇڏيو آهي.

بلاول جي تقرير جي ٻن پهلوئن تي خاص طور تي سنڌ ۾ وڌيڪ ڇَنڊ ڇاڻ ٿي رهي آهي. پهرين اها ته، مئي 2013ع وارين چونڊن ۾ پارٽيءَ جي باقي صوبن ۾ صاف ٿيڻ جو الزام هن پنجابي اسٽيبلشمينٽ تي هنيو آهي. ائين چئي پارٽيءَ جي خراب ڪارڪردگي، سُٺي حڪمراني نه هجڻ، ڪرپشن وغيره جي معاملن تي پردو وجهي رهيو آهي. 

پنجابي اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار پنهنجي جاءِ تي، پر خود اهي ئي ڏوهه ڪري پارٽيءَ ان اسٽيبلشمينٽ يا عدليه کي بُل ٺاهي ڏنو. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي قيادت انهن ٽنهي ڳالهين ۾ صاف سُٿري بيهي ها، ته اسٽيبلشمينٽ کڻي ڪيترو به چاهي ها، ماڻهن کي پارٽيءَ کان ڪٽي نه سگهي ها. پارٽيءَ جي نوجوان چيئرمين کي هن معاملي جو ٻيهر جائزو وٺڻ ۽ وڌيڪ حقيقت پسند ٿيڻ جي ضرورت آهي. آخر ڪيستائين پنجاب جي سازش ڳڻبي ۽ همدرديءَ جو ووٽ وٺبو، همدرديءَ جي بنياد تي ووٽ آخر ڪيستائين؟

ٻِي ڳالهه سنڌ جا معاملا آهن، جن بابت نه بلاول ڀٽو ۽ نه ئي وري آصف زرداريءَ جي تقرير ۾ عڪس ملي ٿو. هن وقت پيپلز پارٽي سياست توڙي اقتدار ۾ رڳو ۽ رڳو سنڌ جي ڪُلهي جي ڪري بيٺي آهي. باقي سمورن صوبن مان چونڊن جي حد تائين ته صفايو ٿي ويو آهي. ان حوالي سان سنڌ جو ڪو ذڪر ۽ فڪر، يا ڪو احوال ٿيڻ ضروري هو. پر هتي هڪ دفعو وري پنجاب جي نفسياتي دٻاءُ يا ڊَپ سبب بِنهه هڪ لفظ به نه ڪُڇيو ويو.

اها چڱي ڳالهه آهي ته، پارٽيءَ جي سربراهه کي پارٽيءَ جي ڪارڪنن جي ناراضگيءَ بابت ڄاڻ آهي، جنهن جو هن پنهنجي تقرير ۾ حوالو ڏنو آهي. پر ان جو حوالو ڏيڻ ڪافي ناهي. هن وقت جڏهن مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻ ڏانهن وڃن پيون، تڏهن انهن ڪارڪنن ۽ انهن جي سوچ، جذبن ۽ اُمنگن کي انهن چونڊن ۾ ڪيترو شامل ڪيو ويو آهي؟ اهو هڪ عملي پهلو ۽ عملي سوال آهي. آئون سمجهان ٿو ته، بلاول ڀٽو جي لاءِ ان کان وڌيڪ بهتر ڪو موقعو نه ملندو، جو هو پارٽيءَ جي ناراض ڪارڪنن کي واپس پارٽيءَ جي مکيه وهڪري ۾ سلهاڙي بيهاري.

اڄ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي. ماڻهن کي ڪٿي به گورننس نظر نٿي اچي. ماڻهو چاهين ٿا ته، کين پيئڻ جو صاف پاڻي ملي، رستو ۽ نالِي ملي، اسڪول ۾ ماستر هجي، سرڪاري اسپتال ۾ دوا هجي، انهن سڀني ڳالهين کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪنهن الڳ وڏي رقم جي ضرورت ناهي. حڪمتِ عملي، گورننس ۽ نيڪ نيتيءَ سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ به شايد ماڻهن کي نوڪريءَ جي ايتري ضرورت ناهي. مٿاهون طبقو يا وچولو طبقو تعليم ۽ دوا کڻي خانگي شعبي مان حاصل ڪري وٺي ٿو. پر ان لاءِ امن امان جو مسئلو آهي. ڦُرون، اغوا، ڀنگ، ڌاڙا هن طبقي جو جيئڻ حرام ڪيو ويٺا آهن.

اڄ جي دنيا ۾ جڏهن ڄاڻ به عام آهي، ته ميڊيا به مضبوط، تڏهن رڳو بهادريءَ جا ٻول ڪيتري قدر ڪم ڏيندا، لازمي طور تي ڪو متبادل گس، ڪو متبادل نظام ڏيڻو پوندو. اهڙا منصوبا ۽ پروگرام جيڪي ماڻهن جي معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن ۾ ڪو ڦيرو آڻي سگهن، ڪو سڌارو آڻي سگهن. 

جيڪڏهن اڄ نواز شريف جي حڪومت آهي، ته عام ماڻهو لاءِ ڪهڙو فرق پيو آهي. ساڳيءَ طرح سان جيڪڏهن سڀاڻي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ايندي ته اها پارٽيءَ جي اڳئين حڪومت کان ڪيئن مختلف هوندي؟ بلاول کي اهو سڀ ثابت ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن هو اهو ثابت نٿو ڪري سگهي ۽ ڪو متبادل نٿو ڏيئي سگهي، ته سندس اها بهادري ڪنهن ڪم جي نه رهندي ۽ سندس گجگوڙ هلڪي ٿي ويندي.

Labels: , , , ,

بنگالين تاريخ کي ناهي وساريو 16 ڊسمبر 2013ع

بنگالين تاريخ کي ناهي وساريو

سهيل سانگي

سومر 16 ڊسمبر 2013ع
مُلان قادر کي آيل ڦاسي 1971ع جا ڦَٽَ اُپٽي ڇڏيا آهن، جڏهن بنگال جي عوام جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ بدران فوجي ڪارروائيءَ جو فيصلو ڪيو ويو. اڄوڪي بنگلاديش ۽ ڪالهوڪي اوڀر پاڪستان جا ماڻهو جمهوريت ۽ ملڪ جي ٻين شهرين جيان معاشي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي حق گُهري رهيا هئا. انهن حقن جي حاصلات لاءِ انهن ٻه ڀيرا ٻَڌيءَ جو مظاهرو ڪندي، پنهنجو جمهوري ۽ سياسي فيصلو ڏنو. پهريون ڀيرو پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن جُگتو فرنٽ وڏي پيماني تي چونڊون کٽيون ۽ ٻيو ڀيرو 1970ع ۾ يڪراءِ فيصلو ڏنو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جهڙي نموني جون حڪومتون آيون، رياستي پاليسيون ٺهيون، بنگال سميت ٻين صوبن سان ڇا وهيو واپريو، سو رڳو ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ئي ناهي، جيڪا رڪارڊ طور ڪتابن،  سرڪاري آفيسن يا تحقيقي مقالن ۾ موجود هجي، بلڪه ڪيترن حوالن سان ان رويي جو تسلسل اڃا به جاري آهي، جنهن تي ملڪ جا روشن خيال ۽ ساڃاهه وند متفق آهن. ساڳيءَ ريت اسٽيبلشمينٽ کي ويجهو رهندڙ ڌريون به ان حقيقت کان انڪار نه ٿيون ڪن. فرق اهو آهي جو اهو لَڏو ان جي تشريح ۽ توضيح ڪجهه مختلف ڪري ٿو. بنگالي ڇو ڌار ٿيا؟ انهن کي حق نه ڏنا ويا ۽ ڌِڪيو ويو جو هو آزاديءَ جي جنگ وارو رستو اختيار ڪن.
انهيءَ جنگ دوران ڇا ٿيو؟ ان جو احوال جسٽس حمود الرحمان جي رپورٽ، جيڪا هونئن ته ڇپجي چڪي آهي، پر سرڪاري طرح پڌري نه ڪئي وئي آهي، تنهن ۾ تفصيل سان ملي ٿو. نه رڳو اهو، بلڪه ان کان پوءِ ڪيترن ئي محققن، جنهن ۾ پاڪستاني محقق به شامل آهن، ان جنگ جي واقعن، زيادتين ۽ ظلمن جا تفصيل ڏنا آهن. خود ڪجهه رٽائرڊ جنرلن جون لکڻيون به ان ڳالهه جو ثبوت آهن. اهڙيون ڳچ لکڻيون ملڪ جي لائبريرين ۽ يونيورسٽين ۾ موجود آهن. حمود الرحمان رپورٽ توڙي انهن تحقيقي لکڻين کي اڄ سوڌو ڪير به رد نه ڪري سگهيو آهي. انهيءَ جنگ ۾ ڪنهن جو ڇا ڪردار رهيو، ڪنهن ڇا ڪيو، اهو ڄاڻڻ گهڻو ضروري آهي، جيڪڏهن حمود الرحمان رپورٽ سرڪاري طرح پڌري ڪئي وڃي ها، ته جيڪر اڄ ڪي ڌريون مُلان قادر جي ڦاسيءَ جي حوالي سان جيڪي دليل ڏيئي بحث ڪري نئون ڪوهيڙو پيدا ڪري رهيون آهن، تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيون آهن. انهن کي  ائين ڪرڻ جي همت ئي نه ٿئي ها. جيستائين تاريخ جو رڪارڊ صاف نه رکنداسين، تيستائين وقت بوقت اهو سوال ماڻهن جي ذهنن کي مُنجهائيندو رهندو ۽ غلط تصورن کي پُختو ڪندو رهندو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، ڊگهي ۽ اجائي بحث ۾ پوڻ بدران حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ پڌري ڪئي وڃي.
مُلان قادر کي جن الزامن هيٺ سزا ڏني ويئي آهي، سي ڪنهن به طرح سان سياسي نوعيت جا ناهن. بلڪه اهي اخلاقي ڏوهه جي دائري ۾ اچن ٿا، جن جي دنيا جو ڪوبه قانون توڙي مذهب اجازت نه ٿو ڏئي. ايتريقدر جو جنهن پارٽيءَ سان هو واڳيل هو، يا جيڪي ماڻهو هن جي اڄ حمايت ڪري رهيا آهن، اهڙن الزامن وارو ماڻهو سندن پارٽيءَ ۾ قابلِ قبول نه هجي ها، ڇاڪاڻ جو قتل، زنا، ٻارن کي مارڻ وغيره وارا ڏوهه انسانيت جي خلاف ئي ڏوهه آهن. مُلان قادر يا ان جي گروپ جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو اختيار نه هو، ته هو اهڙي قسم جا ظُلم ڪن.
ڦاهيءَ جي سزا اچڻ تي خوش نه ٿيڻ گهرجي. پر اها سزا ماضي ياد ڏياري ٿي، جڏهن بيگناهه ماڻهن تي ظلم ڪيا ويا، کين قتل ڪيو ويو. اهڙي قسم جي گڏيل ۽ سنگين ڏوهن ۾ گهربلن کي سزا مهل اها دعا ۽ وچن ٿئي ٿو ته، اهڙا ڏوهه ۽ ظلم ٻيهر نه ٿين. تاريخ  جو هي هڪ اهم سبق آهي ته، انصاف جو ڦِيٿو ضرور ڦِري ٿو، پوءِ ڀلي سُست رفتاريءَ سان ئي سَهي. هن ڪيس ۾ پورا 42 سال لڳا. ڄڻ بنگالي قوم ۽ انهن ظُلمن جا ستايل، اهو سمورو عرصو سُور کائيندا رهيا ۽ تڙپندا رهيا، جڏهن ان جي سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن، پروفيسرن ۽ دانشورن کي چُونڊي چُونڊي ماريو ويو. بنگالين کي پنهنجو پاڻ کي تاريخ آڏو شرمساريءَ کان بچڻ لاءِ اهو عرصو لڳو ۽ نيٺ انهن ان ابدي اصول کي ريج ڏنو ته، آخر انصاف جو ڦِيٿو ڦِري ٿو. اهو ڄڻ سڄي دنيا جي مظلومن لاءِ آٿت ۽ ظالمن لاءِ چِتاءُ وارو پيغام آهي.
بنگالين جو اهو درد مون 2010ع ۾ پنهنجي اکين سان ڏٺو، صحافين جي هڪ ٽيم، جنهن ۾ مون سان گڏ ناز سهتو، اقبال خواجه، امر گرڙو، جان خاصخيلي ۽ ڊان جي فائزه الياس به هئي. ڊبليو ڊبليو ايف جي مهربانيءَ سان بنگلاديش جي ڊيلٽائي علائقن، خاص ڪري سندربن ڏسڻ ويا هئاسين، ڏهاڪو ڏينهن جي هن دوري ۾ هڪ ڏينهن عام ماڻهن جي زندگي ڏسڻ به هو. ڍاڪا کان اڍائي ڪلاڪن جي پند تي هڪ بستيءَ ۾ پهتاسين. اسين الڳ الڳ گروپن ۾ مشاهدو ڪري رهيا هئاسين ۽ معلومات وٺي رهيا هئاسين ته، اسان جو هڪ گروپ، جنهن ۾ اقبال خواجه ۽ سنڌ حڪومت جو هڪ سرڪاري آفيسر شامل هو، سو گروپ پوئتي رهجي ويو. اوچتو اقبال خواجا جا سڏ ۽ رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. آئون پنهنجي گروپ سان گڏ ان ڏانهن متوجه ٿيس. ۽ اقبال جي سڏڻ تي اوڏانهن تڪڙو تڪڙو لڙي ويس، ڇا ٿا ڏسون، ته هڪ نوجوان خواجه صاحب ۽ سندس گروپ سان وڏي جُٺ ڪري رهيو آهي. مون تڙ تڪڙ ۾ خواجا صاحب کان حال احوال ورتا، ته آخر ٿيو ڇا آهي؟ اڃا اقبال ٻڌائڻ ئي شروع ڪيو، ته اهو نوجوان شروع ٿي ويو، ته توهان پاڪستانين کي شرم ڪونه ٿو اچي، جو هتي آيا آهيو، توهان اسان جي ٽِيهه لک ماڻهن جا قاتل آهيو. هڪ لک کان مٿي عورتن سان زوري زنا جا ڏوهاري آهيو. هو يڪ ساهيءَ ۾ اسان تي فردِ جرم عائد ڪري رهيو هو. سندس چوڻ هو ته، توهان کي هتي اچڻ جي همت ڪيئن ٿي؟ هن نوجوان جي انهن الزامن ۽ ڏوهن واري لسٽ جي بمباريءَ ۾ ڏاڍو مشڪل سان پاڻ سنڀالي سگهياسين. مون چيو ته، اهو سڀ صحيح – توکي خبر آهي ته، اسين ڪٿان آيا آهيون؟، سو مون چيو ته، اسين جتان آيا آهيون، سو پاڪستان ۾ شامل ضرور آهي، پر اُتي به اسان کي ڪي برابريءَ وارا ۽ جمهوري حق ناهن. اسين انهن حقن لاءِ رياستي ادارن سان جهيڙي ۾ آهيون. تون اسان کي ڪيئن ٿو بُرو ڀلو چوين. ٻي ڳالهه ته پاڪستان ۾ ڪالهه به اهڙا ماڻهو هئا، جن توهان جي حقن لاءِ آواز پئي اُٿاريو. سڀ اولهه واري پاسي جا اهڙا ناهن. مون کيس اهو به ٻڌايو ته، اسين بينظير جي صوبي جا آهيون. اهي سڀ ڳالهيون اسان ساڳئي وزنائتي انداز سان چيون، جنهن انداز سان هن نوجوان پنهنجون ڳالهيون رکيون هيون. همراهه ڪجهه ٿڌو ٿيو، ڳالهائڻ ٻولائڻ جي گهٽي نڪتي. اڌ ڪلاڪ کن بحث ٿيڻ بعد کيس ڳالهه سمجهه ۾ آئي. پر اسان کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي، ته چاليهارو سالن بعد به بنگالين جو سُور لٿو ناهي. هو اڄ به پاڻ کي زخمي محسوس ڪن ٿا. شايد ان ڪري جو ڪڏهن ڪنهن حقيقتن کي مڃيو ئي ڪونهي ۽ سندن زخمن تي همدرديءَ جي پٽي رکي ڪونهي. ان بستيءَ کان ڍاڪا واپسي دوران آئون، ناز ۽ اقبال خواجا ان موضوع تي ئي ڳالهائيندا رهياسين. اقبال گهڙي گهڙي چوي: ”سائين! هن ڇوري ذري گهٽ اسان کي ماريو ٿي، چڱو ٿيو جو توهان وقت سر پهتا“. اهڙو ٻيو واقعو تڏهن پيش آيو، جڏهن اسين جنگ آزادي جو ميوزيم ڏسڻ وياسين. اسان  کي گيٽ تي ان لاءِ روڪيو ويو، جو اسان وٽ ڪئميرائون هيون. ٻڌايوسين ته صحافي آهيون ۽ پاڪستان مان آيا آهيون. گيٽ تي ويٺل همراهه جو وس نه پيو پڄي جو اسان جون ڪئميرائون ڀَڃي ڀور ڪري ۽ لٺيون وسائي، اسان کي ڀڄائي ڇڏي. مون ۽ ناز سهتي هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ هڪ ئي وقت چيو ته، ”جي اهو ميوزيم نه ڏٺو، ته پوءِ ڍاڪا ڇا لاءِ آيا آهيون؟ “ اسان فوراً چيو ته، ميوزيم جي ڪيئر ٽيڪر سان ملڻ ٿا چاهيون، کيس سڏايو. ٿوري دير ۾ هڪ ڪراڙو همراهه نڪري آيو، کيس ٻڌايوسين ته، اسين سنڌ مان آيا آهيون. توهان ته ڀڄي جِند ڇڏائي، اسان اڃا تائين ڦاٿا پيا آهيون. مختصر تعارف به ڪرايوسين. اسان جي انهن جملن سان Wave length ملي ويئي. اکر ڪم ڪيو. همراهه کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. اسان کي چيائين اندر اچو، اندر کليل جاءِ تي اسان کي آڻڻ بعد هن چيو ته، توهان هتي ترسو، آئون ميوزيم جي نگران کان پڇي اچان. ناز پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو: ابا! اڄ بنگالي اسان کي هتي واڙي اڳيون پويون سڀ ڪسرون ڪڍندا. ٿوري دير ۾ واپس آيو ۽ چيائين ته، مبارڪون هجن. توهان کي اجازت آهي، تصويرون ڪڍو. وڊيو ٺاهيو، جيڪي وڻي سو ڪريو. ان بعد هو اسان کي هڪ هڪ شئي ڏيکاريندو رهيو ۽ ٻڌائيندو رهيو. تصويرون، اجتماعي قبرن مان ڪڍيل لاشن جا هڏا، الائي ڇا ڇا، هڪ رضاڪار جي وردي، پاڻيءَ جو جار ۽ بندوق کي مون غور سان ڏٺو پئي، ايتري ۾ همراهه آيو ۽ مون کي چيائين: اها منهنجي وردي ۽ سامان آهي. آئون جيسور سيڪٽر جو آزاديءَ واري جَٿي جو ڪمانڊر هئس. جڏهن سڄو ميوزيم ڏسي دنگ ڪيوسين، ته نياپو مليو ته نگران صاحب اسان کي چانهه پيارڻ ٿو چاهي. ننڍڙي هال ۾ پهتاسين، جتي ٽيبل ڪرسيون ڪانفرنس اسٽائيل سان لڳل هيون. پهرين تعارف ٿيو. اتفاق سان نگران جي ساڄي پاسي کان ناز ويٺل هو، ان بعد باقي اسان جا ٽيم ميمبر ۽ کاٻي پاسي آئون هئس. ناز کيس ٻڌايو ته، هو قومپرست سياسي ڪارڪن رهيو آهي. قاضي فيض محمد صاحب سندس ڏاڏي وانگر آهي. سڀني جو تعارف ٿيندي آخر ۾ منهنجو وارو آيو. مون ٻڌايو ته آئون کاٻي ڌر سان واڳيل پارٽيءَ ۾ رهيو آهيان. بنگال ۾ فوجي آپريشن مهل ڀتيون ڪاريون ڪيوسين، (چاڪنگ ڪري) پمفليٽ ورهايا. اسان کي خبر ناهي ته، اسان جي ان عمل توهان کي ڪيترو فائدو پهچايو پر اسان توهان سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. همراهه اُٿي ڀاڪر پاتو ۽ چيائين ته، خوشي ٿي ته، پاڪستان جي ڪن صحيح ماڻهن سان ملاقات ٿي. ڪچهريءَ دوران هن ٻڌايو ته، توهان پهريان ماڻهو آهيو، جيڪي پاڪستانيءَ طور آيا آهيو ۽ ائين پنهنجي سڃاڻپ به ڪرائي ۽ پنهنجي ڳالهه به مڃرائي ويا. ميوزيم جو دورو، اُتي ٿيل ڳالهين لاءِ ڊگهو قصو آهي، جيڪو ڪنهن ٻئي دفعي لکبو.
انهن ٻن واقعن ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته، عام بنگالي ڪيئن ٿو سوچي، انهن جي نه تڪليف لٿي آهي ۽ نه ئي ڪاوڙ، ان جو اظهار هنن مُلان قادر کي ڦاسيءَ جي سزا تي خوشيون ملهائڻ جي صورت ۾ ڪيو، ته وري اسان سان پيش آيل ٻن واقعن ۾ به ملي ٿو. پر اسان جي ٽيم سان پيش آيل ٻن واقعن ۾ ائين ٿيو ته، جڏهن اسان کين ڳالهه سمجهائي ته، 71ع وارن واقعن کي ڪوبه سرت ڀريو پاڪستاني چڱو ڪونه ٿو سمجهي ۽ پاڪستان جا صوبا اڄ به برابريءَ وارن حقن لاءِ ۽ پاڪستان جو عوام جمهوري جدوجهد ۾ ائين ئي رڌل آهي، جيئن بنگالين جي گڏ هجڻ واري زماني ۾ هو، ته کين ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ويئي ۽ انهن بلڪل همدرديءَ وارو رويو رکيو.
پاڪستان 71ع وارن واقعن کي اڄ ڪيئن ٿو ڏسي؟ ان تي ڪڏهن به ڪا چِٽائي ڪونهي، ڇاڪاڻ جو هڪ سڄو دور اونداهو رکيو ويو آهي، لڪل رکيو ويو آهي. مُلان قادر واري سزا تي پرڏيهي کاتو چوي ٿو ته، اهو بنگلاديش جو اندروني معاملو آهي پر گهرو معاملن واري وزير چوڌري نثار کي ان تي گهري ڳڻتي آهي. سندس وس نه پيو پڄي، ته ٻيو گهڻو ڪجهه چوي. اسان ۽ بنگالين ۾ فرق اهو آهي ته، اسان تاريخ وسارڻ چاهيون ٿا، بنگالي تاريخ وسارڻ کان انڪار ڪيو ويٺا آهن. بقول فيض جي ته:
مُجهئ ياد هئ ذَرا  ذَرا، تُمهيڻ ياد هو ڪه نه ياد هو!
 پاڪستان جيڪڏهن انهن واقعن کي پنهنجي تاريخ جو سُنهري واقعو نه سمجهي ۽ ان جي مذمت ڪندي معذرت ڪري، ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. اهو خود پاڪستان جي صحت توڙي عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ به سٺو آهي، ته تاريخ کي سڌو ڪيو وڃي. ملان قادر کي ڦاسي ڪو وڏو واقعو ناهي،  وڏو واقعو اهو آهي ته، اهڙا واقعا آئينده نه ٿين.

Labels: , ,

چيف جسٽس جا يادگار فيصلا ۽ عدليه جي فعاليت

چيف جسٽس جا يادگار فيصلا ۽ عدليه جي فعاليت

سهيل سانگي

11 ڊسمبر 2013ع
ججن لاءِ چيو ويندو آهي ته جج فيصلن ۾ ڳالهائيندا آهن، پر جڏهن ججن ۽ انهن جي فيصلن بابت ماڻهو ڳالهائڻ لڳندا آهن ته بنهه نئين صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي، پاڪستان  گذريل پنجن سالن کان اهڙي ئي صورتحال مان گذريو آهي. پاڪستان جي عدليه ان جي وجود کان اسٽيبلشمينٽ جي زيرِ اثر رهي آهي. مولوي تميز الدين ڪيس ۾ جسٽس منير نظريهء ضرورت جو بنياد وجهي ايندڙ وقتن ۾ مارشل لا جو دروازو کولي ڇڏيو. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ شروع ڪيل اهو سلسلو ويهين صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين جاري رهيو. ايتري قدر جو جنرل مشرف جي حڪومت کي به عدليه قانوني طور جائز سڏيو. نه صرف ايترو، بلڪه جنرل مشرف کي ظفر علي شاهه ڪيس ۾ اهو به اختيار ڏنو ته هو ضرورت مطابق آئين ۾ به ترميمون ڪري سگهي ٿو. ائين آمريتن ۽ غير جمهوري اپائن ۾ عدليه اسٽيبلشمينٽ سان ڀاڱي ڀائيوار رهي. تڏهوڪي چيف جسٽس سعيد الزمان صديقيءَ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ، جنهن جنرل مشرف جي مارشل لا کي جائز قرار ڏنو، جسٽس افتخار محمد چوڌري ان بئنچ جو ميمبر هو. اها به حقيقت آهي ته مشرف جي عبوري حڪم نامي تحت جڏهن ٻين ڪيترن ئي ججن قسم نه کنيو هو ته جسٽس افتخار محمد چوڌري انهن چند ججن مان هو، جنهن 73ع واري آئين کي پاسيرو رکي آندل حڪم نامي تحت قسم کنيو. اڳتي هلي کيس چيف جسٽس بڻايو ويو.
مارچ 2007ع ۾ عدليه ۽ آمر مشرف جي وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيو،  نتيجي ۾ مشرف غير آئيني قدم قدم کڻندي پراڻن سمورن ججن کي هٽائي ڇڏيو. اها ڳالهه پوري طرح سان اڃا تائين سامهون نه اچي سگهي آهي ته آخر جسٽس افتخار محمد چوڌري جنرل مشرف جي خلاف لوهي ديوار بڻجي ڇو بيٺو؟ ان جو اصل ڪارڻ ڇا هو؟ ڇاڪاڻ جو تڏهن ويهارو کن سال جج رهندڙ جسٽس افتخار محمد چوڌري جي پروفائيل ۾ ڪوبه اهڙو انوکو يا ايترو جرئتمنديءَ وارو ڪيس موجود نه هو. مٿان وري پي سي او تحت قسم کڻڻ ۽ نواز شريف جي چونڊيل حڪومت کي ڊاهي مارشل لا لڳائڻ واري قدم کي جائز قرار ڏيڻ وارا عمل سندس کاتي ۾ هئا. جسٽس افتخار محمد چوڌري جو اهو ڪمال هو جو هن سڄي عدليه کي پاڻ سان جوڙي رکيو. ججن کي پاڻ سان ڳنڍي رکڻ واري ڳالهه کيس اهو فائدو ڏنو، جو معطليءَ بعد وڪيلن ۽ عام ماڻهن به سندس بحاليءَ لاءِ ساٿ ڏنو. ججن جي بحاليءَ بعد پاڪستان ۾ عدليه جو يادگار دور شروع ٿيو. انهيءَ دور ۾ ئي ججن جي مقرري عدليه جي ذريعي ڪرڻ ۽ ڪجهه عدالتي سڌارن وارا معاملا به اڪلايا ويا. عام تاثر اهو آهي ته جسٽس افتخار محمد چوڌري ننڍا ننڍا مسئلا جيڪي عام طور تي نظر انداز ٿيندا رهيا يا ڪنهن جي نظر نه پئي وئي، تن کي به عدالتي فعاليت جو حصو بڻايو. جيتوڻيڪ اهڙا واقعا ڪي بنهه گهڻا ناهن، پر پوءِ به هيٺين سطح تي عدالتي داٻي طور اهي واقعا موجود ضرور آهن. انهن واقعن ۾ واسطيدار عملدارن کي ڇنڊ پٽڻ، سندن خلاف ڪارروائيءَ جي تنبيهه وغيره شامل هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهڙي ڪنهن به واقعي ۾ شايد ئي ڪنهن اهلڪار خلاف ڪو ڪيس داخل ٿيو هجي، يا ٻي ڪا اهڙي ڪارروائي ٿي هجي. بهرحال عدالت جي اهڙي حڪمن سرڪاري ڪامورن ۾ ڊپ ضرور پيدا ڪيو ۽ کين ڊپ رهندو هو ته اخبار جي ڪنهن خبر تي چيف صاحب پاڻ مرادو نوٽيس نه وٺي يا وري عدالت ڪنهن جي درخواست تي ڪارروائي نه شروع ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس صاحب جيڪڏهن صرف هيٺين سطح تي عام ماڻهن سان ٿيندڙ نا انصافين ۽ ظلمن بابت نوٽيس وٺندي ڪارروائي ڪندو رهي ها ته شايد سندس ايڏو نالو نه ٿئ ي ها، جيترو سياسي نوعيت جا ڪيس کڻڻ سان ٿيو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته جسٽس افتخار محمد چوڌري جي اندر هڪ سياسي ماڻهو ويٺل آهي، هن تڪراري بڻيل ڪيترائي ڪيس هٿ ۾ کنيا، جنهن جو سڌو سنئون سياسي اثر پئي پيو. اين آر او ڪيس، سوئيس حڪام کي خط لکڻ وارو ڪيس، جنرل مشرف جو 3 نومبر تي هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ وارو قدم، نيشنل انشورنس ڪارپوريش ڪيس، جج ڪرپشن ڪيس، اسٽيل مل جي خانگائڻ وارو ڪيس، حسين حقاني وارو ميمو گيٽ ڪيس، ايبٽ آباد ڪيس وغيره مکيه آهن. انهن سڀني ڪيسن ۾ سياستدان ۽ سياسي معاملا ڳنڍيل هئا. ان کي اتفاق چئجي يا ٻيو ڪجهه، جو انهن سمورن ڪيسن جو رخ پيپلز پارٽي جي حڪومت يا ان جي اڳواڻن خلاف پئي ويو. ڪيترن موقعن تي پيپلز پارٽيءَ جي حلقن مان اها ڳالهه به آئي ته عدليه نواز شريف کي وڌيڪ ڇوٽ ڏيئي رهي آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ کي سوڙهو ڪري رهي آهي. حڪومت تي ”چيڪ“ رکڻ وارو ڪم، جيڪو  پارلياماني ۽  جمهوري نظام ۾ اپوزيشن ڪندي آهي، سو ڪيترن ئي موقعن تي عدليه کي ادا ڪرڻو پيو. نواز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ اپوزيشن، جنهن تي ڪجهه عرصي تائين ”فرينڊلي اپوزيشن“ جا به الزام لڳا، سا يا ته نٻل هئي يا وري 2010ع تائين سرگرميون نه ڪرڻ واري ٺاهه سبب گهڻو فعال نه هئي. ان وقت عدليه حڪومت تي ”چيڪ“ رکيو. ڪي اهڙا موقعا به آيا، جو ميڊيا ۾ اهي افواهه هلي ويا ته اجهو صدر آصف زرداري ويو، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت وئي. جسٽس افتخار محمد چوڌري وزير اعظم گيلاني کي، سوئيس اختيارين کي آصف زرداريءَ جي اثاثن بابت خط نه لکڻ تان لاٿو، ٻئي وزير اعظم راجا پرويز اشرف کي لاهڻ جهڙو ڪيو، تان جو هو خط لکڻ لاءِ راضي ٿي ويو. اهو عدالت جو ڪارنامو به آهي ته وري ساڳئي وقت تي ٻئي اداري جون حدون اورنگهڻ پڻ سڏيو پيو وڃي.
ڪيسن جي اڪلاءُ ۽ عدالتي ڪارروائيءَ جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته عدليه ٻن قسمن جا ڪيس اُڪلايا ۽ فيصلا ڏنا. هڪڙا اهي، جيڪي ڪرپشن سان واڳيل هئا، جن ۾ سوئس اختيارين کي خط لکڻ، حج ڪرپشن ڪيس، نيشنل انشورنس ڪارپوريشن ڪيس وغيره اچي وڃن ٿا. ٻيا ڪيس سياسي يا انتظامي نوعيت جا هئا، جيئن اين آر او ڪيس، اصغر خان ڪيس، ميمو گيٽ ڪيس وغيره. ڪيسن جو ٽيون قسم اهڙو آهي، جيڪي چيف صاحب کنيا ته سهي پر اهي حل نه ٿي سگهيا. اهي ڪيس انساني حقن جي ڀڇڪڙين بابت هئا. ان ڪئٽيگري ۾ بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن وارو ڪيس، منو ڀيل ڪيس ۽ ٻيا اهڙا واقعا اچي وڃن ٿا. انهن ٻنهي معاملن ۾ ڪا گهڻي پيش رفت نه ٿي سگهي، بلڪه گم ٿيل ماڻهن وارو ڪيس بعد ۾ ڪجهه اهڙي نموني سان کليو، جيڪو طالبان جي حق ۾ پئي ويو. ڄڻ گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو هو ئي طالبان جو. ائين بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو، جيڪو مشرف دور کان هلندو اچي، سو دٻجي ويو. ساڳي صورتحال ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ واري ڪيس جي رهي. عدالت جيڪي هدايتون جاري ڪندي رهي ۽ حڪومت يا ڪجهه رياستي  ادارن طرفان عدالت ۾ جيڪي رپورٽون پيش ڪيون ويون، اهي سڀ ڳالهيون اوُڻيهه ويهه مختلف دورن ۾ ٻيون حڪومتون به ڪنديون رهيون آهن. ان ڏس ۾ به ڪا ڪاميابي سامهون نه اچي سگهي. ساڳي طرح ڪجهه اهم معاملا، جيڪي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي دور ۾ نه اُڪلايا ويا، تن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسيءَ جي سزا ڏيڻ خلاف صدارتي ريفرنس، اصغر خان ڪيس ۾ فيصلو ڏيڻ باوجود ان تي عمل نه ڪرائڻ، زرعي سڌارن بابت وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف عابد حسين منٽو ۽ ٻين جي اپيل شامل آهي. انهيءَ لسٽ ۾ بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس ۽ ڪراچي بدامني ڪيس به شامل ڪري سگهجي ٿو. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ميڊيا جي رپورٽن کي به گهڻي اهميت ڏني، سندس ريمارڪس ۽ فيصلن ۾ ان جو عڪس ملي ٿو.
سندس دور جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو اسيمبليءَ مان ڪرايل قانون سازي آهي، جيڪا مختلف حڪومتون ضرورت جي باوجود نه ڪري سگهيون هيون. انهيءَ لسٽ ۾ شاهدن جي تحفظ بابت قانون، هٿيارن رکڻ بابت قانون ۽ کدڙن فقيرن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ووٽر طور داخلا ۽ ٻيا قانون شامل آهن. ساڳي طرح ٻِٽي شهريت رکندڙن کي اسيمبليءَ جي رڪنيت لاءِ نا اهل قرار ڏيڻ بابت قانون به عدليه جي هدايتن تي جوڙيو ويو هو. جسٽس افتخار محمد چوڌري جتي پارليامينٽ کان ڪجهه قانون سازي ڪرائي ۽ حڪومت کان انتظامي معاملا اُڪلايا، اتي اليڪشن ڪميشن جي به نگراني ڪندو رهيو. 2008ع وارين چونڊن لاءِ اميدوارن طرفان داخلا ڪيل تعيلمي ڊگرين جي بنياد تي 2013ع ۾ کين نا اهل قرار ڏيڻ ۽ مئي 2013ع وارين چونڊن جا معاملا اڪلائڻ ۾ پڻ سندس مدد حاصل رهي. ايتري قدر جو مڪاني ادارن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ به چيف جسٽس جو زور هو ته اهي 7 ڊسمبر تائين ئي ٿين. قانون سازي، جيڪو پارليامينٽ جو ڪم آهي، انتظام ڪاري، جيڪا حڪومت کي ڪرڻي آهي ۽ چونڊون ۽ ان سان واڳيل معاملا  جيڪي اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻا آهن، تن ۾ عدليه پنهنجي حيثيت مڃائيندي رهي. ائين اقتدار جي ٽمورتي، جيڪا اڳ وزير اعظم، صدر ۽ عسڪري ڌرين جي سربراهه تي ٻڌل هوندي هئي، تنهن ۾ عدليه پنهنجي جاءِ ٺاهي. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پنهنجي دور ۾ اهي سڀ يادگار ڪم ڪيا. ڏسڻو اهو آهي ته سندس جاءِ تي ايندڙ نئون چيف جسٽس ان Legacy کي برقرار رکي ٿو؟ عدليه جي فعاليت ساڳي رفتار ۽ رخ سان جاري رهي ٿي يا ان ۾ ڪو ڦيرو اچي ٿو؟ ۽ خود اهو ته، ٽمورتي ۾ جنهن نئين ٿنڀ Pillar جو اضافو ٿيو آهي، ان کي برقرار رکي ٿو يا عدليه ان حوالي سان واپس پنهنجي جاءِ تي وڃي ٿي؟

Labels: , , , ,

نوازشريف جي عملي طور حڪومت هاڻ شروع ٿي رڳي آهي

 نوازشريف جي عملي طور حڪومت هاڻ شروع ٿي رڳي آهي

سهيل سانگي

 29 نومبر 2013ع
هاڻي نواز شريف جو اصل دور شروع ٿي رهيو آهي. رياست جي ٻن اهم ادارن جا سربراهه ”باقيات“ نه پر سندس ئي حڪومت جي مقرر ڪيل آهن. عدليه ۽ عسڪري لڏي جو گذريل پنجن سالن دوران حڪومتي معاملن ۾ ڏاڍو اهم ڪردار رهيو آهي، جو مختلف وقتن تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ جنرل ڪياني ڪيترن ئي معاملن تي سخت موقف وٺي بيٺا.
ماڻهو ته ان ڳالهه کي به ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيا آهن ته وزير اعظم چيف جسٽس ۽ آرمي چيف جي مقرريءَ وارا فيصلا ساڳئي ڏينهن تي ڪيا، جيتوڻيڪ جنرل ڪياني هڪ مهينو اڳ اعلان ڪيو هو ته هو نومبر ۾ رٽائر ڪندو، پر وزير اعظم سڄو مهينو ڪو فيصلو نه ڪيو. سڀني جون اکيون وزير اعظم ۾ کتل هيون ته هو آرمي چيف لاءِ ڪنهن جو ٿو نالو کڻي. ان سڄي عرصي جي افواهن جي باوجود وزير اعظم فيصلو نه ڪيو ۽ جنرل ڪياني جي رٽائرمينٽ جي تاريخ اچي پهتي، تڏهن هن نه رڳو نئين آرمي چيف جو، بلڪه نئين چيف جسٽس جي مقرري جو به اعلان ڪيو، ڄڻ اهي ٻئي فيصلا هڪ ٻئي سان سلهاڙيل هجن.
ڪي تجزيه نگار جنرل ڪياني جي موجودگي کي اين آر او جو حصو سڏي رهيا آهن، جنهن تحت پيپلز پارٽي کي اقتدار ڏنو ويو. بعد ۾ انهيءَ پارٽي جي حڪومت کيس ملازمت ۾ ٽن سالن جي واڌ ڪري ڏني. چيو وڃي ٿو ته اين آر او ٺاهڻ وارو جنرل ڪياني ئي هو، جيڪو مشرف جي ان دور ۾ ڳجهي اداري جو سربراهه هو. اهو موقف ۽ خيال پنهنجي جاءِ تي پر رٽائر ٿيندڙ جنرل پنهنجي دور ۾ فوج کي اقتدار کان پري رکيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ان ڏس ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي ٿيو پر پوءِ به فوج سياسي معاملن تي اثر انداز ٿيندي رهي.  بهرحال جمهوريت کي هن مرحلي تائين پهچائڻ ۾ جنرل ڪياني جو پنهنجو ڪردار آهي، ان ڪري ڪجهه حلقا کيس ”جمهوريت پسند جنرل“ سڏڻ لڳا. جڏهن اين آر او آيو هو ته نواز شريف کي ڏاڍي مٺيان لڳي ته هو اقتدار جي گيم مان آئوٽ ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو ان تحت اقتدار ۾ پيپلز پارٽي ۽ مشرف ئي بيٺا پئي. اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ ٻين ججن جي بحاليءَ لاءِ لانگ مارچ شروع ڪيو. ائين هو هڪ ئي ڌڪ ۾ مشرف ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي کي ڏکيو پئجي رهيو هو، ته ٽئين پاسي عدليه جون همدرديون حاصل ڪري رهيو هو. ائين ججن جي بحالي انصاف ۽ حق جي مطالبي تي ٻڌل هئي، سا ڳالهه پنهنجي جاءِ تي، پر هن لانگ مارچ نواز شريف کي واپس اقتدار واري راند ۾ شامل ڪيو. ان جو اشارو کيس لانگ مارچ جي اڌ ۾ جنرل ڪياني طرفان چوڌري اعتزاز احسن جي هٿان موڪليل نياپي جي شڪل ۾ مليو ته ججن کي بحال ڪيو پيو وڃي.
جڏهن پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ۾ هئي ۽ آصف زرداري صدر هو، تڏهن ڪيترائي ڀيرا ان کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هٽائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي. پيپلز پارٽي کي سڄو وقت عدليه کان خطرو رهيو، ڇاڪاڻ جو اتي جيڪي به مکيه ڪيس هئا، سي هن پارٽي جي حڪومت ۽ مکيه اڳواڻن جي خلاف هئا. تڏهن پيپلز پارٽي توڙي ان جا حامي تجزيه نگار اهو چوڻ لڳا هئا ته، ”ويندا ته ٽئي ويندا“ يعني صدر زرداري، چيف جسٽس ۽ جنرل ڪياني. پيپلز پارٽي جو سڄو دور اها لڪ لڪوٽي هلندي رهي، تان جو صدر آصف زرداري پنهنجو مدو پورو ڪيو، ان بعد جنرل ڪياني ۽ هاڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري به پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ڪري رهيو آهي. اهو صحيح آهي ته سموري عدالتي ڪارروائي پيپلز پارٽي کي هٽائي ته نه سگهي پر ان جي نتيجي ۾ نواز شريف لاءِ ميدان ٺهندو رهيو.
جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه کي ائين وٺجي ته هڪڙو دور نج پج مشرف جو دور هو، ان دور ۾ نواز شريف آئوٽ هو ته وري چيف جسٽس ۽ ٻين ججن کي به هٽايو ويو. ان بعد جيڪو دور آيو، تنهن ۾ مشرف، زرداري ۽ جنرل ڪياني موجود هئا پر چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري موجود نه هو. ٽئين دور ۾ مشرف غائب آهي، زرداري، جنرل ڪياني ۽ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري شامل آهن. انهن ٽنهي جو پنجن سالن تائين ”ساٿ“ رهيو. اهو هڪ سٽاءُ هو، ان سٽاءَ يا ترتيب مان جيڪڏهن هڪ ڄڻو يعني زرداري گهٽ آهي ۽ ٻه ڄڻا برقرار آهن ته ڳالهه ٺهندي نظر ڪانه ٿي اچي. مٿان وري جنرل ڪياني پنهنجي توڙي فوج جي مجموعي ساک بحال ڪرڻ لاءِ رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري تاريخ ۾ نالو لکائي ڇڏيو. آصف زرداريءَ جي صدارت تان هٽڻ بعد ڪي اهڙا طلاع، ڪي تجزيا ته ڪي سرگرميون رپورٽ ٿينديون رهيون ته جنرل ڪياني جي ملازمت ۾ واڌ ڪرڻ جو معاملو ويچار هيٺ آهي ۽ اهو به ته چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي پڻ ملازمت ۾ واڌ تي ويچار ڪيو پيو وڃي، وغيره وغيره. ايتري قدر جو ايم اين اي مجيد دستي قومي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ آڻڻ جي به ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام رهي. مٿان وري چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ عدليه ڪن معاملن تي حڪومت کي سوڙهو ڪري رهي هئي ته وري ٻين معاملن ۾ حڪومت کي ڊپ هو ته عدليه جي اها ايڪٽو ازم ڪيڏي مهل به ڪر کڻي سگهي ٿي. اخبارن ۾ اهي به ڳالهيون شايع ٿيون آهن ته نواز حڪومت جي وزيرن کي شڪايت رهي ته عدليه کين چرڻ يا ڪجهه ڪرڻ نه ٿي ڏئي. جيتوڻيڪ جڏهن عدليه اهڙي يا ان کان وڌيڪ ڪا هلت پيپلز پارٽي جي حڪومت سان ڪري رهي هئي ته نواز ليگ خوش هئي، پر جڏهن پاڻ تي اها ڳالهه آئي ته رڙيون ڪرڻ لڳي. ان ڪري نواز شريف جي خواهش هئي ته سمورو سيٽ اپ ۽ سٽاءَ نئون هجي. سو نيٺ اهو نئون سٽاءَ ٺهي ويو آهي. هاڻي ڀائنجي ٿو ته ڪنهن به معاملي ۾ کيس ڪابه رڪاوٽ ناهي. ڄڻ نواز شريف جي عملي طور حڪومت هاڻ شروع ٿي رهي آهي.

Labels: , , ,

حڪمرانن جا اندروني ’تضاد‘ ۽ ڊرون حملا بند ڪرڻ وارو سوال 23 نومبر 2013ع

حڪمرانن جا اندروني ’تضاد‘ ۽ ڊرون حملا بند ڪرڻ وارو سوال
 ڇنڇر 23 نومبر 2013ع
 سهيل سانگي
ڇا عجب زمانو اچي ويو آهي، نواز حڪومت جو سڌ سماءُ وارو وزير پرويز رشيد چوي ٿو ته، اڄ ملڪ ۾ موجود فرقيواريت لاءِ رياست جون پاليسيون ذميوار آهن، ڇاڪاڻ جو رياست ڪيترن سالن کان ان مذهبي فرقيواريت ۾ ڌُر رهي آهي. هاڻي وري وزيرِ داخلا چوڌري نثار علي چوي ٿو ته، آمريڪا کي اسين ڪيئن دوست چئي ٿا سگهون؟ اهو ڊرون حملا پيو ڪري، هن اڃا اڳتي چيو آهي ته، آمريڪي امداد ڪڏهن به مثبت تبديلي نه آندي آهي. هن کان اڳ جماعتِ اسلامي جي سربراهه منور حسين جي بيان تي پڻ ڪجهه نظرياتي لِيڪا وائکا ٿيا، تڏهن حڪيم الله محسود کي ”شهيد“ سڏڻ وارو معاملو هو. پرويز رشيد تازو فرقيوارانه جهيڙن جي حوالي سان پئي ڳالهايو. چوڌري نثار علي هنگو ۾ ٿيل ڊرون حملي ۽ ان تي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جي بيان تي ٽوڪيو آهي.
چوڌري نثار علي چوي ٿو ته، سرتاج عزيز کي آمريڪا جي ان خاطريءَ تي ڪيئن يقين آيو ته، اهو طالبان سان ڳالهين تائين ڊرون حملو نه ڪندو. آمريڪا جي تازن ٻن حملن، پهريون جنهن ۾ طالبان اڳواڻ حڪيم الله محسود مارجي ويو هو ۽ ٻيو تازو پشاور ۾ ٿيو، پاڪستان ۾ صف بنديءَ کي چِٽو ڪري ڇڏيو آهي. اها صف بندي سياسي هجڻ بدران نظرياتي ۽ حڪمتِ عملي واري وڌيڪ آهي. اها به عجيب ڳالهه آهي ته، چوڌري صاحب وزير گهرو معاملن وارو آهي پر هو ڳالهائي پرڏيهي معاملن تي رهيو آهي، سو به وري پرڏيهي معاملن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز تي ٽوڪون ڪري رهيو آهي. ڄڻ کيس پرڏيهي صلاحڪار کان معاملن ۽ پاليسين بابت ڪا وڌيڪ ڄاڻ هجي ۽ کيس ان بابت ڳالهائڻ جو اختيار به هجي. سرتاج عزيز عمر، سياست ۽ تجربي وغيره ۾ چوڌري نثار کان گهڻو مٿي ۽ سينيئر آهي. ان بابت وزير اعظم نواز شريف به ڪو اهڙو تبصرو ڪرڻ يا ڳالهائڻ جي همت نه ڪري سگهندو آهي پر اهو چوڌري صاحب جو ڪمال آهي، جو سمورا پروٽوڪول ۽ ضابطا اورانگهي ٽوڪ به ڪري ويو ۽ وري پرڏيهي معاملن ۾ به گهڙي ويو.
اسلام آباد جا حلقا چون ٿا ته، گذريل ٻن مهينن کان چوڌري صاحب ڪجهه وڌيڪ نروار ٿي ويو آهي. ايتريقدر جو ملڪ اندر وزير اعظم کان به وڌيڪ سرگرم. سندس بيان ۽ موقف وزير اعظم يا وري ائين کڻي چئجي ته، حڪومت جي موقف کان مختلف هوندو آهي. حڪيم الله محسود جي قتل واري واقعي بابت به ائين ٿيو هو، جنهن تي خود پارٽي حلقن ۾ ڳالهيون نڪتيون، ڪجهه ڳالهيون وري ميڊيا تائين پهتيون. گهڻ ڳالهائو چوڌري نثار، نواز حڪومت جي گذريل دور ۾ به اهو ڏيکاءُ ڏيندو هو، ڄڻ ڊپٽي پرائيم منسٽر هجي، تڏهن آرمي چيف جي نامزدگي به سندس صلاح سان ڪئي ويئي هئي ۽ اهو آرمي چيف جنرل مشرف هو. پوءِ جيڪي ٿيو سو سڀني ڏٺو. تڏهن نواز حڪومت جي برطرف ٿيڻ ۽ ان جي قيد ۽ جلاوطن ٿيڻ سبب فاصلا وڌي ويا. چوڌري نثار پنجابي گانو ”ڪيون دور دور رهندي هو ساڊي ڪور“ ڳائيندو رهيو. بهرحال تازين چونڊن بعد وري ڪنهن طرح سان ”چئو چَوا“  ۽ ”ٽياڪڙي“ ڪم آئي. چوڌري صاحب وري ”اِن“ ٿي ويو آهي.
اهو صحيح آهي ته، تازين حالتن ۾ ڊرون حملا روڪڻ جي آمريڪا جي ڪابه نيت ڪونه ٿي لڳي، هو اتحادي فوجن جي افغانستان مان نڪرڻ واري تاريخ کي سوڙهو ايندو ڏسي، طالبان کي هر حال ۾ سوڙهو ڪرڻ گهري ٿو. ان جو اندازو آمريڪي ميڊيا ۽ آمريڪي اڳواڻن جي بيانن مان به ٿئي ٿو. ظاهر آهي ته، اها ڳالهه آمريڪا نواز شريف کي به دوري مهل چِٽن لفظن ۾ ضرور چئي هوندي، اها ٻي ڳالهه آهي ته، ميان صاحب ان جي باوجود ڳالهين لاءِ دروازا کليل رکندو آيو. سندس ان پاليسيءَ کي تحريڪِ انصاف ٻچاپڙائپ سڏي رهي آهي، ته نواز شريف آمريڪا سان هڪڙي ڳالهه ٿو ڪري، ته وري ملڪ ۾ ٻي ڳالهه ٿو ڪري. سرتاج عزيز به ڪو خواب ڪونه ڏٺو هو ۽ نه وري ڪو کِيسي مان پنو ڪڍي اهڙو پاليسي بيان ڏنو هوندو. ممڪن آهي ته، ڪنهن آمريڪي اهلڪار کيس ڪا اهڙي پڪ نه ڪرائي هجي، پر اها ته پڪ آهي ته، وزير اعظم کيس اهڙو اطلاع يا اهڙيون هدايتون ڏنيون هونديون. نه ته سرتاج عزيز نه ڪو اهڙو ڇڙواڳ وزير آهي ۽ نه وري ڪو آداب کان غير واقف ماڻهو، ان ڪري سرتاج عزيز جي پرڏيهي پاليسيءَ بابت اهڙي پاليسي بيان کي حڪومت ۽ وزير اعظم طرفان ئي سمجهڻ گهرجي. چڱو ٿيندو ته، ٻيا وزير ۽ ميڊيا جيڪڏهن ان بابت چٿرون ڪرڻ چاهي ٿي ته، اها وزير اعظم تي ڪري.
آمريڪا جي تازي ڊرون حملي، سرتاج عزيز جي بيان ۽ ان تي چوڌري نثار علي جي ”ناقص راءِ“ کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته، اصل حقيقتون ڪي مختلف آهن. آمريڪا ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ ڪا ڊيل يا ڪا انڊر اسٽينڊنگ ضرور آهي. حڪومت اها ڳالهه عام ڪرڻ کان ڊڄي رهي آهي. نتيجي ۾ حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ ڄاڻ جي کوٽ سبب اعتماد جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. ڪيئي ڌريون انهيءَ اعتماد جي کوٽ Credibility جو ناجائز فائدو وٺي رهيون آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ اڃا به وٺنديون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، هوائي خبرون ڪرڻ، حوال ڪٽڻ بدران عوام کي پوري ڄاڻ ڏني وڃي.
تازي ڊرون حملي پاڪستان ۾ سياست کي هڪ مختلف رُخ ۾ تيز ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان جي پارٽي تحريڪِ انصاف جي زيرِ حُڪمراني صوبي ۾ ٿيل تازي حملي، عمران خان جي ”نيٽو سپلاءِ بند ڪرڻ“ واري سَڏ ۾ ڪاوڙ وڌائي ڇڏي آهي. ان جي باوجود جو سيپٽمبر ۾ مکيه پارٽين واري ڪانفرنس طالبان سان ڳالهين ۽ ڊرون حملن کي روڪڻ بابت ”يڪراءِ موقف“ اختيار ڪيو هو پر عمران خان جي تازي سڏ ۾ ٻي ڪابه پارٽي ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. سندس اهو سڏ ”سولو فلائيٽ“ هوندو. مولانا فضل الرحمان، جيڪو عمران خان وانگر ئي طالبان لاءِ نرم دل رکندڙ اڳواڻ آهي. ان جو موقف دلچسپ آهي. مولانا فضل الرحمان وڏو اُستاد لڳي ٿو. هن گذريل ڀيري اهو چئي ته، ”آمريڪا خلاف وڙهندڙ ڪُتو به شهيد آهي!“ جماعتِ اسلامي جي سربراهه منور حسين کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو. هو هاڻي عمران خان جي پويان پيل آهي. چوي ٿو ته، اهو رڳو احتجاجي جلسو يا ڌرڻو هوندو، ان کان مٿي ڳالهه نه چڙهندي. نيٽو سپلاءِ بلاڪ ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ڏسجي ته خان صاحب ڪيترو مولانا جي اُڪسائڻ ۾ اچي ٿو.
جيڪي ماڻهو مولانا فضل الرحمان کي سڃاڻن ٿا، تن کي خبر آهي ته، هو ڪيترو حسابي ماڻهو آهي. هو ڄاڻي ٿو ته، نيٽو سپلاءِ بلاڪ ڪرڻ واريون خبرون ”هوائي“ آهن. خاص ڪري اهڙي پارٽيءَ طرفان، جيڪا اهڙي اسٽريٽيجڪ صوبي ۾ حڪومت ۾ هجي. مولانا ضرور اهو به ڄاڻندو هوندو ته، آمريڪي اداري يو ايس ايڊ جي تازين هدايتن بعد عمران خان جي زيرِ حڪمراني صوبي خيبر پختونخوا ۾ ڪيتريون ترقياتي رٿائون شروع ٿي ويون آهن ۽ اوتريون ئي ٻيون پائيپ لائين ۾ آهن. اها ڳالهه به عام آهي جنهن کي مولانا ضرور حساب ۾ آندو هوندو ته، افغانستان ۾ 47 ملڪن جون فوجون آهن، جن کي گڏيل قومن جي اداري جي منظوري پڻ حاصل آهي. اها ڳالهه ان پسمنظر ۾ هيڪاري وڌيڪ اهميت رکي ٿي ته، تازو واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير جو يورپي ملڪن جي دوري بعد بيان آيو هو ته، يورپي يونين جا ملڪ خاص رعايت طور پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ٻيون شيون اٽڪل 700 ملين ڊالرن کان هڪ ارب ڊالرن تائين ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن. پاڪستان، جيڪو هينئر ٽَڪي ٽَڪي لاءِ نه سهي پر هڪ هڪ ڊالر لاءِ محتاج بڻيو بيٺو آهي، سو به اهڙي وقت ۾ جڏهن آءِ ايم ايف جي فرمائش تي پرڏيهي مَٽا سَٽا جا ذخيرا ڏيکارڻ لاءِ جڏهن اسٽيٽ بئنڪ پَٽَ سَٽَ ڪئي، ته ڊالر جو اگهه چڙهي ويو. مهانگائي ٿي وئي، وري به پورت نه ٿي، ته ماڳهين آءِ ايم ايف قسط جاري ڪرڻ ملتوي ڪري ڇڏي. اهڙي وقت ۾ عمران خان ڪيئن نيٽو سپلاءِ بلاڪ ڪندو؟ ۽ رياستي ادارا ان کي ڪيئن اهڙي ڍر ڏيندا؟ جو 47 ملڪ واپار ۽ امداد بند ڪري ڇڏين. اها جيڪڏهن ميڊيا وارن ۽ ٻين ادارن کي خبر آهي ۽ کين سمجهه ۾ اچي ٿي، ته پڪ عمران خان کي به سمجهه ۾ ايندي هوندي پر پوءِ به جيڪڏهن چوڌري نثار، عمران خان جهڙي ٻولي ڳالهائي، ۽  عمران خان ڌرڻو هڻي ٿو يا ان کي اهڙي ڍر ڏني ٿي وڃي، ته ڇا سمجهجي ته، گڏجي سڏجي ملڪ کي کاهيءَ ۾ ڌِڪيو پيو وڃي؟!.

Labels: , , , ,

شهادت جا سرٽيفڪيٽ ۽ منور حسن 13 نومبر 2013ع

شهادت جا سرٽيفڪيٽ ۽ منور حسن

سهيل سانگي

اربع 13 نومبر 2013ع
طالبان جي سربراهه حڪيم الله محسود جي ڊرون حملي ۾ مارجڻ بعد رياستي ادارا ۽ سياسي جماعتون هڪ نئين صورتحال ۾ ڦاٿل آهن. اهو رڳو سياسي ئي نه پر حڪمتِ عملي ۽ فڪري معاملو بڻجي ويو آهي. شروع ۾ حڪومت جو موقف وزيرِ داخلا چوڌري نثار علي خان وٽان سامهون آيو، جنهن مان لڳي ٿو ته، سندس وس نه پيو پُڄي، جو هو مقتول طالبان اڳواڻ کي سرڪاري طور شهيد قرار ڏئي. ان جي مارجڻ کي امن سان ائين ڳنڍيو ويو ڄڻ هو ڪو امن جو سفير هجي. 

تحريڪِ انصاف، طالبان لاءِ نرم گوشو رکي ٿي. هن ڪڏهن به طالبان جي شدت پسنديءَ وارين سرگرمين جي مذمت نه ڪئي آهي، تنهن هن واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان سان گڏ ڊرون حملا نه روڪڻ جي صورت ۾ نيٽو سپلاءِ روڪڻ جي ڌمڪي ڏيئي معاملي کي ٿورو اڳتي وڌايو. 

 ڀلو ٿئي مولانا فضل الرحمان جو، جيڪو گهڻو مٿي سُرتال ۾ معاملي کي کڻي ويو ۽ چيائين ته، آمريڪا جي هٿان ڪو ڪُتو به مرندو ته اهو شهيد آهي، انهن سڀني موقفن تي ڪو طوفان کڙو نه ٿيو پر ان سان نئون سياسي ۽ مذهبي اصطلاع ڪرنسي طور سامهون آيو. 
مذهب جي آڙ ۾ سياست جي بازار هڪ دفعو وري گرم ٿي ويئي. شهادت جا سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ لڳا، ته وري ڪن کان اهي سرٽيفڪيٽ کسجڻ لڳا. جماعتِ اسلامي، جنهن جي سڃاڻپ مذهبي جماعت طور آهي ۽ فڪري طور تي پاڻ کي وڌيڪ اسلامي سمجهي ٿي. تنهن مذهبي نعري بابت مذهبي جماعتن جي ڊوڙ ۾ پاڻ کي پوئتي محسوس ڪيو. 
 امير منور حسين هڪ ٽاڪ شو ۾ گهڻو اڳتي وڌي آيو ۽ کليل لفظن ۾ چيائين ته، ”حڪيم الله محسود شهيد آهي.“ اينڪر پرسن جي ان سوال تي ته، ”جيڪڏهن محسود شهيد آهي ته دهشتگرديءَ خلاف هلندڙ جنگ ۾ مارجندڙ پاڪستاني فوجي شهيد آهن يا نه؟“ هن سوال جماعت اسلامي جي سربراهه کي گهوماٽيون ڏيئي ڇڏيون. بهرحال کيس چوڻو پيو ته، ”آمريڪا خلاف وڙهندڙ شهيد آهن، ته پوءِ آمريڪي ايجنڊا لاءِ وڙهندڙ ڪيئن شهيد ٿي سگهن ٿا؟“ سندس اشارو پاڪستان جي فوج ڏانهن هو.
مولانا فضل الرحمان بُهه جي ڍِڳ ۾ چِڻنگ اُڇلائي ڪُنڊ وٺي ويهي رهيو پر منور حسين ڀري ٻيڙيءَ ۾ اڪيلو ڳرو ٿي پيو. هو ۽ سندس پارٽي تنقيد جي تيز تيرن جي نشاني تي اچي وئي. شايد ئي ڪا اهڙي پارٽي هجي، جنهن جي سربراهه منور حسين جي مذمت نه ڪئي هجي. 

سنڌ اسيمبليءَ ته مذمتي ٺهراءُ به بحال ڪري ورتو. ڏسڻا وائسڻا سياستدان منور حسين تي غداريءَ جو ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪرڻ لڳا. معاملو رڳو سياسي پارٽين جي مذمت تائين نه بيٺو، فوج به ان بيان جو نوٽيس ورتو، ڇاڪاڻ جو دهشتگرديءَ خلاف هن عالمي ويڙهه ۾ پاڪستان آمريڪا جو اتحادي بڻيل آهي ۽ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جون هن جنگ ۾ جانيون وڃي چڪيون آهن. فوج جي تعلقات عامه واري کاتي مذمتي بيان جاري ڪري نه رڳو جماعتِ اسلامي کان وضاحت گهري پر غير مشروط معافيءَ جو به مطالبو ڪيو. هن بيان ۾ جماعت اسلامي جي ماضيءَ جي خدمتن ۽ فوج سان قربت جو به ذڪر آهي. جماعتِ اسلامي فوري طور لاهور ۾ پنهنجو  اعلى سطحي اجلاس گهرايو ۽ ان بحث ۾ وڃڻ بنا ته ڪير شهيد آهي ۽ ڪير ناهي، اهو موقف اختيار ڪري ڳالهه کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي ته، فوج کي سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.

اها ڳالهه تاريخ جو حصو آهي ته، جماعتِ اسلامي، ايوب جي شروعاتي ڏينهن کي ڇڏي، سدائين فوج جو ساٿ ڏنو. اوڀر پاڪستان وارا واقعا اڃا تازا ئي آهن. بلڪه اُتي جماعتِ اسلامي جي ڪجهه اڳواڻن کي جنگي ڏوهن ۾ تازو آيل سزا اڃا وڌيڪ تازو ڪري ڇڏيو آهي. 
جڏهن ضياءَ الحق چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، جماعت اسلامي اها پارٽي هئي، جنهن اڳتي وڌي ضياءَ جو ساٿ ڏنو ۽ مارشل لا حڪومت جو حصو بڻي. سرد جنگ جي زماني ۾ جماعتِ اسلامي جي آمريڪا نوازيءَ خلاف نعرا لڳندا رهيا، جڏهن سرد جنگ پنهنجي اوج تي پهتل هئي ۽ ان جو آخري مورچو افغانستان ٿيو، ته آمريڪا سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي استعمال ڪيو. 
هن پراڪسي جنگ ۾ جماعت اسلامي هن”جهاد“ ۾ اهم اتحادي هئي. انهيءَ جهاد لاءِ سڄيءَ دنيا مان شدت پسندن کي پاڪستان اچڻ جي ڪوٺ ڏني وئي هئي، جيڪا آمريڪا سان گڏجي وڙهي پئي وئي. اڄ پاڪستان سياسي، معاشي، امن امان، دهشتگردي ۽ حڪمت عمليءَ جي حوالي سان جيڪو ڀوڳي رهيو آهي، سو افغان جنگ يا جهاد جي ئي سوکڙي آهي. سرد جنگ کانپوءِ جماعتِ اسلامي پنهنجو رُخ تبديل ڪيو. اهو ڪردار هن جماعت کان وٺي مولانا فضل الرحمان ۽ ڪن ٻين مذهبي جماعتن ۽ گروهن کي ڏنو ويو. شايد ان ڪري جو جماعتِ اسلامي ڪجهه وڌيڪ سياسي بڻجي رهي هئي.

طالبان منور حسين جي بيان جي ڏاڍي واهه واهه ڪئي آهي. ذري گهٽ ٻن ڏهاڪن تائين شدت پسند ويڙهاڪن وٽ ذري گهٽ زيرو بڻيل منور حسين هيرو بڻجي ويو پر ملڪي صورتحال ۾ جماعت اڪيلي ٿي ويئي آهي. سموريون سياسي پارٽيون ۽ عسڪري حلقا به ان جي خلاف بيٺل نظر اچن ٿا. هن جماعت جو پس منظر ۽ ماضيءَ جو ڪردار ۽ رياستي ادارن سان فڪري توڙي حڪمتِ عمليءَ جي حوالي سان قربت پنهنجي جاءِ تي آهن. پر نئون Narrative ۽ صورتحال هَڏيءَ وانگر اٽڪي پئي آهي، جنهن کي هو نه ڳِيهي سگهي ٿي ۽ نه ئي نڙيءَ  مان ڪڍي سگهي ٿي. 

تجزيه نگار فوج جي بيان کي رڳو منور حسين لاءِ ئي نه، پر طالبان سان همدردي رکندڙ ٻين جماعتن لاءِ به پيغام سمجهي رهيا آهن. شايد انهيءَ ڪري طالبان سان ڳالهين لاءِ گهڻي اُتاولي نواز شريف کي به تڪڙو ۽ لازمي ڳالهين واري موقف تان پوئتي هٽڻو پيو، جنهن جو اظهار وزيرِ داخلا چوڌري نثار جي قومي اسيمبليءَ ۾ طالبان بابت بحث کي کُٽائڻ واري تقرير مان ٿئي ٿو. هِنَ ڇهن ڏينهن کان هن معاملي تي بحث ڪندڙ قومي اسيمبليءَ کي ٻڌايو ته، طالبان سان ڳالهين واريون ڪوششون في الحال روڪيون ويون آهن. ٽن چئن هفتن بعد صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد ان معاملي کي ڏسبو. هن ساڳئي وقت چيو ته، ڪير شهيد آهي ۽ ڪير ناهي، وارو بحث ملڪ لاءِ زهر جيان آهي.
جماعتِ اسلامي جو فوج جي بيان تي موقف، ته اهو سياست ۾ فوج جي مداخلت آهي، وڏي حد تائين درست لڳي ٿو پر جماعت هڪ اهڙي جنگ، جنهن ملڪ کي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين هر حوالي سان هاڃو رسايو، ان ۾ پنهنجي پسند جا هيرو چونڊي رهي آهي، سا ٺهڪندڙ ڳالهه ڪونه ٿي لڳي، ساڳيءَ ريت جماعت جو اهو موقف ماضيءَ  جي موقف سان ٺهڪندڙ ناهي، جڏهن هو اهڙي مداخلت جي ڪوٺ ڏيندي ۽ ساٿ ڏيندي رهي آهي، اهو به وڏو سوال آهي ته، جماعت انهيءَ موقف تي ايندڙ وقت ۾ بيهندي؟
دراصل تازو Narrative 
۽ ان تي بحث خالي بحث مباحثو ناهي. هي هڪ فڪري ٽڪراءُ آهي، جيڪو رياستي ادارن ۽ حڪمتِ عملي مان ڦُٽي نڪتو آهي ۽ رياست جي فڪري لِيڪن کي ٻيهر وصفائڻ جي تقاضا ڪري رهيو آهي. اهڙي صورتحال هڪ دفعو مشرف دور ۾ به پيدا ٿي هئي، ليڪن هن بنيادي نظريه ۽ فڪر جي رياست لاءِ نئين سر وصف ڏيڻ کان لنوايو، هاڻي هڪ دفعو وري اُن بحث ڪر کنيو آهي. 

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، اسٽيبلشمينٽ جيڪا هڪ خاص قسم جي مذهبي فڪر کي ڦهلائيندي رهي آهي ۽ رياست کي انهيءَ رستي تي هڪليندي رهي آهي، سا پنهنجي اها پاليسي تبديل ڪري. تاريخ ٻڌائي ٿي ته، ملڪي تاريخ جو ڳپل عرصو فڪري، سياسي، مذهبي ۽ حڪومتي معاملا عسڪري ڪنٽرول ۾رهيا آهن. اسٽيبلشمينٽ کي جهاد جو هڪ ڍانچو جوڙيو، جنهن جو تصور ملڪي سرحدن جي حفاظت بدران نظرياتي بلڪه مذهبي سرحدن جي حفاظت هو. مذهبي ۽ نظرياتي سرحدن جي ڦهلاءُ واري تصور سان ”مجاهدين“ پيدا  ٿيا، جنهن سان ملڪ اندر مسئلا پيدا ٿيا سو ٿيا، بلڪه عالمي طور پاڪستان جي سڃاڻپ به تبديل ٿي. سياست کي مذهبي چشمي سان ڏسڻ ۽ ان جي ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ جو نتيجو آهي، جو اڄ رياست فڪري ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. اهو تصور هاڻي شدت پسنديءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جيڪو سڄي ملڪ کي آئين، قانون، جمهوريت ۽ عدليه کان پاسيرو اُڇلائي زوري ملائيت واري رياست ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سمورا زور لڳائي رهيو آهي. وقت اچي ويو آهي ته، مذهب ۽ رياست کي الڳ ڪيو وڃي. هن ملڪ جي سلامتي ۽ عوام جو ڀلو به انهيءَ ۾ ئي آهي.

Labels: , , ,

طالبان سان ڳالهين جي ڳُجهارت 02 نومبر 2013ع

طالبان سان ڳالهين جي ڳُجهارت

سهيل سانگي

ڇنڇر 02 نومبر 2013ع
طالبان چون ٿا ته، امن ڳالهين لاءِ پاڪستان سرڪار سان ڪو رابطو نه ٿيو آهي پر وزير اعظم نواز شريف برطانوي پرڏيهي وزير کي ٻڌايو ته، طالبان سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. گهرو معاملن واري وزير جو چوڻ آهي ته، Structured ڳالهيون شروع ڪيون وينديون. هي ٽي الڳ موقف آهن. وزير اعظم چوي ٿو ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن. چوڌري نثار علي خان ڳالهيون شروع ڏي وڃن پيون بابت اطلاع پيو ڏي ۽ طالبان چون ٿا ته، ڪو رابطو ئي ڪونهي. آخر معاملو ڇا آهي؟ حڪومت ڳالهين لاءِ شروع کان آتي آهي. ان جو خيال آهي ته، ڳالهين سان امن قائم ڪري رتوڇاڻ بند ڪري سگهجي ٿي. هاڻي ته اهي به اڻ تصديق ٿيل خبرون ميڊيا تي رپورٽ ٿي رهيون آهن، بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراهه حڪيم الله محسود آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو آهي ۽ جي انهن خبرن ۾ صداقت آهي، ته پوءِ طالبان سان ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهنديون، جو طالبان اڳ ئي ڳالهين لاءِ ڊرون حملا بند ڪرائڻ جي شرط رکندا رهيا آهن
گذريل مهيني نواز شريف ڳالهين لاءِ مکيه پارٽين جي حمايت حاصل ڪري ورتي هئي، ته آرمي چيف به ان تي هاڪار ڪئي. سياسي جماعتن طرفان ڳالهين جي حمايت بعد طالبان گذريل مهيني ڪجهه اڳواٽ مڃڻ لاءِ شرط رکيا هئا. جنهن ۾ پاڪستان ۾ قيد پنهنجي ميمبرن جي آزادي، افغانستان جي سرحد ويجهو قبائلي علائقن مان جتي طالبان جا ٺڪاڻا آهن، فوجن جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو ويو هو. حڪومت انهن شرطن بابت ڇا ٿي سوچي، ان جو ڪهڙو موقف آهي؟ ان بابت ڪابه ڳالهه پڌري نه ڪئي ويئي آهي. اهو ضرور ٿيو آهي ته، حڪومت انهن شرطن باوجود ڳالهين لاءِ اوترو ئي زور ڀريندي رهي آهي، جنهن جو بظاهر مطلب اهو ئي سمجهيو پيو وڃي ته، ڪنهن حد تائين حڪومت انهن مطالبن تي ويچار ڪرڻ ۽ ڪا حمايت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته، طالبان طرفان ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ اهي شرط رکيا ويا آهن. يعني اهي شرط مڃڻ بعد ڳالهيون ٿينديون، نه ته نه. جيڪڏهن اهي ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ شرط آهي. ته پوءِ اهي ڪهڙا مطالبا آهن جيڪي ڳالهين جي ميز تي کنيا ويندا؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي.
ڳالهين لاءِ زور هميشه اها ڌر ڀريندي آهي، جيڪا سوڙهي ۾ هوندي آهي. نتيجي ۾ سامهين ڌر وٽ Upper hand هوندو آهي. هتي به اها ڳالهه سمجهي پئي وڃي ته، طالبان کي اپر هينڊ حاصل آهي، جيڪڏهن طالبان کي به اپر هينڊ حاصل آهي ۽ ڪو ٽياڪڙي ڪرڻ وارو به ڪونهي، ته پوءِ اهو قصو ڪيئن هلندو؟ گهڻو امڪان انهيءَ جو آهي، ته اپر هينڊ وارن جا ئي مطالبا مڃيا وڃن. هي اهي مطالبا آهن، جيڪي اڃا تائين ظاهر نه ٿي سگهيا آهن.
سال کن اڳ آمريڪا به طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. تڏهن طالبان نار واري هڪ ملڪ ۾ پنهنجي آفيس به کولي هئي. ان وقت ”سُٺا طالبان“ ۽ ”خراب طالبان“ جا اصطلاح پڻ سامهون آيا. آمريڪا جي ڳالهين ڪرڻ جو مطلب ان ۾ عالمي قوتن جو شامل ٿيڻ آهي. يعني سعودي عرب، نار واريون رياستون ۽ يورپ جو ڪو ملڪ به سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح سان ستايل هوندو. اهو تحرڪ به ڪو نتيجو نه ڏيئي سگهيو. پردي جي پويان ڪي ڳالهيون ڪي رابطا ٿيا سي ٿيا پر نه ڪو فيصلو سامهون آيو ۽ نه ئي ڪا ٻي شئي. سمجهيو اهو پيو وڃي ته، اهي ڳالهيون يا ته ناڪام ويون يا وري آمريڪا ان مان اڌ ۾ ئي هٿ ڪڍي ويو. ان خيال سان ته ڳالهين جو ڪو نتيجو نه نڪري سگهندو. سوال اهو آهي ته، جيڪڏهن آمريڪا طالبان سان ڳالهين کي بي معنيٰ سمجهيو، ته پاڪستان حڪومت ڳالهيون ڪري ڪهڙو هڙ حاصل ڪندي؟.
پاڪستان ۾ حڪمت عملي جوڙيندڙن جو هڪ حصو، افغان جنگ کان وٺي شدت پسند ڪارروايون ڪندڙن کي حڪمت عمليءَ وارو اثاثو سمجهندو رهيو آهي. هي اها پاليسي آهي، جيڪا ضياءَ الحق ۽ جنرل حميد گل واري پاليسي آهي، جيڪا افغان جنگ کان وٺي ايندڙ وڏي وقت تائين جاري رهي، تان جو جنرل مشرف آيو ۽ نائين اليون وارو واقعو ٿيو، جنهن بعد پاڪستان ان پاليسيءَ کان ڪجهه هٽڻ شروع ڪيو پر ساڳئي وقت انهن شدت پسندن ۽ پاليسيءَ کي مشرف آمريڪا وٽ ڪيش به ڪرائيندو رهيو. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت به ان هٽيل پاليسي تي عمل ڪندي رهي. نتيجو اهو نڪتو جو طالبان توڙي ٻيا شدت پسند پيپلز پارٽيءَ جي به خلاف ٿي ويا. گذريل چونڊن جي نتيجي ۾ نواز ليگ حڪومت ۾ آئي، جيڪا شدت پسندن کي حڪمت عمليءَ جو اثاثو سمجهڻ واري خيال کي ويجهي هئي. سمجهيو اهو پيو وڃي ته طالبان ۽ نواز شريف حڪومت هڪ ٻئي کي سولو سمجهن ٿا.
هن وقت جڏهن آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ گهري ٿو، ته هو علائقي ۾ پويان اهڙو سيٽ اپ ۽ حالتون ڇڏڻ گهري ٿو، جنهن سان انتهاپسندي ۽ شدت پسنديءَ جو خطرو نه هجي. ان جو پاڪستان تي وڌ ۾ وڌ اهو دٻاءُ آهي، ته اهو دهشتگرديءَ خلاف سخت ڪارروائي ڪري. ان سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي، ته نان اسٽيٽ ايڪٽر پاڪستان جي سر زمين کي استعمال ڪندي پاڙيسري يا ڀرپاسي وارن ملڪن لاءِ مسئلو پيدا نه ڪن. آمريڪا ان لاءِ دهشتگردن خلاف وڌ ۾ وڌ ڪارروايون ڪرڻ بلڪه انهن جو خاتمو آڻڻ گهري ٿو. پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ بابت تازو لاڳو ڪيل ٻه قانون به ان سلسلي جي ڪڙي آهن. رڳو اهو ئي نه پر آمريڪا ان ڏس ۾ پاڪستان کان وڌيڪ اپاءُ وٺڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا ايتريون سخت ڪارروايون چاهي ٿو، ته نواز حڪومت طالبان سان ڳالهين لاءِ چئي، اهو تاثر ڏيڻ گهري ٿي، ته معاملو ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾ اهو ته انهن خلاف سخت ڪارروايون نه ڪيون وڃن، جيڪڏهن ائين ناهي ته ڇا انهن ڳالهين کي آمريڪا جي پٺ حاصل آهي؟ اگر آمريڪا جي پٺڀرائي حاصل هجي ها، ته ان لاءِ عالمي سطح تي به ڪجهه ڌريون سرگرم ٿين ٿا.
بهرحال طالبان سان ڳالهيون ته شروع نه ٿي سگهيون آهن، بلڪه اهو ’ڳالهوڙو‘ ٿي ويون آهن. ساڳئي وقت تي نه طالبان جا اصل مطالبا سامهون آهن ۽ نه وري طالبان طرفان اڳواٽ رکيل شرطن بابت حڪومت جو موقف. اهي ڳالهيون ڳجهارت بڻجي ويون آهن. حڪومت کي ان ڏس ۾ ڪجهه وضاحتون ڪرڻ ۽ ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري ٿي پيو آهي.

Labels: , , , , , ,

صوبن ۽ اليڪشن ڪميشن جي راضپي ڪانسواءِ ٿيندڙ مڪاني ڇونڊون 30 آڪٽوبر 2013ع

صوبن ۽ اليڪشن ڪميشن جي راضپي ڪانسواءِ ٿيندڙ مڪاني ڇونڊون
LB polls

سهيل سانگي

اربع 30 آڪٽوبر 2013ع
سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد ٽن صوبن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جون تياريون ته شروع ٿي ويون آهن پر بيلٽ پيپرن ۽ ووٽر لسٽن جي ڇپائيءَ سان لاڳاپيل ڪجهه فني معاملن سبب رولڙو پئجي رهيو آهي. عدالت چئني صوبائي حڪومتن کي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو پابند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ٽن صوبن پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ته چونڊن جي تاريخ ڏني پئي پر خيبر پختونخوا چونڊن جي تاريخ ڏيڻ کان لنوائي ويو. اُتي تحريڪِ انصاف جي حڪومت آهي، جنهن جو سربراهه عمران خان، هن کان اڳ مڪاني چونڊن کي اوليت ڏيندو رهيو آهي پر جنهن صوبي ۾ سندس پارٽيءَ جي حڪومت آهي، اُتي اڃا مڪاني قانون به ٺهي نه سگهيو آهي.
ٽن صوبائي حڪومتن عدالت جو ڊيڄاريندڙ رُخ ڏسي تاريخون ته ڏئي ڇڏيون پر دراصل اهي حڪومتون انهن چونڊن لاءِ راضي نه هيون. هنن سپريم ڪورٽ ۾ هن ڪيس جي لڳاتار تاريخن تي مهلت وٺڻ جون درخواستون ۽ دليل ڏنا پر سندن هڪ به نه ٻڌي وئي. خيال آهي ته، چيف جسٽس صاحب پنهنجي عهدي جي مدت پوري ٿيڻ کان اڳ مڪاني ادارن جي چونڊيل عيوضين کي قسم کڻندي ڏسڻ گُهري ٿو. جيئن ته ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ مڪاني ادارن جون چونڊون اليڪشن ڪميشن جي نگرانيءَ ۾ ٿيڻون آهن. ان ڪري هن ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران اليڪشن ڪميشن پنهنجي خاص وڪيل جي ذريعي اها درخواست ڏني ته، ايتري مختصر مدت ۾ چونڊن جا انتظام نٿا ڪرائي سگهجن. ان کان علاوه چونڊن جي قاعدن ۽ تڪ بندين ۽ نگرانيءَ جي حوالي سان به ڪجهه تحفظات جو اظهار ڪيو ويو آهي. مطلب ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي اهي چونڊون ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ نه صوبائي حڪومتون راضي آهن ۽ نه وري اليڪشن ڪميشن تيار آهي، جنهن کي انهن چونڊن جي نگراني ڪرڻي آهي.
صوبن طرفان تاريخ ڏيڻ ۽ عدالتي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ راضپو ڏيکاريندي، انهن چونڊن لاءِ تڪ بنديون ڪرڻ بعد اليڪشن ڪميشن ويچاري بڻيل آهي. ان وٽ ٻيو ڪوبه رستو ناهي، ته اها چونڊن جي حامي ڀري ۽ انتظامن کي لڳي وڃي. اليڪشن ڪميشن جيڪا مئي وارين عام چونڊن جي شفافيت بابت لڳل رَنگ اڃا نه ڌوئي سگهي هئي، ته وري مڪاني ادارن واريون چونڊون ڄڻ ته ان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويون آهن. چونڊن ۾ جيڪي به ٿيندو، ان جي سنئين سڌي ذميواري اليڪشن ڪميشن تي ايندي. هڪ اداري طور ان جو نالو متان نيڪ نامي جي لسٽ مان خارج ٿي وڃي، اهو ڊپ اليڪشن ڪميشن جي سپريم ڪورٽ کي ڏنل درخواست ۽ ان بعد هن اداري جي مختلف عملدارن جي ڳالهه ٻولهه مان به ظاهر آهي. هن وقت قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر ڪم هلائي رهيو آهي. هي ڪا ڇوٽي چونڊ ناهي ۽ نه وري ڪا ايمرجنسيءَ واري صورتحال آهي پر پوءِ به ايڏي وڏي چونڊ اليڪشن ڪميشن جي نگرانيءَ ۾ ٿي رهي آهي، جيڪا اصولي طور توڙي سياسي معنائن ۾ نامڪمل آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته، پهرين اليڪشن ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو وڃي ها، چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جيئن ته حڪمران ۽ مخالف ڌرين جي گڏيل راءِ سان ٿيڻي آهي، جنهن بابت اڃا پروسيس شروع به نه ڪيو ويو آهي. ڪي ڌريون هن مرحلي تي انهيءَ عهدي کي ڇيڙڻ ئي نٿيون گهرن. ان ڪري خود عدليه به هن اهم عهدي جو نوٽيس وٺڻ بنا سڌو مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن چونڊن جا ٻه اهم عمل ووٽر لسٽن ۽ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي، توڙي تڪ بندين وارا معاملا پڻ رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. بيلٽ پيپر سرڪاري اداري پرنٽنگ ڪارپوريشن مان شايع ٿيڻا آهن. هن اداري جي ايتري صلاحيت ئي ناهي، ته هو 15 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ بيلٽ پيپر ايتري مختصر مدت ۾ شايع ڪري سگهي. ان کي ڪاغذ ۽ مس جي خريداريءَ لاءِ ٽينڊر گهرائڻا پوندا، جنهن لاءِ به هڪ خاص مدو گهربل آهي. ان بعد خود هن اداري جي مشينن جي به اها صلاحيت ناهي. اهو ئي سبب آهي جو اليڪشن ڪميشن صوبائي حڪومتن کي درخواست ڪئي، ته اهي بيلٽ پيپر ڇپرائين. ان ڏس ۾ هن وقت تائين سنڌ حڪومت اهو ڪم ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري آهي. ساڳئي طرح وڏي پيماني تي ووٽ وجهڻ مهل استعمال ٿيندڙ خاص قسم جي مس جو مختصر مدت ۾ بندوبست ڪرڻ ۾ به مشڪلاتون آهن.
تڪ بندين وارو معاملو سنڌ ۾ خاص طور تي گهڻو تڪراري بڻيل آهي. هتي اوچتو يونين ڪائونسلن جي تعداد ۽ سيٽن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. ان اضافي جي حڪومت وٽ ڪا به جسٽي /فڪيشن ڪونهي. انتظاميه جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، بنا ڪنهن سروي ۽ رٿابنديءَ جي تڪن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ يونين ڪائونسلن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي. ان صورتحال ۾ لازمي طور تي سياسي مقصد ئي اڳيان رهيا هوندا. ماڻهن جي سهولت، انهن جا حق ۽ نمائندگيءَ واري معاملي کي پاسيرو رکي فيصلا ڪيا ويا آهن. ٿرپارڪر، حيدرآباد، بدين ۽ ٺٽي ضلعن ۾ ڪيئي يونين ڪائونسلون گذريل ڏهن سالن ۾ ٽي دفعا ورهايون ويون آهن.
ڳالهه رڳو هتي ختم ڪونه ٿي ٿئي، متحده قومي موومينٽ دُبئي ۾ پيپلز پارٽيءَ سان ٿيل ناڪام/ڪامياب ڳالهين کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ مڪاني ادارن جي 2013ع واري قانون کي چئلينج ڪيو آهي. بظاهر ايم ڪيو ايم جو اهو موقف آهي ته اها مڪاني ادارن جي چونڊن کي ملتوي نٿي ڪرائڻ گهري. پر عملي شڪل اها آهي ته، جڏهن ان نظام ۽ قانون کي ئي نٿو مڃيو وڃي ۽ چئلينج ڪيو پيو وڃي، ته ان جو مطلب چونڊن جي مخالفت ئي آهي. اهو دليل ان ڪري به پڪو ٿي ٿو وڃي، جو اهو قانون 5-6 مهينا اڳ پاس ٿيو هو. پر ان کي چئلينج عين چونڊن جي موقعي تي ڪيو ويو آهي. ممڪن آهي ته، هفتي کن اندر ايم ڪيو ايم هن قانون تي عمل روڪڻ جي درخواست، جنهن کي قانوني ٻوليءَ ۾ اسٽي آرڊر چيو ويندو آهي، وٺي. ان صورت ۾ عدالت هن درخواست تي جلد ڪو مڪمل فيصلو کڻي نه ڏئي، پر تڏهن به اسٽي آرڊر جي صورت ۾ چونڊون ملتوي ٿي وينديون.
لڳي ٿو ته مئي ۾ ٿيل عام چونڊن جيان مڪاني چونڊون به غير يقيني حالتن جي پاڇي ۾ ٿينديون. جهڙي نموني سان چونڊون ڪرائڻ جي معاملي تي بحران ڪر کڻي رهيو آهي. غير منصفاڻي طريقي سان تڪ بنديون ڪيون پيون وڃن، تنهن مان لڳي ٿو ته، چونڊون جيڪڏهن ٿيون، تڏهن به ان ۾ ماڻهن جي ڀرپور شرڪت ٿيندي نظر ڪونه ٿي اچي. ڀرپور شرڪت ان ڪري به گهٽجي ويندي، جو چونڊ مهم لاءِ عملي طرح سان اميدوارن کي هفتو مس ملندو. ان صورت ۾ ماڻهن کي پنهنجي مرضيءَ جا نمائندا چونڊڻ جو موقعو نه ملندو. جيڪڏهن واقعي اهڙي صورتحال بيهي ٿي، ته آخر ايڏي تڪڙ ڇو ڪئي پئي وڃي؟ ڇا چونڊون ڪرائڻ ڪا رسمي ڪارروائي آهي، جنهن کي ”چونڊون براءِ چونڊون“ چئي يا ان چونڊن جي نتيجي ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي. ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻو آهي؟ ائين چونڊون ڪرائڻ رسم پوري ڪرڻ جي برابر آهي، ان ڪري اهي تڪڙ ۾ ۽ رسم پوري ڪرائڻ لاءِ زوري ٿيندڙ چونڊن جي کاتي ۾ اچي وينديون، جنهن لاءِ نه ماڻهو، نه صوبائي حڪومتون ۽ نه ئي اليڪشن ڪميشن راضي آهن.

Labels: , , , , ,

نئون آرڊيننس صوبن کان خودمختياري کسي وٺندو؟ آڪٽوبر 2013ع

  نئون آرڊيننس صوبن کان خودمختياري کسي وٺندو؟

سهيل سانگي

اڱارو 22 آڪٽوبر 2013ع
پاڪستان سرڪار جون واقعي طالبان سان ڳالهيون ٿينديون؟ جيڪڏهن ٿينديون ته ڪو نتيجو به ڏيئي سگهنديون يا نه؟ اهي ٻه نوان سوال طالبان سان ڳالهين ۽ انهن ڏي پاڪستان حڪومت جي رويي جي حوالي سان وزير اعظم نواز شريف  جي آمريڪا پهچڻ  بعد پيدا ٿيا آهن. آمريڪا پهچڻ بعد نواز شريف  هڪ دفعو وري ورجايو آهي ته طالبان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، ڇاڪاڻ جو اهڙين ڳالهين لاءِ ملڪ جي سمورين پارٽين مينڊيٽ به ڏنو آهي، سندس اشارو طالبان سان ڳالهين بابت سياسي جماعتن جي گڏيل راءِ ڏانهن هو.  هر معاملي ۾ مزيدار پهلو ڳوليندڙ مبصر وزير اعظم جي مينڊيٽ واري بيان کي ماڳهين  اهو چئي رهيا آهن ته هو عام چونڊن ۾ پنهنجي فتح کي مينڊيٽ سڏي رهيو آهي، جڏهن  ته پيپلزپارٽي، اي اين پي وغيره کي انتهاپسندن ڊيڄاريو ته انهن چونڊ مهم هلائي ته سندن خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون. بهرحال هاڻي سياسي  جماعتن مصلحت تحت طالبان سان ڳالهين جي حامي ڀري آهي. جڏهن ته ملڪ اندر فڪر ۽ دانش رکندڙ ماڻهن جو چڱو خاصو حصو ڳالهين جي حق ۾ ناهي ۽ ان جو اظهار هو پنهنجي بحث مباحثن توڙي لکڻين ۾ ڪندا رهيا آهن.
 فڪري طور ڳالهيون ڪرڻ مثبت عمل آهي، ڇاڪاڻ جو طاقت جو ججهو استعمال ماڳهين ابتڙ نتيجا ڏيندو آهي. مطلب ته ڳالهيون تڏهن  اڻ ٽر ۽ ضروري ٿي وينديون آهن، جڏهن طاقت جو استعمال  ايترو گهڻو ٿي وڃي، جو بهتر نتيجا اچڻ جي اميد ختم ٿي وڃي. انتظامي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ انتهاپسندي  جي حوالي سان طاقت جي استعمال  وارو معاملو ان  دائري ۾ ڪو نه ٿو اچي. بهرحال  جڏهن اهڙي صورت بيهندي آهي ته ڪوشش ڪري ويڙهه ۾ رڌل ڌر جي مطالبن ۽ تڪليفن کي ٻڌو ويندو آهي.  پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ رڌل انهن ڌرين  جون تڪليفون  ۽ مطالبا  ڇا آهن؟ مثال طور  عمران خان  يا  ڪي ٻيا همراهه  انهن ويڙهاڪن  جي جدوجهد کي آئرلينڊ جي جدوجهد سان ڀيٽيندا  رهيا آهن. (1) آئرلينڊ جي جدوجهد يا اتي ٿيندڙ  دهشتگردي  واريون ڪارروايون  حقن  لاءِ هيون، جنهن کي Right based جدوجهد چيو ويندو آهي. انهن جو مطالبو اهو هو ته کين آئين ۽ قانون موجب ڏنل حق نٿا ملن، ٻين لفظن ۾ اهو ته سندن حق ۽ وسيلا کسيا ويا آهن، کين پنهنجي حقن ۽ وسيلن بابت فيصلي سازي جو اختيار ناهي، ان ڪري انهن وسيلن ۽ اختيارن  وغيره جي ورهاست نئين سر ڪئي وڃي ۽ انصاف ڀرئي طريقي سان ڪئي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ رياست جڏهن ماڻهن جي وسيلن جي صحيح ورهاست ۽ حقن جي پاسداري نٿي ڪري  ته پوءِ جدوجهد ۾ رڌل ماڻهو رياست کي چئلينج ڪرڻ لڳندا آهن. بلوچستان  جو معاملو اهڙي ئي قسم جو آهي، پر طالبان يا انتهاپسندي  جي اهڙين سرگرمين ۾ رڌل گروپن پاران اهڙو ڪو به مطالبو سامهون نه آيو آهي، جنهن کي Right based جدوجهد جي کاتي ۾ آڻي سگهجي. ٻيون ڳالهيون ته ڇڏيو، جيڪڏهن  انهن جي سياسي ۽ فڪري حوالي سان  مطالبي کي آڏو رکيو وڃي ته اهڙو مطالبو ڪڏهن ٻڌڻ ۾ نه آيو آهي ته جيڪڏهن  آمريڪا پاڪستان  تي ڊرون حملا بندڪري ته اهي ويڙهاڪ ڌماڪا يا ٻيون ڪارروايون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا يا فاٽا وغيره جي رهواسين کي پاڪستان جي ٻين شهرين جهڙا سياسي حق ڏيندا ته  هي جوان دهشتگردي واريون ڪارروايون نه ڪندا. جيڪڏهن هو آمريڪا جي به مخالفت ڪن ٿا ته ان لاءِ نٿا ڪن ته ڪو آمريڪا  سڄي دنيا ۾ اڳرائي ۽ استحصال وارو ڪم ڪري ٿو، پاڪستان ۾ به سندن مطالبو حقن  جي مڃتا وارو نه پر خود پاڪستان يا ان جي ماڻهن کي تبديل ڪرڻ جو آهي، جيڪڏهن هنن جي مطالبن  کي مڃيو وڃي  ته پوءِ ملڪ جي باقي سمورن ڪروڙين ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟ انهن سمورن ماڻهن تي ڪهڙو اثر پوندو؟
حڪومت طرفان لڳاتار ڳالهين جي آڇ جي  باوجود طالبان طرفان اڃا تائين ڪا هاڪاري موٽ نه ملي آهي، ٻئي طرف  ملڪ  ۾ مختلف هنڌن تي دهشتگرد ڪارروائيون پڻ جاري آهن. آخرڪار حڪومت اهڙو ڪهڙو اپاءُ وٺي، جنهن بعد طالبان ڳالهين لاءِ تيار ٿين؟ اها ڳالهه اڃا تائين واضح طور تي سامهون نه اچي سگهي آهي. وزير اعظم نواز شريف طالبان  سان ڳالهين جي وڪالت ته ڪري ٿو، پر هي اهي گروهه آهن، جيڪي جمهوريت، عدليه، پارليامينٽ،  آئين ۽ قانون کي ئي نٿا مڃين. سنجيده  حلقن  ۾ اهو سوال اٿاريو پيو وڃي ته جيڪڏهن انهن انتهاپسندن جي ويڙهه حقن تي ٻڌل يعني ” رائيٽ بيسڊ“ به ناهي، اهي ملڪ جي ادارن ٻين لفظن ۾ رياست کي به نٿا مڃين، ته پوءِ انهن سان ڪهڙن بنيادن  تي ڳالهائي سگهجي ٿو؟ ممڪن آهي ته وزير اعظم نواز شريف ۽ عمران خان وٽ طالبان يا ٻين اهڙن  مذهبي انتهاپسندن سان ڳالهين  بابت ڪا چٽي منطق هجي،  پر اها منطق به اڃا تائين عام ۽ پڌري  نه ڪئي وئي آهي.
 اها ڳالهه به سمجهه کان ٻاهر ٿي نظر اچي ته هڪ طرف ڳالهين جي آڇ برقرار آهي ۽ ان لاءِ سڄي ملڪ جي راءِ کي سلهاڙي مينڊيٽ جو نالو ڏنو وڃي ٿو ته ٻئي پاسي وري سخت ترين قانون به لاڳو ڪيا پيا وڃن. اڃا ڏهه ڏينهن اڳ دهشتگردي ٽوڙ قانون ۾ ترميم ڪري قانون لاڳو ڪندڙن کي اهو اختيار ڏنو ويو هو ته شڪي ماڻهن کي 90 ڏينهن تائين بنا ڪيس داخل ڪرڻ وغيره جي پنهنجي تحويل ۾ رکن. ان ترميمي قانون جو واشنگٽن ۾ دوري تي ويل پاڪستان جي وزير خزانه اسحاق ڊار به ڏاڍي شان سان  ذڪر ڪيو هو ۽ آمريڪا  کي خاطري ڪرائي هئي ته پاڪستان ڪيئن دهشتگردي  خلاف سخت اپاءُ وٺي رهيو آهي. پر لڳي ٿو ته آمريڪا کي ان ترميم سان به اطمينان  نه ٿيو آهي ۽” پاڪستان پروٽيڪشن آرڊيننس“ جي نالي سان آچر ڏينهن نئون قانون جاري ڪيو ويوآهي. ڇا اهو قانون وزير اعظم نواز شريف جي طالبان سان ڳالهين  لاءِ زور ڀرڻ واري معاملي جي اثر کي گهٽائڻ  لاءِ جاري ڪيو ويو آهي؟  جيڪڏهن طالبان ايترا سٺا آهن ته اهو آرڊيننس ڪنهن جي لاءِ جاري ڪيو ويو آهي؟
 نئون قانون نه رڳو طالبان سان ڳالهين واري مينڊيٽ ۽ آڇ سان ٺهڪندڙ ناهي، بلڪه ڪيترن معاملن ۾ آئين جي اصل روح ۽ بنيادي حقن جي ابتڙ لڳي ٿو، جيڪا باقاعده صوبائي خود مختياري ۾ مداخلت آهي. آئين ۾ امن امان قائم ڪرڻ صوبائي کاتو آهي، پر نئين قانون ۾ وفاق جي  ماتحت ٿاڻا ٺهندا، ڪورٽون ٺهنديون ۽ جڏهن الڳ ٿاڻا ٺهندا ته الڳ فورس به ٺهندي. اهو سڀ ڪجهه صوبائي خودمختياري جي لتاڙ ۽ صوبن جي معاملن ۾ سڌي سنئين  مداخلت آهي. طالبان خلاف ڪاررواين جي نالي ۾ قانون سازي ۽ اپاءُ دهشتگردي وارين ڪاررواين کي روڪي سگهن يا نه، پر صوبن کان خود مختياري کسي وٺندا، جيڪا ارڙهين ترميم ۾ مس مس ملي هئي.

Labels: , , , , ,

سنڌ جو انتظامي سربراهه عيد ڪيئن ملهائيندو؟ 16 آڪٽوبر 2013

سنڌ جو انتظامي سربراهه عيد ڪيئن ملهائيندو؟
  سهيل سانگي
اربع 16 آڪٽوبر 2013ع
ميڊيا ۾ خبرون اچي رهيون آهن ته فلاڻو وزير پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ عيد ملهائيندو.  سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پنهنجي اباڻي شهر خيرپور ۾ عيد ملهائيندو، جتان 19 ماڻهو اٽڪل مهينو کن اڳ اغوا ٿيا هئا، جيڪي اڃا تائين هٿ اچي نه سگهيا آهن. اهي 19 ڄڻا ۽ سندن خاندان جا سئو سوا کن ماڻهو ڪٿي ۽ ڪيئن عيد ملهائيندا؟ انهن کان ته عيد، خوشي ۽ خريد سڀ ڪجهه وسري ويو آهي. اغوا ٿيلن جا وارث لڳاتار پوليس جي ڏٽن ۽ آسرن تي آهن ته اڄ سڀاڻي مغوي آزاد ٿي اچي ويندا. هنن جي خاندان پوليس، انتظاميا، با اثر ڌرين وٽ هلي هلي جتيون گسائي ڇڏيون آهن پر ڪوبه کڙتيل نه نڪري سگهيو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته وڏو وزير، جنهن جي ضلعي ۾ ڏيڊ ڊزن ماڻهو اغوا ٿيل هجن، سو ڪيئن عيد ملهائيندو؟ جيڪڏهن سائين قائم علي شاهه ڪراچيءَ ۾ ئي عيد ملهائي ته خيرپور واسين کي شايد ايترو ڏک نه ٿئي ها، پر هو خود خيرپور ۾ اچي عيد ملهائيندو ۽ اتي خوش خوش ٿي ماڻهن کي عيد مبارڪ چوندو ۽ وصول به ڪندو. ٿي سگهي ٿو ته کيس اوڏي مهل کن پل لاءِ اها ڳالهه به ذهن ۾ اچي ته هن اباڻي ضلعي ۾ جتي هو ننڍو ٿي وڏو ٿيو، تعليم پرايائين، وڪالت ۽ سياست ڪري ٻنهي ۾ نالو ڪڍيائين، اتي جا ايترا ماڻهو ايترن ڏينهن کان ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهن. اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪي مغوي شاهه صاحب جي سڃاڻپ وارا هجن، اوڏي مهل ڪنهن هڪ ٻن جو چهرو سائينءَ جي اکين آڏو اچي وڃي ۽ اهو سوال ڪري: ”شاهه صاحب! توهان ته هتي عيد جون خوشيون پيا ملهايو، اسان ته ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهيون.“ پر اهو به ٿي سگهي ٿو ته سائينءَ جا ويجها همراهه ۽ انتظاميا انهن سڀني ڳالهين جي باوجود کيس ٻڌائين ته، ”سڀ چين آهي، سڀ خير آهي“ ۽ سائين پنهنجي راوين جي انهن رپورٽن تي ويساهه ڪري وجهي، جيئن هر حاڪم ڪندو آهي. اغوا ٿيل ماڻهو رڳو خيرپور ضلعي مان ئي ناهن، ٻين هنڌن تان به ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو آهي، پر خيرپور جو حوالو ان ڪري وڏو آهي، جو اهو سنڌ جي اعلى منتظمين جو ڳوٺ آهي، جتي سندس مِٽيون، مائٽيون، راڄ ڀاڳ، دوستيون ۽ ووٽر به موجود آهن، ورنه سڄي سنڌ جي صورتحال ڪا خيرپور کان گهڻي مختلف ڪانهي. خيرپور جو حوالو ان ڪري به اهم آهي جو اتي گذريل چند مهينن ۾ اڌ ڊزن کن ايس ايس پي بدلي ٿي چڪا آهن.
حڪومت جي دعويٰ آهي ته امن امان ان جي پهرين ترجيح آهي. هن ڀيري جڏهن ٻيهر پيپلز پارٽي سنڌ ۾ حڪومت ۾ آئي، تڏهن ان دعويٰ کي ورجايو ويو هو پر پوءِ ڇا ٿيو؟ اهو هر ڪنهن ڏٺو، ”ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُگهه“. اغوا انڊسٽري زورن تي آهي، سج لٿي کانپوءِ شاهراهن تي نڪرڻ اغوا کي دعوت ڏيڻ برابر آهي. ڦرلٽ، شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ته معمولي ڳالهه آهن، جنهن کي انتظاميا ليکي ۾ به نٿي آڻي، ۽ اغوا، ڦرلٽ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي وڌندڙ وارداتن ۽ انهن جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سبب ننڍن وڏن تڪرارن ۾ قتل جا واقعا به وڌي ويا آهن ته جهيڙا به وڌي ويا آهن. هر ڪو ماڻهو اهو ئي سوچي ٿو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ پوليس وڏن واقعن کي نٿي روڪي سگهي ۽ جوابدار گرفتار نٿي ڪري سگهي ته اسان کي ڇا ڪري سگهندي؟ واقعي اها ڳالهه صحيح به آهي، جو اهڙن تڪرارن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل قتل جي واقعن ۾ اڪثر پوليس ڪجهه دير ڪندي آهي. پوليس تڏهن ڪجهه ڪندي آهي، جڏهن احتجاج ٿين، ماڻهو ڌرڻا هڻن، جلوس ڪڍن، تڏهن مجبورن ڪيس داخل ڪري ڪجهه وٺ پڪڙ ڪندي آهي. عملي طرح امن امان نه حڪومت جي ترجيح آهي ۽ نه ئي ايجنڊا .
صوبي اندر بدنظمي ۽ بدانتظاميءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ٿر جو علائقو، جتي ڏوهه صفا زيرو هو، اتي به هاڻي قتل ۽ ڏاڍ جا واقعا ٿيڻ لڳا آهن. ان صورتحال کي ڏسندي آسانيءَ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ هڪ ڏوهاري ڪلچر ڏانهن وڌي رهي آهي، جتي روايتي اخلاقيات جون حدون اورانگهجي رهيون آهن، قانون جي رٽ يا رياستي ادارن جي رٽ به ختم ٿي رهي آهي، انارڪي جي صورتحال ٿي رهي آهي، جتي ”جيڪو ڏاڍو، سو گابو“ وارو معاملو آهي. پر اهو سڀ ڪجهه عام ماڻهوءَ لاءِ آهي. جيڪڏهن حڪومت يا حڪومت جي ڪارندي تي يا رياستي اداري جي ماڻهوءَ تي ڪا ڳالهه اچي ٿي ته سڀ سرگرم ٿي ويندا آهن، قانون به حرڪت ۾ اچي ٿو وڃي، رياستي مشينري به پنهنجا جوهر ڏيکارڻ لڳي ٿي. هتي هڪ ٻيو ٽڪراءُ سامهون اچي ٿو، سو آهي عوام ۽ حڪومت توڙي رياست وچ ۾ وڇوٽي. اها وڇوٽي گهڻو وڌي رهي آهي، جنهن جي گهاڻي ۾ عوام ڏاڍي بيدرديءَ سان پيڙجي رهيو آهي. پر انهي جانڊاهه جي هر ڦيري سان حڪومت توڙي رياست جي پيڙهه ڪمزور ٿي رهي آهي.
لڳي ٿو ته رڳو ڪراچي ئي حڪومت جي ايجنڊا تي آهي. ان جي باري ۾ حڪومت کي فڪر ان ڪري به آهي، جو اتي وڏي سياست ٿي رهي آهي. هڪ سياست اها، جيڪا اتي شهري تنظيم ڪري رهي آهي. ٻي سياست وفاقي حڪومت ڪرڻ گهري ٿي. انڪري ڪراچي جي حالتن مان ان کي ڊپ آهي ته اهي حڪومت کي ڪنهن طريقي سان گهر ڀيڙو ڪري سگهن ٿيون، يا وري مارڪون گهٽائي وڌائي سگهن ٿيون، ورنه باقي سنڌ ڄڻ حڪومتي ايجنڊا تي ئي ڪانهي. اتي جي تعليم هجي يا صحت، يا وري امن امان جو مسئلو ۽ اغوا جون وارداتون- ڪنهن جي ڪن تي جونءَ به ڪانه ٿي چري. پيپلز پارٽي اهو سمجهڻ کان قاصر آهي ته سنڌ جي مسڪين ماڻهن سڀ ڪجهه لتاڙي ان کي مينڊيٽ ڏيئي حڪومت ۾ آندو آهي. اهي ترقياتي ڪمن تان هٿ کڻي ويا، کين رڳو سُک جو ساهه کڻڻ ڏيو. صحت ۽ تعليم جي سهولت ته ڏيو، ڏوهارين کان تحفظ ڏيئي سُک جي ننڊ ته سمهڻ ڏيو. ڪونه ٿو لڳي ته پيپلز پارٽي ائين ڪو فضيلت وارو ڪم ڪرڻ وڃي پئي. خيرپور مان اغوا ٿيل ماڻهو هجن، يا ڀوري ڀيل وارو معاملو هجي يا ٻئي ڪنهن شهر ۾ ٿيل واقعا، ڪڏهن سنڌ حڪومت کي اها توفيق نه ٿي ته هڪ ٻن وزيرن يا اسيمبلي ميمبرن کي ئي اوڏانهن موڪلي ڏکويل ماڻهن جي دلجوئي ڪري يا وري اهو ته انتظاميا کان پڇاڻو ڪري. حالانڪه پيپلز پارٽي سمورن کاتن جا وزير ته نه کنيا آهن پر ڪيئي ايم پي اي واندا ويٺا آهن، جن کي اها ذميواري ڏئي سگهجي ٿي. اها ڳالهه ان ڪري به ضروري آهي، جو وڏو وزير ڊزن کن کاتا پاڻ وٽ رکي پاڻ کي گهڻو مصروف ڪريو ويٺو آهي. سنڌ ۾ هن وقت جيتري بدامني ۽ ڏوهه آهن، انهن کي ڏسندي اهو ئي خيال ايندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وزير وٽ گهرو وزارت هجي ها ته کانئس استعيفا جو مطالبو ڪجي ها. پر اها وزارت خود وڏي وزير وٽ آهي، ان ڪري ان کان ته اهو مطالبو نٿو ڪري سگهجي. هن صديءَ جي مها آزادي پسند نيلسن منڊيلا واهه جي ڳالهه ڪئي آهي: ”جيڪڏهن گهر ۽ گهٽيون محفوظ ناهن ته آزادي ڪهڙي ڪم جي- اها بي معني آهي“.

Labels: , , ,

رياستي پاليسين ۽ روين ۾ تبديلي اچي رهي آهي؟ 09 آڪٽوبر 2013ع

رياستي پاليسين ۽ روين ۾ تبديلي اچي رهي آهي؟
اربع 09 آڪٽوبر 2013ع
آرمي چيف هڪ پريس رليز جي ذريعي  پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ ۾ 2008ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل پيپلزپارٽي جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو. آصف زرداري تنقيدن جي ڇتن تيرن وچ ۾ صدارت جي آئيني مدت پوري ڪئي، هڪ چونڊيل حڪومت ٻئي چونڊيل حڪومت کي اقتدار حوالي ڪيو، ايوان صدر جي رهواسي به پرامن نموني ٻئي  کي جاءِ ڏني.  ائين ٿو لڳي ڄڻ اهو خواب هجي، اهو سڀ ڪجهه پاڪستان نه پر ٻئي ڪنهن  ملڪ ۾ ٿي رهيو هجي، ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي تاريخ ته ماشاءَ الله اهڙي رهي آهي، جتي هڪ صدر يا وري وزير اعظم سان اهڙو سلوڪ ٿيندو آهي بقول ابن انشاءَ جي، جهڙو بادشاهه بادشاهه سان ڪندو آهي.
 ايوب خان حڪومت ۾ ڪيئن آيو ۽ پوءِ يحيٰ خان ڪيئن عزت ڀرئي طريقي سان کانئس چارج ورتي، اڳتي هلي يحيٰ خان  کان ڪيئن عهدو ڇڏايو ويو؟ اهو سڀ تاريخ جو حصو آهي، ساڳي طرح ذوالفقار علي ڀٽو کي حڪومت ڏيڻ، کيس سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻائڻ، وري 9 ستارن واري ڊالر تحريڪ جو اڀرڻ ۽ پاڪستان قومي اتحاد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي وچ ۾ سمورا معاملا طئي ٿيڻ باوجود چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ ڀيانڪ واقعا آهن. انهن واقعن جو تسلسل ان بعد 80 واري ڏهاڪي جي پڇاڙي ۽ 90 واري ڏهاڪي جي وچ تائين  جاري رهيو. انهن ٻنهي ڏهاڪن ۾ وري سياسي ڌريون به ان گڙٻڙ جون آلهء ڪار رهيون، جن کي غير سياسي ڌرين استعمال ڪيو. نوازشريف جي حڪومت کي ڊاهي جڏهن مشرف حڪومت ۾ آيو، ته هن پنهنجو نئون نظام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن نوان پاور بروڪرز وجود ۾ اچي سگهن ۽ پراڻا  پاور بروڪرز غير موثر ٿي وڃن. هن ان ڏس ۾ مڪاني ادارن جو عجيب و غريب نظام آندو، جنهن ذريعي هر ڌر کي پنهنجي علائقي  ۾ بادشاهت ٺاهي ڏني ويئي، نه رڳو ايترو بلڪه ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي  بنهه پاسيرو  ڪري ڇڏيو. مشرف جي انهي قدم سياسي ڌرين کي هوشياري ڏياري، هي اهو دور هو جڏهن بنگلاديش ۾ به سياسي ڌرين گڏجي ٺاهه ڪيو ۽ فوج  جي سياست ۾ اچڻ ۽ مارشل لا لڳائڻ جو رستو روڪيو.  انهي آئيڊيا  کي پاڪستان ۾ محترمه بينظير ڀٽو اڳتي وڌايو،  هن ٻي وڏي پارٽي جي ليڊر  نواز شريف  سان ڳالهيون ڪيون، نتيجي ۾ هنن ٻنهي ڌرين  جي وچ  ۾ چارٽر آف ڊيمو ڪريسي ( جمهوريت لاءِ ٺاهه) وجود ۾ آيو، جنهن کي اڳتي هلي عمران خان ۽ ڪجهه ٻين ڌرين، واري واري سان حڪومت ڪرڻ جو نالو ڏنو. جيتوڻيڪ ان بعد سياسي ڌرين جي اعليٰ حڪمت عملي کي ڪٽڻ  لاءِ ڪي ڌريون فوري طور سرگرم  ٿي ويون، انهن نواز شريف کي اها ڳالهه ٻڌائي ته ان ۾ سمورو فائدو پيپلزپارٽي کي آهي. نواز شريف ان چڪر ۾ لنڊن ۾ ڪانفرنس  ڪوٺائي،  جنهن ۾ ملڪ جي ننڍين پارٽين ۽ گروپن کي گڏ ڪري اهو تاثر  ڏيڻ  جي  ڪوشش ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن  سياسي ڌرين سان ٺاهه ڪري ته ساڻس ڳالهائي،  ڇاڪاڻ  جو هو گهڻين پارٽين  جو نمائندو آهي. پر نواز شريف جو اهو ڪارڊ  هلي نه سگهيو. في  الحال آمريڪا توڙي اسٽيبلشمينٽ ٻئي پاڪستان ۾ ڪنهن تبديلي جي حق ۾ نه هئا، انهن مشرف ۽ سندس حڪمت عملي کي مڃتا پئي ڏني.
 آمريڪا کي هڪ دفعو وري پاڪستان ۾ چونڊيل حڪومت يا سويلين چهري جي ضرورت پئي. ان جنرل مشرف  ۽ محترمه بينظير ڀٽو سان ڳالهايو ۽ ٻنهي  جي وچ ۾ ڳالهيون ڪرايون ۽ اهڙو ٺاهه ڪرايو ته ايندڙ وقت ۾ چونڊن بعد محترمه ۽ مشرف گڏيل نموني حڪومت هلائيندا. واقعات  ٻڌائين ٿا، جن جي تصديق وري عالمي ميڊيا جي  خبرن ۽ تجزين مان به ٿي ته وري محترمه  جي قتل جي جاچ وارين رپورٽن مان  به پتو پوي ٿو ته عين وقت تي مشرف انهيءَ ڳالهه تان ڦري ويو هو. هو محترمه کي گهربل سيڪيورٽي نه ڏئي سگهيو ۽ محترمه شهيد ٿي وئي. محترمه جي شهيد ٿيڻ جي باوجود آمريڪا ۽ پيپلز پارٽي انهي ٺاهه کي نڀايو. مشرف محترمه جي قتل سبب سوڙهو ٿي ويو هو، جنهن کي به اها ڳالهه مڃڻي پئي ته هو پيپلز پارٽي سان گڏ حڪومت ڪري، پر سڄي ملڪ ۾ ماحول ڪجهه اهڙو جڙي رهيو هو، جو عام ماڻهو ۽ سياسي ڌريون مشرف کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيون. مٿان وري خود مشرف جي تڪ يعني عسڪري حلقن ۾ سندس مخالفت اڀري آئي. پيپلز پارٽي اهو موقعو غنيمت ڄاتو ۽ مشرف کي چيو ته يا استعيفى ڏئي سويلين وردي ۾ اچي يا وري صدر جي عهدي خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي منهن ڏئي. انهي ۾ مشرف فوجي عهدي تان استعيفى ڏيئي سويلين وردي ۾ اچي چڪو هو. ان ڪري کيس عهدي تان لاهڻ سولو ڪم ٿي ويو هو. انهي دٻاءُ سبب نيٺ مشرف کي گهر ۽ ملڪ ٻئي ڇڏڻا پيا.
مشرف جي وڃڻ کانپوءِ نئون ماحول جڙيو. مختلف با اثر ادارا ۽ ڌريون مختلف طريقن سان انهي ڳالهه کي يقيني بنائيندا رهيا ته پيپلز پارٽي کي ڪنهن به طرح سان ملڪ اندر سياسي هڪ هٽي حاصل نه ٿئي. ان مقصد لاءِ مختلف واقعن ۽ معاملن کي بنياد بڻايو ويو ۽ استعمال ڪيو ويو. رڳو انهن بااثر ادارن ۽ ڌرين جو ڪمال ناهي جو اهي پيپلز پارٽي کي مقبول ۽ مضبوط پارٽي بنجڻ ۾ آڏ پئي ٿيا، خود پيپلز پارٽي جا پرڪار به ڪجهه اهڙا هئا، جو اهي بدليل حالتن ۾ پارٽي کي واڌ نه ڏئي رهيا هئا.  سٺي حڪمراني ۽ ميرٽ وغيره کي لتاڙيو ويو، جنهن ڪري پيپلز پارٽي چار چڱا ڪم به ڪيا ته اهي ريٽجي ويا.
بهرحال هي سڄو منظر نامو آهي، جنهن ۾ مختلف رياستي ۽ حڪومتي ادارن جي سربراهن جي تبديلي پرامن يا فضيلت واري طريقي سان ٿي رهي آهي ۽ اهو عمل اڃا تائين جاري آهي. اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته چيف آف جوائنٽ چيفس اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل وائين رٽائر ڪيو. آرمي چيف جنرل ڪياني ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو ته حڪومت انهن ٻنهي عهدن لاءِ نوَن نالن جي اعلان ۾ دير ڇو ڪري رهي آهي؟ هن کان اڳ کڻي اهو ٿيندو رهيو هو ته انهن عهدن تي ويٺل ماڻهن طرفان ڪا مداخلت يا مزاحمت هئي، پر هاڻي جڏهن اهڙي ڪا شئي ناهي ته پوءِ دير ٿيڻ وڌيڪ مونجهارن ۽ غلط فهمين کي جنم ڏيئي رهي آهي.
پاڪستان جي چيف جسٽس چوڌري افتخار محمد کي به هلندڙ سال ڊسمبر ۾ ئي رٽائر ٿيڻو آهي. سپريم ڪورٽ جهڙي نموني مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ زور ڀري رهي هئي، تنهن مان اهو پئي لڳو ته چيف صاحب انهن چونڊن جا نتيجا هن عهدي تي ويهي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ پئي گهريا. پر لڳي ٿو ته هاڻي ائين نه پيو ٿئي، جو صوبائي حڪومتون ان تي متفق نه پيون ٿين. چيف صاحب هڪ ٻئي ڪيس نتيجا به ڏسڻ پئي گهريا، سو هو گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائڻ، پر سومر ڏينهن واري ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت جا ريمارڪس ڪجهه اهڙا آهن، جن مان لڳي ٿو ته عدليه کي ان ڏس ۾ مايوسي ٿي رهي آهي. ريمارڪس ۾ چيو ويو هو ته گم ٿيلن جا پيرا ڳجهن ادارن ڏي وڃن ٿا. ورنه هن کان اڳ عدالت ڳجهن ادارن کي عدليه جو پابند هجڻ جا ريمارڪس ڏيندي رهي آهي.
مکيه رياستي ۽ حڪومتي ادارن جي سربراهن جي تبديلين مان لڳي ٿو ته ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ٿيڻ ڏي وڃي رهيو آهي، انهن سربراهن جي تبديلي جنهن طريقي سان ٿي رهي آهي سا پڻ اهميت جي حامل آهي. ائين ملڪ اندر هڪ وڏو تضاد جيڪو سياسي ٻولي ۾ جمهوري سوال سڏبو آهي، سو وڏي حد تائين حل  ٿيڻ ڏي وڃي رهيوآهي، اها ان ڪري به خوشي جا ڳالهه آهي ته ان بعد قومي سوال يعني ملڪ جي مختلف وحدتن جي حقن  جو معاملو ۽ طبقاتي سوال يعني ماڻهن  جي معاشي حقن ۽  معا شي برابري  وارو معاملو اڳيان اچڻ گهرجي.
 ان ڏس ۾ حڪومت، رياستي ۽ حڪومتي ادارن جي اها ذميواري  آهي ته انهن تبديلين ۾ جڏهن پاليسيون،  اپروچ ۽ رويا به تبديل ٿيڻ ڏي وڃن پيا، تڏهن ملڪ جي وحدتن جي معاملي کي به سامهون رکن، ڇاڪاڻ جو انهن وحدتن  کي حق نه ڏيڻ ۽ مٿن ڏاڍ ڪرڻ سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي رهي آهي. هي وقت آهي ته نين پاليسن ۽ حڪمت عملين کي وڌيڪ وحدت- همدرد، عوام دوست ۽ انسان دوست بنايو وڃي.

Labels:

آمريڪا ۾ معاشي بحران ۽ جنگي مهم جوئي تي ايندڙ خرچ

آمريڪا ۾ معاشي بحران ۽ جنگي مهم جوئي تي ايندڙ خرچ
03 آڪٽوبر 2013ع
دنيا  جي اڪيلي سپر پاور آمريڪا جي معيشت جو بحران کلي سامهون اچي ويو آهي. سينيٽ ۾ جتي مخالف ڌر ريپبلڪن پارٽي جي اڪثريت هئي، اتي نئين مالي سال واري بجيٽ منظور نه ٿي سگهي. ائين ٻنهي پارٽين جي جهيڙي  ۾ دنيا جي وڏي معيشت ۽ سرمائيدار دنيا جي لٺ سردار جي معيشت پٽڙي تان لهي رهي آهي.جيڪڏهن ان بحران تي تڪڙو ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته آمريڪي معيشت واپس ڪساد بازاري ۾ هلي ويندي. ياد رهي ته ڪجهه سال اڳ پڻ آمريڪي معيشت بحران جو شڪار ٿي هئي، جنهن مان مس مس نڪتي آهي.
آمريڪا ۾ پيدا ٿيل هن بحران کي آڏو رکندي صدر اوباما چئن ملڪن مان ٻن ملڪن جو دورو ملتوي ڪيو آهي. هن کان اڳ 2010ع ۾ به ميڪسيڪو نار ۽ صحت بابت هن بل جي منظوري بعد اوباما هي دورو ملتوي ڪيو هو. هن وقت آمريڪا جي شٽ ڊائون سبب فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون پگهارون ۽ خرچ هڪ خاص هدايت نامي تحت جاري رکيا ويا آهن،  جڏهن ته باقي سمورن ڪمن، سهوليتن ۽ خدمتن کي بند ڪيو ويو آهي. مزيدار ڳالهه اها آهي ته افغانستان ۾ هلندڙ جنگ جا خرچ به جاري رکيا ويا آهن. 1995ع ۾ جڏهن 21 ڏينهن تائين شٽ ڊائون هليو هو ته آمريڪا کي 1.5 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو هو. هن وقت به اهو نقصان 300 ملين ڊالر روز جي حساب سان ٿيندو. ريپبلڪن وارا به ايترا بي وقوف ناهن، جو ملڪي معيشت جو ايڏو نقصان ڪري رهيا آهن. هو دراصل آمريڪا جي عام ماڻهو جي حق ۾ بدلجندڙ پاليسي جي مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ جنگي مهمن جي حمايت ڪري رهيا آهن. تڪراري نقطو،  جنهن جي ڪري مخالف ڌر ريپبلڪن پارٽي بجيٽ نامنظور ڪئي، اهو اوباما جو 2010ع ۾ پاس ڪيل عام ماڻهن لاءِ صحت جي سهوليتن بابت بل آهي، جيڪو مريضن جي تحفظ ۽ انهن جي پهچ ۾ طبي امداد وارو قانون يا پهچ ۾ سار سنڀال وارو قانون سڏيو وڃي ٿو. اوباما هن بل تي 23 مارچ 2010ع ۾ صحيح ڪئي هئي. ان قانون تحت ملڪ اندر صحت جي سموري نظام جي نئين سر ترتيب ٿي ويئي. هن قانون تحت صحت جي سار سنڀال بابت انشورنس جي معيار (ڪوالٽي) ۽ ان کي عام ماڻهو جي پهچ ۾ رکڻ کي يقيني بنايو ويو آهي. ان کان علاوه عام ماڻهوءَ جي صحت جي سار سنڀال کي لازمي بنائڻ، انشورنس جي عيوضي ملندڙ سهوليتن کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ شامل آهي. هن بل تحت گهٽ انشورنس ڀريندڙڻ کي ساڳيا فائدا ڏيڻ وارو شرط پڻ شامل آهي. هن قانون بعد جن اڳ پنهنجو ويمو ڪرايو هو ۽ اهو ويمو کڻي ڪهڙن ئي شرطن تي ڪيو ويو هو، پر ويمو ڀريندڙن کي نئين قانون مطابق فائدا ۽ سهوليتون ملنديون. جون 2012ع ۾ سپريم ڪورٽ پڻ هڪ فيصلي تحت هن قانون جي آئيني حيثيت کي مڃيو. ريپبلڪن پارٽي جي صحت بابت مارڪيٽ بيسڊ اپروچ آهي، جنهن موجب صحت هر ماڻهو جو ذاتي معاملو آهي. هن وقت به آمريڪا ۾ ڪنهن ايمرجنسي جي مريض جو هر ڪا اسپتال  علاج ڪندي آهي. پر ان جو خرچ اڻ سڌي طرح حڪومت کي ڀرڻو پوندو آهي. نئين قانون ۾ ڪجهه سبسڊي ته شامل آهي، پر ان لاءِ وڌيڪ ذميوار انشورنس ڪمپنين کي بڻايو ويو آهي.
اصل ۾ آمريڪا دنيا جي سرمائيدارن جو لٺ سردار بڻيل آهي، سو سڄي دنيا ۾ سڌي توڙي اڻ سڌي طرح جنگيون ۽ اڳرايون ڪندو رهندو آهي، جنهن تي اربين روپيا آمريڪي عوام جي ٽيڪس جو پئسو خرچ ٿيندو آهي. جڏهن ته آمريڪا ڳجها آپريشن، سرگرميون ڪندو رهندو آهي، انهن جنگي ۽ ڳجهين سرگرمين  سبب توڙي عراق، افعانستان، شام وغيره جهڙن ملڪن ۾ سڌي مداخلت سبب آمريڪا  ان جو ڳرو خرچ ڀريندو آهي، انهن سمورين حرڪتن اصل ۾ آمريڪي معيشت کي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، جو اها هاڻي ڪنهن معمولي لوڏي تي به لڏي وڃي ٿي. 95ع وارو بحران ۽ ان کانپوءِ مختلف وقتن تي آيل لوڏا انهي سلسلي جي ڪڙي آهن. اصل ۾ آمريڪا پنهنجي جنگي معرڪن تي جيڪي پئسا خرچ ڪري رهيو آهي، سي آمريڪين کي اهو آسرو ڏيئي  خرچ ڪري رهيو آهي ته کين مارڪيٽ ۾ ڪچومال، تيل وغيره جون سهوليتون ڏيندو، پر اهي سڀ فائدا اتي جو سرمائيدار کڻي ٿو. اهو خرچ جيڪڏهن جنگي مهمن ۽ ٻين اهڙين حرڪتن تي خرچ  نه ڪري ته اها رقم عام ماڻهن جي ڀلي تي خرچ ٿيڻي آهي. ائين اهي مهمون ۽ آمريڪي عوام جو مفاد هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ۾ آهن. هن وقت جڏهن اوباما عام ماڻهن کي صحت جون سهوليتون ڏيئي رهيو آهي ۽ ان لاءِ انشورنس  ڪمپنين کي ذميوار بڻائي رهيو آهي، تڏهن انهن پاليسين جي ان ڪري حمايت ڪئي پئي وڃي ته جيئن اهي پئسا جنگي مهمن وغيره تي خرچ ٿي سگهن. هڪ دفعو عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ جيڪڏهن کاتو کلي ويو ته ايندڙ وقت حڪومت کي لازمي طور تي جنگي مهم جوئي وارا  خرچ گهٽائڻا پوندا. ائين جنگ ۽ ان سان واسطو رکندڙ صنعتن ۽ ڪاروبار جو نقصان ٿيندو، جيئن ته آمريڪا سرمائيدار دنيا جو اڳواڻ آهي. دنيا جي سمورن ننڍن وڏن ملڪن جي معيشت تي آمريڪا جي  معيشت  جو بحران  اثر انداز ٿيندو. ان جي نتيجي ۾ جن ملڪن کي آمريڪي امداد مختلف شڪلين ۾ ملي ٿي، سا پڻ متاثر ٿيندي.

Labels: , , ,