Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 25, 2014

ايم ڪيو ايم جي اقتدار ۾ واپسي ۽ سنڌ ۾ بدلجندڙ سياسي صفبندي

 سھیل سانگی
ايم ڪيو ايم جي اقتدار ۾ واپسي ۽ سنڌ ۾ بدلجندڙ سياسي صفبندي

ايم ڪيو ايم جي اقتدار ۾ واپسي ۽ سنڌ ۾ بدلجندڙ سياسي صفبندي سهيل سانگي ايم ڪيو ايم جو حڪومت ۾ شامل ٿيڻ ٺُپ حيرت جي ڳالهه ناهي. گذريل سال وارين چونڊن بعد اهو ئي پئي لڳو ته، اها ڪيڏي به مهل حڪومت ۾ شامل ٿي ويندي پر ڪجهه اهڙا واقعا خود ان پارٽي جي اندر توڙي ڪراچيءَ ۾ ٿيا، جنهن ڪري ان جي حڪومت ۾ شموليت ۾ دير ٿي ويئي. گذريل سڄو سال ڄڻ اها جماعت اندروني طور ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهي، جتي هڪ کان وڌيڪ لاڙا ۽ گروپ سرگرم هئا. جيتوڻيڪ اهي اختلاف ۽ لاڙا ختم نه ٿيا آهن، پر ڪنهن حد تائين لڳي ٿو ته، ٿڌا ضرور ٿي ويا آهن. ان کان علاوه لنڊن ۾ هلندڙ ڪيسن وارو معاملو به جهڪو ٿيو آهي. جيتوڻيڪ چونڊن بعد پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبليءَ ۾ واضح اڪثريت هوندي به ايم ڪيو ايم لاءِ پنهنجون دريون ۽ دروازا کُليل رکيا، پر ايم ڪيو ايم تڪڙ ۾ ان آڇ جو فائدو نه ورتو، ڇاڪاڻ جو اسلام آباد هر حال ۾ ڪراچيءَ اندر آپريشن ڪرڻ پئي گهريو. ايم ڪيو ايم لاءِ اهو ڏکيو پئي ٿيو ته اها اهڙي حڪومت جو حصو بڻجي، جيڪا ميٽرو پوليٽن شهر ۾ ڏوهن ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪري رهي هجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته، هن آپريشن بابت وفاقي حڪومت هن جماعت کي به اعتماد ۾ ورتو هو. اهي ٻئي جماعتون هڪٻئي کي پنهنجون فطري اتحادي به سڏينديون رهيون آهن، ته وري ساڳئي وقت تي هڪ ٻئي تي الزام تراشي به ڪنديون رهيون آهن. ايتريقدر جو ان بيان بازيءَ ۾ الطاف حسين ۽ بلاول ڀٽو زرداري به پنهنجا جوهر ڏيکاريا. الطاف حسين جڏهن سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي، ته بلاول ڀٽو قوم پرستيءَ جو مشهور نعرو: ”مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون“ هنيو. ائين هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ٿيندي رهي، صورتحال اڳتي وڌندي رهي. وچ ۾ هڪ اهڙو دور به گذريو، جڏهن ايم ڪيو ايم نواز ليگ جي وفاقي حڪومت کي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پيپلز پارٽيءَ کي اهو پتو ڏيکاريو ويو ته، اها جيڪڏهن نواز ليگ سان ٺهي نٿي هلي، ته پوءِ خود پيپلز پارٽيءَ اندر ڪو فارورڊ بلاڪ ٺهي سگهي ٿو، ڪي فارورڊ بلاڪ ۾ اچي ويندا ۽ ائين ڄام صادق ٽائيپ حڪومت ٺاهي سگهجي ٿي. پر اهو خيال پَچي نه سگهيو. نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي، هڪ ٻئي جون پَهاجون سهي، پر هڪ ٻئي لاءِ ضرورت به آهن، جنهن جو اندازو هاڻي ٻنهي ڌرين کي ٿي رهيو آهي. نواز ليگ اهو پئي چاهيو ته، پيپلز پارٽي وفاق ۾ فرينڊلي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري ۽ سينيٽ ۾ پنهنجي اڪثريت کي ان حد تائين ڌِڪي ڀِت سان لڳائڻ به نه پئي گهريو، جو اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن سندس حڪومت خلاف ڪو قدم کڻي، ته پيپلز پارٽي ان کي استعمال ڪري. پيپلز پارٽيءَ جو اهو مسئلو هو ته، ان خلاف وفاق ۾ گذريل حڪومت ۾ ڪيل ڪمن بابت پڇاڻو نه ٿئي ۽ ساڳيءَ طرح سنڌ اندر نواز ليگ يا وفاقي حڪومت مداخلت نه ڪري. ائين نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي هڪ ٻئي کي اهو اسپيس ڏنو. ٻن وڏين پارٽين طرفان هڪ ٻئي کي اسپيس ڏيڻ جي نتيجي ۾ ننڍين پارٽين جو ڪردار گهٽجي ويو. گهٽجندڙ اهميت جو فارمولا وري سنڌ اندر فنڪشنل ليگ ۽ قوم پرستن تي به لاڳو ٿيو، جنهن مان نواز ليگ صفا هٿ ڪڍي وئي. ايتريقدر جو نواز ليگ سنڌ مان به هٿ ڪڍي ويئي ۽ اتي پنهنجي پارٽي منظم نه پئي ڪري. ائين سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ کي فري هينڊ ملي ويو. ان هڪ هٽيءَ کي ڏسندي سمورا ننڍيرا ۽ وڏيرا هن جماعت ڏانهن ڊوڙون پائڻ لڳا. ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت ٿيڻ تي ڪو تعجب نه ٿيڻ جي باوجود اهو سوال پنهنجي جاءِ تي آهي ته، آخر هن وقت ان جي شموليت ڇو ٿي؟ چيو پيو وڃي ته، بادشاهه گر آصف علي زرداريءَ جي اها ڪاريگري آهي جو هو ايم ڪيو ايم کي پنهنجي فولڊ ۾ وٺي آيو آهي. هن وقت، جڏهن اسلام آباد اندر ادارن جي وچ ۾ هلندڙ جنگ تيز تر ٿي ويئي آهي ۽ پيپلز پارٽي به نواز ليگ سان گڏ بيهي سياسي ڌرين جي گڏجڻ ۽ سياسي عمل کي جاري رکڻ جو اشارو ڏنو آهي، ان عرصي دوران ئي ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت ٿي آهي. يعني سياسي صفبنديءَ ۾ تبديلي اچي رهي آهي. اهڙي موقعي تي سنڌ جي ٻن اهم پارٽين جو گڏجڻ چڱي ڳالهه لڳي ٿي، ته جيئن سنڌ هڪ آواز ٿي ڳالهائي سگهي. ان مفروضي بابت سوال جو جواب اڌورو رهي ٿو ته، آخر اهي ڪهڙا مسئلا ۽ معاملا آهن، جيڪي هن اتحاد جي ذريعي حل ٿي سگهندا؟ آپريشن جي باوجود ڪراچي ۾ ڏوهن جا واقعا جاري آهن ۽ انهن جي نوعيت ۾ به ڪا خاص تبديلي يا پيش رفت نظر ڪونه ٿي اچي. ڇا ايم ڪيو ايم کي ٻيهر حڪومت ۾ آڻڻ سان ڪراچيءَ جي امن ۾ ڪو فرق پوندو؟ ڪنهن به طرح سان ان ۾ ڪا گهٽتائي ايندي؟ انهيءَ جو امڪان گهٽ ٿو لڳي، ڇاڪاڻ جو جڏهن کان ايم ڪيو ايم ٺهي آهي، تڏهن کان اها هر ڌر سان گڏ حڪومت ۾ رهي آهي، پر ڪراچيءَ جون حالتون بهتر بڻجڻ بدران وڌيڪ خراب ئي ٿينديون رهيون آهن. ها اهو ضرور لڳي ٿو ته، شايد ڪراچيءَ ۾ آپريشن ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ آپريشن بعد جيڪو ماحول ٺهندو، ان ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي پوزيشن ٺاهي سگهي ٿي ۽ آپريشن جو حصو بڻجڻ جي ڊپ کان هو حڪومت ۾ نه اچي رهي هئي. اها رڪاوٽ به دور ٿيڻ واري آهي. ساڳئي وقت پنهنجن ماڻهن کي اهو به ڏيکاري سگهي ٿي ته، آپريشن ختم ڪرائڻ ان جي ڪاميابي آهي. اها ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ته، ايم ڪيو ايم هن ڀيري گهٽ حصي تي راضي ٿي ويئي آهي. ماضيءَ ۾ ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ۽ ان جون فرمائشون ڊگهيون رهيون آهن، جيڪي وڏي حد تائين پوريون به ٿينديون رهيون آهن. ان ڏس ۾ خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته، مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻ ڏانهن وڃن پيون. ايم ڪيو ايم وڏو حصو يا هن وقت ڇڏيل حصو، انهن چونڊن ۾ وٺندي. ڪي حلقا ايم ڪيو ايم جي واپسيءَ کي مڪاني ادارن جي چونڊن سان ڳنڍي رهيا آهن. بهرحال، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ شامل ٿي رهي آهي، ان کي هاڻي حڪومتي ڌر جو ئي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ائين نه ٿئي جو ماضيءَ جيان حڪومت ۾ رهندي به مخالف ڌر بڻي بيٺي هجي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وري ڇو گڏ ٿيون آهن؟ ان بابت اهي ٻئي جماعتون پنهنجي ماڻهن کي ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ جا ماڻهو پوءِ اهي شهري علائقي ۾ رهندا هجن يا ٻهراڙين ۾، اهي چاهين ٿا ته، کين ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن شرطن تحت اها شموليت ٿي آهي؟ ان مان عام ماڻهوءَ کي ڇا ملندو؟ سنڌ جي حالتن تي ڪهڙو فرق پوندو؟ ياد رهي ته هِيءَ ڪا نئين سياست بازي آهي.

Labels: , , ,

Thursday, April 17, 2014

Thar coal


Labels: , , , ,

Sindhi print and electronic media


Labels: , , ,


Labels: , , ,